شاعري

سنڌ، سونھن ۽ سچ

سجاد ميراڻيءَ جي شاعري سادي سلوڻي ۽ ترنم  سان ٽمٽار آهي. سادگي ۽ سچائيءَ سان سرجيل سندس شاعري ادبي سنگت جي مشاعرن ۽ ميڙاڪن ۾ گونجندي ٻڌڻ ۾ ايندي رهي ٿي. سجاد ميراڻي سنڌ جي انھن شاعرن ۾ ڳڻيو وڃي ٿو جن جي شاعريءَ ۾ پختگي خيالن ۾ توانائي ۽ تازگي بہ آهي تہ سچائي بہ. هن جا شعر فن ۽ فڪر ڏانھن قدم وڌائيندي نظر ايندا آهن.  سجاد ميراڻيءَ جي هِن شعري مجموعي کي پڙھي لڳي ٿو تہ هُنَ سوين لڙڪ ۽ مُرڪون، عڪس ۽ احساس سھيڙيا آهن. 

Title Cover of book سنڌ، سونھن ۽ سچ

کجين جي ديس جو شاعر

سچ پڇو تہ شاعر اهو آهي جيڪو اڻ ڄاول سٽن جي ڄم بابت ڄاڻندو هجي تہ انھن جي جنم ڀومي ڪٿي آهي. مونکي گهڻو ڪجهہ معلوم ناهي پر هڪ اهڙي جنم ڀومي بہ ڏٺي آهي، جنھن هڪ کجيءَ جھڙي وڻ کي جنم ڏنو آهي. الائي ڇو جو ڪڏهن ڪڏهن ائين لڳندو آهي تہ کجيءَ جا وڻ ڌرتي تي ڏيئا آهن. جيڪي اکين کي ڏنگن ۽ ڏوڪن.جي خوراڪ بخشين ٿا ۽ اکيون اونداهي ۾ بہ چنڊ ڏسن ٿيون، سج ڏسڻ ڏسن ٿيون، ندين ۾ ننڊ ڪن ٿيون ۽ شاعر جي اکين ۾ وسرام ڪن ٿيون ۽ ڪارن، ڀورن، ناسي ۽ سفيد بادلن، پکين جي ٻن پرن سان اڏامن ٿيون ۽ اڏامي ڪنھن شاعر جي اکين ۾ وسرام ڪن ٿيون ۽ شاعر جي کجوريل اکين جي سِڙھہ ڦوڪن ٿيون. اهي اکيون ادل جون هجن يا امر اقبال جون، اهي اکيون مختيار ملڪ جون هجن يا منھنجي سائين اياز گل جون، اکيون جيڪي اکين سان ٻڌن ٿيون ۽ ڪنن سان ڳالھائن ٿيون اهي اکيون منھنجي محبوب سجاد ميراڻيءَ جون هجن. اکيون جن ۾ آذر جون آڱريون لڙڪن ٿيون. ڇيڻيون ۽ هٿوڙيون گهرن ٿيون.
سِٽن جا اڻ گهڙيا بُت جيڪي سجاد ميراڻي گهڙيندو رهي ٿو. سجاد جيڪو اکين جي ڳوهيل لڙڪن سان نمڪين ماني پچائي ٿو ۽ اسان سنڌ واسي کائون ٿا ۽ سوچون ٿا تہ پنھنجي ديس جي شاعرن جي پچايل شاعري نمڪين ڇو آهي. ان شاعر جي نالي جيڪو منھنجو ۽ منھنجي يار پارس حميد جو يار آهي جنھن جي شاعري پنھنجي ديس ۽ ديس واسين لاءِ سوچي ٿي، گهٽ ۾ گهٽ هن جي شاعريءَ ۾ نہ سوچڻ جو ڪو بہ غم نہ آهي. هن جي شاعري ۾ وروڪڙ نہ آهن. هن جي چمڙا پوش شاعري ان ڪري بہ جاڳي ٿي متان ڪا رات رنجائي نہ گذري. آخر ۾ مان کيس اها دعا ڏيندس تہ شال سجاد جي شاعريءَ جا وار ڪڏهن بہ اڇا نہ ٿين.

رفيق سيال
ڀاڳوءَ جو گهر
محبت ديرو سيال