پيش لفظ
ماضي قريب ۾ سنڌ ۽ هند ۾ جيڪي انقلابي اڳواڻ پيدا ٿيا انهن ۾ امام انقلاب مولانا عبيد الله سنڌيءَ جو نالو سرفهرست ملي ٿو. 1872ع ۾ سيالڪوٽ جي هڪ سک گهراڻي ۾ جنم وٺندڙ، حافظ محمد صديق ڀرچونڊيؓ جي هٿ تي اسلام قبول ڪندڙ ۽ ديوبند مدرسي ۾ حضرت شيخ الهند مولانا محمود حسنؓ جي انقلابي، تعليم ۽ تربيت سان سرشار مولانا عبيد الله سنڌي پنهنجي دؤر جي ٻين سڀني انقلابي اڳواڻن کان هڪ منفرد حيثيت رکندڙ هيو جو کيس ننڍي کنڊ جي آزاديءَ خاطر افغانستان جي پهاڙن کان روس جي برف پوش سبزه زارن تائين ۽ تُرڪيءَ جي سامونڊي ڪنارن کان مڪي معظمه جي مقدس سرزمين تائين پُرخطر سير و سفر ڪرڻا پيا.
ڏکن ڏاکڙن سان ڀرپور ان ڊگهي سفر امام ِ انقلاب کي جتي انگريزن خلاف بين الاقوامي سطح جون سفارتي ڪاميابيون ڏنيون اتي سُڌ سماءَ جي وسيلن جي اڻاٺ واري ان دؤر ۾ ان وقت جي بين الاقوامي فڪري مرڪزن ۾ پهچي حالتن جو روبرو مشاهدو ۽ مطالعو ڪرڻ جا موقعا پڻ مهيا ڪيا. جنهن جو نچوڙ مختصر طور هيٺئينءَ ريت آهي:
• مولانا عبيدالله سنڌي 1919ع ۾ افغانستان جي تڏهوڪي حڪومت کي انگريزن خلاف جنگ ڪرڻ تي نه رڳو آماده ڪيو ۽ جنگ ڪرائي پر مولانا جي ئي حڪمت عمليءَ جي نتيجي ۾ انگريزن کي افغانستان کي هڪ آزاد ۽ خودمختيار ملڪ جي حيثيت ڏيڻي پئي.
• مولانا عبيدالله سنڌيءَ 1922ع ۾ سوويت يونين روس جي گاديءَ جي هنڌ ماسڪو پهچي اتان جي حڪومت سان ڳالهيون ڪري کين هندستان جي آزاديءَ جي تحريڪن جي امداد ڪرڻ تي آماده ڪيو، جنهن جو مقصد هو ته ايشيا ۾ سماجوادي تحريڪ کي سگهارو ڪجي ۽ هندستاني عوام کي انساني آزادين لاءِ ٿيندڙ عالمي ڪوششن جو لهڻيدار بڻائجي. ڪانگريس جي قيادت سان بروقت رابطو نه ٿي سگهڻ ڪري آزاديءَ لاءِ اها حمايت جيتوڻيڪ عمل ۾ نه اچي سگهي پر بين الاقوامي معاملن جي حوالي سان اِها ڳالهه ان ڪري انتهائي اهم آهي جو ان وقت روس ۾ تازو انقلاب آيو هو، سوويت حڪومت خود داخلي مامرن کي منهن ڏيڻ ۾ رُڌل هئي ۽ ملڪ تعمير ۽ ترقيءَ جي بلڪ ابتدائي مرحلن مان گذري رهيو هو.
• 1924ع ۾ ترڪيءَ مان ننڍي کنڊ هندستان جي لساني ۽ جاگرافيائي بنيادن تي ورڇ ۽ انهن جي اقتصادي ۽ مذهبي مسئلن جي نبيري تي مشتمل هڪ اهڙو جامع منشور ۽ دستاويز جوڙي پڌرو ڪيو جنهن جو ان کان اڳ ڪو مثال نه ٿو ملي.
• مڪي معظمه (1927ع-1939ع) ۾ ويهي مولانا سنڌيءَ امام شاهه ولي الله جي فڪر جي بنياد تي هڪ اهڙو همه گير فڪر ۽ فلسفو پيش ڪيو جيڪو هڪ طرف قرآن ۽ سنت جي بنياد تي مسلمانن جي داخلي مذهبي ۽ فقهي تضادن ۽ مونجهارن کي حل ڪرڻ جي صلاحيت رکندڙ هيو ته ٻئي طرف هندن ۽ ٻين مذهبن سان فلسفيانه هم آهنگي ۽ ان سان گڏوگڏ اقتصادي ۽ سياسي معاملن ۾ سماجواديت سان ڀرپور هيو. جنهن کي مولانا جي لفظن ۾ ”خدا پرستي انسان دوستي“ چئي سگهجي ٿو.
• 1939ع ۾ ڊگهي جلاوطنيءَ بعد جڏهن پاڻ واپس پنهنجي محبوب ملڪ سنڌ جي سرزمين تي قدم رکيو ته سياسي حالتون بلڪل بدلجي چُڪيون هيون. انهن بدليل حالتن جي روشنيءَ ۾ سنڌ ۽ هند واسين آڏو امام انقلاب پنهنجو فڪري ۽ سياسي لائحه عمل هن ريت پيش ڪيو ته ٻن عظيم جنگين جي نتيجي ۾ بين الاقوامي سطح تي انگريز پسپا ٿي چڪو آهي، دير يا سوير ان جو هتان ٽپڙ ويڙهڻ لازمي آهي، تنهن ڪري اسان کي کپي ته مستقبل جي اڏاوت لاءِ جديد دؤر جي تقاضائن پٽاندڙ سياسي، انتظامي، جنگي ۽ سائنسي علمن ۽ تجربن مان سکون.
مولانا جن ڏسي رهيا هئا ته دنيا جو چرخو ڦري رهيو آهي، صنعتي ۽ مشيني انقلاب سبب اقتصاديات، سماج، تهذيب، ڪلچر مطلب ته سڀ ڪجهه تبديليءَ جي مرحلن مان گذرڻ وارو آهي ۽ ان سڄي ماجرا کان اسان جا مذهبي عالم ۽ سياستدان خاص طور تي بي خبر ۽ اڻ ڄاڻ آهن. جنهن ڪري پاڻ زندگيءَ جي آخري گهڙيءَ تائين مصروف عمل رهيا. تقريرون، تحريرون، سياسي اڳواڻن سان ملاقاتون، ديني ۽ مذهبي عالمن سان بحث مباحثا، درس و تدريس، تنظيمن ۽ پارٽين جي جوڙجڪ مطلب ته شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي لفظن:
جان جان هئي جيئري، ورچي نه ويٺي،
جي مصداق پاڻ ڪڏهن به سُک سان نه ويٺا ۽ 22 آگسٽ 1944ع تي وڃي پنهنجي رفيق الاعليٰ سان ملاقي ٿيا.
امام انقلاب مولانا عبيد الله سنڌي ؓ جي وفات کان پوءِ سندن فڪري پيروڪارن آڏو ٻه وڏا چئلينج درپيش هئا:
(1) امامِ انقلاب جي سوانح حيات، ڪارنامن ۽ جدوجهد جي لڪل پاسن جي تحقيق ڪرڻ ۽ سندن فڪر ۽ فلسفي کي سهيڙي ۽ سموهي ان جي نشر و اشاعت جو انتظام ڪرڻ.
(2) امام انقلاب جي فڪر جي بنياد تي ننڍي کنڊ هند ۽ سنڌ ۾ تحريڪي، تنظيمي ۽ جماعتي عمل ذريعي ڪا وڏي سياسي تبديلي آڻڻ.
جيئن ته اهو دؤر هڪ وڏي سياسي اٿل پُٿل مان گذري رهيو هو، هندو مسلم اختلافن جو لاوو پچي رهيو هو، نيٺ ڪانگريس قيادت جي غلط حڪمت عملين ۽ مسلم ليگ قيادت جي موقعي پرستين هڻي وڃي هنڌ ڪيو ۽ هندو-مسلم اختلاف جي بنياد تي هندستان جو ورهاڱو عمل ۾ اچي ويو. اهڙيءَ افراتفريءَ ۽ انتهائي بي سرو سامانيءَ واري صورتحال ۾ به نظرياتي بنيادن تي فڪري، تنظيمي ۽ جماعتي ڪم جي سلسلي ۾ مولانا سنڌيءَ جي شاگردن ۽ پيروڪارن جهڙوڪ پروفيسر محمد سرور، مولانا دين محمد وفائي، مولانا عزيز احمد، شيخ بشير احمد لوڌيانوي، مولانا عبدالحق رياني، مولانا عبدالقادر لغاري، حڪيم محمد معاذ، مولانا نذير حسين جلالي، مولانا محمد مدني، علامه غلام مصطفيٰ قاسمي، مولانا عزيز الله جروار ۽ ٻين پنهنجي دؤر ۾ تمام وڏي جاکوڙ ۽ جدوجهد ڪئي. بعد جي مختلف دؤرن ۾ ۽ خاص طور تي 1970ع ۽ 1980ع واري ڏهاڪي ۾ مولانا سنڌيءَ جي فڪر جي بنياد تي سنڌ ۾ تنظيم سازي ۽ تحريڪي عمل لاءِ باقاعده سنجيده ڪوششون ڪيون ويون ۽ سنڌ جي عوام انهن ڪوششن جي موٽ پڻ ڏني. سنڌ ساگر پارٽي کي ٻيهر جياريو ويو، ان جي قيادت ۾ حافظ محمد اسماعيل مرحوم، مولانا عزيز الله ٻوهيو ۽ محترم نور احمد ميمڻ خاص طور شامل هئا. بعد ۾ حافظ محمد اسماعيل مرحوم سنڌ ساگر پارٽيءَ کان جلد ئي جدا ٿي ويو ۽ مولانا عزيز الله ٻوهيو صاحب ڪجهه وقت ڪم ڪرڻ بعد مولانا عبيد الله سنڌي بدران غلام محمد پرويز کي پنهنجو فڪري رهنما تسليم ڪري الڳ ٿي ويو. محترم نور احمد ميمڻ ان فڪري قافلي کي مختلف صورتن ۾ روان دوان رکيو ۽ سندن جدوجهد جي نتيجي ۾ جيڪا ٽيم تيار ٿي اها اڄ سوڌو ميدانِِ عمل ۾ موجود آهي. سنڌيڪا اڪيڊمي، سنڌ فورم، حڪمت قرآن انسٽيٽيوٽ ۽ مثالي تحريڪ جي فورمن تان مولانا سنڌيءَ جي فڪر جي نشر و اشاعت جو هيڏو وڏو ڪم سرانجام ڏيڻ جو بار محترم نور احمد ميمڻ صاحب پنهنجي سر تي کنيو آهي. جنهن لاءِ مان کين خراج تحسين پيش ڪريان ٿو.
نشر و اشاعت جي سلسلي ۾ پروفيسر محمد سرور مرحوم لاهور ۾ سنڌ ساگر اڪيڊمي قائم ڪري مولانا سنڌي جي سوانح، فڪر ۽ فلسفي تي ڪيترائي ڪتاب ڇپرايا جن مان ”خطبات و مقالات“ پڻ هڪ آهي، ان ۾ شامل ڪجهه مضمون، مقالا ۽ تقريرون بعد ۾ جيتوڻيڪ مختلف رسالن ۾ سنڌيءَ ۾ ترجمو ٿي شايع ٿيا پر سڄي ڪتاب کي سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري ڇپرائڻ جي ضرورت ڪافي وقت کان محسوس ڪئي پئي وئي، ان سلسلي ۾ سنڌيڪا اڪيڊميءَ جي سرواڻ محترم نور احمد ميمڻ صاحب مون کي متوجه ڪيو ۽ خوشقسمتيءَ سان مولانا عزيز الله جروار مرحوم و مغفور (جيڪي منهنجا مربي ۽ محسن هئا) جون عنايت ڪيل مولانا سنڌيءَ جون ڪجهه نادر ۽ ناياب تحريرون پڻ مون وٽ موجود هيون، اُهي پڻ شامل ڪري ڪتاب کي وڌيڪ جامع بنائڻ جو موقعو ميسر ٿي سگهيو. (ياد رهي ته اُهي تحريرون مولانا عزيز الله جروار جن کي مولانا سنڌيءَ جي ساٿي ۽ شاگرد مولانا عزيز احمد کان حاصل ٿيون هيون.)
هن ڪتاب جي ترجمي، ۾ جن دوستن ۽ ساٿين جو سهڪار ۽ تعاون شامل رهيو انهن جو مان وڌ ۾ وڌ ٿورائتو آهيان جن ۾ محترم محمد انس راڄپر، محمد اسماعيل هاليپوٽو، محمد اسلم وسير شامل آهن.
ثناءُ الله سومرو
ڪراچي-سنڌ
2011-10-29