تاريخ، فلسفو ۽ سياست

مولانا عبيدالله سنڌيءَ جون تحريرون ۽ تقريرون

ماضي قريب ۾ سنڌ ۽ هند ۾ جيڪي انقلابي اڳواڻ پيدا ٿيا انهن ۾ امام انقلاب مولانا عبيد الله سنڌيءَ جو نالو سرفهرست ملي ٿو.
هي ڪتاب مولانا سنڌيءَ جي نادر ۽ ناياب تحريرن ۽ تقريرن جو مجموعو آهي، جيڪي مختلف ڪتابن مان هٿ ڪيل آهن ۽ ڪجهه تحريرون مولانا عزيز الله جروار جن کي مولانا سنڌيءَ جي ساٿي ۽ شاگرد مولانا عزيز احمد کان حاصل ٿيون هيون سي به شامل آهن.
Title Cover of book مولانا عبيدالله سنڌيءَ جون  تحريرون ۽ تقريرون

افتتاحي تقرير : ضلعي ڪانگريس ڪاميٽي ڪانفرنس

ٺٽو- 12جولاءِ 1940ع

بسم الله الرحمان الرحيم
اللھم مالک تؤتی الملک من تشآءُ وتنزع الملک ممن تشآءُ وتعز من تشآء وتذل من تشآء بیدک الخیر انک علیٰ کل شیءٍ قدیر
ڀائرو ۽ ڀينرو! اوهان مان هر اُهو مرد ۽ عورت جيڪو دين ڌرم کي مڃي ٿو ۽ پنهنجي خالق ۽ پنهنجي سرجڻهار تي يقين رکي ٿو، هڪڙي منٽ لاءِ کيس ياد ڪري ۽ پنهنجي ارادي قوت کي گڏ ڪري کانئس دعا گهري، پرارٿنا ڪري ته هو اسان کي سڌي واٽ ڏيکاري.
الحمدللہ وسلام علیٰ عبادہ الذین اصطفیٰ
اما بعد! مان ڪانگريس ڪاميٽيءَ جي ڪارڪن ميمبرن جو دل جي گهرائين سان ٿورائتو آهيان جو هنن مون کي هن ڪانفرنس ۾ شرڪت جي دعوت ڏني ۽ سڀ کان پهريائين تقرير ڪرڻ جو موقعو ڏنو. مان سمورن ويٺلن کي ان مهربانيءَ ۾ شريڪ ڪرڻ گهران ٿو جو هو منهنجي ڳالهه ٻڌڻ لاءِ گڏ ٿيا. مان انهيءَ يقين سان هن ڪانفرنس جي شروعات ڪريان ٿو ته اوهان جنهن نيڪ مقصد لاءِ ايتريون تڪليفون ڪاٽي رهيا آهيو، ان ۾ ضرور ڪامياب ٿيندؤ. جيڪڏهن ڪجهه گهڙين جي دير ٿي وڃي ته ڪا وڏي ڳالهه ناهي. لڳاتار ڪم ڪرڻ وارن جي ڪاميابيءَ کي ڪير به روڪي نٿو سگهي. منهنجي دل خوشيءَ سان ڀريل آهي ته سنڌ جي هڪ تاريخي شهر ۾ ضلعي ڪانگريس ڪاميٽيءَ جي ڪانفرنس جو افتتاح ڪري رهيو آهيان. هيءَ مون لاءِ تمام وڏي عزت آهي جيڪا مون کي پنهنجي ڀائرن ۽ ڀينرن پاران ملي آهي.
ايتري قدر خوشيءَ جا ٽي ڪارڻ آهن:
(1) مون کي سنڌ سان محبت آهي. هي منهنجي ديني ابي جو ديس آهي. مون ان کي پنجاهه ورهين کان پنهنجو وطن بڻايو آهي. هن ڌرتيءَ کي سرسبز ڪندڙ درياءَ جي اسان جي مذهبي ڪتابن ۾ پاڪائي بيان ڪئي وئي آهي. مون ان جي ڪناري تي ننڍپڻ کان پرورش ورتي آهي.
(2) مون کي هن شهر سان محبت آهي. هن ۾ مقدس عالمن ۽ عارفن جو وڏو ميڙاڪو رهيو آهي. پوئين زماني ۾ مخدوم محمد معين جو گهر هن شهر ۾ هيو. هو شاهه عبداللطيف جو هم صحبت بزرگ هيو ۽ هن اسان جي امام ولي الله دهلويءَ مان پرايو آهي. اهڙيءَ ريت هي شهر شروعات کان وٺي اسان جي حڪمت جي کاڻ آهي.
(3) مون کي نيشنل ڪانگريس سان محبت آهي ڇاڪاڻ ته دنيا جي نظر ۾ اُها اسان جي ملڪ جي مانواري مجلس آهي. مان سورنهن سترنهن ورهيه ڪانگريس ۾ ڪم ڪندو رهيو آهيان. ان جي خادم هجڻ جي ناتي سان مون کي ڏاڍا فائدا پهتا آهن. مان ان سياست جو مطالعو ڪري سگهيس جنهن کان پوءِ مون کي امام ولي الله جي حڪمت ۽ قرآن مجيد سمجهڻ ۾ سولائي ٿي.
مان گهڻي وقت کان وٺي آسائتو رهيو آهيان ته اهڙي قسم جي ميڙ ۾ شرڪت نصيب ٿئي، جڏهن اهڙي مايوسيءَ کان پوءِ خواهش پوري ٿيندي آهي ته ان خوشيءَ جو هر ماڻهو اندازو نٿو ڪري سگهي.
دوستؤ! اڪثر سياسي جماعتون هن قسم جو مانُ انهن ماڻهن کي ڏينديون آهن، جنهن سان انهن جي طاقت ۾ اضافو ٿئي، مان انهيءَ ڳالهه کي پڌري نموني واضح ڪرڻ گهران ٿو ته مان هن وقت ان پوزيشن ۾ نه آهيان جو مون سان گڏ گهڻا ماڻهو ڪانگريس جا ميمبر ٿين ۽ منهنجي ڪري ڪانگريس ڪاميٽيءَ کي مالي مدد ملي. مان هن وقت اهوئي ڪري سگهان ٿو ته پنهنجو سياسي مطالعو اوهان آڏو پيش ڪريان.
مون کي هي به اوهان جي خدمت ۾ عرض ڪري ڇڏڻ گهرجي ته مان هر دلعزيز بڻجڻ جي ڪوشش به نه ٿو ڪريان. مان اڃا تائين ڪانگريس جو پرائمري ميمبر به نه ٿيو آهيان. مان چاهيان ٿو ته پنهنجا مشورا آزاديءَ سان ٻڌائي سگهان. ڪنهن اصطلاحي قانون جي پابندي نه ڪرڻ ڪري مان ڪانگريس کان جدا نه ٿو ٿي سگهان. مان نيشنل ڪانگريس جو آهيان ۽ نيشنل ڪانگريس منهنجي آهي.
جيڪڏهن اُهو پارٽي پروگرام ڪانگريس ڪاميابيءَ سان هلائي، جيڪو اسان جمنانربدا سنڌ ساگر پارٽيءَ جي نالي سان شايع ڪيو آهي ته اسان ڪانگريس کي گهڻو اڳتي وٺي وينداسين.
اوهان جي اجازت سان، اسان پنهنجي ڄاڻ کي ٽن ڀاڱن ۾ ورهايون ٿا. پڇاڙيءَ ۾ ٻڌائينداسين ته اسان ڇا ٿا ڪرڻ گهرون؟
اسان جي مطالعي جو پهريون ڀاڱو اهو آهي جيڪو هندستان ڇڏڻ کان اڳ حاصل ڪيو. مان پنجاب جي ضلعي سيالڪوٽ ۾ پيدا ٿيس ۽ ننڍپڻ کان سنڌو درياءَ جي ڪناري ڄامپور ضلعي ديري غازي خان ۾ پرورش ورتم ۽ هتي ئي مون اسلام جي تعليم حاصل ڪئي. اوهان کي عجب لڳندو ته اسلام مون هڪ پنڊت کان سکيو. اسان جي ملڪ ۾ برطانوي قبضي کان پوءِ ٻه ڀيرا هندو سوسائٽيءَ جو سڌارو شروع ٿيو. ٻنهي ۾ ايترو فرق آهي جيترو ايڪسٽريمسٽ ۽ ماڊريٽ ۾ ٿيندو آهي.
پهريون ڀيرو پنڊٽ اننت رام، پرانن جي شرڪ آميز تعليم جو اسلامي توحيد سان مقابلو ڪيو ۽ پڇاڙيءَ پاڻ مسلمان ٿي ويو. هو مسلمانن ۾ ”پنڊت مولويءَ“ جي نالي سان مشهور آهي. سندس تحريڪ هندستان ۾ خوب پکڙي، سوين هندو نوجوان مسلمان ٿي ويا. مان سورنهن ورهين جي ڄمار ۾ 1887ع ۾ ان جي ڪتاب ”تحفة الهند“ جي وري وري پڙهڻ سان اسلام تي ايمان آندو. مون پاڻ پنهنجو نالو عبيدالله پنڊت مولويءَ جي نالي تي رکيو آهي. مون پنهنجي هم ڪلاسي شاگردن کان نماز پڙهڻ سکي. ان زماني ۾ جڏهن مان گهر ۾ اڪيلائيءَ ۾ نماز پڙهندو هوس ته ايترو ته سرور حاصل ٿيندو هو جو اڃا تائين ايتري قدر علم پڙهڻ جي ۽ عمر گذارڻ جي باوجود ڪڏهن ڪڏهن اُها ڪيفيت پيدا ٿيندي آهي. هن تحريڪ کي (هندو سوسائٽيءَ جي حوالي سان) انتهاپسند سمجهڻ گهرجي.
ٻئين تحريڪ پنڊت ديانند سرسوتيءَ واري آهي. هو آريا سماج لاءِ مرڪز ڳولهڻ ۾ ملڪان ملڪ گهميو پر سندس پنجاب کان سواءِ ڪٿي به چڱو آڌرڀاءُ ڪونه ٿيو. پنجاب جي سموري هندو سوسائٽيءَ پنڊت مولويءَ جي تحريڪ لاءِ آريا سماج جي تائيد ۾ متحد ٿي وئي. پنڊت مولويءَ جو هي ڪمال ته دشمن به مڃين ٿا ته پرانڪ شرڪ کان هندو سوسائٽيءَ کي انهيءَ بچايو. آريا سماج به سندس همزباني اختيار ڪئي. اسان ان کي (هندو سماج ۾) اعتدال پسند سڏيون ٿا.
هتي اوهان کي هڪ ڳالهه ٻڌايان ٿو، جنهن مان ٻنهي تحريڪن جي بنيادي هيڪڙائي اوهان کي ڏسڻ ۾ اچي.
جڏهن مان استنبول (ترڪيءَ) ۾ هيس. منهنجي هڪ معمولي ٽپال واري سادي خط لکڻ تي لالالجپت راءِ مون سان اتي ملڻ لاءِ پهتو. هن استنبول پهچڻ لاءِ ڪهڙا ڪهڙا ڊپلوميٽڪ حيلا هلايا، مان ان تي بحث نٿو ڪريان. ڳالهين ڪندي مون (کيس) چيو ته منهنجي امڙ هڪ ڏينهن رني پئي ته منهنجي مرڻ کان پوءِ ڳئون بخشڻ وارو ڪوئي ڪونهي. مون کيس چيو ته تون پاڻ ئي برهمڻ کي ڳئون ڏئي ڇڏ. هوءَ حيران ٿي چوڻ لڳي ته تون مون کي ڳئون وٺي ڏيئي سگهين ٿو؟ مان هن لاءِ ڳئون خريد ڪري آيس ۽ هوءَ برهمڻ کي ڏئي آئي ته خوش ٿي وئي.
لالا چيو، جڏهن مان آريا سماج ۾ داخل ٿيس ته منهنجي امڙ به ساڳئي خيال کان روئڻ لڳي ۽ مون به اِهوئي علاج ڪيو جنهن سان هوءَ خوش ٿي وئي.
مان اسلام تي ايمان آڻڻ کان پوءِ ديوبند واري مدرسي ۾ داخل ٿيس. منهنجا ديني استاد مولانا محمود حسن ديوبندي شيخ الهند آهن. تعليم کان واندو ٿي مان پنهنجي استاد جي سياسي تحريڪ ۾ شامل ٿي ويس.

[b]ديوبندي سياسي تحريڪ
[/b] هتي ديوبند جي سياسي هلچل سمجهائڻ لاءِ ڪجهه جملن لکڻ جي اجازت ڏيوم.
دهليءَ جا مسلمان ليڊر 1857ع کانپوءِ ٻن سياسي جماعتن ۾ ورهائجي ويا: ڪوآپريٽر ۽ نان ڪوآپريٽر- پهرين جماعت جو ليڊر سر سيد احمد خان آهي. عليڳڙهه يونيورسٽي سندن مرڪزي تعليم گاهه آهي. ٻئين جماعت جا سرواڻ مولانا محمد قاسم ديوبندي آهن. دارالعلوم ديوبند سندن علمي ۽ سياسي مرڪز رهيو آهي. ديوبندي اسڪول، هند کي ڇا ٿو سمجهي؟ ان لاءِ هند جي عربي تاريخ ”سبحة المرجان“ پڙهڻ گهرجي. هند جي قديم مذهبن بابت سندن نظريا مرزا مظهر جانجانان ۽ امام عبدالعزيز دهلويءَ جي مڪتوبات ۾ ملندا.
مان انهن جي ترجماني مختصر لفظن ۾ ٻڌايان ٿو. اسان جو هندستان، دنيا جي تاريخ ۾ عظيم الشان درجي جو مالڪ آهي. پهرين دؤر ۾ هن سنسڪرت جهڙي ٻولي پيدا ڪئي، ”ڪليلا و دمنا“ جهڙو حڪمت وارو ڪتاب لکيو. فوجي مشقن واري راند شطرنج ايجاد ڪئي. رياضيءَ ۾ يونان سان ڪن هنيائين. الاهيات ۾ ويدانت فلاسافي سيکارڻ ۾ جڳت گرو بڻيو. ان سان ويدڪ ڌرم ۽ ٻڌ ڌرم پکڙيا. هن مهاراجا اشوڪ جهڙا حڪمران پيدا ڪيا. ٻئين دؤر ۾ قديم انسانيت جي علمبردار سوسائٽيءَ کي اسلام جهڙي انٽرنيشنل پروگرام کان واقف ڪرڻ وارو جلال الدين اڪبر پيدا ڪيو. هن ڏکڻ ايشيا جي ٻولين کي ملائي اردوءَ جهڙي انٽرنيشنل ٻولي پيدا ڪئي. جنهن محي الدين عالمگير جهڙو سلطان پيدا ڪيو، جيڪو هن جي سمورن ملڪن کي هڪ قانون جو پابند بڻائڻ سيکاري ويو. جنهن امام ولي الله جهڙو فلاسافر پيدا ڪيو.
تاريخ جي ٻنهي دؤرن ۾ اسان جي ملڪ جي ايتري بيعزتي نٿي ٿي سگهي جو ڪا قوم ٻاهر ويهي اسان تي حڪومت ڪري، يعني جڏهن کان دهليءَ تي برطانوي والار ٿي، اسان جي ملڪ جي نوراني چهري تي غلاميءَ جو ڪارو داغ لڳي ويو.
ديوبندي اسڪول جو نصب العين هي آهي ته (هو) اُن ٽڪي (داغ) کي ختم ڪرڻ واري جدوجهد ۾ رڌل رهيو آهي. هي اسڪول اڄ تائين ٽي ڀيرا پنهنجي پروگرام ۾ مناسب وقت تي تبديلي ڪري چڪو آهي. يورپ جي اڄوڪي سائنٽيفڪ اصطلاح ۾ ان سياسي گروپ کي هڪ سياسي پارٽي نه سڏيو وڃي ته اسان ان کي تسليم ڪريون ٿا، پر ملڪ ۾ ان جي قوت ۽ طاقت جو انڪار نٿو ڪري سگهجي. خلافت تحريڪ ۾ ان جو مظاهرو ٿي چڪو آهي.

[b]ديوبندي اڳواڻ
[/b] ماڻهن کي شايد ڄاڻ نه هجي ته حڪيم اجمل خان ۽ ڊاڪٽر انصاري به منهنجي استاد واري جماعت سان واسطو رکندا هئا. مولانا محمد عليءَ کي ڊاڪٽر انصاريءَ شيخ الهند سان ملايو. ان کان پوءِ شيخ الهند پنهنجي جماعت کي مولانا محمد عليءَ جي تابع ڪري ڇڏيو. ان ڏينهن کان هُو هند جي مسلمانن جو اڪيلو اڳواڻ بڻيو ۽ دهليءَ جا ٻئي اسڪول گڏجي هڪ ٿي ويا. ان گڏيل طاقت، نيشنل ڪانگريس کي پاڻ ڏانهن ڇڪي ورتو. ان ۾ مرڪزي فڪر انهيءَ نان ڪوآپريٽر ديوبندي اسڪول وارو غالب رهيو.
انهيءَ مجموعي ۾ مولانا ابوالڪلام آزاد جي شخصيت مستقل حيثيت رکندي هئي، جيڪو حڪيم اجمل خان سان گڏ مٽجي ويل دهليءَ جو هڪ اهڃاڻ هيو. ماڻهن کي شايد هيءَ به خبر نه هجي ته مولانا شيخ الهند جو سنڌ ۾ ڪيترو اثر هيو. منهنجي مرشدن واري سلسلي ۾ مولانا تاج محمود امروٽي ۽ حضرت پير جهنڊي وارو پير رشدالله شاهه ۽ ڪراچيءَ جي مدرسي مظهرالعلوم ۽ ڳوٺ پير جهنڊي واري مدرسي دارالرشاد سان واسطيدار عالمن جون جماعتون، سموريون ديوبندي اسڪول سان واسطو رکن ٿيون.
جمعيت علماءِ سنڌ جو سرواڻ مولانا محمد صادق ۽ سندس ڀاءُ شيخ محمد ابراهيم ايم اي ديوبندي اسڪول جا خاص ڪارڪن رهيا آهن.

[b]نان ڪو آپريشن ۽ ديوبند
[/b] ماڻهن کي حيرت ٿيندي ته نان ڪوآپريشن واري تحريڪ جيڪا خلافت واري دؤر ۾ ڪانگريس قبول ڪئي آهي، اُها مدرسي دارالرشاد جي هڪ ديوبندي استاد مولانا نورالحق جي تجويز هئي. مولانا نورالحق جناب پير صاحب جهنڊي واري جو هڪ سيڪريٽري هيو.
مان (1897ع) کان ان ديوبندي اسڪول جو سياسي ڪم ڪندو رهيو آهيان. 1915ع ۾ مون کي شيخ الهند ڪابل وڃڻ جو حڪم ڏنو. جتي مان آزادي پسند هندو دوستن سان گڏجي هندستاني ڪم ڪندو رهيس. برٽش امپائر کان ٻاهر سڀ کان پهرين ڪانگريس ڪاميٽي، ڪابل ۾ مون قائم ڪئي. گياسيشن ۾ ان جو الحاق ڪانگريس قبول ڪيو. ڪابل ڪانگريس ڪاميٽيءَ کي ديوبندي اسڪول هلائيندو رهيو آهي. داخلي معاملن ۾ مولانا ڪفايت الله جهڙا عقلمند عالم ۽ مولانا حسين احمد جهڙا ثابت قدم مسلسل ڪم ڪندا رهيا آهن. هي سڀئي حضرت مولانا شيخ الهند جا خادم آهن.
پنهنجي تعليم ۽ پنهنجي سياسي نظريي سمجهائڻ کان پوءِ هاڻي اسان پنهنجي مطالعي جو ٻيو حصو شروع ڪريون ٿا. يعني ٻاويهه ورهيه ٻاهر رهي هندستان ۽ يورپ مان اسان ڇا سکي سگهياسين؟
اسان مهاتما جيءَ کان نان وائيلينس سکيو. اسان پنڊت موتي لال نهروءَ کي اتر هند ۽ لوڪمانيه تلڪ مهاراج کي دکن ۾ نيشنل ڪانگريس جو مستقل رهنما مڃيون ٿا.
يورپ ۾ ٻه تحريڪون ڪم ڪري رهيون آهن: لبرل ازم ۽ مڪينيڪل ازم. پهرين تحريڪ جو هي نتيجو نڪتو ته يورپ جا اڪثر ملڪ جمهوري بڻجي ويا. حڪومت بادشاهه جي نالي سان هجي يا چونڊيل رئيس جي نالي سان، ٻنهي صورتن ۾ ملڪ جو ڪم پارليامينٽ جي راءِ ڏيندڙ (ميمبرن) جي مشوري سان ٿي رهيو آهي. اهڙي نموني جي حڪومت ۾ برطانيه يورپ لاءِ استاد وارو ڪم ڪندو رهيو آهي.
ٻئين تحريڪ بابت ڪجهه وضاحت سان بيان ڪرڻ جي ضرورت آهي. گذريل صديءَ کان يورپ فقط اسان جي ملڪ کان نه پر اڪثر اوڀر وارن ملڪن کان تمام گهڻي ترقي ڪري چڪو آهي. اوهان ڄاڻو ٿا ته هيءَ ترقي مذهب يا تهذيب جي نه ٿي آهي. ڏسو! اسان جو ملڪ اڄ تائين هزار ڪوششن باوجود هن معاملي ۾ هار نٿو مڃي. يورپ جي هيءَ ترقي اصل ۾ مڪينيڪل ازم ۾ آهي.
يورپي قومن، ننڍي وڏي ڪم لاءِ ايتريون ته مشينون ٺاهيون آهن، جو اوڀاريان ملڪ ان جي مقابلي کان لاچار ٿي پيا آهن.
ظاهر آهي ته هي مشينون ڪاريگرن کان سواءِ ڪم نه ٿيون ڪن، انهن ڪاريگرن کي يورپ ۾ مزدور چيو ويندو آهي. اوهان انهن کي پنهنجي ملڪ وارو اڻ سکيل مزدور نه سمجهجو. ان مزدور جماعت جو هڪ نمائندو برٽش ايمپائر جو پرائيم منسٽر به رهي چڪو آهي.
مشين جي خاص ڳالهه هيءَ آهي ته اُها ڪاريگرن کي منظم ڪري ٿي ڇڏي. هڪ مشين سان ڪم ڪندڙ مزدورن جي جماعت جيستائين ايڏي متحد نه ٿئي ڄڻ هڪڙو فرد هجي، تيستائين ڪنهن ڪاريگر کي مانيءَ ڳڀو به نصيب نٿو ٿئي.
مانوارؤ! اوهان ڄاڻو ٿا ته هڪ صديءَ کان اسان جي ملڪ تي برطانيه حڪومت ڪري رهي آهي. هن پنهنجو قبضو ڄمائڻ لاءِ جيڪي ڪم ڪيا آهن، هن وقت ٿوريءَ دير لاءِ انهن کان واسطو ٽوڙي ڇڏيو. پر جڏهن هن (اسان جي) ملڪ تي پنهنجي حڪومت قائم ڪري ورتي ته هن اسان کي جمهوريت سيکارڻ شروع ڪئي. هن جي ٺاهيل يونيورسٽين اسان جي نوجوانن کي جمهوريت پسند بڻائي ڇڏيو. اسان جي ملڪ ۾ اسيمبلي ۽ ڪائونسل انهن جمهوريت پسند ماڻهن کي راضي ڪرڻ لاءِ ٺاهي وئي آهي. اوهان ڏسي رهيا آهيو ته هاڻي هندستاني راجا ۽ نواب جي حڪومت به پنهنجي ملڪ جي پارليامينٽ جي صلاحڪار کان سواءِ نه ٿي هلي سگهي. هيءَ سموري انهيءَ جمهوريت پسنديءَ جي برڪت آهي. جيئن برطانيه اسان کي لبرل ازم سيکاريو، اهڙيءَ ريت هنن اسان جي ملڪ کي مشين کان به واقف ڪري ڇڏيو آهي. مشين جو سڀ کان وڏو ڪارخانو اسان جي ملڪ ۾ ريلوي جو ڄار آهي، جيڪو هر پاسي وڇايو ويو آهي. هن اسان جي ملڪ ۾ به مشين سان ڪم ڪندڙ جماعتون پيدا ڪيون آهن.
اسان جا نوجوان جيڪڏهن دنيا جي قومن سان گڏجي هلڻ گهرن ٿا ته کين هن معاملي ۾ برطانيه جو ٿورائتو ٿيڻ گهرجي. اسان پنهنجي سفر ۾ ڏٺو ته ترڪ، ايراني، افغاني ۽ عرب پنهنجن ملڪن ۾ جمهوريت ۽ مشين کي ترقي ڏئي رهيا آهن. اسان جو ملڪ هندستان کانئن هن معاملي ۾ گهڻو اڳتي آهي.
هيءُ يورپ جي ترقيءَ جو روشن پهلو هيو. هاڻي ان جو ٻيو پاسو به ٻڌي ڇڏيو.
هن ترقي يافته يورپ کي اسان هڪ مصيبت ۾ مبتلا ڏسون ٿا. يورپ جون جيتريون به قومون جمهوريت پسند آهن ۽ مشين جي واهپي سان دنيا تي برتري حاصل ڪري ورتي اٿن، جيڪڏهن انهن جي پارليامينٽ ۾ محافظن ۽ لبرلن (وچٿري سوچ وارن) جي گهڻائي آهي ته انهن قومن کي هڪ خطرناڪ انقلاب ڊيڄاري رهيو آهي ته انهن جي پارليامينٽ ۾ ڪاريگرن جو غلبو ضرور ٿيندو. ڇاڪاڻ ته هي ڪاريگر ۽ مزدور گهڻي وقت کان ڪنزويٽو ۽ لبرلن جي ظلم جو شڪار ٿيندا رهيا آهن، تنهن ڪري انهن کان بدلي وٺڻ وارو جذبو مزدورن ۾ پيدا ٿيڻ ضروري آهي.
هيءُ به ياد رهي ته جن ملڪن ۾ مشين تي ڪم ڪندڙ (پورهيت) انقلاب آڻيندا، ان وقت جيڪڏهن ملڪ جا هاري به منظم ٿي چڪا هوندا ته هو به ساڻن گڏجي ويندا.
ان ڪري اُن قسم جي انقلاب جو اثر پهرئين درجي جي تي نه، پر ٻئين يا ٽئين درجي تي اسان جي ملڪ ۾ ايندو. جيتوڻيڪ اسان انقلاب جي سلسلي ۾ اڄ پهرين قطار ۾ بيهي نه ٿا سگهون، پر ٻئين يا ٽئين ڏينهن اسان تي اهو سڀ ڪجهه لاڳو ٿي سگهي ٿو جيڪو يورپ جي جمهوريت پسند قومن تي اڄ وارد ٿيندو.
ايتري قدر ڄاڻڻ کان پوءِ اسان جي راءِ ۾ هاڻي ڪوبه شڪ شبهو نه رهيو آهي. اسان ”مڪينيڪل ازم“ جي مخالفت نٿا ڪري سگهون نه ته مالي ترقيءَ کان اسان جو ملڪ محروم ٿيندو ۽ ٻين جو اڇوت ۽ غلام ٿي ويندو. البت يورپين قومن لاءِ جيڪا مصيبت اچي پئي، ان کان اسان ڪي قدر محفوظ آهيون.
ليڪن هڪ اهڙي انسان لاءِ، جيڪو مذهبي جماعتن جي نمائندگي ڪري ٿو، ساڳي مصيبت هڪ ٻي واٽ کان اچي ٿي. سائنس جي ترقيءَ سان گڏ مذهبي قانون ته جدا رهيو، منڍان خدا جو انڪار به عام طور تي ضروري ٿي پيو آهي. مان جيئن ته مذهب کي نه ٿو ڇڏي سگهان، ان ڪري انهيءَ مشڪل جو علاج برابر سوچيندو رهيو آهيان. مون کي ان سلسلي ۾ وحدت الوجود کان سواءِ ٻيو ڪوبه ذريعو نه مليو جنهن سان هڪ سائنسدان کي خدا جي وجود جو يقين ڏياري سگهجي.
جيئن ته هي مسئلو هندو فلاسافيءَ جو بنيادي اصول آهي، اهڙيءَ ريت امام ولي الله انهيءَ کي مڃي ڪري حڪمت ۽ فلسفي جو هڪ اهڙو اسڪول قائم ڪري ٿو جنهن مان سمورا مذهب پنهنجي اڃ اجهائي سگهن ٿا، ان ڪري منهنجي مستقل راءِ هيءَ آهي ته:
(1) مادي ترقيءَ لاءِ اسان کي يورپ جي لبرل ازم ۽ مڪينيڪل ازم ٻنهي کي خوشيءَ سان قبول ڪرڻ گهرجي. جيئن ترڪي ۽ ٻين ملڪن ۾ ٿي رهيو آهي. مان انهيءَ مجموعي کي ”يورپين ازم“ چوان ٿو. جيئن ڪمال پاشا پنهنجي ڳوٺاڻن کي استنبولي شهرين جي برابر ڪري ڇڏيو، مان اهڙيءَ طرح پنهنجي هارين کي عليڳڙهه سوسائٽيءَ واري اعليٰ درجي تي آڻڻ گهران ٿو.
جڏهن اميرن جي اولاد يورپين ازم سکيو ته گهر وڪڻي يورپ مان عياشيءَ جو سامان وٺي آيا. نه هنن علم سکيو نه هنر، جنهن سان ڪا قوم جي ترقي ٿئي ها، هيٺيون طبقو جيڪڏهن يورپين معاشرت اختيار ڪندو ته ڏاڍو ڪمائيندو ۽ پنهنجي ڪمائي پاڻ کائيندو. جيتوڻيڪ مٿين طبقي کي اها ڳالهه نه وڻندي، پر هن انقلابي دور ۾ کين سڀ ڪجهه مڃڻ گهرجي.
(2) روحاني يا مذهبي حفاظت لاءِ امام ولي الله جو فلسفو پڙهڻ گهرجي، جيڪي به هندو ويدانت فلاسافيءَ کي مڃين ٿا، کين ڪجهه منٽن ۾ ولي اللهي فلسفو سيکاري سگهجي ٿو.
اسان جي ان مطالعي جو ئي نتيجو آهي جو اسان سنڌ ساگر پارٽيءَ جي پروگرام ۾ انهن ٻنهي ڳالهين کي بنيادي اصولن ۾ شامل ڪري ڇڏيو آهي.
هاڻي هتان کان مان پنهنجي مطالعي جو ٽيون حصو شروع ٿو ڪريان.
هندستان ۾ واپس اچڻ کان پوءِ اسان ڇا سمجهيو آهي، ان کي چئن نمبرن ۾ جدا جدا ٻڌايون ٿا:
(1) سڀ کان پهريائين اسان تي هيءُ ڪڙو سچ ظاهر ٿيو ته مسلمانن جا ديوبندي ۽ عليڳڙه ٻئي اسڪول پاڻ ۾ وڙهي رهيا آهن. ايئن ڇو ٿيو؟ اوهان جي اجازت سان، پهريائين مهاڳ طور نيشنل ڪانگريس جا ڪجهه تاريخي واقعا ياد ٿو ڏياريان، ان کان پوءِ سمورا ويڇا واضح ڪندس.
ڪانگريس ۾ انقلابي تحريڪ ٻه ڀيرا جاري ڪئي وئي آهي. پهريون ڀيرو بنگال جي ورهاڱي کي رد ڪرائڻ لاءِ، ان جو مرڪز ڪلڪتي جو بنگالي نوجوان هيو. يعني ڪم ڪندڙ پنهنجي ملڪ لاءِ ڪم ڪندا هئا. اها ايجي ٽيشن بنگال واري سوڀ تي پوري ٿي. ان کان پوءِ حالتون معمولي رفتار سان هلنديون رهيون.
ٻيون ڀيرو خلافت کي جيارڻ لاءِ. هن ايجي ٽيشن جو مرڪز دهليءَ جو مسلمان آهي، جيڪو ديوبند ۽ علي ڳڙهه جي اتحاد ۽ ميلاپ مان پيدا ٿيو هو. هيءَ تحريڪ ناڪاميءَ تي ختم ٿي.
ان جو اصلي ڪارڻ جيڪڏهن غور سان ڏٺو وڃي ته ان کان سواءِ ٻيو ڪو به نظر نه ايندو ته ڪم ڪرڻ وارن پنهنجي ملڪ لاءِ ڪم پئي ڪيو. انهيءَ ٻئي ملڪ ۾ انقلاب آيو پراڻو ترڪ هارائجي ختم ٿي ويو هو. نئين ترڪ لاءِ نئين زندگيءَ سان گڏ خلافت جو سنڀارڻ ناممڪن هيو. هن خلافت کي رد ڪري پنهنجي قومي حڪومت يورپي نموني سان ٺاهي ۽ پنهنجي گهرجي ترقيءَ ۾ مصروف ٿي ويو. خلافت رد ٿيڻ تي هندستاني مسلمانن ۾ ڦوٽ پئجي وئي.
هندو مسلم ٺاهه (ميثاق لکنؤ) ۾ پهريون هڪ غلطي رهجي وئي هئي ته جن صوبن ۾ مسلمانن جي گهڻائي آهي، تن مان ڪجهه حصا وٺي، ٿورائيءَ وارن صوبن کي عام طور تي ۽ يوپيءَ جي اقليت کي خاص طور تي وڌيڪ حق ڏنو ويو هو. اهڙيءَ طرح مسلمان هندستان جي هر حصي ۾ اقليت بڻجي ويو. جيئن هو سموري هندستان جي مجموعي آباديءَ ۾ ستر ملين هجڻ جي باوجود به اقليت ۾ شمار ٿئي ٿو. خلافت جي ڪاميابيءَ جي اميد تي هو ان وقت ته راضي ٿي ويو، پر جڏهن خلافت جي تحريڪ ٽٽي وئي ته هر مسلمان ان ٺاهه تي نظرثاني ڪرائڻ جي ضرورت محسوس ڪرڻ لڳو. ان مقصد لاءِ ڪائونسل ۽ اسيمبليءَ ۾ وڃڻ گهربو هو. علي ڳڙهه پارٽي نئين نموني تي منظم هئي. اها ٿورو پوئتي موٽي وڃي مسلم ليگ ۾ شامل ٿي ۽ هندو اڪثريت خلاف محاذ ٺاهڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي.
ديوبند جي پراڻي مذهبي تنظيم تي به انهيءَ ديوبندي جماعت جا رجعت پسند• ماڻهو غالب ٿي ويا ۽ مسلم ليگ سان ملي ويا. اهڙيءَ طرح عام مسلمانن جو ڪانگريس سان ڪو واسطو نه رهيو. فقط ديوبند جو ترقي پذير عنصر جمعيت العلماءِ يا احرار ۾ وڌي رهيو آهي ۽ ڪجهه لبرل مسلمان به ڪانگريس ۾ نيشنل پروگرام جا حامي آهن.
(2) مسلمانن جي ان متڀيد کي نيشنل ڪانگريس جي هلت، گهٽائڻ بدران اڃا به وڌائي ڇڏيو. اوهان جيڪڏهن اجازت ڏيو ته ان کي ڪجهه واضح ڪري ڇڏيان.
جڏهن خلافت ٽٽي ته ڪانگريسي رهنمائن پنهنجي ڊپلوميٽڪ عقلمنديءَ سان ڏاڪي بڏاڪي ڪانگريس کي سوراج لاءِ مخصوص ڪري ڇڏيو. پر ان سان گڏ هي به ٿيو ته انهن تي خلافت تحريڪ يا مسلمانن جي نيشنل خدمتن جو ايترو به اثر نه ٿيو ته هو مسلمانن کي هندستاني وطنيت ۾ انهن جي ڳاڻاٽي جيترو ئي انصاف سان حق ڏين ها يا ڏيڻ لاءِ تيار هجن ها. جتي مسلمانن جي گهڻائي هئي اُتي جيڪڏهن ڪانگريس، هندن کي اڳرائيءَ واري ڪارروائيءَ کان روڪي سگهي ها، ته معاملو ايڏو خراب نه ٿئي ها. ڪانگريس جي تيزگام ۽ فلاسفر ليڊرن، انٽرنيشنل ازم کي آڏو رکي هندستاني مسلمانن جي مسئلي ۾ نيشنل انصاف ڪرڻ ۾ غفلت کان ڪم ورتو. اهڙيءَ طرح هندو ازم جي جارحاڻي اڪثريت لاءِ انهن ڪانگريس جي نالي ۾ رستو صاف ڪري ڇڏيو. انهيءَ حرڪت، معاملي کي وڌيڪ خراب ڪري ڇڏيو. ايستائين جو جمعيت العلماءِ ۽ احرار جا ديوبندي ليڊر به عوام آڏو ڪانگريس جو نالو اڄ نٿا وٺي سگهن.
ياد رکڻ گهرجي ته هي اُهي ماڻهو آهن جيڪي شروع کان اُن ايجيٽيشن ۾ ڪانگريس جي عام نيشنلسٽ ليڊرن سان گڏ خلافت ۽ سوراج لاءِ شامل ٿيا هئا. پر اڄ هو ڪنهن خاص پروگرام کان سواءِ سردار پٽيل جي ڊڪٽيٽرشپ هيٺان چيڀاٽجي رهيا آهن.
(3) ان کان پوءِ ٻي حقيقت ان کان به وڌيڪ ڪڙي ظاهر ٿي، اجازت ڏيو ته ان جو به تفصيل ٻڌايان.
انڊين نيشنل ڪانگريس جي ترقي اصل ۾ لبرل (ماڻهن) جي دل ۽ دماغ جي لڳاتار ڪوششن جو نتيجو آهي. سورت واري اجلاس کان ڪانگريس ۾ انقلابي آيا ۽ خلافت ايجيٽيشن جي شروعات ۾ مهاتما جيءَ، انقلابين جي ڪري لبرل (ماڻهن) کي ڪانگريس مان ڪڍي ڇڏيو. اسان جي خيال ۾ هاڻي ان انقلابيءَ ۾ ڪانگريس کي سنڀارڻ واري سگهه نظر نه ٿي اچي ۽ لبرل ئي هڪ خاص رنگ ۾ انقلابي فلسفي جو ويس ڍڪي ان تي ڇانئجي ويا آهن. چرخو، کاڌي ۽ سردار پٽيل جي ڊڪٽيٽرشپ ان کي هاڻي اڳتي نه ٿي وڌائي سگهي، ڊپ اٿم ته بنگال نه جدا ٿي وڃي. هن وقت اتفاق سان ڪانگريس کي مهاتما جيءَ جي تاريخي عظمت ۽ پنڊت جيءَ جي اڳتي وڌڻ کان نه بيهندڙ همت اتفاق سان ملي وئي آهي ۽ انهيءَ طاقت سان ڪانگريس ساهه کڻي رهي آهي.
مون لاءِ هيءُ ڏاڍو ڀوائتو انڪشاف آهي ته مسلم ليگ جي ڪانگريس سان ويڙهه به اصل ۾ هڪ لبرل ليڊر جي انتقامي جذبي جو مظاهرو آهي.
(4) يورپ جي جنگ کي جيتوڻيڪ اڃا ڪجهه هفتا گذريا آهن پر اسان ان بابت ٻاهر رهي گهڻو ڪجهه ٻڌندا ۽ معلوم ڪندا رهيا آهيون. اسان جي پڪي راءِ آهي ته اسان کي هن وقت برطانيه جي، ڪنهن شرط کان سواءِ امداد ڪرڻ گهرجي. مان برطانيه سان وڙهندڙ طاقتن سان گڏ شامل رهي چڪو آهيان. ان وقت مان مذهبي نقطه نظر کان اهو پنهنجو فرض سمجهندو هوس. (جيتوڻيڪ) اسان ان جنگ ۾ هارائجي وياسين پر پنهنجي مذهبي فيصلي جي صحيح هجڻ جو اڄ به يقين رکون ٿا.
ليڪن اڄ حالتون مختلف آهن. برطانيه جي مسلمانن سان ڪا مذهبي جنگ ناهي، اسان پنهنجي سياسي مطالعي موجب پنهنجي ملڪ لاءِ برطانيه سان اڻبڻت هن وقت غلط سمجهون ٿا.
ان ايجي ٽيشن جو مطلب ٻيو ن قومون صحيح نه ٿيون سمجهي سگهن. اسان کي عدم تشدد جي پابنديءَ سان ترقيءَ جو جيڪو موقعو برٽش ڪامن ويلٿ ۾ رهي ملي سگهي ٿو، ٻي صورت ۾ نظر نه ٿو اچي.
حضرات! منهنجي مطالعي جا ٽيئي ڀاڱا ڪجهه مختصر ڪجهه مفصل اوهان آڏو اچي ويا. هاڻي مان اوهان کي اڳتي لاءِ پنهنجا ارادا ٻڌايان ٿو.
اوهان کي ڄاڻ هوندي ته مون نيشنل ڪانگريس ۾ نئين پارٽيءَ جو بنيادي نظام شايع ڪيو آهي. اهو سنڌي، اردو ۽ انگريزيءَ ۾ ڇپجي چڪو آهي. بهتر ٿيندو ته اوهان ان کي پڙهو. ان ۾ ٻڌايو ويو آهي ته جيتري به بي انصافي ڪنهن هندستانيءَ سان ٿي سگهي ٿي (توڙي اهو مسلمان هجي يا اينگلو انڊين، يعني هر اهو ماڻهو جنهن هندستان ۾ مستقل طور رهڻ جو فيصلو ڪيو هجي) ان جي معاملن ۾ بي انصافيءَ جي خاتمي جي ڪوشش ڪئي وئي آهي.
مسلمانن کي پنهنجي اڪثريت وارن صوبن ۾ مطمئن ڪرڻ نيشنل ڪانگريس جو فرض هيو ۽ آهي. انٽرنيشنلزم ۽ فلسفي جي خاص اصول ۽ ٻولين جي ٻڌيءَ وارن وڏن وڏن نالن سان ان کي پريشان ڪيو ٿو وڃي، اسان جي پارٽيءَ جي پروگرام ۾ ان جو پورو دفاع ڪيل آهي.
اهڙيءَ ريت هر هڪ سنجيدي ۽ سمجهو مسلمان کي مطمئن ڪري اسان نيشنل ڪانگريس ۾ آڻينداسين.
حقيقت هيءَ آهي ته هي ڪم گهڻو اڳ ٿيڻ گهربو هو.

[b]هاڻي ڇا ٿيندو؟
[/b] هاڻي مان اوهان کي هي ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته ڪانگريس ۾ رهي مان ڪهڙو ڪم ڪرڻ گهران ٿو ۽ نوجوانن کان ڪهڙي مدد جو گهرجائو آهيان. ان کي به مان ٽن مرڪزن بابت جدا جدا ذڪر ڪريان ٿو.
منهنجي پارٽيءَ جو پهريون مرڪز ڪراچي آهي. هتان کان مان چاهيان ٿو ته هر سنڌيءَ کي لکڻ پڙهڻ سيکاريان، کيس نيشنل تعليم ڏيئي، پنهنجي وؤٽ جي صحيح استعمال ڪرڻ جو طريقو ٻڌايان. هي منهنجو پهريون قدم آهي.
منهنجو پروگرام مستقل آهي جنهن کي مان ستن سالن ۾ پورو ڪري سگهان ٿو. موجوده ريفارم اسڪيم کي مان تمام وڏي نعمت سمجهان ٿو، جيڪڏهن اسان ملڪ جي عام آباديءَ کي ان وسيلي فائدو ماڻڻ جي سمجهه ڏيئي سگهون.
منهنجي گذارش آهي ته هر سنڌي مون تي اعتماد ڪري، مان کين دوکو نه ڏيندس. هو مون کي هن ستن سالن واري پروگرام جو تجربو ڪرڻ ۾ مدد ڏين. حڪومت ڪهڙي به پارٽيءَ جي هجي. مان ساڻس ڪوآپريٽ ڪندس. مان اليڪشن واري ويڙهه ڪونه وڙهندس.
ان قسم جو ڪم ذميداريءَ سان پورو ڪرڻ ۾ هڪ ڀيرو امتحان ڏيئي چڪو آهيان. مون ڪابل ۾ ست سال مستقل پروگرام تي عمل ڪيو آهي. امير بدلجي ويا، نوان وزير آيا، انقلاب آيا، پر منهنجي پروگرام بدلجڻ جو ڪنهن کي خيال به ڪونه آيو. ڪابل ۾ شاهي حڪومت اندر هندوستاني قومي ڪم ستن سالن تائين جاري رکڻ معمولي ناهي. مان جيتوڻيڪ ضعيف آهيان، پوڙهو آهيان، پر مان پنهنجو ڪم تمام جلد نوجوانن کي سيکاري ڇڏيندس.
مانوارؤ! انهيءَ ڪم کي شروع ڪرڻ جون تدبيرون ڪري رهيو هوس ته سکر (مسجد منزل گاهه جي خوني فساد) وارو واقعو پيش آيو. جيڪڏهن مان ان جي سڌاري ۾ حصو نه وٺان ها ته مان پنهنجو پروگرام جاري نٿو ڪري سگهان، ان ڪري مون دارالرشاد جي مرڪز مان 10 جنوري (1940ع) ضلعي حيدرآباد جي ڳوٺن ۾ والنٽيئر موڪلڻ شروع ڪيا جيڪي ڳوٺاڻن کي گڏ ڪري کين آمادهه ڪن ته هو ان ڳوٺ جي رهندڙ هندن کي پنهنجو ڀاءُ سمجهي، سندن حفاظت اهڙيءَ طرح ڪندا جيئن اسان پنهنجن ۽ عزيزن جي ڪندا آهيون. مان انتظام ڪندس ته ان اقرار جا ٽي ڪاغذ لکيا وڃن. ان تي ان ڳوٺ جي چڱن مڙسن جون صحيحون هجن. هڪ ڪاغذ منهنجي پارٽيءَ جي دفتر ۾ رهندو، ٻيون نقل ڊسٽرڪٽ مئجسٽريٽ وٽ موڪلينداسين. ٽيون ڪاغذ ڪانگريس جي دفتر ڏانهن ويندو. مون 10 جنوريءَ تي ”هندو“ (اخبار) ۾ پروفيسر نارائڻ جون تجويزون پڙهيون آهن. غالباً هي اهوئي پروفيسر آهي جنهن سان اسان دهليءَ ۾ مليا هئاسين، پڪ اٿئون ته اسان کي ضرور ڪاميابي ٿيندي.

[b]هجرت
[/b] جيڪڏهن منهنجو آواز مهاتما جيءَ تائين پهچي ٿو ته مان کيس التجا ڪندس ته هو ڪنهن به سنڌيءَ کي لڏپلاڻ جي صلاح نه ڏي. مان هجرت جو تجربو پنهنجو پاڻ تي ڪري چڪو آهيان. مان هندستاني مهاجرن کي ڪابل ۾ ۽ بلگيريا (بلغاريه) ۽ سرديا جي ترڪ مهاجرن جي استنبول ۾ پريشاني ڏسي چڪو آهيان. مهاتما جيءَ منهنجي خيال ۾ ان لفظ لڏپلاڻ (هجرت) جو پسمنظر خواب ۾ به ڪونه ڏٺو هوندو. مان سنڌي آهيان ۽ سنڌين کي سڃاڻان ٿو. هو جيڪڏهن غلطي ڪن ته هڪ سنڌي کين سنئين واٽ تي آڻڻ جي ڪوشش ۾ سولائيءَ سان ڪامياب ٿي سگهي ٿو. هو عام طور نيڪ طبع انسان آهن. منجهن هندو ۽ مسلمان جو ڪوبه فرق ڪونهي. تنهن ڪري غيرسنڌي ماڻهو مون کي پنهنجو ڪم ڪرڻ ڏين، هڪ ملڪ جي اندرين مسئلن ۾ ٻاهرين مداخلت مفيد ثابت نه ٿي ٿئي.
منهنجو پروگرام ڏاڍو چٽو آهي. مان ڪوشش ڪندس ته جيڪڏهن ڪنهن مسلمان، ڪنهن هندوءَ جو مال ڦريو آهي ته ان کي واپس ڪرايو وڃي. جيڪڏهن مسلمان ڪنهن هندؤ کي قتل ڪيو آهي ته عدالت ۾ وڃي پنهنجو ڏوهه باسي.
هيءُ ياد رهي ته هن وقت مان شهري فسادن جي ذميواري نه ٿو کڻي سگهان، ان لاءِ گورنمينٽ جي ذميدار آفيسرن کي ڪم ڪرڻ گهرجي، ٻهراڙيءَ جي سڌارن ۾ مان گورنمينٽ جو هڪ مددگار بڻجي ڪم ڪندس.

[b]مسٽر محمد علي جناح سنڌي آهي.
[/b] مون ٻڌو آهي ته مسلم ليگ جو ڊڪٽيٽر مسٽر محمد علي جناح صاحب بالقابه سنڌي آهي. مان سندس خدمت ۾ آل انڊيا ليڊر جي حيثيت سان نه پر هڪ سنڌي لبرل جنٽلمين جي حيثيت سان عرض ٿو ڪريان، ته جيڪڏهن مون کي ساڻس ملڻ جو موقعو مليو ته مان کيس ٻه ڳالهيون ذهن نشين ڪرائڻ جي ڪوشش ڪندس.
(1) کيس ڪرسي ڇڏي ڌرتيءَ تي ڇو ويهڻ گهرجي؟
(2) فيڊريشن مان اسان جي مراد ڇا آهي؟ مان ڇو فيڊريشن کان سواءِ هندستان جي ترقيءَ جو ٻيو ڪوبه امڪان ڪو نه ٿو سمجهان؟ افسوس آهي جو اسان جي نظر ۾ فيڊريشن کي نه ڪو ڪانگريس ٿي سمجهي ۽ نه ليگ. ڪانگريس کي قائل ڪرڻ لاءِ اسان کي تڪڙ آهي، پر ليگ کي پنهنجو نقطه نظر سمجهائڻ اسان ضروري سمجهون ٿا.

[b]لاهور[/b]
منهنجي پارٽيءَ جو ٻيو مرڪز لاهور آهي. مهاتما جي واضح ڪري چڪو آهي ته سندس ذاتي فيصلو اهوئي آهي ته هن ويڙهه ۾ برطانيه کي بنا شرطن جي امداد ڏني وڃي. مان سندن هن فيصلي جو احترام ٿو ڪريان. هوم رول کي ترت ماڻڻ جو اهوئي طريقو آهي. جنهن تي عدم تشدد واري پابنديءَ سان عمل ڪري سگهون ٿا، ان ڪري مان سر سڪندر جي فيصلي جي تائيد ڪريان ٿو. ان کانپوءِ کين يقين ٿو ڏياريان ته جيڪڏهن اوهان (برطانيه جي) بنا شرطن جي امداد جو نتيجو هوم رول سمجهو ٿا ۽ انهيءَ اميد تي اوهان هيءَ جرائت ڪئي آهي ته اوهان هوم رول هرگز حاصل نه ڪري سگهندؤ، جيستائين نيشنل ڪانگريس اوهان جي تائيد نه ڪري.
مان پنهنجي احراري دوستن کي التجا ڪندس ته هو جنگ وارن ڏينهن ۾ ايجي ٽيشن ضرور بند ڪن. جنگ ختم ٿيڻ تي جيڪڏهن هوم رول نه مليو ته اڄوڪي هڪ قربانيءَ عيوض پنهنجا ڏهه ماڻهو قربان ڪرڻ جي تياري ڪن. ڪاش! هو منهنجي گذارش تي غور ڪرڻ منظور ڪن.

[b]دهلي[/b]
منهنجي پارٽيءَ جو وڏو مرڪز دهلي آهي. هتي مان پنڊت جواهر لعل نهروءَ جي خدمت ۾ عرض ڪندس ته انقلابي ضرورت خاطر پوئتي هٽڻ انقلاب جي خلاف ڪونهي. ڪامريڊ لينن جڏهن جرمنيءَ وارن جو فتح ٿيل علائقو کين واپس ڪري ٺاهه نه ڪري ها ته هو ڪڏهن به ڪامياب نه ٿئي ها. اوهان جيڪڏهن مسٽر جناح سان ٺاهه ڪرڻ گهرو ٿا ته مان اوهان کي اهڙو در ڏسيندس جنهن سان مسٽر جناح ڪانگريس ۾ اچي ويندو. مان هن (ڳالهه تي) يقين نٿو رکان ته هڪ انقلابي ڪانگريسي هڪ غير ڪانگريسيءَ سان ٺاهه نٿو ڪري سگهي. جيڪڏهن منهنجي ٻڌايل رستي کان اوهان مسٽر جناح سان ملي سگهيئو ته ان کان پوءِ ٻيئي گڏجي مهاتما جيءَ کي پاڻ سان کڻو ۽ وائسراءِ جي واسطي سان برٽش نيشن سان هڪ ڊگهي عرصي جو پروگرام طئي ڪرايو. ملڪ جي شڪست کاڌل فوج، انقلاب جي معنيٰ سمجهڻ وارو سَت ئي وڃائي ويٺي آهي. بيشڪ ڪجهه نوجوان پنهنجي محدود ٽولين کان انقلابي نعرا لڳرائي سگهن ٿا. جيڪڏهن اسان پنڊت جن سان ملي سگهياسين ته اسان کين 1930ع ۽ 1940ع وارو فرق سمجهائڻ جي ڪوشش ڪنداسين. اسان جي خيال ۾ برطانيه کان وضاحت ڪرائڻ يا فيصلائتي اسيمبليءَ جي گُهر تي ملڪ کي سول نافرمانيءَ جي دعوت ڏيڻ ”جبل کوٽي گاهه ڪڍڻ“ جي برابر ٿيندو.
البته مهاتما جن پنهنجي فيصلي سان، پنهنجي ذميداريءَ تي ڪانگريس کي سول نافرمانيءَ جو حڪم ڏين ٿا ته مان مٿن ڪابه پابندي نه وجهندس، ان صورت ۾ مان پنهنجو پاڻ کي ۽ درجن کن پنهنجن دوستن کي (ان فيصلي کان) الڳ ڪرائيندس. مان محترم سوڀاش بابوءَ کي عرض ڪندس ته هو بنگال ۾ سول نافرماني جاري نه ڪن. بنگال جي پهرين سوڀ سندس اعزاز لاءِ کوڙ آهي. هن وقت مهاتما جيءَ جي پيروي ڪريو.
مانوارؤ! مان اوهان جو شڪريو ادا ٿو ڪريان جو ايترو وقت منهنجون ڳالهيون ٻڌڻ لاءِ ڌيان ڏنو. منهنجي خيالن کي ڪو صحيح سمجهي يا غلط، اسان پڇاڙيءَ تائين ملڪ جي ترقيءَ ۽ آزاديءَ لاءِ پنهنجي استاد مولانا محمود حسن شيخ الهند جي طريقي تي ڪم ڪندي مرنداسين. الله اسان کي توفيق بخشي. بس اهڙيءَ طرح جيئڻ عبادت آهي ۽ انهيءَ ڌُن ۾ مرڻ شهادت آهي.
(هاڻي) مان اوهان کان موڪلايان ٿو، اوهان پنهنجي ڪانفرنس جو ڪم سنجيدگيءَ سان شروع ڪريو ۽ ڪاميابيءَ سان فيصلا ٺاهيو.
وآخر دعوانا ان الحمدلله رب العالمين
**