ٿيالوجيڪل ڪاليج جو نصاب, متا ۽ مقصد
(الف) نصاب ۽ دستورالعمل
(ب) ان جو مقصد ۽ نتيجو
[b]ڪاليج جو نصاب ۽ دستورالعمل (ڪاليج جو درجو)
[/b](1) محمد قاسم ولي الله ٿيالوجيڪل ڪاليج کي اسان يورپ جي پهرئين درجي جي ڪاليجن جي برابر بنائڻ چاهيون ٿا. ان قسم جون ڪاليجون اسان ڏسي چڪا آهيون، جيڪي عثماني بادشاهن باسفورس جي ڪناري تي ٺاهيون آهن. ظاهر آهي ته ان تحريڪ کي پنهنجي تڪميل لاءِ ڊگهو عرصو کپندو. اسان جو ڪم فقط اهو آهي ته اسين ان کي هينئر شروع ڪري ڏيون ٿا، انتظار نٿا ڪريون.
داخلا جا شرط
(2) محمد قاسم ولي الله ٿيالوجيڪل ڪاليج لاءِ داخلا جو خاص امتحان ٿيندو.
(الف) اهڙي مئٽرڪ پاس شاگرد کي ترجيح ڏني ويندي جنهن جي ٻي زبان عربي هجي.
(ب) نوجوان مسلمانن جو اهو فرقو جيڪو پنهنجي وطن سان وابسته رهي صحيح معنيٰ ۾ اسلام سکڻ گهري ٿو، اسان جو ڪاليج ان قسم جي نوجوانن کي آئيڊيا ۽ پروگرام ٺاهڻ ۾ بهترين رهنما ثابت ٿيندو.
(ج) اهڙا نوجوان جيڪي اسلامي اتحاد يا انٽرنيشنلزم کي وطني تحريڪ کان اڳ شروع ڪرڻ گهرن ٿا اهي اسان جي بيت الحڪمت ۾ ته شامل ٿي سگهن ٿا پر هن ڪاليج ۾ قبول نه ڪيا ويندا.
(د) ضرورتمند شاگردن کي دارالعلوم ديوبند وانگر امداد ڏني ويندي. ڪورس ڇهن سالن جو آهي، پر جيڪي محنتي شاگرد ٿوري وقت ۾ پنهنجو ڪم پورو ڪري وٺندا، انهن جو خاص امتحان وٺي سند ڏني ويندي. سڀني شاگردن جو هاسٽل ۾ رهڻ ضروري آهي.
(3) سياسيات جي مڪمل تعليم ڏئي سگهجي ٿي، پر ڪابه سياسي پارٽي نه ٺاهي ويندي. خاص موڪل کان سواءِ ڪنهن سياسي مظاهري ۾ شرڪت منع آهي.
(4) مسلمانن جي اجتماعي تاريخ جو هندستاني حصو جيڪو ست سؤ سالن تائين جاري رهيو آهي، جن ۾ ديني امام، صوفي سڳورا، بادشاهه ۽ شاعر عوام سان گڏجي ڪم ڪندا رهيا آهن. اهو اسان جي ڪاليج ڪورس جو آئيڊيل حصو هوندو. اسين ڄاڻون ٿا ته جيڪڏهن اسان جي نوجوان جي ذهنيت قومي تاريخ کان ڪٽجي وئي ته هو پنهنجي هستي سنڀاري نه سگهندو.
(خاص طور تي ياد رکڻ جي ضرورت آهي ته عربن جي تاريخ جو بهترين حصو پڻ ست سؤ ورهين کان وڌيڪ ناهي.)
(الف) اسان هندستاني مسلمانن جي تاريخ 1001 عيسويءَ کان شروع ڪريون ٿا، ان سال سلطان محمود غزنويءَ ”هنڊ“ جو قلعو يعني هندستان جو پهريون قلعو فتح ڪيو ۽ هڪ نومسلم راجا کي ان جو حڪمران بڻايو. اسلامي انٽرنيشنل ازم جي اثر سان اسان جي وطن جي هيءَ شاندار ترقي ۽ ان جو اجتماعي دؤر ست سؤ سالن تائين جاري رهيو.
(ب) ان جي آخري ڪڙي اهو اوالوالعزم بادشاه آهي:
(1) جيڪو پنجاهه ورهين تائين سڄي هندستان کي هڪ قانون جي تابع بنائڻ ۾ ڪاميابيءَ سان مصروف رهيو.
(2) جيڪو سڄي انساني دنيا کي پنهنجو پيغام نجات (امام رباني مجدد الف ثاني جو فلسفو) پهچائڻ گهري پيو.
اُهو خاتم السلاطين سلطان محي الدين اورنگزيب عالمگير آهي. هو 1707ع ۾ فوت ٿيو.
(ج) جيڪي تاريخدان هندستان جي پهرئين دؤر جي مهاراجا اشوڪا کي ۽ ٻئين دؤر ۾ سلطان عالمگير کي ”فخرِ هند“ شمار نٿا ڪن اسان کين هندستاني نٿا مڃيون.
(د) ان نئين هندي تاريخ جي جنتري ٺاهڻ لاءِ اسان مهينا ۽ تاريخون انگريزي تقويم مان وٺون ٿا. انگريزي سنن مان پهريون هزار حذف ڪرڻ سان اسان جي هندي تقويم بڻجي ويندي.
[b]دارالعلوم ديوبند جو نصاب تعليم ڪاليج ۾ ڇو ٿو رکيو وڃي؟
[/b](5) اسين ڄاڻون ٿا ته دارالعلوم ديوبند جو نصاب شاهجهاني دؤر جي صالح باقيات آهي، تنهن ڪري اسان ان جي حفاظت تي زور ڏيون ٿا.
(الف) پر اسان پنهنجي دؤر جي ترقي يافته تحريڪن جي مطالعي لاءِ حاشيو ڇڏيون ٿا. اردو، عربي ۽ انگريزيءَ جا بهترين ڪتاب مطالعي لاٰءِ گڏ ڪيا ويندا.
(ب) ان لاءِ ٿي سگهي ٿو ته اسان کي وقت ۾ ڪجهه اضافو ڪرڻو پوندو. اسان جي خيال ۾ ان اهم معاملي ۾ وقت جو سوال ٻئين درجي تي اچي ٿو.
[b]حنفي فقهه ڪاليج ڪورس ۾ ڇو لازمي بڻايو ويو؟
[/b](6) هندستان ۾ اسلامي تاريخ جي شروعات کان وٺي حنفي مذهب ئي ”قانوني تنظيم ۽ انصاف“ ۾ بادشاهن جو رهنما بڻيل رهيو. ايستائين جو سلطان عالمگير ان کي قومي قانون بڻائي ڇڏيو، جيڪو ان کان پوءِ به پنجاهه سال هلندو رهيو. نادر شاهه جي حملي سان اهو نظام معطل ٿيو.
(الف) تنهن ڪري اسان هندي قانون کي حنفي فقهه ۾ متعين ڪرڻ ضروري سمجهون ٿا. امام ولي الله علم حديث جي تجديد سان اسان جو رستو آسان ڪري ڇڏيو. اسان حنفي فقهه ۽ صحيح حديث کي گڏ ڪري سگهون ٿا. دارالعلوم ديوبند ان تطبيق جو بي مثال مرڪز آهي.
(ب) فقهه حنفي کي جيئن صحيح حديث سان تطبيق ڏئي سگهجي ٿو، ان جي اندر عقلي نظامِ قانون پڻ سمورو موجود آهي.
امام ولي الله جي حڪمت هندستان جي اسلامي تاريخ جي روح جو خلاصو آهي.
(7) اسان ڄاڻون ٿا ته امام ولي الله دهلويءَ جي حڪمت جو باني سندن والد شيخ عبدالرحيم بن وجيهه الدين العمري ۽ سندن چاچو شيخ ابوالرضا محمد بن وجيهه الدين آهن.
(الف) امام ولي الله ”انفاس العارفين“ ۾ سندن علمي افادات سهيڙيا آهن ۽ پنهنجي حڪمت جي استنباط جو نمونو پڻ لکي ڇڏيو آهي.
(ب) شاهه عبدالرحيم ۽ شيخ ابو رضا عالمگيري دؤر جي اڪابرن ۾ ڳڻجن ٿا، تنهن ڪري اسان امام ولي الله جي حڪمت کي عالمگيري دؤر جو نتيجو مڃيون ٿا. جيتوڻيڪ ان جي تدوين محمد شاهي دؤر يعني دهليءَ جي زوال کان پوءِ شروع ٿي.
(ج) اسان ان ڪاليج جي ذريعي امام ولي الله جي حڪمت کي هندستاني مسلمان جي قومي عقليت جو سرچشمو بنائڻ گهرون ٿا. والله المستعان.
[b]ڪاليج جا ٽي درجا
[/b](8) محمد قاسم ولي الله ٿيالوجيڪل ڪاليج جا ٽي درجا آهن: (1) شروعاتي (2) وچون (3) مٿيون. هر درجي جي تعليم مڪمل ڪرڻ تي سند ملي سگهي ٿي.
(پهريون درجو)
(9) پهرين ٻن سالن ۾ شاگرد دارالعلوم ديوبند جا سڀ ڪتاب اردوءَ ۾ پڙهندا.
(الف) منطق، فلسفو، فقهه ۽ اصول فقهه، معاني ۽ بيان، حديث ۽ تفسير هر قسم جا ڪتاب اردوءَ ۾ پڙهي باقاعدي امتحان ڏيڻو پوندو.
(ب) ان سان گڏ هڪ ڪلاڪ عربي سکڻ لاءِ ۽ هڪ ڪلاڪ انگريزي ٻوليءَ جو لازمي هوندو.
(ج) مولانا محمد قاسم جو ”تقرير دلپذير“ وغيره پڙهايا ويندا. سندن همعصر عالمن جا بهترين ڪتاب پڻ مطالعي هيٺ رهندا.
(ٻيون درجو)
(10) ٻئين درجي ۾ اهي سمورا ڪتاب عربيءَ ۾ پڙهايا ويندا. ان سان شاگرد ان قابل ٿي ويندا ته انهن ڪتابن جي شرحن ۽ حاشين مان استفادو ڪري سگهن. فنن جي محققن ۽ امامن جي کين سڃاڻپ حاصل ٿيندي.
(الف) ان سان گڏ هڪ ڪلاڪ جديد عربي سکڻ لاءِ ۽ هڪ ڪلاڪ انگريزيءَ جو روزانو لازمي هوندو.
(ب) جيڪڏهن شاگرد پسند ڪري ته ان درجي جي آخر ۾ مولوي فاضل جو امتحان ڏيئي، بي اي جي ڊگري وٺي سگهندو.
(ج) ان زماني جا عرب مفڪر جيڪو ڪجهه لکن ٿا سندن بهترين ڪتاب ۽ انگريزيءَ ۾ اسلامي تحريڪ بابت جيڪي سٺا ڪتاب ملي سگهن ٿا مطالعي لاءِ گڏ ڪيا ويندا.
(ٽيون درجو)
(11) ان ۾ بيت الحڪمت جو نصاب شروع ٿيندو.
(الف) حجة الله البالغه، ازالة الخفاء، فتح الرحمان، فوزالڪبير، المصفيٰ، المسويٰ، تڪميل الاذهان، فقهه ۽ حديث جا مختلف رسالا.
(ب) سطعات، عبقات، لمحات، همعات، تاويل الاحاديث، خيرالڪثير، بدوربازغه.
(ج) امام عبدالعزيز جا سمورا ڪتاب، مولانا رفيع الدين، مولانا محمد اسماعيل شهيد، مولانا محمد قاسم جا سمورا ڪتاب
(د) انگريزي ٻوليءَ جي واسطي سان يورپ ۽ هندستان جي مختلف فلاسافرن جي تعليمات جو مطالعو ۽ مقابلو.
هي حصو پڻ ٻن سالن ۾ پورو ٿيندو.
[b]مقصد ۽ نتيجو
[/b](12) هن ڪاليج مان فارغ ٿيندڙ شاگرد محمد قاسم ولي الله سوسائٽيءَ سان سڄي ڄمار لاڳاپيل رهندا سواءِ ان جي جو پاڻ موڪل وٺڻ چاهين.
سوسائٽي شاگردن کي ٻن حصن ۾ ورهائيندي:
پهريون حصو
(13) اُهي استاد جيڪي قرآن عظيم ۽ ان سان گڏ دنيا جي دينن (مذهبن) جي تعليمات کي انساني فطرت جي عقلي بنياد سان تطبيق ڏيئي پڙهائڻ لاءِ دنيا جي تعليم گاهن ۾ پکڙجي ويندا.
(الف اسين اميد ڪريون ٿا ته محمد قاسم ولي الله ٿيالوجيڪل ڪاليج جي فلاسافرن لاءِ هندو، عيسائي، نيچرل ڪاليجن ۾ پڻ فلسفي جي چيئر اعزازي طورتي محفوظ رهندي.
(ب) اسان الله رب العزت کان دعا ڪريون ٿا ته اسان جا استاد دنيا جي ديندار ڏاهن کي شاهجهان آباد ۾ مجتمع الاديان (سڀني مذهبن کي گڏ ڪرڻ) جي دعوت ڏيڻ ۾ ڪامياب ٿيندا. يورپ سائنس ۽ صنعت جي ترقيءَ ۾ جيڪڏهن لاديني اجتماع قائم ڪري ٿو ته شاهجهان آباد انساني نظر و فڪر کي ديني اجتماع ۾ منظم ڪري ٿو. ان نقصان جو ان طريقي سان ازالو ٿي ويندو. محمد قاسم ولي الله سوسائٽي سائنس جي ترقيءَ ۾ يورپ کي پنهنجو مرڪز قبول ڪري ٿي.
ٻيون حصو
(14) سوسائٽي ڪاليج جي انهن استادن کي جيڪي سياسيات ۾ دلچسپي رکن ٿا هن ٻئين حصي ۾ گڏ ڪندي:
(الف) ڪاليج مان فارغ ٿيندڙ سياسي ماهر محمد قاسم ولي الله جي نالي سان هڪ نئين سياسي جماعت ٺاهيندا. اها هندستان جي مرڪزي طاقت ان پارٽيءَ کي ڏياريندي جيڪا امام ولي الله جي اصولن تي انسانيت جي خدمت کي پنهنجو نصب العين ٺاهيندي.
(ب) هيءَ پارٽي انڊين نيشنل ڪانگريس جي اندر مڪمل سياسي پارٽيءَ جي طور تي ڪم ڪندي.
(ج) عالمن جو طبقو انهن سياسي ماڻهن جي رهنمائيءَ ۾ خدمت خلق جون پارٽيون ٺاهيندو. ملڪ جي هيٺين طبقي کي مذهبي ۽ سياسي تعليم ڏيندو. سندن اقتصادي حالتن کي درست ڪرڻ لاءِ ڪوآپريٽو سسٽم جاري ڪندو.
(د) هيٺين طبقي کي وؤٽ جي اهميت سمجهائيندو ۽ ڪنهن به پارٽيءَ کي سندن وؤٽ مان ناجائز فائدو وٺڻ نه ڏيندو.
(هه) ان حصي ۾ سياسي رهنمائي انهن سياسي ڪارڪنن لاءِ مخصوص هوندي، جيڪي يورپي ملڪن ۾ رهي چڪا آهن.
والله المستعان۔ وصلی اللھ علیٰ سیدالمرسلین وعلیٰ اٰلہٖ واصحابہٖ اجمعین۔
وآخر دعوانا ان الحمدللھ رب العالمین
عبيدالله سنڌي
22 مارچ 944 هندي قاسم العلوم لاهور