صدارتي تقرير جميعته طلبه سنڌ
اما بعد
آءٌ سورهن سالن جو هوس ۽ اردوءَ ۾ ميٽرڪ تائين تعليم پڙهي چڪو هوس جو آءٌ مسلمان ٿيس. مون کي توحيد جو ڪلمو حضرت حافظ محمد صديق قدس سره ڀرچونڊي وارن پڙهايو. اهي منهنجي لاءِ ماءُ پيءُ جي جاءِ تي هئا، ۽ مون لاءِ ماءُ پيءُ وانگر مربي بنيا. انهن جي دعا جي اثر سبب، مون پاڻ ۾ وڏيون برڪتون محسوس ڪيون آهن. مون ڪيتريون ئي غلطيون ڪيون هونديون پر حافظ صاحب جي دعا جي برڪت سان مون کي خدا تعاليٰ انهن جي شر کان بچايو. آءٌ پاڻ کي حضرت صاحب جي جماعت جو هڪ فقير سمجهان ٿو. ان جي دعا سان آءٌ علم جي ڳولا ڪندي ڪندي حضرت مولانا شيخ الهند ؓ جي خدمت ۾ پهتس. انهن جي جماعت جو هڪ طالب علم بنجي سگهيس. منهنجي حيثيت حضرت مولانا شيخ الهند جي جماعت جي هڪ طالب علم کان زياده نه آهي. منهنجو علمي تعلق بنيادي طور تي حضرت مولانا شيخ الهند سان آهي. منهنجو استاد، مولانا محمد قاسم قدس سره جي شاگردن مان هڪ خاص مرتبي جو مالڪ هو. آءٌ پنهنجي استاد جي انهيءَ مرتبي کي سڃاڻان ٿو ۽ منهنجي اها ڪوشش آهي ته حضرت جي انهيءَ مرتبي کي زنده رکان. کين مولانا محمد قاسم (نانوتوي) جي واسطي سان جيڪو علم ورثي طور امام ولي الله قدس سره کان مليو هو، خدا جي فضل سان انهيءَ جي مون کي به گهڻي ڪجهه پروڙ حاصل آهي. منهنجي زندگيءَ جو مقصد هي آهي ته هي علم هندستان جي مسلمانن ۾ عام طور ۽ دهلي ۾ جتي جتي اردو ڳالهائي وڃي ٿي ۽ سنڌ ۾ خاص طور محفوظ ٿي وڃي.
منهنجي طبيعت کي سڀ کان زياده پسند، قرآن شريف جي معنائن ۽ مطلبن سمجهڻ وارو علمي موضوع رهيو آهي. ۽ جيئن ته قرآن شريف جي تعليمن ۾ سڀ کان اهم مسئلو توحيد جو اثبات ۽ شرڪ جو انڪار آهي، ان ڪري مون کي ان مسئلي سان خاص دلچسپي هئي. مون اسلام جي اعلان ڪرڻ کان اڳ ۾ انهيءَ سلسلي ۾ پنهنجي گهر ۾ جيڪو مطالعو ڪيو هو، ان ۾ مون تي هيءَ ڳالهه ظاهر ٿي ته فقط اسلام ئي توحيد جي تعليم صحيح صحيح ڏئي ٿو ۽ انهيءَ بنياد تي ئي مون ٻين مذهبن کان اسلام کي ترجيح ڏيئي پسند ڪيو. بيشڪ هندو مذهب عيسائيت ۽ يهوديت وانگر پراڻي زماني ۾ سچائي جو مالڪ هو، پر مون ڏٺو ته ان ۾ هاڻ شرڪ ملي ويو آهي. اوهان کي جيڪڏهن هندو مذهب جي حقيقت معلوم ڪرڻي هجي ته حضرت مرزا مظهر جان جانان جي مڪتوبات پڙهو، جيڪا ”ڪلمات طيبات“ نالي ڪتاب ۾ اوهان کي ملي سگهندي.
قرآن شريف جي تعليمن جي منڍ ۽ پاڙ يعني توحيد جو مسئلو صحيح طرح سمجهڻ ۾ مولانا شاهه اسماعيل شهيد جي ڪتاب ”تقويت الايمان“ منهنجي رهنمائي ڪئي. ان ڪري حضرت مولانا شهيد ؓ کي آءٌ شروع کان پنهنجو هادي ۽ مرشد مڃيندو آيو آهيان. پوءِ جڏهن مون توحيد جي مسئلي ۾ پنهنجو مطالعو وڌايو ته مون کي خبر پئي ته هن توحيد جي مسئلي سبب مسلمانن ۾ وهابي ۽ غيروهابي جو جهڳڙو وڏن زورن تي پيو هلي. مون کي مسلمانن جو اهو اختلاف پسند نه آيو. پوءِ مون انهيءَ جو حل هي ڳولي لڌو ته آءٌ قادري طريقي جو هڪ فقير آهيان، حضرت شيخ عبدالقادر جيلاني قدس سره جي ڪتاب ”فتوح الغيب“ کي مڃان ٿو. انهيءَ ۾ توحيد جو تفصيلي بيان آهي ۽ حضرت شيخ عبدالقادر جي ان ڪتاب جو وهابيت سان پري جو به واسطو ڪونه آهي. هاڻي جيڪڏهن آءٌ توحيد جي سمجهائڻ لاءِ ”فتوح الغيب“ کي پنهنجي لاءِ مرڪزي ۽ بنيادي ڪتاب بنايان ته ان جو مطلب هي نڪرندو ته سنڌ مان توحيد جي مسئلي جي سلسلي ۾ وهابيت جو سوال ئي گم ٿي ويندو. آءٌ ايئن نٿو چوان ته منهنجي طرز فڪر سان سڄي سنڌ مان اهو اڻ وڻندڙ بحث ختم ٿي ويو پر ايترو ته ضرور ٿي ويو جو منهنجي ساٿين ۽ مون سان گڏ ڪم ڪرڻ وارن ۾ وهابي ۽ غير وهابي جو جهيڙو زور وٺي نه سگهيو. منهنجو پنهنجو هي حال آهي ته آءٌ حضرت شيخ عبدالقادر جيلاني جي ڪتاب ”فتوح الغيب“ کي وڏي محبت سان پڙهان ٿو ۽ مولانا محمد اسماعيل شهيد جي ڪتاب ”تقويت الايمان“ کي انهيءَ جو ترجمو سمجهان ٿو.
اسلام جي بنيادي مسئلي توحيد جي باري ۾ ته منهنجو اهو مسلڪ آهي جيڪو هينئر بيان ٿيو، پنهنجي استاد شيخ الهند کان اسان جيڪي خاص ڳالهيون سکيون آهن، انهن مان هڪ اهم شيءِ جهاد جو مسئلو آهي. اسان جي شاگرديءَ جي زماني ۾ انهيءَ مسئلي تي وڏا وڏا بحث ٿي رهيا هئا. عليڳڙهه پارٽي جهاد جي معنيٰ نئين طريقي تي ڪندي هئي ۽ انهيءَ سلسلي ۾ اهڙا شبها پيش ڪندي هئي، جن جو جواب ڏيڻ آسان نه هو. خدا جي فضل سان اسان کي حضرت شيخ الهند جي صبحت جي فيض سبب انهيءَ مسئلي ۾ پورو اطمينان حاصل ٿي ويو هو. ان ڪري عليڳڙهه جي شاگردن سان ان معاملي ۾ جيڪڏهن اسان جي گفتگو ٿيندي هئي ته اسان انهن کي جهاد جو اصلي مقصود صحيح طريقي سان سمجهائي سگهندا هئاسين.
قرآن مجيد جو ترجمو، فتوح الغيب جي توحيد ۽ جهاد پنهنجي اصلي معنائن ۾: هي هو اسان جو مقصد، جنهن تي اسان علمي سرگرمين جو مدار رکيو. امروٽ (ضلع سکر ۾) اسان اهائي شيءِ پڙهائيندا رهياسين. جهاد جي مسئلي جي چٽائي ۽ ان جي عملي تعبير لاءِ اسان کي امام ولي الله- امام عبدالعزيز ۽ شاهه اسماعيل شهيد ۽ ان جي ساٿين جي تاريخ ۽ انهن جو احوال پڙهائڻ جي ضرورت پئي. ڳالهه هيءَ هئي جو جهاد کي خالي عقلي طور تي سمجهائڻ اسان وٽ ڪافي نه هو. اسان گهرون پيا ته شاگردن جي سامهون ان جو عملي طريقو پيش ڪيون ۽ سڀئي ڄاڻن ٿا ته امام ولي الله کان وٺي مولانا اسماعيل جي شهادت تائين هن خاندان جو جهاد جي واقعن سان خصوصي ڳانڍاپو رهيو آهي. اسان ديوبند ۾ شاگردي جي دوران هن خاندان جون حالتون بزرگن کان ٻڌندا هئاسين. انهيءَ ڪري هاڻي اسان جيڪو تعليم جو سلسلو شروع ڪيو، ته اسان هيئن ڪيوسين جو اڳ ۾ ته قرآن مجيد منجهان جهاد جو مسئلو شاگردن کي سمجهايون پيا، پوءِ وري صحيح حديثن ذريعي انهيءَ تي روشني وجهون پيا. پوءِ صحابه ڪرام رضوان الله عليهم اجمعين جي انهيءَ باري ۾ زندگي پيش ڪيون پيا. ۽ ان کان پوءِ امام ولي الله جي طريقي مطابق جهاد جا احڪام بيان ڪيون پيا ۽ پڇاڙيءَ ۾ شاگردن تي هي واضح ڪيون پيا ته ڪهڙي طريقي سان اڄ جي زماني ۾ هاڻوڪين حالتن هيٺ جهاد جو حڪم قابل عمل ٿي سگهي ٿو.
توحيد ۽ جهاد، هي ٻه شيون هيون جن تي اسان شاگردن کي تعليم ڏيڻ وقت خصوصي توجهه ڏيندا هئاسين. توحيد ۽ جهاد جي انهيءَ نموني تعليم ڏيڻ هر مسجد ۽ مدرسي ۾ آسان نه هئي. امروٽ ضلع سکر ۾ حضرت مولانا تاج محمود ؓ اسان لاءِ پيءُ جي مثال هو. ان ڪري اسان اُتي آرام سان ۽ اطمينان سان منشا مطابق تعليم ڏيندا رهياسون. امروٽ ۾ ڪجهه عرصو پڙهائڻ کان پوءِ حضرت شيخ الهند پنهنجي مشن ۾ اسان جو درجو وڌايو، ۽ پاڻ اسان کي سنڌ ۾ ڪم ڪرڻ جو ٻيو به طريقو سيکاريو ۽ اسان انهن جي حڪم مطابق ڪم شروع ڪيو. ۽ ڪنهن کي به اهو ڪونه ٻڌايو ته هي ڪم حضرت شيخ الهند جو ٻڌايل ڪري رهيا آهيون. ظاهر ۾ اسان اهو ڪم پنهنجي نالي سان ڪري رهيا هئاسون. منهنجي مهربان بزرگ حضرت امروٽي صاحب کي انهيءَ نموني ڪم ڪرڻ پسند نه آيو. ان ڪري اسان مجبور ٿي امروٽ جي بجاءِ ڳوٺ پيرجهنڊي ضلع حيدرآباد سنڌ ۾ دارالرشاد نالي سان هڪ مدرسو ٺاهيو ۽ اسان کي انهيءَ مدرسي کي پنهنجي مرضيءَ مطابق هلائڻ ۾ پورو اختيار هو ۽ پير صاحب جهنڊي وارن سان اسان جو هي فيصلو ٿي چڪو هو ته هو اسان جي ڪم ۾ بلڪل دخل نه ڏيندا، ۽ انهن انهيءَ واعدي کي سچي دل سان نڀايو.
دارالرشاد ۾ جڏهن اسان پنهنجي ڪم کي سهڻي نموني ڪري ڏيکاريو ته حضرت شيخ الهند اسان جو درجو اڃا به وڌايو ۽ مون کي ديوبند گهرائي ورتائون ۽ مدرسي ديوبند جي پاليسيءَ بابت اسان جا مشورا ٻڌڻ لڳا. انهيءَ زماني ۾ حضرت شيخ الهند اسان کي جهاد جي حقيقت جي ٻي پيڙهه سمجهائي. عام طور تي جهاد لاءِ هي شرط آهي ته مسلمان بادشاهه هجي ۽ ڪافرن سان مقابلي جو ڪوئي امڪان نظر اچي ته پوءِ جهاد فرض ٿي پوي ٿو. پر ايئن به ٿي سگهي ٿو ته مسلمانن ۾ انهن جو ڪو بادشاهه نه رهي، ۽ نه انهن وٽ فوجي طاقت موجود هجي ته اهڙين حالتن ۾ ڇا جهاد جو حڪم کڄي ويندو؟
حضرت شيخ الهند اسان کي اهڙو مشڪل مسئلو سمجهايو ۽ ان لاءِ ارشاد فرمايائون ته اهڙين حالتن ۾ هر هڪ مسلمان مٿان فرض آهي ته پنهنجي جماعت ٺاهي ۽ جهاد ڪري. حضرت شيخ الهند اسان کي سنڌ ۾ انهيءَ نموني ڪم ڪرڻ جو حڪم فرمايو هو ۽ اسان ڪجهه انهيءَ طريقي ڪار کان واقف به ٿيا هئاسون ۽ جڏهن اسان سنڌ مان ديوبند پهتاسون ۽ جميعت الانصار جو ڪم ڪرڻ شروع ڪيوسون تڏهن به اسان جي سامهون حضرت شيخ الهند قدس سره جو اهو فرمان هو.
جهاد جي متعلق اهو نقطه نظر ۽ انهيءَ مطابق ڪم ڪرڻ اها اسان جي خصوصيت هئي، جا اسان حضرت شيخ الهند جي صحبت ۾ رهي حاصل ڪئي هئي سون. ان کان پوءِ حالتون اهڙيون ٿيون جو حضرت جن کي، اسان کي ڪابل موڪلڻ جي ضرورت پئي. اتي اسان شروع شروع ۾ جهاد جي پهرين پيڙهه کي پنهنجو مقصود بنائي ڪم ڪيو. يعني مسلمان بادشاهه جي موجودگي ۽ مسلمانن جي فوجي طاقت جي هوندي جهاد جي حڪم جي تعميل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. ان کان پوءِ اهڙيون حالتون ظاهر ٿيون، جو اسان کي ڪابل ڇڏڻو پيو. ان ڪري اسان اتاهون روس هليا وياسون، روس جي سياست جو اسان مطالعو ڪيو ته اسان کي هيءَ ڳالهه سمجهه ۾ اچي ويئي ته جهاد جي ٻي پيڙهه جا اسان کي حضرت شيخ الهند سيکاري هئي، يعني جڏهن مسلمانن جي حڪمران طاقت ۽ انهن جي فوجي طاقت موجود نه هجي ته ان وقت هر مسلمان تي فرض آهي ته پنهنجي جماعت ٺاهي ۽ جهاد ڪري، انهيءَ کي يورپ ۾ ”انقلاب“ جي نالي سان سڏن ٿا. انهيءَ زماني ۾ روس يورپ جي انقلاب جو مرڪز هو، اسان اتي ست مهينا رهياسين ۽ يورپ جي انقلاب جو چڱي طرح اڀياس ڪيوسون. انهيءَ مطالعي اسان جون اکيون کولي ڇڏيون ۽ اسان ڏٺو ته جهاد جي ٻي پيڙهه جنهن جو مڪمل بيان حجة الله البالغه ۽ ازالة الخفاء عن خلافة الخلفاء ۾ اسان بار بار پڙهي آيا هئاسين، ان کي اڄ جي اصطلاحي زبان ۾ ”انقلاب“ چون ٿا، ان ڪري آءٌ هاڻي انقلابي آهيان.
آءٌ پنهنجي هن انقلاب کي پنهنجي وطن ۾ ڪامياب ڪرڻ لاءِ نيشنل ڪانگريس جي اندر پنهنجي هڪ مستقل پارٽي جو بنياد وجهي چڪو آهيان. جڏهن اسان وطن کان ٻاهر هئاسين ته اسان جي حيثيت ٻي هئي پر جڏهن کان وطن واپس موٽيا آهيون ته، اسان پنهنجي ٻاهرين ساٿين کان ڪٽجي چڪا آهيون. هاڻي اسان جي سموري ڪوشش هيءَ آهي ته پنهنجي هن فڪر جو، حضرت شيخ الهند جي جماعت ۾ جيڪي ترقي پسند نوجوان آهن انهن سان تعارف ڪرايون. پر ڪانگريس جي اندر رهي ڪري ڪم ڪرڻ جي هن دعوت ڏيڻ مان ڪوبه هي ڌوڪو نه کائي ته اسان نيشنل ڪانگريس ۾ مولانا حسين احمد مدني ۽ مولانا ابوالڪلام آزاد وانگر گانڌي جي جا تابع آهيون. نيشنل ڪانگريس ۾ اسان جي ڪمن جي هڪ مستقل حيثيت آهي. گانڌي جي جو ان سان ڪوبه تعلق نه آهي. انهن ڪمن تي روشني وجهڻ جو وقت اڃا نه آيو آهي. اسان جو ۽ گانڌي جي جو هن سلسلي ۾ رڳو هڪ ڳالهه تي ميلاپ آهي، اهو آهي عدم تشدد (اهنسا) جو مسئلو، پر ان ۾ به اسان جي ۽ گانڌي جي جي وچ ۾ فرق آهي. هو ڪنهن به صورت ۾ تشدد ڪرڻ کي جائز نٿو سمجهي، پر اسان ضرورت جي وقت تشدد ڪرڻ جي اعلان ڪرڻ جي حق ۾ آهيون. شروع شروع ۾ عدم تشدد جي پنهنجي هن فڪر کي بيشڪ اسان گانڌي جي جو اثر سمجهندا هئاسين پر پوءِ اسان کي معلوم ٿيو ته رسول الله ﷺ مڪي معظمه جي قيام واري زماني ۾ عدم تشدد جا پابند هئا. اصل ۾ امام ولي الله جي تحقيقات هن مسئلي ۾ اسان جي رهنمائي ڪئي آهي. ان ڪري اسان جنهن وقت عدم تشدد جي دعوت ڏيون ٿا، ته اهو ظاهر ۽ باطن ۾ فقط امام ولي الله جي اتباع جي دعوت ڏيئي رهيا آهيون. جيئن يورپي قومن پنهنجا انقلاب منظم ڪيا آهن اهڙي نموني آءٌ امام ولي الله جي انقلابي دعوت کي منظم ڪندس. روس جي انقلاب جون ٻه مرڪزي شخصيتون هيون: ڪارل مارڪس ۽ ڪامريڊ لينن. مون پنهنجي انقلابي دعوت لاءِ ٻه امام چونڊيا آهن: امام ولي الله ۽ امام محمد قاسم، روسي انقلاب لاديني هو ۽ منهنجو انقلاب امام ولي الله جي تعليمات جو خلاصو ۽ نچوڙ آهي.
انقلاب هڪ ڏينهن ۾ مڪمل نه ٿيندا آهن، انقلابن جو ڪم ڏاڪي به ڏاڪي ٿيندو آهي. هن وقت اسان رڳو انقلابي فڪر جو تعارف ڪرائي رهيا آهيون. ديوبند ۾ عالمن جي هڪ وڏي جماعت آهي جيڪا جهاد جي مسئلي ۾ حضرت شيخ الهند سان متفق نه آهي. اسان انهن جي علم ۽ تقويٰ جي ته عزت ڪيون ٿا، پر انهن جي ڪمن جي پوئواري نه ڪنداسين. ديوبند ۾ حضرت شيخ الهند جي مڃڻ وارا ۽ هم فڪر عالم به ٻه حصا ٿي ويا آهن. هڪ گروهه هن انتظار ۾ آهي ته ڪوئي مسلمان بادشاهه جهاد ڪري ته اسان انهيءَ جهاد ۾ شريڪ ٿيون. اسان انهيءَ گروهه کي به نٿا مڃون. حضرت شيخ الهند جي مڃڻ وارن مان ٻيو حصو انقلابي آهي. اسان جي نظر ۾ اهي ماڻهو ئي حضرت جا صحيح جانشين آهن.
اسان جو هي بيان ڪيون پيا ته حضرت شيخ الهند، جهاد جي معنيٰ انقلاب ڪئي آهي، ته هتي ان جي ڪجهه وضاحت ضروري سمجهون ٿا. اسان امروٽ ۾ چئن شاگردن جي هڪ جماعت ٺاهي جنهن جو مقصد هو جهاد ڪرڻ. آءٌ انهيءَ جماعت جو امير هئس. هيءَ جماعت مولانا اسماعيل شهيد جي طريقي جهاد مطابق ٺاهي وئي هئي. اسان انهيءَ جماعت سان جهاد جو ڪم شروع ڪري ڏنو، پوءِ جڏهن آءٌ ديوبند ويس ۽ حضرت شيخ الهند سان ڳالهين ڪندي انهيءَ جماعت جو ذڪر ڪيم ته حضرت قدس سره انهيءَ تي تمام گهڻي خوشيءَ جو اظهار فرمايو ۽ پاڻ مون کي پنهنجي خصوصي جماعت ۾ داخل فرمايو.
مٿئين ڳالهه جو ڪجهه وڌيڪ تفصيل بيان ڪريون ٿا. حضرت شاهه اسماعيل شهيد هڪ جاءِ تي بيان فرمايو آهي ته جهاد کي قائم رکڻ فرض ڪفايه آهي. جيڪڏهن طاقت جي زور سان نه ٿي سگهي ته شهيد ٿي به جهاد قائم رکي سگهجي ٿو. اهو هر هڪ مسلمان ڪري سگهي ٿو. ان لاءِ هڪ جماعت ٺاهي وڃي ته ان جو اڳواڻ به چونڊيو وڃي جيئن نماز لاءِ امام چونڊيو ويندو آهي. حضرت شاهه شهيد جو هي اشارو منهنجي سمجهه ۾ اچي ويو ۽ مون انهيءَ جي مطابق امروٽ ضلعي سکر ۾ هڪ جماعت ٺاهي ۽ اسان فيصلو ڪيو ته اسان شهيد ٿي ڪري جهاد کي زنده رکنداسين. پوءِ جڏهن اهو تذڪرو حضرت شيخ الهند جي سامهون ٿيو ته اهي ڏاڍو خوش ٿيا ۽ فرمايائون ته توکي انهيءَ جماعت جي به ضرورت نه آهي، تون اڪيلو به جهاد ڪري سگهين ٿو ۽ فاتح به ٿي سگهين ٿو ۽ گڏوگڏ حضرت جن فرمايو ته اها منهنجي راءِ آهي، منهنجي استاد جي سمجهايل نه آهي ۽ مون اها فلاڻي حديث مان اخذ ڪئي آهي.
جيڪڏهن جهاد جو مطلب اهو آهي جيڪو مون کي شيخ الهند رحه ٻڌايو ته انهيءَ جو نالو انقلاب آهي. ان ڪري آءٌ انقلابي آهيان ۽ جيڪو طريقو شيخ الهند مون کي سمجهايو آءٌ انهيءَ طريقي جو انقلابي آهيان. منهنجو استاد حضرت شاهه شهيد، امام عبدالعزيز ۽ حضرت امام ولي الله قدس الله اسرارهم جي مسلڪ تي عامل هو. پوءِ منهنجي زندگي جو به اهوئي مسلڪ آهي ۽ انهيءَ کي حاصل ڪرڻ منهنجي سموري جدوجهد جو خلاصو آهي.
اسان ٻه مسئلا ٻيا به هتي بيان ڪري ٿا ڇڏيون. سڀ کان پهريون سوال ته هي آهي ته حضرت شيخ الهند جو هي انقلاب ڪيئن عمل ۾ آندو وڃي؟ منهنجو چوڻ هي آهي ته انهيءَ لاءِ اسان کي يورپ مان سکڻ ضروري آهي. اسان جا پراڻا هٿيار هن زماني ۾ ڪنهن ڪم جا نه رهيا آهن. ڪمال پاشا ۽ امان الله خان انهيءَ ڳالهه کي ڏاڍو سمجهي ويا هئا ۽ اسان ٻاهر رهي ڪري انهيءَ حقيقت کي چڱي طرح سمجهي وياسين. يورپ جي سائنس ۽ يورپ جا جنگي هنر اسان کي يورپ کان سمجهڻا پوندا، پر اسان جي انقلابي جماعت جو پروگرام امام ولي الله جي فڪر تي جوڙيل هوندو. جڏهن اسان پنهنجي ملڪي ماڻهن کي چئون ٿا ته ”يورپي بنجو“ ته اسان جي چوڻ جو اصل ۾ اهوئي مطلب آهي.
جڏهن هي مڃيو ويو ته اسان لاءِ يورپ جي سائنس ۽ هنرن (ٽيڪنالاجي) کي حاصل ڪرڻ ضروري آهي ته انهيءَ مان صاف ظاهر آهي ته انهن شين کي اسان انگريزن کان وڌيڪ سهڻي طريقي سان سکي سگهون ٿا. تنهن ڪري منهنجي راءِ مطابق مناسب ۽ موزون ٿيندو ته انگريزي ٻولي ڳالهائڻ وارين قومن سان اسان گڏ رهڻ جو فيصلو ڪيون، انهيءَ ۾ اسان جو فائدو آهي ۽ مصلحت به انهيءَ کي چاهي ٿي. انهيءَ کي مان برٽش ڪامن ويلٿ ۾ شريڪ ٿيڻ سڏيان ٿو. اسان سنڌ کي ڊومينن اسٽيٽ بنايون ٿا ۽ برٽش ڪامن ويلٿ ۾ شريڪ ڪرڻ جو فيصلو ڪيون ٿا. هيءَ جيڪا ڳالهه آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو اها منهنجي پنهنجي آهي منهنجي استاد جي ٻڌايل نه آهي، پر پوئين (عالمگير) جنگ ۾ ترڪي جي شڪست ۽ مسلمانن جي بين الاقوامي مرڪز ٽٽڻ کانپوءِ آئندي لاءِ (پاڻ) ڪجهه هدايتون فرمايون هيون جن مان انهيءَ قسم جو مطلب وٺي سگهجي ٿو.
هڪ ٻي ڳالهه جيتوڻيڪ آهي ته موضوع کان جدا پر هن موقعي تي چئي ٿا ڇڏيون، اها هيءَ ته هن جلسي ۾ ڪيترن دوستن هاري ۽ زميندار جو مسئلو ڇيڙيو آهي، اسان هارين جا طرفدار آهيون، اسان هارين کي تعليم ڏيڻ گهرون ٿا، انهن جي سياسي تربيت ڪرڻ گهرون ٿا، اسان انهن کي هن لائق بنائڻ گهرون ٿا ته هو اسيمبلي جا نمائندا بنجي ڪري اسيمبلي ۾ ويهي سگهن، اسان هارين لاءِ سڀ ڪجهه گهرون ٿا، پر انهن کي زميندارن سان ٽڪرائڻ نٿا گهرون. اسان جي ملڪ ۾ زميندارن جو هڪ درجو آهي، اهي هارين کان ڍلون وٺي حڪومت کي پهچائن ٿا، جڏهن اسان حڪومت سان ئي نٿا لڙون ته هارين کي زميندارن سان ڪيئن لڙايون، اسان کي ڄاڻ آهي ته ڪيئن اسيمبلي ۾ وڃي زميندارن کان هارين جا حق وٺي سگهبا آهن. اها اسان جي خصوصي ڳالهه آهي. انهيءَ لاءِ اسان هڪ مستقل سياسي پارٽي ٺاهيون ٿا. اسان هارين جي حقن تان هٿ کڻڻ وارا نه آهيون، پر ڳالهه هيءَ آهي ته اسان جي ملڪ ۾ روس کان آيل هڪ تحريڪ هلي رهي آهي، انهيءَ تحريڪ ۾ ڪم ڪرڻ وارا ڪامريڊ هارين کي زميندارن سان ويڙهائڻ گهرن ٿا. ۽ آءٌ به روس کان ٿي ڪري آيو آهيان، ان ڪري ٿي سگهي ٿو ته ڪن ماڻهن جو خيال هجي ته اسان به هارين کي زميندارن سان وڙهڻ لاءِ دعوت ڏينداسون، سو اسان جي باري ۾ ايئن سمجهڻ ٺيڪ نه آهي. اسان جو پروگرام وقتي نه آهي. اسان هڪ ڊگهي عملي واٽ جي طرف سڏيون پيا.
اڄ اهو ممڪن نه آهي ته اسان پنهنجو سمورو پروگرام شاگردن کي ٻڌائي سگهون. هن وقت خالي اوهان کي اسان ايترو چئون ٿا ته اوهان انگريزي پڙهو، تان ته اڄڪلهه جيڪا يورپ ۾ هلچل آهي ۽ اتي جيڪو انقلاب برپا آهي، انهن جي حالتن کان سڌوسنئون اوهان واقف ٿي سگهو. اسان عربي شاگردن کي ٻڌائڻ گهرون ٿا ته انهن کي سڀ کان پهريائين ديوبند جو نصاب پورو ڪرڻ گهرجي. انهن کي ان نصاب جي عقليات کي به ايئن پڙهڻ گهرجي جيئن ديني حصي کي پڙهن ٿا. انهيءَ مان هي فائدو ٿيندو ته هو امام ولي الله جي حڪمت کي چڱي طرح سمجهي سگهندا. ان کان سواءِ اسين اوهان کي هڪ ٻيو به مشورو ڏيون ٿا ته عربي شاگردن کي گهرجي ته هو سنڌي فائنل جو نصاب به پورو ڪن، ۽ ان جي امتحان ۾ ويهڻ جي ضرورت نه آهي کين رڳو انهيءَ نصاب ذريعي پاڻ ۾ لياقت پيدا ڪرڻ گهرجي، انهيءَ جو فائدو هي ٿيندو ته هو مولانا محمد قاسم جي ڳالهه سولي نموني سمجهي سگهندا. آخر ۾ اسان هن ڳالهه جي تاڪيد ڪيون ٿا ته توهان ماڻهن کي سمجهڻ گهرجي ته سنڌ جي شهري آبادي جي اڳواڻي مسلمانن جي هٿان نڪري چڪي آهي، مگر پاسن ۽ ٻهراڙين ۾ مسلمانن جا اشراف گهراڻا اڃا تائين موجود آهن. انهن ۾ چڱا پير ۽ چڱا زميندار ۽ نيڪ علماءَ به آهن انهن ماڻهن جا وڏا وڏا خاندان آهن جن جو گذر زمينداريءَ تي آهي، انهن ۾ ديني علم شايع ڪرڻ جو موقعو آهي. انهن کي انگريزي زبان کان واقف ڪرڻ به سخت ضروري آهي. جيڪڏهن اسان جا نوجوان شاگرد همت ڪري اهو ڪم پنهنجي ڪلهن تي کڻن ته هو سنڌ ۾ اسلاميت کي نئين زندگي ڏئي سگهن ٿا، والله المستعان.
اوهان مون کان پڇندا ته موجوده سياسي هنگامن کان جدا رهي عربي شاگردن لاءِ سياست سکڻ جو آسان رستو ڪهڙو آهي؟ سو انهيءَ باري ۾ منهنجي راءِ آهي:
(الف) عربي ڄاڻندڙ شاگرد کي انگريزي زبان سکڻ گهرجي، انهيءَ جو سولو طريقو هي آهي ته اڳ ۾ هو اردو ۽ سنڌي کي رومن ڪيريڪٽر ۾ لکڻ پڙهڻ جي مشق ڪري ۽ پوءِ انگريزي جا اکر سکي. ٿوري محنت ۽ اڀياس سان ايتري لياقت حاصل ڪري ويندو جنهن سان اردو ۽ سنڌي کي انگريزي اکرن ۾ لکي پڙهي سگهي. اهڙي شاگرد جي اها حالت هوندي جا هڪ عاميءَ ماڻهوءَ جي جيڪو قرآن مجيد قرائت سان پڙهڻ سکندو هجي. جيتوڻيڪ اهو معنيٰ نٿو ڄاڻي پر عربي جا لفظ اچاري سگهي ٿو. اهڙو شاگرد انهيءَ حالت ۾ سولائيءَ سان ٽائيپ رائٽر جو استعمال سکي سگهي ٿو. تنهنڪري هڪ مقرر اردوءَ ۾ تقرير ڪري يا سنڌيءَ ۾ اهو ٽائيپ رائيٽر جي ذريعي ان کي انگريز حرفن ۾ لکي سگهندو. انهيءَ ڪم لاءِ نه درجي بندي جي ضرورت آهي ۽ نه باقاعدي ڪنهن استاد کان پڙهڻ جي، هر شخص پاڻ ذاتي محنت سان هي ملڪو حاصل ڪري سگهي ٿو.
(ب) ان کان پوءِ انگريزيءَ جا ست ڪتاب جيڪي ميٽرڪ تائين پڙهايا ٿا وڃن انهن کي ”ڪريما“ ۽ ”نام حق“ وانگر پڙهائي انهن جي صورتخطي پنهنجي هٿ سان لکڻ جي مشق ڪجي ۽ انگريزي ڳالهائڻ وارن جي مجلس ۾ ويهي ۽ انگريزي الفاظ صحيح صحيح اچارڻ ذهن نشين ڪري ۽ جيڪڏهن موقعو مليس ته پاڻ به انگريزي ڳالهائي. انگريزي جا پنج ڪتاب پڙهڻ کان پوءِ ڊڪشنري جي مدد سان هو انگريزي اخبار جو مطالعو شروع ڪري ۽ جيڪو وقت انگريزي سکڻ لاءِ ڪڍي انهيءَ ۾ ٻيو ڪوبه ڪم نه ڪري، نه حساب نه سائنس نه جاگرافي انهيءَ وقت ۾ هو رڳو انگريزي صحيح لکڻ ۽ ڳالهائڻ جو خيال رکي. هڪ ذهين ۽ محنتي عربي دان شاگرد ڇهن مهينن ۾ هي ڪم ڪري سگهندو ۽ زياده وقت لڳو ته تڏهن به هڪ سال ان لاءِ ڪافي آهي.
مثال طور مولانا مودوديءَ کي ڏسو، هو دينيات جو هڪ وڏو فاضل آهي ۽ انگريزي به ڄاڻي ٿو. هن انگريزي ڪنهن کان به پڙهي ناهي، پر جيڪو ڪجهه به هن سکيو آهي اهو پنهنجي محنت سان سکيو آهي. اهڙيءَ طرح سنڌ ۾ سيد علي محمد راشدي هڪ سٺو نمونو آهي. هو معمولي انگريزي ڄاڻيندو هو پر پاڻ پنهنجي محنت سان هن وڏي ترقي ڪئي آهي. اسان جي راءِ آهي ته شاگرد کي ان سلسلي ۾ امتحان ڏيڻ جو خيال ذهن ۾ نه آڻڻ گهرجي. هو امتحان جو خيال ڪندو ته هڪ مهيني جي ڪم ۾ هڪ سال لڳي ويندو.
عربي دان شاگرد فقط سياسي تربيت لاءِ انگريزي سکي ٿو کيس ڪا نوڪري ڪانهي ڪرڻي جنهن لاءِ کيس ڊگريءَ جي ضرورت پوي. هي شاگرد انگريزي جي ذريعي جڏهن يورپ جي نئين تحريڪ يعني روس جي سوشلسٽ پروگرام جي تاريخ ۽ ان جي ڪاميابي وارين حالتن کان واقف ٿيندو تڏهن وڃي مٿس هيءَ حقيقت کلي سگهندي ته امام ولي الله جي حڪمت، جنهن تي سندن ڪتابن حجة الله البالغه ۽ ازالة الخفاء عن خلافة الخلفاء جو دارومدار ۽ بنياد آهي ۽ جنهن حڪمت سان هو قرآن مجيد، صحاح سته ۽ چئن امامن جي مذهبن ۽ محقق عالمن جي سياست کي حل ڪن ٿا اها ولي اللهي حڪمت اڄ به يورپ جي انهيءَ انقلابي تحريڪ کان اڳري ۽ مٿاهين آهي ۽ آءٌ جو هي ٿو چوان ته اڄ جي يورپ کي سمجهڻ کان سواءِ حضرت امام ولي الله جي فلسفيءَ جو مرتبو سڃاڻڻ مشڪل آهي سو انهيءَ جو مطلب به اهوئي آهي.
اسلامي تاريخ جي پهرئين هزار سال ۾ ترقي جا ڪيترائي رستا هئا، ۽ امام ولي الله جا بزرگ به انهن رستن مان هڪڙي طريقي جا پانڌيڙو هئا. ٻئي هزار سال ۾ جنهن جي شروعات هندستان ۾ اڪبر جي حڪومت سان ٿي ۽ امام رباني مجدد الف ثاني انهيءَ نواڻ جو بنياد رکڻ وارا هئا، انهيءَ نواڻ جي تڪميل ڪرڻ وارو امام ولي الله دهلوي آهي ۽ انهيءَ ڪم لاءِ الله جل و عليٰ فقط کين ئي چونڊيو.
هن وقت هندستان ۾ مسلمانن جي ترقيءَ لاءِ امام ولي الله جي طريقي کان سواءِ ٻيو ڪوبه رستو ڪونهي. ڳالهه هيءَ آهي ته هندستان تي هن وقت يورپ جي هڪ وڏي طاقت جو جبري قبضو آهي. اسان جيستائين يورپ جي عام سياست کي نه سمجهنداسين تيستائين برطانيه کي نه سمجهي سگهنداسين. ٻين لفظن ۾ جيستائين اوهان برطانيه کي نه سمجهي سگهندؤ تيستائين اوهان لاءِ هندستان جي سياست کي سمجهڻ مشڪل آهي. نتيجو هي نڪتو ته جيڪڏهن اوهان پنهنجي ملڪ جي سياست سمجهڻ گهرو ٿا ته برطانيه کي سمجهو ۽ جيستائين اوهان يورپ کي سمجهي نه سگهندؤ تيستائين برطانيه کي سمجهي نه سگهندؤ. ان ڪري ضروري آهي ته توهان يورپ جي سياست کي سمجهو، پوءِ پنهنجي ملڪ جي سياست تي غور ڪيو.
امام ولي الله جي سياست، فڪر ۽ ان جي ٻڌايل عملي رستي جي سڌي هجڻ ۽ انهيءَ کي چونڊيل سمجهڻ جو سبب هي آهي ته سلطان محي الدين احمد اورنگزيب عالمگير ؓ کان پوءِ جڏهن اسلامي سلطنت ۾ انتشار شروع ٿيو، ۽ هن ملڪ تي يورپي طاقتن جي غلبي جي شروعات ٿي ته عين انهيءَ موقعي تي شاهه صاحب پنهنجي سياسي تحريڪ جو بنياد رکي ٿو ۽ هو ان نئين سياسي نظام جي ضرورت به بيان ڪري ٿو ۽ ان لاءِ سائنٽيفڪ يعني حڪيمانه بنياد به جوڙي ٿو، انهيءَ نموني سان شاهه صاحب اسان جي ملڪ جو سياسي سلسلو ٽٽڻ نه ڏنو آهي ۽ هو هڪ آزاد هندستاني حڪومت جي شڪست سان گڏوگڏ هڪ ٻئي سياسي نظام جو نعم البدل پيش ڪري ٿو. ان ڪري آءٌ چوندو رهان ٿو ته پهريائين يورپ جي سياست جو مطالعو ڪيو پوءِ امام ولي الله جي سياست جو گهرو اڀياس ڪيو. انهيءَ نموني سان توهان هڪ طرف يورپ کي سمجهي ويندا ۽ ٻئي طرف هندستان جي سياست کي. اسان جو بيت الحڪمت ۽ محمد قاسم ولي الله ٿيالاجيڪل ڪاليج امام ولي الله جي حڪمت جي پرچار ۽ ان جي تعليم جو انتظام ڪندو.
اسان پنهنجي نوجوان شاگردن کي وڏي نرمي سان هن طرف ڌيان ڇڪايون ٿا، ۽ بيشڪ هي ڪم مشڪل ضرور آهي پر اسان جا نوجوان شاگرد خدا جي فضل سان وڏي همٿ جا مالڪ آهن، هو جيڪڏهن گهرن ته پنهنجي همٿ ۽ حوصلي سان انهيءَ مهم کي سولائي سان کٽي سگهن ٿا.
اسان کولي ڪري چئون ٿا ته اسان برطانيه سان جنگ جهيڙي جو خيال ڇڏي چڪا آهيون، اسان في الحال ڊومينن حڪومت حاصل ڪرڻ گهرون ٿا. اسان سنڌ جي عام ماڻهن کي ووٽ جي قيمت ٻڌائڻ گهرون ٿا، ۽ انهيءَ نموني اسيمبلي ۾ عوام جي طاقت گڏ ڪرڻ جي ڪوشش ۾ آهيون. ان کان سواءِ اسان کي هتي هن ڳالهه جي به چٽائي ڪرڻ جي ضرورت آهي ته اسان سنڌ ۾ سنڌين جي مستقل طور حڪومت چاهيون ٿا، اسان انهيءَ سلسلي ۾ ڪوبه مذهبي سوال پيدا ٿيڻ نه ڏينداسين ۽ اسان هن براعظم جي باقي ملڪن سان فيڊريشن جي ذريعي شريڪ ٿينداسين. اسان سڄي هندستان کي هڪ ملڪ تصور ڪري ان تي وحداني (يونيٽري) طرز جي حڪومت ڪرڻ جو سختيءَ سان انڪار ڪريون ٿا. جيڪڏهن هندستان کي هڪ ملڪ نه سمجهيو وڃي ۽ هن براعظم جو هر ملڪ پنهنجي جاءِ تي آزاد هجي ته انهيءَ طريقي سان هندو مسلم مسئلو به حل ٿي ويندو ۽ اسان برطانيه سان سمجهوتو به ڪري سگهنداسين.
پر اسان کي هي مڃڻو پوندو ته هي فڪر جيڪو اسان پيش ڪري رهيا آهيون سو بلڪل نئون آهي. ان ڪري ان کي عمل ۾ آڻڻ لاءِ هڪ مستقل سياسي پارٽي جي ضرورت آهي. هي پارٽي نيشنل ڪانگريس جي اندر رهي ڪري ڪم ڪندي. اسان سنڌ ۾ هن پارٽي جي تشڪيل به ڪري چڪا آهيون. ان پارٽيءَ وٽ قوم مان مراد اهو سياسي تصور آهي جنهن کي اڄ يورپ جي سياست به مڃي رهي آهي ٻوليءَ جي وحدت ۽ تمدن ۽ معاشرت جو هڪ هجڻ، اهو بنياد آهي قوم جي ان سياسي تصور جو ۽ اهڙي نموني پنجابي، پشتو، ڪشميري، گجراتي، مرهٽي ۽ هندستاني ڳالهائڻ وارن کي مستقل قومن جو درجو ڏيون ٿا. اسان هي به مڃون ٿا ته انهن سڀن قومن جي انٽرنيشنل زبان اردو ۽ انگريزي هوندي. اهي علائقا جن ۾ هي قومون آباد آهن انهن جون حدون بِهار کان اتر ۾ پشاور تائين ۽ نربدا کان ڪشمير تائين ڦهليل آهن، اسان هن سموري ايراضي کي پنهنجو قومي وطن مڃون ٿا. هن رقبي ۾ رهڻ وارين قومن جا پاڻ ۾ تعلق هڪ انٽرنيشنل نظام هيٺ هوندا. اسان هن جا ته حامي آهيون جيئن اڳ ۾ چئي آياسون ته ”سنڌ سنڌين جي آهي“ پر اسان جو هي اصول ان وقت ئي عمل لائق ٿي سگهي ٿو جڏهن هنن سڀني علائقن کي اسان جي اصول تي هڪ انٽرنيشنل نظام جي تابع ڪيو وڃي ان ڪري انهيءَ خيال جي پيش نظر اسان پنهنجي پارٽي جو نالو جمنا نربدا سنڌ ساگر پارٽي رکيو آهي. اسان هي گهرون ٿا ته هن ساري علائقي تي اسان جي سنڌ ساگر پارٽيءَ حڪومت ڪري. ڇو ته اسان جي خيال ۾ صرف هيءَ پارٽي ئي صحيح معنيٰ ۾ انهن علائقن ۾ هڪ اهڙو انٽرنيشنل نظام قائم ڪري سگهي ٿي جنهن ۾ هر قوم آزاد هجي ۽ هر ملڪ پنهنجي جاءِ تي مستقل هجي. هي آهي مختصر لفظن ۾ اسان جو نصب العين ۽ انهيءَ لاءِ اسان سياسي جدوجهد ڪري رهيا آهيون.
اڳتي هلي جيڪڏهن بنگال ۽ دکن اسان سان سمجهوتو ڪندا ۽ اسان جي پارٽيءَ ۾ شرڪت ڪرڻ گهرندا ته اسان وڏي خوشيءَ سان انهن کي قبول ڪنداسين. پر هن وقت اسين پنهنجي سموري طاقت نارٿ ويسٽرن انڊيا کان سواءِ ٻي جاءِ تي خرچ ڪرڻ نٿا گهرون.
(ج) اسان جي هيءَ پارٽي سنڌ جي ڪنهن به پارٽيءَ سان جيڪا ان اصول کي پنهنجو بنياد مڃيندي ته ”سنڌ سنڌين جي آهي“ اختلاف نه ڪندي. بلڪ اهڙي پارٽي سان اسان سمجهوتو ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين ته جيئن سڀ گڏجي ڪري ترقي جي مٿين منزلن کي پهچي سگهون.
آخر ۾ آءٌ هر شاگرد کي وڏي تاڪيد سان وصيت ڪيان ٿو ته جيستائين هو سنڌ ساگر پارٽي جي نظرين کي پوري يقين سان نٿو مڃي ايتري تائين هو ان تي نه عمل ڪري نه ٻين کي ئي دعوت ڏئي. پر جيڪڏهن ڪنهن درسگاهه جا استاد ۽ منتظم هن پارٽي جي نظرين کي مڃين ٿا ته اسين انهن کي مشورو ڏيون ٿا ته هو پنهنجي درسگاهه جو نالو محمد قاسم ولي الله ٿيالاجيڪل ڪاليج رکن. اسان لڳاتار انهن کي پنهنجي ڪارائتن مشورن سان مدد ڪندا رهنداسين. والله المستعان
**