تاريخ، فلسفو ۽ سياست

مولانا عبيدالله سنڌيءَ جون تحريرون ۽ تقريرون

ماضي قريب ۾ سنڌ ۽ هند ۾ جيڪي انقلابي اڳواڻ پيدا ٿيا انهن ۾ امام انقلاب مولانا عبيد الله سنڌيءَ جو نالو سرفهرست ملي ٿو.
هي ڪتاب مولانا سنڌيءَ جي نادر ۽ ناياب تحريرن ۽ تقريرن جو مجموعو آهي، جيڪي مختلف ڪتابن مان هٿ ڪيل آهن ۽ ڪجهه تحريرون مولانا عزيز الله جروار جن کي مولانا سنڌيءَ جي ساٿي ۽ شاگرد مولانا عزيز احمد کان حاصل ٿيون هيون سي به شامل آهن.
Title Cover of book مولانا عبيدالله سنڌيءَ جون  تحريرون ۽ تقريرون

حضور اڪرم ﷺ جن جي بين الاقوامي حيثيت

[b]نبوت جا ٻه درجا
[/b] حضور جن جي نبوت جا ٻه درجا آهن:
(1) درجو ته اهو آهي ته پاڻ سڀني نبين جي جماعت منجهان هڪ نبي آهن. پاڻ عرب جي صحرائي علائقي ۾ پيدا ٿيا ۽ عرب قوم کي سنئين دڳ سان لڳايائون.
(2) ٻيو درجو اهو آهي ته پاڻ سموري دنيا جي لاءِ نبي الانبياء، سيدالمرسلين ۽ خاتم النبيين آهن ۽ هڪ عالمگير انقلاب کي ڪامياب بنائڻ سندن فرضن ۾ داخل آهي ۽ پاڻ سڳورن ۽ سندن خليفن هي انقلاب نموني جي طور ڪامياب ڪري به ڏيکاريو.

[b]غيرمسلمن جا اعتراض
[/b] عام طور تي عالم سڳورا حضور جن جو ٻيو درجو غيرمسلم قومن ۾ پهريائين متعارف ڪرائيندا آهن. اهي قومون عام طور نبوت جو هڪڙو مفهوم پنهنجي ذهن ۾ رکنديون آهن، جيڪو انهن پنهنجي نبي کان ورتو هوندو آهي ۽ هو حضور صه جن کي پڻ انهيءَ معيار تي جاچينديون آهن ۽ پوءِ اعتراضن جو هڪ طوفان کڙو ڪري ڏينديون آهن. مثال طور پاڻ سڳورا جيڪڏهن سڄي دنيا جي لاءِ نبي بڻجي آيا آهن ته پوءِ سندن زبان عربي ڇو آهي؟ جڏهن سندن تعليم عربي ٻوليءَ ۾ آهي ته ان کي عالمگير ڪيئن چئبو، اها خاص عربن لاءِ مخصوص سمجهڻ گهرجي؟ دشمن سان جنگ ۽ ويڙهه نبوت جي منصب ۾ ڪيئن داخل ٿي؟ پاڻ سڳورن جي تعليم منجهان دنيا کي فائدو به ٿيو پر گهڻن شاهي خاندانن ۽ مذهبي مرڪزن کي نقصان به پهتو، انهن عملن جو نبوت سان سڌوسنئون تعلق ڪيئن ٿو ثابت ڪري سگهجي؟

[b]اسان جو نئون علم ڪلام
[/b] اهڙي قسم جي سوالن جو يورپ ۾ گهڻو رواج آهي ۽ پوئين صديءَ ۾ عالم سڳورا انهن اعتراض ڪندڙن جو وات بند ڪرڻ لاءِ جواب سوچيندا رهيا آهن ايتري حدتائين جو اسان وٽ فقط انهيءَ هڪڙي مسئلي سمجهائڻ لاءِ علم ڪلام جو الاهي ذخيرو گڏ ٿي ويو آهي.

[b]انهيءَ مسئلي جو هڪ نئون حل
[/b] انهيءَ مونجهاري جو اسان جيڪو حل سوچيو آهي، ان گهڻن جهڳڙن کان جان آجي ڪرائي ڇڏي آهي. اسان سڀ کان پهريائين حضور اڪرم ﷺ جن جو عرب لاءِ نبي هجڻ پيش ڪيون ٿا. اڄ تائين اسان ڪنهن به دنيا جي عقلمند کي هي اعتراض ڪندي ناهي ٻڌو ته عرب ۾ نبي ڇو آيو. اهڙي طرح جيئن ٻين ملڪن ۾ نبي ظاهر ٿيا ۽ انهن پنهنجي پنهنجي قوم کي سڌو رستو ڏيکاريو. اهڙي طرح نبي ڪريم ﷺ جن عرب سرزمين ۾ پيدا ٿيا ۽ عربن کي هدايت جي تعليم ڏني. انهيءَ حيثيت ۾ پاڻ ٻين نبين جي جماعت منجهان هڪ نبي آهن ۽ کانئن انهن ڳالهين جي ئي توقع رکڻ گهرجي جهڙي ڪنهن قومي نبيءَ کان توقع رکبي آهي. جيئن مثال طور هر قوم جو نبي پنهنجي پنهنجي قومي زبان جو پابند هوندو آهي. حضرت محمد ﷺ جن به عرب قوم جو نبي هجڻ جي حيثيت ۾ عرب قوم جي معاشرت ۽ انهن جي ٻوليءَ جا پابند آهن، ان ڪري ڪنهن کي اهو حق نٿو پهچي ته اهو اعتراض ڪري ته سندن ڪتاب عربيءَ ۾ ڇو آهي. اهڙي طرح اهو اعتراض به کڄي ٿو وڃي ته پاڻ عربي معاشرت ڇو اختيار ڪئي. پاڻ پنهنجي قوم جي اعليٰ طبقي ۾ هڪ اعليٰ فرد جي حيثيت سان پهرئين ڏينهن کان هر ماڻهوءَ وٽ مڃيل هيا. سندن معاشرتي ڪريڪٽر تي ڪنهن به شخص کي ڪو اعتراض ڪونهي. عربن جو مرڪز قريش هئا ۽ قريش جي ذهنيت ۽ معاشرت ۾ رسول ڪريم ﷺ جن هڪ املهه ماڻڪ مڃيل هئا. ٻين قومن کي ان جي معاشرت ۽ ذهنيت تي اعتراض ڪرڻ جو ڪهڙو حق آهي.

[b]حضورﷺ جن جي بين الاقوامي حيثيت
[/b] الاهي حڪمت جو ٻيو مظاهرو هي آهي ته قريش جي ذريعي سڄي جڳ جهان جي قومن جي سڌاري جو هڪ گڏيل نظام پيدا ڪيو ويو. قريش جي غلبي جي ڪري انهن جي عربي زبان جو غلبو مڃڻو پوندو. جن قومن جو قريش سان مقابلو ٿيو انهن کي جيڪڏهن شڪست ٿي ۽ ڪجهه نقصان پلئه پيو ته مفتوح کي هميشه نقصان برداشت ڪرڻو پوندو آهي. حڪمت الاهيءَ جي تقاضا هئي ته قريش اڳتي وڌي ٻين قومن تي غلبو حاصل ڪري وٺن. انهيءَ ايندڙ واقعي جي پيش نظر نبي هجڻ جي حيثيت ۾ نبي ڪريم ﷺ جن جي مٿان هي فرض پئي لاڳو ٿيو ته پاڻ قريش کي اهڙي تعليم ڏين جو هو انهيءَ ڪم ۾ به خدا پرستيءَ جي اصولن کان نه هٽن. انهيءَ سلسلي ۾ پاڻ سڳورن جهڙيءَ ريت پنهنجي قوم جي رهنمائي ڪئي، اهڙي ڪنهن به نبيءَ پنهنجي قوم جي رهنمائي نه ڪئي هوندي.

[b]حضرت موسيٰ عه ۽ حضرت عيسيٰ عه جون ڪوششون
[/b] حضرت موسيٰ ڪوشش ڪئي ته حضرت ابراهيم عليه السلام جي نسل ۾ بين الاقواميت جو منصب کانئس پورو ٿئي. ۽ حضرت عيسيٰ به اها ڪوشش ڪئي، پر حضرت موسيٰ جيڪا جماعت تيار ڪئي اها بين الاقوامي مزاج پيدا نه ڪري سگهي ۽ حضرت مسيح جا مددگار به ان سلسلي ۾ ڪارائتا نه ٿي سگهيا پر حضرت محمد ﷺ انهيءَ مقابلي ۾ ڪامياب ٿي ويا ۽ پاڻ آرين ۽ سامين ٻنهين قومن ۾ تورات جا احڪام نافذ ڪري ڇڏيائون.

[b]نبي ڪريم ﷺ جن جي ڪاميابي
[/b] هڪ حديث ۾ اچي ٿو ته اسان جو ۽ پهرين قومن جو مثال ايئن آهي جيئن هڪ بادشاهه محل جوڙائڻ جو ارادو ڪيو. صبح جو سوير مزدور ڪم تي لڳايائين. ٻنپهرن اچڻ تي مزدورن ڪم کان جواب ڏئي ڇڏيو، بادشاهه انهن کي ڪم تان لاهي ڇڏيو وري ٻيا مزدور بيهاريائين. انهن ٽيپهريءَ جو جواب ڏئي ڇڏيو تنهن تي انهن کي پوري ڏينهن جي مزدوري ڏئي ڪم تان لاٿو ويو. ان کان پوءِ مزدورن جي ٽين جماعت ڪم تي لڳائي وئي، انهن شام تائين پنهنجو ڪم پورو ڪري ڇڏيو. انهيءَ بادشاهه چيو ته توهان مان مون ڪنهن جو حق ته ناهي کاڌو؟ چوڻ لڳا ته نه. بادشاه چيو ته هنن ماڻهن منهنجو ڪم پورو ڪري ڇڏيو، مون خوشيءَ وچان انهن کي ٻيڻي مزدوري ڏيئي ڇڏي. هن حديث ۾ اڳتي هلي حضور اڪرم ﷺ جن فرمايو ته پهرين جماعت مان مراد يهودي آهن ٻيءَ مان مراد نصارا ۽ ٽئين مان اسين مراد آهيون.
(هن موقعي تي مولانا سنڌي فرمايو ته هي حديث بخاري مسلم ۾ آهي ۽ مؤطا ۽ به آهي. مفهوم اسين يادگيريءَ جي طور لکرائي رهيا آهيون ڪو لفظ گهٽ وڌ هجي ته اصل ڪتاب تان درستگي ڪئي وڃي.)

[b]يهودين جي ناڪامي
[/b] اسان ان مان سمجهون ٿا ته ٽئي قومون هڪڙو ئي محل اڏڻ تي متوجهه هيون يعني حضرت ابراهيم عليه السلام جي امامت کي دنيا جي سڀني قومن ۾ عملي طور تي قائم ڪرڻ. انهيءَ مقصد کي حضرت موسيٰ عليه السلام قائم ڪرڻ گهرن پيا پر ڪري ڪونه سگهيا، ان جي شاندار قيادت جي باوجود بني اسرائيل پنهنجي قوم کان ٻاهر جي ماڻهن کي پاڻ ۾ جذب ڪرڻ تي راضي نه ٿيا ۽ پاڻ به عالمگير فتحون حاصل نه ڪري سگهيا.
جيتوڻيڪ حضرت مسيح جي قيادت ۾ ابراهيمي يعني حنيفي تعليم پري پري تائين پهچي وئي پر مسيح عليه السلام بني اسرائيل جي مرڪزي قوت کي انهيءَ ڳالهه تي راضي نه ڪري سگهيو ته هو پنهنجي اندر ٻين قومن کي برابر درجي تي قبول ڪري وٺن. حضرت مسيح جي انهن ڪوششن جو نتيجو اهو نڪتو جو بني اسرائيل حضرت مسيح کي پنهنجي برادريءَ مان ئي ڪڍي ڇڏيو.

[b]بني اسماعيل جي ڪاميابي
[/b] رسول اڪرم ﷺ جن بني اسماعيل مان قريش کي پنهنجو مرڪز بنايو ۽ سڀني قومن ۾ انهن کي آڻي اچي بيهاريو ۽ انهن غيرملڪين کي پنهنجي ڀائرن وانگر قبول ڪيو.
ان ڪري عربن جڏهن عراق فتح ڪيو ته سلمان فارسيءَ کي مدائن جو حڪمران بنايو ويو. اها ذهنيت سلطان محمود پڻ ظاهر ڪئي، جڏهن ان هندستان جو شهر هنڊ فتح ڪري راجا جئي پال جي پوٽي کي ان جو حاڪم بڻايو. غلامن جون حڪومتون ته مسلمانن ۾ نسل درنسل هلنديون آيون آهن ۽ قريش جا وڏي کان وڏا خانداني ماڻهو انهن جي سامهون ايئن اسلامي احڪامن جي اطاعت ڪندا هئا جيئن ڪنهن صحيح نسب واري اسماعيلي جي سامهون. اها هئي حضرت محمد ﷺ جن جي بين الاقوامي حيثيت ۽ اها هئي حضور جن جي رحمت اللعالميني.

[b]هڪ نتيجو
[/b] اڄڪلهه دنيا ۾ ”انقلاب“ کي سڀ کان وڏي قوت مڃيو وڃي ٿو ۽ انسانن جي انقلابي قوت کان ڪم وٺي ڪن ماڻهن تمام وڏا ڪم ڪيا آهن، جنهن ڪري يورپ اقتصادي نظرين جو مرڪز بڻجي ويو آهي. پر جنهن پيغمبر سڀ کان پهريائين بين الاقوامي انقلاب برپا ڪيو ۽ جنهن انهن ماڻهن کي تيار ڪيو ۽ جن انهيءَ انقلاب کي چوڌاري جهان ۾ ڦهلايو. ان جي هڪ امتي حڪيم امام ولي الله دهلوي يورپ جي نام نهاد بين الاقوامي انقلابن جي سدباب لاءِ صحيح ۽ صالح بين الاقوامي انقلاب جو، جيڪو قرآن جي اصولن تي مبني هو، اهڙو دستور وضح ڪري ڇڏيو آهي. جنهن کي پيش ڪري پاڻ چوي ٿو ته ڪوبه بين الاقوامي انقلاب ايستائين ڪامياب نه ٿو ٿي سگهي جيستائين هو انهيءَ بين الاقواميت جي نقش قدم تي نه هلندو جيڪا حضرت ابوبڪر رضه ۽ حضرت عمر رضه جي زماني ۾ حضور صه جن جي ٻڌايل طريقن موجب متعين ٿي هئي.
اسان يورپ جي هڪ لاديني انقلابيءَ جي عالمي تاريخ جا اهي حصا ٻڌا، جن ۾ هو حضرت ابوبڪر رضه کي حضور جن کان بهتر ماڻهو پيو مڃي. انگريزيءَ جو ناليوارو اديب ۽ مصنف ايڇ جي ويلز به انهيءَ مغالطي ۾ ڦاٿل آهي. انهن کي سمجهڻ گهرجي ته حضرت ابوبڪر رضه جي حضور اڪرم ﷺ جن سان ڪهڙي نسبت هئي. رسول اڪرم ﷺ جي نبوت جيڪڏهن انهيءَ ترتيب سان پيش ڪئي وڃي جنهن ترتيب سان اسان ٻڌايو آهي ته يورپي مصنفن جا سڀ اعتراض کڄي ويندا. رسول اڪرم ﷺ جن جي قومي نبوت ۽ بين الاقوامي نبوت کي مڃڻ کان سواءِ ڪو رستو ئي ڪونه ٿو رهي.
**