جامعه مليه دهليءَ ۾ “يادگار شيخ الهند” جو افتتاحي خطبو
اِنَّ ولیّی اللھ الذی نزَّل الکتٰب وَھُوَ یتولیّ الصالحین
بسم اللھ الرحمٰن الرحیم
تمهيد
مون کي سڃاڻيندڙن وساريو نه هوندو ته مون جون 1940ع تي ”يادگار شيخ الهند“ لاءِ مختصر پروگرام ڇپايو هو جنهن ۾ مسلمانن جي مالدار طبقي کي اپيل ڪئي وئي هئي ته جيترا به ماڻهو هن اسڪيم جي مقصد کي سمجهي سگهن ٿا ۽ ان کي هندستان ۾ رهندڙ مسلمانن لاءِ مفيد سمجهن ٿا اهي دوست هڪ خاص مقدار ۾ پئسا جامعه جي خزاني ۾ جمع ڪرائين ته جيئن مون کي عمر جي هن آخري مرحلي ۾ (علم جو) شوق رکندڙ نوجوان عزيزن کي پنهنجي علم ۽ تجربي کان واقف ڪرائڻ ۾ سؤلائي ٿئي.
اڄڪلهه حالتون اهڙيون آهن جو ڪنهن امتحاني اسڪيم تي پئسا خرچ ڪرڻ جي دعوت پاڻ ڏانهن ڇڪڻ جي پوري سگهه نٿي رکي، گهڻو ڪري انهن سببن مسلمانن کي هن ڪم ڏانهن متوجه ٿيڻ نه پئي ڏنو. اهو به ٿي سگهي ٿو ته منهنجي سرگرمين ۽ منهنجا مختلف مقالا پڙهي ماڻهو مون کان بدظن ٿي ويا هجن، ته پوءِ مان شايد پنهنجو ڪم ڄمي نه ڪري سگهان. اهو به ڄاڻان ٿو ته بدظني وڌائڻ جا ٻيا به سبب پيدا ٿيندا رهيا، پر مون انهن ڏانهن ڌيان نه ڏنو. مان جيڪڏهن ڪنهن کي پنهنجو مقصد سمجهائي پنهنجي ساٿ يا سهڪار لاءِ تيار نٿو ڪري سگهان ته وڙهي ۽ جهيڙو ڪري راهه ڪڍڻ جي سهوليت پيدا ڪرڻ هينئر منهنجي وس کان ٻاهر آهي. تنهن ڪري توڪلاً علي الله، جيترو به ڪم ڪري سگهان ٿو رٿ پٽاندڙ نصاب مڪمل ٿيڻ (يعني ڏهه عربي ۽ ڏهه انگريزي پاس شاگردن جي ضرورت مهيا ٿيڻ) کان اڳ تمهيد طور شروع ڪريان ٿو.
مان ڪجهه دوستن جي مشوري سان جن مان محترم خواجه عبدالحي صاحب جو نالو وٺي سگهان ٿو. رمضان 1359هه جي آخري هفتي ۾ دهليءَ ۾ پهتس. اڄ 16 شوال 1359هه (17 نومبر 940 هندي) کان جيترا به ڪارڪن پنهنجو خرچ پاڻ برداشت ڪري سگهن ٿا رڳو انهن جي ساٿ سان جامعه مليه جو بيت الحڪمت شروع ڪريان ٿو، جنهن کي اڳتي هلي ”يادگار شيخ الهند“ ۽ ولي الله اڪيڊمي جي نالي سان سڏيو ويندو.
منهنجي لاءِ ضروري آهي ته محترم ڊاڪٽر ذاڪر حسين خان شيخ الجامعه ۽ سندس ساٿين جي شڪرگذاريءَ جو هن موقعي تي اظهار ڪريان. انهن پهرئين ڏينهن کان تمام گهڻي فراخ دليءَ سان هن تحريڪ جو آڌرڀاءُ ڪيو آهي ۽ هينئر پڻ جامعه اسان کي هر قسم جي مالي امداد ڏيڻ لاءِ تيار آهي، پر مان اشد ضرورت کان سواءِ ٻئي ڪنهن قسم جو بار وجهڻ پنهنجي مصلحت جي خلاف سمجهان ٿو. اسان جي درسگاهه اندروني بيهڪ قائم رکڻ بعد اهڙيءَ ريت جامعه مليه جي ملڪيت بڻبي جيئن ”بنيادي تعليمي اسڪيم جو ٽريننگ اسڪول“ جامعه جو حصو آهي.
[b]يادگار شيخ الهند ۾ شاهه ولي الله جو فلسفو
[/b] ياد رهي ته اسان ان کي ڪنهن عارضي تحريڪ يا وقتي جوش کان متاثر ٿي شروع ڪرڻ نٿا چاهيون، پر اسان پنهنجي علم ۽ تجربي جو عملي نمونو قائم ڪريون ٿا. شاهه ولي الله جي فلسفي سان اسان جو تعلق پنجاهه سالن کان دنيا ڄاڻي ٿي، هينئر اسان پنهنجي تحقيقات جو تت ايندڙ نسل آڏو آڻڻ گهرون ٿا.
اسان چاهيون ٿا ته هندستاني قومي فڪر ۾ هڪ معقول خيال جو اضافو ڪريون، جنهن سان هڪ مسلمان به پنهنجي هندستاني هجڻ تي ايترو ئي فخر ڪري سگهي جيئن دنيا جا عقلمند محب وطن (مسلمان هجن يا غيرمسلم) پنهنجي پنهنجي وطن جي عزت تي ناز ڪن ٿا. اهو خيال دنيا جي هڪ غير معروف پر تمام وڏي فلاسافر امام ولي الله دهلويءَ جو فلسفو آهي. اها حڪمت جيئن مسلمانن جي ٻن مشهور فلاسافرن شيخ اڪبر ابن عربي ۽ امام رباني مجدد سرهندي جي پيروڪارن کي مطمئن ڪري سگهي ٿي، ان کان وڌيڪ هندو فلسفي جي مختلف اسڪولن جي نظرين کي گيتا جي اسلوب تي گڏ ڪري رهي آهي. جيترا به اهل علم ولي الله فلسفي ۾ تبحر (مهارت) حاصل ڪندا اُهي پنهنجن هم خيال هندستانين (هندو هجن يا مسلمان) تي هڪ جيترو اعتماد ڪندا.
مسلمانن جي اڪثريت جيڪڏهن نيشنل ڪانگريس کان علحدگيءَ تي زور ڀريندي رهي ته ڪانگريس هڪ پارٽي ڪانفرنس بڻجي ويندي ۽ اسان ان کي برداشت نٿا ڪري سگهون. ان سان اسان جي هڪ خاص قسم جي پنجاهه ساله ملڪي ڪوشش بيڪار ٿي ويندي، جنهن جا اسين حقيقي ڀائيوار آهيون. مسلم ليگ جي ليڊرن جي رويي کان جيڪڏهن کڻي قطع نظر ڪريون ٿا ته احرار ۽ جمعيت العلماءِ جو معاملو ان کان وڌيڪ ناقابل فهم آهي. هو ڪانگريس جا همدرد ۽ وفادار بڻجي به ڪانگريس کان ٻاهر پنهنجي لاءِ مستقل سياسي پروگرام تجويز ڪن ٿا. اسان ان پريشان خياليءَ کي ختم ڪرڻ لاءِ انهن جماعتن کي ڪانگريس جي اندر هڪ مستقل پارٽيءَ جي صورت ۾ تبديل ڪرڻ گهرون ٿا. اسان کي ان لاءِ شاهه ولي الله جي فلسفي کان بهتر نصب العين نٿو ملي سگهي.
ان فلسفي جي تعليم مان اسان کي هڪ ٻيو فائدو حاصل ڪرڻ به گهربل آهي. اسان پنهنجي ان نئين جماعت کي سرڪاري يا مذهبي خدمتن لاءِ تيار نه پيا ڪريون. تنهن ڪري اسان انهن کي خدمتِ خلق جو پروگرام ئي ڏئي سگهون ٿا. شاهه ولي الله جو فلسفو جيئن ته سڀني دينن جو سرچشمو ”انسانيت“ ۽ ان جي تڪميل کي قرار ڏئي ٿي. اسان يقين رکون ٿا ته اهو فڪر جيترو به ڪنهن ذهن ۾ پختو ٿيندو اوترو اهو الله جي خلق جو سٺو خادم بڻجي سگهندو.
[b]يادگار شيخ الهند رحه ۽ برٽش ڪاملن ويلٿ
[/b] جهڙيءَ ريت هندستاني قومي فڪر ۾ اسان امام ولي الله جي فلسفي کي مرڪزي درجو ڏيارڻ گهرون ٿا، اهڙيءَ ريت اسان عملي پروگرام لاءِ برٽش ڪامن ويلٿ ۾ رهڻ جو فيصلو ڪندڙ پارٽي نيشنل ڪانگريس جي اندر ٺاهڻ ضروري سمجهون ٿا. اهو ڪم جيتوڻيڪ لبرل اسان کان وڌيڪ چڱيءَ طرح ڪري سگهن ٿا، پر هو ڪانگريس جو نصب العين قبول نٿا ڪن، تنهن ڪري الڳ ٿي ويا ۽ اسان عدم تشدد سان ڪامل آزادي حاصل ڪرڻ جو مقصد پنهنجي اصلي فڪر ۾ ناڪام ٿيڻ کان پوءِ قبول ڪيو آهي، تنهن ڪري آسانيءَ سان ڪانگريس ۾ اهڙي پارٽي ٺاهي سگهون ٿا، جيڪا عملي طور هوم رول حاصل ڪرڻ تي پنهنجي سموري طاقت استعمال ڪندي. ان ۾ اسان پنهنجن نوجوانن جي انقلابي فڪر کي منظم ڪنداسين. هو تشدد پسندي ۽ اشتراڪيت کان پنهنجو پاڻ کي بي پرواهه سمجهندا. ڪانگريس ڪريڊ مڃڻ لاءِ مڪمل آزادي اسان جو نصب العين ته رهندو پر جيستائين برطانوي طاقت اسان جي ملڪ تي قابض آهي اسان عوام لاءِ ڪوبه اهڙو پروگرام نٿا ٺاهي سگهون جيڪو هوم رول کان اڳتي قدم وڌائي. ان حالت ۾ نه اسين ان کان ناتو ٽوڙي سگهون ٿا جيئن گذريل پنجاهه ورهين ۾ غلطيءَ سان ايئن ڪندا رهياسين ۽ نه انهن کي بنا ڪنهن پروگرام جي جذبات جي تابع ڪري سگهون ٿا. نه ته خواهش پرست ليڊر.
”هر هو سناڪي جام وسندان باختن“
(هر خواهش پرست ليڊر جو هڪ ٻهروپ ٿيندو آهي.)
(جي مصداق ٻهروپ پائي عوام کي جيڪي اسان جي ريڙهه جي هڏي آهن پريشان ڪندو رهندو.
اسان جي پروگرام تي ڏاهپ سان عبور حاصل ڪرڻ کان پوءِ اسان جو نوجوان جيئن عدم تشدد جو پابند رهندو، اهڙيءَ طرح جيڪڏهن کيس ضرورت محسوس ٿيندي ته هو گورنمينٽ پارٽيءَ سان تعاون ڪرڻ کان به لنوائيندو.
يادگار شيخ الهند ۽ دهليءَ جو ولي اللهي اسڪول ۽ مرحوم دهلي ڪاليج
دهليءَ سان اسان جي فڪر ۽ عمل جو تاريخي تعلق آهي. امام ولي الله جي پيرويءَ جو مرڪز امام عبدالعزيز ۽ سندس جانشين الصدر الحميد مولانا محمد اسحاق جي آخري وقت تائين دهليءَ ۾ ئي رهيو. ديوبندي جماعت جو باني حاجي امدادالله پڻ مولانا محمد اسحاق جي مدرسي جو فيض يافته هيو ۽ سندن ئي سياسي رهنمائيءَ پٽاندڙ حاجي صاحب انهن کان پوءِ دهليءَ ۾ پنهنجو اجتماعي مرڪز ٺاهيو جيڪو 857 هنديءَ جي ناڪام انقلاب کان پوءِ ديوبند منتقل ڪيو ويو.
دارالعلوم ديوبند جي بانين مولانا محمد اسحاق، مولانا رشيد احمد، مولانا محمد يعقوب دهلي ڪاليج ۾ مشرقي علمن جي شعبي جي صدر مدرس مولانا مملوڪ علي کان تعليم ورتي. ديوبند جو پهريون صدر مدرس مولانا محمد يعقوب استاد الاساتذه مولانا مملوڪ علي صدر مدرس جو فرزند هو ۽ مولانا محمد قاسم رشتي ۾ مولانا مملوڪ عليءَ جو ڀائٽيو آهي.
شيخ الهند مولانا محمود حسن ديوبندي دهليءَ ۾ نظارة المعارف کي پنهنجو هڪ مرڪز بڻايو، پوءِ جامعه مليه جو افتتاح سندن هٿن سان ٿيو، آخر ۾ هڪ امير الجامعه ڊاڪٽر انصاريءَ جي گهر تي دهليءَ ۾ وفات ڪيائون. هينئر جيڪڏهن شيخ الهند جو يادگار دهليءَ ۾ قائم ٿيو ته اهو اسان جي سڀني بزرگن جي سلسلي جو يادگار ٿيندو.
[b]شيخ الهند رحه ۽ جامعه مليه
[/b] اسان مڪي معظمه ۾ اندازو ڪري ورتو هو ته جيڪڏهن اسان ڪڏهن وطن پهتاسين ته اسان پنهنجو ڪم جامعه مليه کان ٻاهر شايد جاري نه ڪري سگهنداسين. انهيءَ مطالعي جو نتيجو هيو جو اسان شيخ الجامعه جي خدمت ۾ درخواست موڪلي هئي، ان سان گڏ اسان جي دوستن ٻين مرڪزن مان پڻ دعوت ڏني ته اسان سندن ساٿ ۾ پنهنجو ڪم شروع ڪريون. هڪ سال کان وڌيڪ وقت اسان انهن معاملن کي سمجهڻ ۾ لڳايو، پر نتيجو اهوئي نڪتو جيڪو اسان اڳ ۾ ئي فيصلو ڪيو هو.
اسان نظريا ته اُهي ئي مڃيون ٿا جيڪي امام ولي الله دهلويءَ کان وٺي شيخ الهند تائين اسان جن بزرگن مقرر ڪيا پر اڄوڪي انقلابي دؤر ۾ انهن عظيم مقصدن کي حاصل ڪرڻ لاءِ پروگرام اسان يورپ کان سکڻ ضروري سمجهون ٿا. جيئن سڀني مشرقي ملڪن ۾ هڪ صديءَ کان ٿي رهيو آهي. جاپان، ترڪي ۽ گذريل جنگ کان پوءِ ايران، افغانستان ۽ سڀني عرب ملڪن ۽ آخر ۾ نيشنل ڪانگريس جا رهنما سڀ يورپ کان سکندا رهيا، تنهن ڪري اسان نوجوانن کي پنهنجن علمي نظرين سان گڏ عملي تجربن سکڻ لاءِ کين يورپين بڻجڻ جي دعوت ڏيون ٿا. تنهن ڪري جامعه مليه جو ساٿ ئي ممڪن ۽ پوءِ مفيد ثابت ٿيندو.
[b]يادگار شيخ الهند ۽ سنڌ جا راشدي بزرگ
[/b] مان اهو واضح ڪرڻ گهران ٿو ته منهنجي زندگيءَ جو سنڌ ۽ ديوبند سان خاص تعلق آهي. مون دارالعلوم ديوبند ۾ تعليم پرائي ۽ منهنجي علمي ۽ سياسي تربيت ۾ حضرت شيخ الهند منهنجو خاص مُربي هو جنهن سان منهنجو رابطو 899 هنديءَ کان شروع ٿي سندس وفات جي سال 919هندي تائين لڳاتار قائم رهيو. ان کانپوءِ ارشاد ۽ طريقت، تربيت ۽ صحبت ۽ عملي زندگي سنڌ جي راشدي مرشدن جي ٻاجهاري ڇانو ۾ شروع ٿي ۽ الله جي فضل سان منهنجو هي تعلق اڄ تائين قائم آهي.
ياد رکڻ گهرجي ته امام ولي الله دهلوي جي مرشدين جي حلقي ۾ سنڌ جا نامور عالم شامل هئا. مثلاً مخدوم محمد معين ٺٽوي جيڪو شاهه عبداللطيف ”صاحبِ رساله توحيد“ جو ساٿي ۽ مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ جي بزرگن مان هيو، اهو شاهه ولي الله کي پنهنجو امام مڃي ٿو. جڏهن امام عبدالعزيز جي جماعت سنڌ مان گذري ته راشدي بزرگن مان شيخ شيخنا مولانا سيد محمد حسين جيلاني ۽ مولانا سيد صبغت الله لڪياري ان حلقي ۾ شامل ٿيو. آخر ۾ منهنجو مرشد حضرت حافظ محمد صديق (ڀرچونڊي شريف) جا ٻئي وڏا خليفا مولانا غلام محمد (دينپور) ۽ مولانا تاج محمود (امروٽ) ۽ سيد صبغة الله جي خاندان مان مولانا رشدالله صاحب العلم حضرت مولانا شيخ الهند سان ڳنڍجي ويا. مولانا شيخ الهند جي يادگار سان جيئن ديوبند ۽ دهليءَ جي سلسلي جي ياد تازي ٿيندي، اهڙيءَ طرح دهلوي، ديوبندي ساٿين ۽ راشدي اخوان طريقت وارن کي پڻ منهنجي پرزور درخواست آهي ته هو پڻ يادگار شيخ الهند کي ئي پنهنجي بزرگن جو يادگار سمجهن ۽ جامعه مليه دهليءَ جي ان مرڪز کي مضبوط بڻائين ۽ ان جون شاخون پاڻ وٽ قائم ڪرڻ جي ڪوشش ڪن.
[b]ابتدائي ڪارروائي جو پروگرام
[/b] هينئر اسان پنهنجي ڪم جو مختصر پروگرام لکون ٿا. بيت الحڪمت جو نصابِ تعليم ته اسان اڳ ۾ ئي ڇپرائي چڪا آهيون. يعني شاهه ولي الله جي فلسفي سان قرآن عظيم کي سمجهڻ ۽ انسانيت جي اصولن تي هارين ۽ آبادگارن جي علمي ۽ عملي خدمت ڪرڻ.
ان تعليم ڏيڻ ۾ عملي طور اسان سان گڏ جامعه جو هڪ پروفيسر شامل رهندو ۽ ٻيو مددگار اسان جو هم مسلڪ هڪ مولوي هوندو. جيڪڏهن الله کي منظور آهي ته جامعه جو بيت الحڪمت جيڪو شروع ڪريون پيا، امام ولي الله دهلوي جي حڪمت جو مرڪزي ڪاليج بڻبو. ان سان لاڳاپيل ابتدائي ۽ مٿيان اسڪول ملڪ جي ڪنڊڪڙڇ ۾ قائم ٿيندا رهندا. مثال طور سنڌ جي مدرسي دارالرشاد ۽ مظهرالعلوم ۾ جيترو به ڪم ٿي رهيو آهي يا دينپور (رياست بهاولپور) ۽ لاهور ۾ جنهن ڪم جي شروعات ٿي چڪي آهي هي مختلف تعليم گاهون ترقي ڪري جامعه جي هن مرڪز جون شاخون بڻبيون.
[b]مرڪزي تعليم گاهه جي اڏاوت
[/b] جامعه نگر ۾ ”يادگار شيخ الهند“ جي مستقل عمارت جو خاڪو ايئن سمجهڻ گهرجي ته وچ ۾ هڪ خوبصورت مصفيٰ مسجد هوندي، ان جي چوڌاري ميدان ڇڏي ڪري چئني پاسن کان تعليم گاهه ۽ ان کان ٻاهر وري ميدان ڇڏي ڪري چئني پاسن کان دارالاقامه (هاسٽلون) ٺهندا.
في الحال جامعه نگر جي ويجهو ڪنهن ڳوٺ ۾ شاگردن جي رهڻ لاءِ جيڪو گهر ملي سگهيو مسواڙ تي ورتو ويندو ۽ نهايت جلد الله تعاليٰ جي فضل سان جامعه نگر جي احاطي ۾ ضرورت آهر دارالاقامة ٺاهيو ويندو. تعليم لاءِ جامعه جي عمارت ۾ ڪجهه ڪمرا استعمال لاءِ ملي ويندا. تنهن ڪري ٽئين منزل تي اترئين گنبذ واري ڪمري ۾ تعليم شروع ڪئي ويئي آهي.
[b]جامعه نگر ۾ منهنجي رهائش
[/b] جيستائين منهنجي صحت برداشت ڪري سگهي ٿي، مان ڪراچيءَ کان دهليءَ تائين هن تحريڪ جي مرڪز ۽ ان جي شاخن جي خدمت لاءِ سفر ڪندو رهندس ۽ جڏهن به حالتون مناسب ٿيون دهليءَ جي اوڀر واري علائقي ۾ (جنهن جا مرڪز لکنؤ، بنارس ۽ پٽنه آهن) ۽ ڏاکڻين علائقي ۾ (جنهن جو مرڪز اجمير آهي) ان تحريڪ جون شاخون قائم ڪرڻ لاءِ سفر جون حدون وسيع ٿينديون وينديون.
في الحال پنهنجي وقت کي ان ريت ورهائڻ جو ارادو ڪريان پيو: هر ٻه مهينا جامعه ۾ رهڻ کان پوءِ هڪ مهينو سنڌ ويندس. شاگرد ان مهيني ۾ ضبط ۽ مطالعي ۾ مصروف رهندا، پروفيسر ۽ استاد سندن نگراني ۽ معاونت ڪندا. ان ريت اٺ مهينا مسلسل ڪم کان پوءِ هڪ مهينو موڪل هوندي ۽ ٽن مهينن لاءِ سڀ شاگرد فائدي ۽ استفادي لاءِ ملڪ ۾ هڪ خاص پروگرام جي پابنديءَ سان دورو ڪندا. هي چار مهينا منهنجن ٻين مشغلن لاءِ فارغ هوندا.
[b]منهنجي دلچسپيءَ جو سامان
[/b] اسان هڪ ڊگهو عرصو ٻين قومن جي ترقيءَ جو سامان ڏسندي ڏسندي پهرين حسرت ۽ پوءِ وحشت جي غلبي کان پريشان ٿي ويا هئاسين. جيڪڏهن ڪجهه ڏينهن وڌيڪ ايئن رهون ها ته هوند دماغي توازن وڃائي ويهون ها. وطن پهچڻ سان آخري صدمي جو خوف ته ختم ٿيو البته هينئر تائين ڇاڪاڻ ته اسان جي مرضيءَ موجب ڪم جو ڪوبه فيصلو ڪونه ٿيو هو اسان جي وحشت تي ڪو مستقل اثر ڪونه ٿيو آهي.
”يادگار شيخ الهند“ جو ڪم شروع ڪرڻ جي ارادي سان جڏهن اسان جامعه نگر پهتاسين ته سڀ کان پهريائين جامعه جي شاندار عمارت کان اسان متاثر ٿياسين. اسان استنبول ۾ باسفورس (درياءَ) جي ڪناري تي ڪاليجون ڏٺيون آهن اسان کي اهوئي مزو جمنا جي هن واديءَ ۾ نظر آيو. جڏهن اسان ان کي پنهنجي شيءِ سمجهون ٿا ته دماغ جي گهرائين تائين سرور محسوس ڪريون ٿا.
اسان الله جو شڪر ڪريون ٿا ته ان اسان جي نوجوان کي توفيق عنايت ڪئي جنهن پنهنجي همت سان قوم ۾ معياري زندگيءَ جو بنياد قائم ڪري ورتو. خدا ڪري ته جامعه جا مخلص قوم جي هيٺئين طبقي کي ان معيار تائين وٺي اچڻ ۾ ڪامياب ٿين. مون فاضل استادن کي ٻارن سان کيڏندي ۽ پڙهائيندي ڏٺو. اسان جون اکيون ۽ ڪن جڏهن دهليءَ جي شسته زبان ۾ هڪ اعليٰ فڪر ٻارن جي ذهن ۾ راسخ ٿيندي محسوس ڪن ٿا ته اسان کي ايتري ته راحت ٿي ملي جيڪا اسان بيان نٿا ڪري سگهون.
اسان جي طبيعت جڏهن کان اسان وطن ۾ آياسين ساوڪ ۽ ٻارن کي ڏسي رڳو سرور حاصل ڪندي رهي. الحمدالله جو جامعه نگر ۾ اسان کي ٻئي شيون مليون.
یہ جھاڑیاں چمن کی یہ میرا آشیانہ
جامعه جا استاد ۽ منتظم جيستائين اسان سمجهي سگهون ٿا هو هن تحريڪ سان همدرديءَ سان ٽمٽار آهن. ان کي اسان الله رب العزت جي هڪ وڏي نعمت سمجهون ٿا.
والله الموفق والہادي واٰخر دعوانا ان الحمدللہ رب العالمین
22 نومبر 940 هندي
بيت الحڪمت جامعه نگر دهلي