سنڌ ساگر انسٽيٽيوٽ جو عملي ڪم
دهليءَ جي جامعه مليه ۾ بيت الحڪمت قائم ڪرڻ کان پوءِ اسان ان جي هڪ شاخ لاهور ۾ کولڻ لاءِ گذريل مارچ 1944ع ۾ ڪجهه هفتا اچي رهياسين. لاهور جي نوجوان طبقي اسان جي اسڪيم سمجهڻ کان پوءِ ”محمد قاسم ولي الله ٿيالوجيڪل ڪاليج“ قائم ڪرڻ لاءِ آمادگي ڏيکاري ۽ اسان نوجوانن جي خاطر ڪاليج جي مختصر اسڪيم لکي، تيار ڪري ڏني جا هنن ڇپائي پڌري ڪئي آهي.
اسان جو ارادو آهي ته اهڙا ڪاليج سنڌ ۽ دهليءَ ۾ به قائم ڪريون.
آءٌ بيماريءَ جي حالت ۾ جڏهن سنڌ جميعت طلباء جي صدارت لاءِ حيدرآباد ۾ آيس. تڏهن حيدرآباد مان ڪم لاهي دارالرشاد ڳوٺ پيرجهنڊي ۾ پهتس. سنڌ ۾ جيڪي اسان جا دوست سنڌ ساگر انسٽيٽيوٽ جو ڪم ڪندڙ هئا تن جناب پير ضياء الدين شاهه (صاحب العلم) کي آماده ڪيو ته هو دارالرشاد (ڳوٺ پيرجهنڊي) جي نئين عمارت ۾ ”محمد قاسم ولي الله ٿيالوجيڪل ڪاليج“، ”سنڌ ساگر سوسائٽي“ جي الحاق ۾ شروع ڪرڻ جي اجازت ڏئي. 24 اپريل 1944ع تي پير ضياء الدين شاهه جي زيرصدارت دارالرشاد جي عمارت ۾ جلسو ٿيو ۽ ڪاليج جو افتتاح ڪيو ويو. في الحال تعليم لاءِ مولوي بشير احمد بي، اي لڌيانويءَ کي لاهور مان گهرائي ڪاليج جو وائيس پرنسپال ۽ ڪاليج سان ملحق اسڪول جو هيڊماستر مقرر ڪيو ويو آهي.
[b]طريقه تعليم
[/b] هن ڪاليج ۾ بنيادي طرح شاه ولي الله جي فلاسفي سيکاري ويندي جنهن جي نوعيت جا ٻه رنگ هوندا: (1) سلطان عالمگير جي زماني کان وٺي دهلي جي مفتوح ٿيڻ تائين جيترا ڪتاب لکيا ويا آهن ۽ جيترا به انهن مان ملي سگهندا تن سڀني جي مطالعي جو طالب علم کي موقعو ڏنو ويندو. (2) دهليءَ جي ختم ٿيڻ سان عربي ۽ فارسي زبانن جو دور ختم ٿئي ٿو. مولانا محمد قاسم دهليءَ جي نئين زبان اردوءَ ۾ ولي اللهي فلاسفي جو ترجمو ڪري ديوبند کي مرڪز بڻائي ٿو. انهيءَ ڪري تعليم جي ٻنهين رنگن کي سمجهڻ لاءِ مولانا محمد قاسم جا ڪتاب يا شيخ الهند جي صحبت مان جيڪو طريقو معلوم ٿيو آهي سو شاگردن کي سيکاريو ويندو. ان سان گڏ عربي ۽ انگريزي تعليم جو به اعليٰ پيماني تي انتظام رکيل هوندو.
هن ڪاليج جي فلسفيانه تعليم جي بنياد تي ئي هڪ پوليٽيڪل پارٽي ٺهندي جا مسلمانن جي زندگيءَ جي ترجمان رهندي ۽ گانڌي ازم جي چڪر کان نجات ڏياريندي.
[b]گانڌي ازم ۽ برطانيه
[/b] اسان جي سمجهه ۾ گانڌي ازم ۽ ڪانگريس ٻه جدا شيون آهن. اسان هن وقت گانڌي ازم جي تنگ دائري اندر ڪم ڪرڻ کان مجبور آهيون. جنهن ۾ اسان لاءِ ڪابه گنجائش ڪانه آهي پر برطانيه امپيريلزم سان گڏجي ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهيون. ڇاڪاڻ ته ان جو ايڏو وسيع دائرو آهي جنهن جي ضمن ۾ اسان کي ڪم ڪرڻ جي گنجائش آهي يعني ته جڏهن به گانڌي ازم ۽ برٽش امپيريلزم جو مقابلو ٿيندو تڏهن اسان برٽش سان گڏجي ڪم ڪنداسين نه گانڌي ازم جا تابع ٿينداسين. اسان ڪابل ۾ ۽ ڪابل کان ٻاهر انڊين نيشنل ڪانگريس جون وڏيون وڏيون خدمتون ڪيون آهن، جن خدمات کان ڪڏهن به دستبردار ٿي نٿا سگهون. تنهن ڪري ڪانگريس ۾ رهي ولي الله فلاسفيءَ جي بنياد تي مستقل پروگرام هلائينداسين ۽ ان ريت انڊين نيشنل ڪانگريس کي برطانيه سان مصالحت ڪرائي ويندي. ان پروگرام جو مرڪز اسان سنڌ کي بڻايو آهي. جتي محمد قاسم ولي الله ڪاليج ۽ اسڪول قائم ڪري هڪ سوسائٽي قائم ڪئي ويندي، جا باقاعده ڪم ڪندي رهندي.
هنن درسگاهن جي ذريعي شاگردن کي هندستان ۾ 7 سؤ سالن جي حڪمرانيءَ جي نتيجي جي سڌ پئجي ويندي. جنهن ڪري اسان هن تحريڪ کي هندستاني مسلمانن جي نيشنل (قومي) تحريڪ سڏيون ٿا. جنهن ۾ ڪوبه هندو يا عيسائي بنا ڌڙڪ شريڪ ٿي سگهي ٿو.
اسان جي هن قومي تحريڪ جي درسگاهن ۾ تعليم سان گڏ عملي ڪم به رٿيل آهي. جيئن ته، (1) زرعي ڪم کي جديد طريقي ۾ سيکارڻ. (2) اسيمبليءَ ۾ ڪم ڪرڻ. (3) بين الاقوامي تحريڪن ۾ پنهنجي هستيءَ جو ثبوت ڏيڻ.
[b]اتر سنڌ ۾ تحريڪ جون شاخون
[/b] اسان جو خيال هو ته سنڌ ساگر انسٽيٽيوٽ پيرجهنڊي جي ڳوٺ جون ڪجهه شاخون شمالي (اتر) سنڌ ۾ قائم ڪيون وڃن جن جو نالو ”سنڌ ساگر اڪاڊمي“ رکيو وڃي. ڪيتري زماني کان خواهش هئي ته امروٽ تعلقي ڳڙهي ياسين ۾ جتي اسان جي مرشدن جو مرڪز آهي، اتي سنڌ ساگر اڪادمي قائم ڪئي وڃي. 25 مئي 1944ع تي انهيءَ ڪم لاءِ وڏيري مستي خان جي پوٽي وڏيري هدايت الله خان دل زمين ٽڪرو عطا ڪيو جتي اميد ته سنڌ ساگر اسڪول کوليو ويندو ۽ انهيءَ اسڪول جي ذريعي امروٽي جماعت هڪ مرڪز تي جمع ٿي ويندي. اميد آهي ته دارالسعادت گورو پهوڙ جا شاگرد ۽ قاسم العلوم ٿريچاڻي جون تحريڪون به شريڪ ٿي وينديون. هن اسڪول جي زمين کي ٻن حصن ۾ ورهايو ويندو:
(1) لطف الله زرعي فارم
(2) محمد قاسم ولي الله اڪاڊمي
هن ڪم ۾ اسان جا ڪيترا دوست هم خيال آهن، جن مان مولانا دين محمد صاحب وفائي عملي طرح ڪم ۾ شرڪت ڪندو ٿو رهي. يقين آهي ته هيءَ تحريڪ ملڪ ۽ ملت لاءِ ڏاڍي مفيد ثابت ٿيندي.
[b]جامعه مليه دهلي
[/b] آءٌ بيمار آهيان ۽ عمر ۾ به وڏو آهيان. مگر منهنجي موت سان هيءَ تحريڪ مري ڪانه ويندي. جامعه مليه دهليءَ ۾ بيت الحڪمت قائم ڪري اتي تعليم جو ڪم اسان شروع ڪري ڏنو آهي. اسان جو ارادو آهي ته سنڌي شاگردن لاءِ جامعه مليه ۾ بورڊنگ هائوس به قائم ڪيو وڃي، جتي سنڌي نوجوان تعليم پرائي سنڌ ۾ اعليٰ پيماني تي ڪم ڪندا رهن. جامعه ۾ فقط ابتدائي تعليم ڏياري ويندي. ڇاڪاڻ جو جامعه جهڙي ابتدائي تعليم ڪٿي به ڪانه ڏني وڃي ٿي. جيڪڏهن هن سنڌ جي اميرن جا ٻار جامعه ۾ ابتدائي تعليم پرائڻ ويا ته اهي بهترين شاگرد ثابت ٿيندا.
اسان مٿي ڏيکاري آيا آهيون ته هن بيماريءَ جي حالت ۾ سنڌ جو سفر نوجوان عربي شاگردن جي جلسي جي صدارت لاءِ ڪيو ويو آهي. اسان تازو دارالسعادت ۾ رهي شاگردن کي هدايتون ڏئي آيا آهيون. هيءَ جماعت اسان جي مقصدن سان متفق آهي، تنهن ڪري بزرگن جو فرض آهي ته شاگردن جي حوصلا افزائي ڪن ۽ هنن جي ڪمن ۾ رنڊڪون نه وجهن. جيڪڏهن هنن کان ڪا غلطي ٿئي ته ان کي فراخدليءَ سان معاف ڪن. سنڌ جي نوجوان شاگرد ۾ پورو استعداد موجود آهي، جنهن تي زنگار چڙهي چڪو آهي. ان جي چمڪائڻ لاءِ ڪوشش ورتي وڃي.
**