جمنا نربدا سنڌ ساگر پارٽيءَ جي سرگذشت
جيتوڻيڪ اسان جو آواز ملڪ ۾ نه ٿي پهچي سگهيو، تنهن هوندي به اسان هن اميد ۾ رهندا هئاسين ته جڏهن به ملڪ ۾ ڪم ڪرڻ جي قابل ٿياسين، ته پنهنجي ٻين ساٿين جي مقابلي ۾ اسان پنهنجي پروگرام کي سولائيءَ سان ڪامياب بڻائي سگهنداسين، ڇاڪاڻ ته ان کان پهريائين ديوبند کان فارغ ٿي اسان هڪ علمي سياسي جماعت جي سؤ ساله طئه ٿيل پروگرام تي پنجويهن سالن تائين تعليمي ڪم ڪندا رهياسين. اسان کي يقين آهي ته اسان کي پنهنجي انهيءَ محنت جي نتيجن تي نئين عمارت مڪمل ڪرڻ ۾ گهڻي آساني ٿيندي. ان ڪري اسان پنهنجو عملي ميدان سنڌ ۽ دهليءَ کان ٻاهر تجويز ڪرڻ جي ڪڏهن به جرئت نه ڪئي.
مارچ 1939ع ۾ اسان واپس آياسين ۽ 10 ڊسمبر 1939ع تي اسان جمنا نربدا سنڌ ساگر پارٽيءَ جو بنيادي پروگرام شايع ڪيو. ڪم شروع ڪرڻ کانپوءِ اسان جي اکين تان غلط فهميءَ جو پردو آهستي آهستي هٽڻ شروع ٿيو.
(1) سڀ کان پهريائين جنهن وڏي مصيبت سان اسان کي منهن ڏيڻو پيو، اهو هڪ اهڙو دردناڪ واقعو آهي جو، گفتن نه توانيم و هفتن نتوانيم.
اسان جي وطني تحريڪ (انڊين نيشنل ڪانگريس) جنهن کي اسان ڪابل پهچي امير حبيب الله خان جي مشوري سان اپنايو هو ۽ ٻاهرين دنيا ۾ ان جو تعارف ڪرائڻ لاءِ ڪانگريس ڪميٽي ڪابل ۾ مستقل پارٽيءَ جو پروگرام به هلايو، جنهن کي اڪثر جلاوطن هندستانين قبول ڪيو هو. ۽ گيا سيشن ۾ اسان جي ڪميٽيءَ جو الحاق به منظور ٿيو. ان کان پوءِ ماسڪو ۽ انگورا ۾ ڪانگريس جو تعارف ڪرائڻ ۾ اسان پنهنجي پوري طاقت استعمال ڪئي. اسان ان ڪاميابيءَ تي ڏاڍو خوش رهياسين، پر اسان جي هيءَ وطني تحريڪ عارضي طور تي هڪ اهڙي ليڊر جي قبضي ۾ اچي وئي، جنهن اسان جي سڄي ڪم کي ڪالعدم (نه جهڙو) بڻائي ڇڏيو آهي. اسان جي ملڪ جو هي وڏو ماڻهو پنهنجي سياسي عقلمنديءَ جي ذريعي دنيا جي پهرئين درجي جي ماڻهن ۾ ڪامياب مڃيو ويو آهي. پر اسان کي ان گهٽ ۾ گهٽ پنجاهه سال پوئتي اڇلي ڇڏيو آهي. اسان لاءِ مصيبت اها آهي ته نه ڪانگريس کي ڇڏي ٿا سگهون ۽ نه پنهنجي ان ليڊر جي ڊڪٽيٽرشپ کي مڃي ٿا سگهون، ان ڪري مجبور ٿياسين ته امام ولي الله جي فلاسافيءَ تي نئين نموني سان ڪانگريس ۾ هڪ مستقل پارٽي آرگنائيز ڪيون. اهو ڪم ڪيترو مشڪل آهي، اسين چڱيءَ طرح ان کي سمجهون ٿا، پر اسان جي لاءِ جيڪڏهن ڪم جو ڪو رستو آهي ته صرف اهو ئي هڪ پروگرام آهي. جيڪڏهن ايندڙ پنجاهه سالن جي محنت سان به اسين اهو پروگرام هلائي سگهياسين تڏهن به پاڻ کي پوري طرح ڪامياب سمجهنداسين.
(2) ان کان پوءِ ٻي مصيبت اسان کي هيءَ نظر آئي، ته اسان پنهنجي ذاتي محنت سان هندستاني تحريڪ لاءِ جيڪو ميدان تيار ڪيو هو، اهو به اسان جي هٿن مان نڪري ويو. دنيا ڄاڻي ٿي ته اسان ديوبند جي شاگرديءَ جي زماني ۾ امام ولي الله جي فلاسافيءَ تي مولانا محمد قاسم جي توسط سان يقين حاصل ڪري ورتو هو، ان کان پوءِ ان ئي جماعت جي استادن ۽ مرشدن جي نگرانيءَ ۾ اسان مسلسل ڪم ڪندا رهيا هئاسين، اهو سڄو پروگرام هڪ پروبرٽش طاقت جي مدد سان مسخ ڪيو ويو آهي. توهان حيران ٿي اسان جي مظلوميت تي ڳوڙها ڳاڙيندؤ، جڏهن توهان کي معلوم ٿيندو ته ان ڏکئي ڪم کي سولو بنائيندڙ ان اجتماع (ديوبند) جو هڪ اهڙو ميمبر آهي، جيڪو ڪامل مڪمل سمجهيو ويندو آهي، پر حقيقت ۾ اهو دل سان ڪڏهن به ان نظام جو قائل نه ٿيو هو ان پنهنجي ايمانداريءَ سان سڄي ڪم جا بنياد ئي لوڏي ڇڏيا. ”حتي خر عليهم السقف“.