تاريخ، فلسفو ۽ سياست

مولانا عبيدالله سنڌيءَ جون تحريرون ۽ تقريرون

ماضي قريب ۾ سنڌ ۽ هند ۾ جيڪي انقلابي اڳواڻ پيدا ٿيا انهن ۾ امام انقلاب مولانا عبيد الله سنڌيءَ جو نالو سرفهرست ملي ٿو.
هي ڪتاب مولانا سنڌيءَ جي نادر ۽ ناياب تحريرن ۽ تقريرن جو مجموعو آهي، جيڪي مختلف ڪتابن مان هٿ ڪيل آهن ۽ ڪجهه تحريرون مولانا عزيز الله جروار جن کي مولانا سنڌيءَ جي ساٿي ۽ شاگرد مولانا عزيز احمد کان حاصل ٿيون هيون سي به شامل آهن.
Title Cover of book مولانا عبيدالله سنڌيءَ جون  تحريرون ۽ تقريرون

بيت الحڪمت جامعه مليه دهلي

دوستن جي خواهش آهي ته بيت الحڪمت جو مقصد صاف لفظن ۾ ظاهر ڪيو وڃي جيئن همدرد صاحبن کي هڪ مرڪز تي آڻڻ ۾ آساني ٿئي.

[b]نڪتهءِ حڪمت
[/b] جيڪڏهن ڪو شخص فقط انساني عضون جا جدا جدا نالا وٺي هر هڪ عضوي جا فائدا ٻڌائي وڃي ته ان کي طبيب ڪوٺي نه سگهبو. مگر کيس حڪيم تڏهن چئي سگهبو جڏهن هو سڀني عضون جي اندر عضون کي هلائيندڙ جزو مشترڪه قبول ڪري ۽ کيس انهن جزن جي ترقي ڪندڙ تدبيرن جو علم به هجي. ان طرح جيڪڏهن ڪو شخص ڪنهن جماعت، ڪنهن قوم، ڪنهن ملڪ يا قومن بابت انهن کي ترتيب وار جمع ڪري ته ان کي ايستائين مورخ چئي نه سگهبو جيستائين هو انهن واقعن اندر اجتماعي روح ثابت نه ڪري جو جماعت کي وڌائيندو رهي ۽ جيڪا اڳيان مشڪلات پيدا ٿئي ته ان کي هٽائي اڳتي وڌي سگهي.

[b]اسلام جو پهريون انقلابي دور
[/b] اڄ کان چوڏهن سو ورهيه اڳ دنيا ۾ هڪ جماعت ظاهر ٿي، جا پوءِ قوم ٿي، پوءِ اها هڪ محدود علائقي ۾ قومن جو مجموعو ٿي، اهي ان جماعت جي زندگيءَ جا شروعاتي 48 سال هئا، جن ۾ نهايت اعليٰ اصول قائم ڪيا ويا. ان جماعت مان مراد حضرت محمد ﷺ جي بعثت کان اميرالمؤمنين حضرت عثمان رضه جي شهادت تائين وارو زمانو آهي. هيءَ چڱي طرح سمجهڻ گهرجي ته هيءَ حجازي تحريڪ هئي، جنهن جي شروع ۾ مڪي معظمه جا قريش پوءِ مدينه منوره جا انصار جمع ٿيندا ويا. اها تحريڪ 13 سالن تائين مڪه معظمه ۾ پکڙندي ۽ زور وٺندي رهي، پوءِ 35 سالن تائين مديني منوره ۾ مضبوط ٿيندي رهي. ان زماني ۾ اها جماعت سڄي جزيره عرب، مصر، شام ۽ عراق ۾ ڪاميابيءَ سان بين الاقوامي حڪومت قائم ڪري سگهي ۽ ايتري طاقت حاصل ڪري سگهي جو سندس سيلاب کي ڪابه طاقت روڪي نه سگهي ۽ جنهن به طرف اڳتي وڌڻ چاهيائين ته ڪابه رڪاوٽ آڏو نه آئي. ان سلسله واقعات جي ان دور جي تاريخ اسان جي بحث جو موضوع آهي.

[b]تاريخ، فلسفه تاريخ ۽ امام ولي الله
[/b] صحيح معنيٰ ۾ تاريخ ان صورت ۾ مرتب ٿي سگهي ٿي ته اول اجتماعي اصول طئي ڪيا وڃن ۽ پوءِ سڀ واقعا درجه بدرجه ان اصول سان ٺهڪايا وڃن. ان دستور مطابق ان زماني جي اسلامي تاريخ لکڻ وارو هڪ شخص به ڪونه آهي. ڪنهن به مبالغي کان سواءِ چئي سگهجي ٿو ته اسلامي تاريخ سوين دوستن ۽ دشمنن سندن پنهنجي پنهنجي انداز ۾ خوب لکي آهي، پر جيڪڏهن واقعات جمع ڪرڻ وارن مصنفن کي نظر انداز ڪيو وڃي ته تاريخ جي روح ۾ سلسلو پيدا ڪندڙ مفڪرين جا ڪتاب جيتري قدر به موجود ٿي سگهيا آهن، انهن جو اسان پوري قوت سان مطالعو ڪيو آهي. انهن ۾ ڪوبه شخص انهن 48 سالن جي تاريخ لکڻ ۾ حضرت حجة الاسلام امام ولي الله جو مقابلو ڪري نٿو سگهي.

[b]صدر اول جي تاريخ جا ٽي حصا:
[/b] ان تاريخ جي فڪري نظريات جا ٽي حصا آهن:
(1) الهامي تعليمي مجموعو، جنهن کي قرآن عظيم چيو ٿو وڃي.
(2) ان نئين سوسائٽيءَ جي عملي زندگيءَ جا واقعا جي حديث جي سڀني صحيح ڪتابن موطا امام مالڪ، بخاري، مسلم، ابو دائود، ۽ ترمذيءَ ۾ نروار ڪيل آهن، بقول امام ولي الله.
(3) رسول الله ﷺ کان پوءِ حضرت ابوبڪر صديق، حضرت عمر ۽ حضرت عثمان جي زماني ۾ جيڪي فيصلا اجتماعي طور ٿيا هئا جن جو تجاء ڪتاب ازالة الخفاء (مصنف امام ولي الله) ۾ ڏسڻ ۾ ايندا.

[b]امام ولي الله جون خدمتون
[/b] امام ولي الله مغليه دور حڪومت جي زوال واري زماني ۾ اٿيو ۽ هو ڏسي رهيو هو ته دهليءَ جي سوسائٽي سلطنت جي بار سنڀالڻ کان عاجز اچي چڪي آهي ۽ شخصي حڪومتن جو دور ختم ٿي رهيو آهي، آئينده جمهوري بنياد تي حڪومتون قائم ٿينديون ۽ انهن کي نج اسلامي طرز تي هلائڻ لاءِ هن بزرگ خلفاء راشدين جي دور کي ازالة الخفاء ۾ ترتيب وار بيان ڪيو. ان کان پوءِ دمشق، بغداد، بخارا ۽ دهليءَ تائين جيڪي جيڪي حالتون بدلبيون رهيون آهن تن کي تاريخي سلسلي وار سامهون رکي آئينده لاءِ قدم وڌائڻ جو رستو صاف ڪيو. سندس تصنيفات ۾ وڏو حصو تصوف ۽ روحانيت تي شامل آهي، ڇاڪاڻ جو روحانيت کان سواءِ خدا جو انڪار لازم اچي ٿو. شاهه صاحب جي اولاد ۽ خلفاءِ جون خدمتون به ساڳي رنگ ۾ رڱيل آهن.
هن زماني ۾ جو جمهوريت ۽ سوشلزم جو زمانو آهي تنهن ۾ لادينيءَ جو گهيرو وڌل آهي. بيت الحڪمت ۾ شاهه صاحب جي ڪتابن پڙهائڻ سان هڪ طرف نوجوانن ۾ آئينده جمهوري ڪم جو حوصلو ٿيندو، ٻئي طرف الله تعاليٰ جي ڄاڻ کان به غافل نه هوندا ۽ لادينيءَ جي بڇڙي بيماريءَ کان ڇوٽڪارو لهندا.

[b]بيت الحڪمت جي ضرورت
[/b] امام ولي الله جي حڪمت جو اجمالي تعارف ڪرائڻ بعد بيت الحڪمت جو مقصد آسانيءَ سان سمجهي سگهجي ٿو. اڄوڪي دنيا ڪنهن به پراڻي تحريڪ کي سندس جماعتي تاريخ سمجهڻ کان سواءِ قبول ڪرڻ کان انڪار ڪري ٿي. اسان اسلام جي ان پهرئين دور جي تاريخ بيت الحڪمت ۾ اهڙن مصنفن جي معرفت پڙهايون ٿا، جن جي برابر لکڻ وارو مسلمانن ۾ ڪوبه پيدا نه ٿيو آهي.

[b]بيت الحڪمت جا مقصد
[/b] بيت الحڪمت ۾ اهي ڪتاب اصلي زبان ۾ پڙهايا وڃن ٿا، پر اسان جي ملڪ ۾ ٻه سؤ سال ڌارين جي حڪومت جي انقلاب جو نتيجو هي نڪتو آهي جو عربي ۽ فارسيءَ جي جاءِ، اردو ۽ انگريزي زبان ورتي آهي. ان ڪري بيت الحڪمت ۾ ان فلسفه ۽ تاريخ جو اردو ۽ انگريزيءَ ۾ ترجمي ڪرڻ جو ڪم به پنهنجي مقصد ۾ شامل ڪري چڪا آهيون. اها تحريڪ ڪيتري قدر اهميت رکي ٿي، ان تي زياده روشني وجهڻ جي ڪابه ضرورت ڪانه آهي.
اسان جامعه مليه دهليءَ کي بهترين ميدان عمل سمجهون ٿا، جتي اڄوڪا مؤرخ ۽ طالب علم گڏ ٿي سگهن ٿا. ان ڪري اسان بيت الحڪمت جو مرڪز جامعه مليه سان ملائڻ گهرون ٿا ۽ ان جون شاخون سنڌ ۽ پنجاب ۾ قائم ڪرڻ به ضروري آهن. هي ڪم نڪي مشڪل آهي، نڪي گهڻو وقت گهري ٿو. اعليٰ فڪر نوجوانن کي اهو ڪم پنهنجو نصب العين بنائڻ گهرجي. جيڪڏهن ان ۾ ڪاميابي ٿي ويئي ته هندستاني مسلمانن جو خيال ٿورن ئي ڏينهن ۾ بي دينيءَ کان پاڪ ٿي ويندو. (والله المستعان)