صدارتي خطبو جمعيت علماء صوبو بنگال
[/b]
الحمدلله وسلام عليٰ عباده الذين اصطفيٰ
اما بعد- هند جي مسلمانن، هن زماني ۾ جيڪي پنهنجون مختلف جماعتون جوڙيون آهن، انهن مان هڪ جماعت جمعيت علماء هند آهي. ان جي شروعات ڪيئن ٿي ۽ ڪهڙيءَ ريت هيءَ جماعت اڄ تائين پنهنجي وجود جو ثبوت ڏيندي رهي، ان جي تاريخ کان اوهان ايتريقدر واقف آهيو جنهن ۾ مان ڪوبه واڌارو نه ٿو ڪري سگهان.
انهيءَ قسم جي جماعت جي هڪ ٻي صورت ان کان پهريائين ظاهر ٿي چڪي آهي جنهن کي جمعيت الانصار چيو ويندو هو. هاڻي ٻڌان ٿو ته هي نالو ڪنهن ٻيءَ جماعت پنهنجي لاءِ پسند ڪيو آهي، پر منهنجي نظر ۾ اهڙي نوعيت جي ان جماعت جو عام پسند نانءُ جمعيت علماءِ هند آهي.
ان کان پهريائين (هن) جماعت سان منهنجو خصوصي واسطو هيو. حضرت شيخ الهند مولانا محمود حسن رحه جي خادمن سان گڏ مان به عمل ۾ شريڪ رهيو آهيان. ان قسم جي جماعت ۾ شڪل ۽ صورت جي بدلجڻ سان اصلي مقصد تي گهڻو اثر نه ٿو ٿئي، ان ڪري مان هن جماعت جي نقطه نظر کان اڻڄاڻ نه آهيان.
مون حضرت شيخ الهند جي حڪم سان 4 شوال سن 1333هه تي هندستان ڇڏيو. حضرت مولانا حسين احمد جي خواهش تي 1358هه جي شروعات ۾ واپس ٿيس. ان عرصي ۾ اهڙين حالتن مان گذريو آهيان جو ڪڏهن موت جي منهن مان وڃي بچي نڪتس ۽ ڪڏهن نااميديءَ جي غلبي جي بُرن اثرن کان بچڻ لاءِ اهڙين جماعتن سان گڏجي ڪم لاءِ سوچيندو رهيس، جن سان شايد اطمينان واري حالت ۾ معمولي طورتي ملڻ به جائز نه سمجهان ها.
هتي مثنويءَ جا ڪجهه شعر لکان ته منهنجي ڪيفيت وڌيڪ وضاحت سان سمجهه ۾ اچي سگهندي.
من بہر جمعیتے نالاں شدم، جفت خوشحالاں وبد حالاں شدم
ہر کسے ازظن خودشد یا رمن، وزد دروں من نجست اسرار من
سرمن ازنالہءِ من دور نیست، لیک گوش و چشم زا آن نورنیست
هن بيان ۾، مان پنهنجي خاص دوستن کي نينڍ ڏيان ٿو ته هو اسان جون شخصي حالتون چڱي طرح معلوم ڪن.
ان في ذالڪ عبرت الاولي الباب
(معنيٰ: بيشڪ ان ۾ عقل وارن لاءِ عبرت آهي.)
مون کي وطن اچڻ جي اجازت ملي، مان ان کي الله جي رحمت جو خاص ڪرشمو مڃان ٿو، هوريان هوريان منهنجي دماغ تان وحشت دور ٿي رهي آهي. واپسيءَ جي اميد ختم ٿيڻ يا ختم ٿيڻ جي ويجهو پهچڻ سان وڌيڪ برا اثر دل ۽ دماغ تي حاوي ٿي رهيا هئا. الله جي رحمت اُن ڏکيائيءَ ۾ واهر فرمائي ۽ اُن برداشت کان ٻاهر مصيبت کان ڇوٽڪارو مليو.
حمد ربي عليٰ ذالڪ حمد الشاڪرين
منهنجا ڪجهه محترم دوست هيءُ به خيال ڪندا رهيا ۽ ان تي کين ضد هئي ته مون کي واپس نه اچڻ گهرجي، گهڻو ڪري هو اهڙن وهمن ۾ مبتلا هئا ته مان آزاد زندگي گذاريان ٿو، ان ڪري هتان جي غلاميءَ ۾ اچي وڪوڙجي ويندس. ان وهم سندن دماغ ۾ مختلف روپ ڌاريا هئا پر مون ان کي سختيءَ سان ناپسند ڪيو. مون سان ڇاوهيو واپريو سو سندن سمجهه ۾ نه ٿو اچي سگهي.
کجادا نند حال ماسبکسا ان ساحلها
مان وري به الله رب العزت جو شڪر ڪريان ٿو ته سمنڊ جي ڪناري تي پير رکڻ واري وقت کان اڄ تائين مون، انهن وهمن جو ڪوبه اثر نه ڏٺو. فالله الحمد واولاً واخراً
”لم شڪرالله من لم شڪرالناس“ جي اصول تي توهان مون کي اجازت ڏيو ته جن ماڻهن منهنجي واپسيءَ لاءِ جاکوڙ ڪئي آهي، انهن جا ٿورا مڃان. ان سلسلي ۾ سڀ کان پهريائين منهنجي محترم دوست چوڌري غلام رسول مهر ۽ منهنجي پراڻي مهربان سر عبدالله هارون مون لاءِ ڪوشش شروع ڪئي. اها تحريڪ ان وقت ڪجهه عارضي ڪارڻن جي ڪري ڪامياب نه ٿي سگهي، پر ڪوششون ڪندڙن کي داد نه ڏيڻ هڪ قسم جي بزدلي ۽ انسان فراموشي آهي. ان ڪري مان هن اجلاس ۾ انهن لاءِ دعا ٿو ڪريان، جزاهم الله احسن الجزا.
ٻئي ڀيري ان تحريڪ کي انڊين نيشنل ڪانگريس، مهاتما گانڌيءَ جي رهنمائيءَ ۾ هلايو ۽ منهنجي دوستن هندستان جي هر ڪنڊ کان تائيد ڪئي جنهن جو نتيجو هي نڪتو جو هند جي گورنمينٽ مون کي واپسيءَ جي اجازت ڏني. ان تحريڪ جي تائيد ۾ هر هندستانيءَ بهرو ورتو. سياسي نظريي جي اختلاف جو ڪو به اثر نه ٿيو. پوءِ به مون سان خصوصي واسطو رکندڙ جماعتون جهڙوڪ دارالعلوم ديوبند ۽ جمعيت علماءِ هند جون شاخون ۽ سنڌ جون سياسي ۽ غيرسياسي جماعتون خاص طور تي قابل ذڪر آهن.
ان اجازت جي مسئلي کي جيڪڏهن اونهي نظر سان ڏٺو وڃي ته توهان کي معلوم ٿيندو ته ان فيصلي ۾ هز امپيريل مئجسٽيءَ جي هندستاني وزير جي منظوري حاصل ڪئي وئي آهي ۽ هي به چٽيءَ طرح سامهون اچي ويندو ته جيڪڏهن سنڌ گورنمينٽ پنهنجي اجازت نه ڏئي ها ته هوند هي معاملو ظاهر ئي نه ٿئي ها. ٿورو اڳتي ڏٺو وڃي ته هيءُ به ممڪن آهي ته سنڌگورنمينٽ کي ان ضمانت تي تيار ڪرڻ لاءِ جدي جي رهواسي برطانوي وزارتِ مختار ۽ ان جي مددگار انڊين وائس ڪائونسل خاص بهرو ورتو هجي.
ان ڪري مان (1) هز امپيريل مئجسٽي ۽ برٽش ڪئبنٽ کان پوءِ (2) هز ايڪسيلينسي وائسراءِ ۽ انڊين گورنمينٽ کان پوءِ (3) هز ايڪسيلينسي گورنر سنڌ ۽ سندس گورنمينٽ جي معزز اراڪين جيئن سر غلام حسين هدايت الله (4) کان پوءِ جدي جي برٽش قائم مقام ۽ پنهنجي محترم دوست سيد لال شاهه (جدي جي انڊين وائيس ڪائونسل) جو دل جي گهراين سان شڪريو ادا ڪريان ٿو.
اهڙيءَ طرح، ان سان گڏوگڏ بلڪ هڪ حيثيت سان پهريائين پنهنجي ديس جي سڀ کان وڏي فلاسافر مهاتما گانڌي ۽ پنهنجي قومي جماعت انڊين نيشنل ڪانگريس، جنهن جو مان سورنهن ورهين کان ميمبر آهيان ۽ پنهنجي ٻاهرين زندگيءَ ۾ ان جي لاءِ ڪم ڪندو رهيو آهيان ۽ ڪانگريس جي سرگرم ميمبرن جو عام طور ۽ پنهنجي معزز دوست شري يت برج لال بياني ميمبر ڪائونسل آف اسٽيٽ ۽ ڊاڪٽر چوئٿ رام پريزيڊنٽ سنڌ ڪانگريس ڪاميٽي جو خاص طور ۽ پوءِ عام مسلمان جماعتن جو ۽ عام هندستانين جو شڪريو انهيءَ قدر دل جي گهراين سان ادا ڪريان ٿو.
جن مانوارن جو شڪريو ادا ڪري رهيو آهيان، انهن جي اها وچور فقط ظاهري حيثيت کان آهي، هتي مان ان جي اندرئين پاسي ڏي به اشارو ڪرڻ ضروري سمجهان ٿو.
اُن معنوي لحاظ کان سڀ کان پهريائين حضرت مولانا حسين احمد صاحب مدظله العالي جو نانءُ اچي ٿو جيڪي منهنجي استاد شيخ الهند جا جانشين يعني ”شيخ الهند ثاني“ آهن. جيڪڏهن مولانا حسين احمد جن منهنجي واپسيءَ جي خواهش ظاهر نه ڪن ها ته مان مشڪل سان ان ڳالهه تي راضي ٿيان ها ته گورنمينٽ هند آڏو واپسيءَ ۾ سهوليت ڏيڻ لاءِ درخواست ڪريان.
منهنجي نظر ۾ ان درخواست کي موڪلڻ جي ڇو ضرورت پئي؟ ان جي وضاحت لاءِ مان ڪجهه جملا عرض ڪريان ٿو.
منهنجي خيال ۾ جيستائين منهنجو محترم ساٿي مولانا منصور (مقيم ڪابل) ۽ منهنجو محترم دوست راجا مهندر پرتاب اهڙي درخواست هندستان گورنمينٽ جي خدمت ۾ نه موڪليندا ۽ مهاتما جيءَ جي عدم تشدد واري مسئلي تي پابنديءَ جو يقين نه ڏياريندا ۽ ان سان گڏ پنهنجي فيصلي سان مون وانگر پرڏيهي تحريڪن کان واسطو نه ٽوڙيندا تيستائين گورنمينٽ هند ڪنهن معاملي تي نظرثاني ڪرڻ منظور ڪندي.
اوهان جو ايترو وقت وٺڻ لاءِ معافي ٿو وٺان ۽ اُن شڪريي واري قصي کي پورو ڪري اڳتي وڌان ٿو. مان اُن کان غافل نه آهيان ته منهنجا ڪيترائي گهڻ گهرا دوست منهنجي ايتري ڊگهي شڪريي کي خوشيءَ سان نه ٻڌندا پر منهنجو فرض جي ادائگيءَ تي مجبور هجڻ کين تکيون ڳالهيون ٻڌائڻ آهي. مان کانئن ٻيهر معافي ٿو وٺان ۽ اڳتي هلان ٿو.
مانوارؤ! مان پنهنجي فيصلي سان ڪابل ڪونه ويو هوس، مون کي حضرت شيخ الهند جو ناقابل تنسيخ حڪم مليو ۽ منهنجي ساٿين جي مرڪزي جماعت به اِهوئي فيصلو ڪيو. مان الله جو شڪريو ادا ٿو ڪريان جو ڌڻيءَ مون کي حڪم جي تعميل جي توفيق ڏني.
منهنجو ارادو نه هيو ته مان برطانوي گورنمينٽ جي پاڇي هيٺ وري هن ملڪ ۾ ايندس. ان ڪري دارالسلطنت ڪابل ۾ مون تي ڀرپور اعتماد ڪيو ويو. اوهان کي ڄاڻ آهي ته مون کي اعليٰ حضرت امير امان الله خان جي فيصلي تي ڪابل ڇڏڻو پيو.
ان کان پوءِ مان سوويت رشيا ۾ عارضي قيام جي لاءِ مجبور ٿيس. اسان جي سمجهه ۾، اسان جي ديس ڇڏڻ کي اُن کان اڳ جيڪڏهن هجرت واري مقدس نالي سان ڄاتو ويندو هو ته (پوءِ) جيحون (درياءَ) پار ڪرڻ کانپوءِ اُها حيثيت ختم ٿي وئي.
هاڻي منهنجي حالت اِها آهي، جنهن ڏانهن هن آيت ۾ اشارو ڪيو ويو آهي، ”وَلَوْلاَ نَفَرٌ مّنِ کُلِّ فِرْقَۃٍ طَائِفَۃٌ“
منهنجو فرض اُن صورت ۾ فقط ايترو آهي ته مان پنهنجي معلومات پنهنجي جماعت آڏو پيش ڪريان ۽ جيڪڏهن هو مناسب سمجهن ته ان مان فائدو وٺن.
هن موقعي تي مان جميعت علماءِ بنگال جو خاص شڪريو ادا ٿو ڪريان جو هن مون کي اهڙو موقعو ڏنو، جتان مان پنهنجا مختصر خيال پنهنجي قوم ۽ ملڪ آڏو پيش ڪريان.
مانوارؤ! مان اهڙي زماني ۾ هندستان کان ٻاهر رهيو آهيان، جنهن کي انقلاب جو دؤر چوڻ گهرجي. وڏيون وڏيون بادشاهيون موت جي منهن ۾ وڃي رهيون هيون انهن جي جاءِ تي قوم جي دليرن جو اهو دستو جيڪو سڄي ڄمار تڪليفون سهندو رهيو، هاڻي پارٽي پاليٽڪس جي اصول تي پنهنجي ٿوري جماعت جي زور تي نيون حڪومتون ٺاهي رهيو آهي. اهڙي زماني ۾ نون ۽ پراڻن چوٽيءَ جي سياستدانن کان پرائڻ جو موقعو ملندو رهيو، جنهن جو نتيجو هي نڪتو ته اسان اُن عالمگير انقلاب جي حقيقت ۽ ان جا بنيادي اسرار سمجهڻ لائق ٿي وياسين.
مانوارؤ! توهان کي ڄاڻ آهي ته مان ڪابه يورپين ٻولي نه ٿو ڄاڻان، ان ڪري اُن ڪم ۾ پنهنجي نوجوان دوستن جي مدد جو ٿورائتو آهيان. منهنجا هي نوجوان دوست هندستاني هئا. يعني انهن آڏو هندو ۽ مسلمان، نيشنلسٽ ۽ سوشلسٽ جو ڪوبه تفاوت نه هيو. مان بنگال جو خاص شڪريو ادا ٿو ڪريان جو منهنجا محترم دوست پنڊت شب ناٿ بينرجي به انهن نوجوانن جي فهرست ۾ شامل هئا.
مانوارؤ! جڏهن اسان اُن عالمگير انقلاب جي حقيقت کان واقف ٿي وياسين ته بعد ۾ مان ان کان وڌيڪ پنهنجي ديس ۽ دين جي ڪابه خدمت نه ٿو ڪري سگهان جو کين ويساهه ڏيارڻ جي ڪوشش ڪريان ته هندستان جو اُن عالمگير انقلاب کان متاثر نه ٿيڻ اڻٿيڻو آهي. ۽ انهن جماعتن کي جيڪي مون تي اعتماد ڪري سگهن ٿيون، اهڙا طريقا ٻڌايان جنهن سان هو نقصان جي مقابلي ۾ وڌيڪ فائدو ماڻي سگهن.
هن وقت مان پنهنجي مختصر عنوانن جو ذڪر ڪريان ٿو. مان جڏهن کان هندستاني سمنڊ جي ڪناري تي لٿو آهيان، (هينئر تائين) مون کي آرام جو ڪوبه موقعو ڪونه مليو آهي. منهنجي طبعي ڪمزوري ۽ سفر جي تقاضا سبب هن وقت تائين مان پنهنجا فڪر من موهيندڙ صورت ۾ پيش ڪرڻ جي قابل نه ٿي سگهيو آهيان. جيڪڏهن مون کي چڱي فرصت ملي ته مان وڌيڪ دليلن سان ۽ واضع شڪل ۾ پنهنجو فڪر اوهان کي ٻڌائيندس، پر هينئر ان کان وڌيڪ توقع مون جهڙي عاجز کان نه ڪرڻ گهرجي:
(1) جيڪڏهن منهنجو ديس اُن انقلاب جي نقصانن کان بچڻ گهري ٿو ته ان کي يورپين اصول تي نيشنلزم کي هٿي ڏيڻ گهرجي، پوئين زماني ۾ اسان جو ملڪ جيتري قدر ناميارو رهيو آهي ان کي دنيا ڄاڻي ٿي پر اسان ان مان ڪوبه فائدو نه ٿا ماڻي سگهون، جيستائين اسان اڄوڪين قومن ۾ پنهنجو وقار نه ٿا ثابت ڪري سگهون، ڄاڻڻ گهرجي ته هي انقلاب نئين صورت ۾ پيدا ٿي رهيو آهي. جنهن ۾ يورپ جي ٻه سؤ سالن جي ترقي ڪم ڪري رهي آهي ۽ ان کان اسان جو عوام بلڪل اڻ ڄاڻ آهي.
اسان جي هندوستاني تهذيب جو قديم دور جيڪو هندو تهذيب سڏجي ٿو ۽ جديد دؤر، جنهن کي اسلامي تهذيب سمجهيو ويندو آهي، ٻئي مذهبي سکيا گهر آهن ۽ اڄڪلهه جو يورپين سکيا گهر، مذهب کان بلڪل اڻڄاڻ آهي. ان جو مدار فقط سائنس ۽ فلسفي تي آهي، تنهن ڪري اسان جي وطن ۾ جيڪڏهن اُن انقلاب کي سمجهڻ جي لياقت پيدا نه ٿي ته ڏينهون ڏينهن گهاٽو ئي گهاٽو اسان جي پلئه پوندو.
(2) ان (نيشنلزم جي ترقيءَ جي) مقصد جو پورائو منهنجي خيال ۾ ان صورت کان سواءِ ٿي ئي نه ٿو سگهي ته انڊين نيشنل ڪانگريس کي سموري هندستاني سياست جو مرڪز بڻايو وڃي.
مون کي افسوس آهي ته منهنجي محترم دوستن جو نوي سيڪڙو حصو مسلم ليگ ۾ شامل آهي ۽ هو اها اميد رکن ٿا ته دنيا ليگ کي ڪانگريس جي برابر مڃيندي، تنهنڪري هو اُهي پروپيگنڊا پارٽيون ڏيهه ۽ پرڏيهه اماڻڻ جي تياري ڪري رهيا آهن. مان کين ان حقيقت کان واقف ڪرڻ گهران ٿو ته جڏهن کان برطانوي گورنمينٽ، منٽو مارلي اسڪيم سڌارن جي مقدمي ۾ انڊين نيشنل ڪانگريس جو ذڪر ڪيو ان وقت کان دنيا گورنمينٽ آف انڊيا کان پوءِ نيشنل ڪانگريس کي سڃاڻي ٿي. ان کان پوءِ خلافت واري دؤر ۾ جنهن زور سان نان ڪوآپريشن عمل ۾ آئي، ان به ملڪ جي طاقت انڊين نيشنل ڪانگريس کي مڃرائڻ ۾ مدد ڏني. ايتريقدر گهرن اثرن جي موجودگيءَ ۾ ماڻهو ملڪ کي دوکو ڏيڻ گهرن ٿا ته هو ليگ کي ڪانگريس جي برابر ڪري ڏيکاريندا. مان پنهنجي دوستن جي نيت ۽ خلوص تي ڪوبه حملو نه ٿو ڪرڻ گهران. مان پنهنجي ملڪ کي اڻڄاڻ رهڻ نه ڏيندس ۽ کين حقيقتن کان جاهل رکي ڪنهن کي فائدو حاصل ڪرڻ نه ڏيندس.
اُن ڪري مان پارت ٿو ڪريان ته نيشنل ڪانگريس جا ڪرتا ڌرتا يورپين نيشنلزم ڦهلائڻ کي پنهنجو نصب العين بڻائين. هو فقط اقتصادي ترقيءَ کي آزاديءَ جو بنياد قرار ڏين (۽) اسان جي ملڪ جي محترم فلاسافر مهاتما گانڌيءَ جي طبعي خاصيتن ۽ سندس رجعت پسند (مذهبي) لاڙي کي قوم جو عملي دستور بڻائڻ جي ڪوشش نه ڪن.
مان مهاتما جن جو نان وائيلينس (عدم تشدد) واري پوليٽيڪل پروگرام ۾ اعليٰ درجي جو احترام ڪريان ٿو پر سندن نظريي ۽ فلسفي سان پوريءَ ريت متفق نه آهيان. منهنجو خيال آهي ته اصلي نقطي کان هٽي وڃڻ جو پهريون نتيجو هي نڪتو ته اسان جي وطني تحريڪ مان پهرئين نمبر تي مولانا شوڪت علي مرحوم ۽ سندس ساٿي ۽ ٻئين نمبر تي محترم سڀاش بابو ۽ سندس دوست غيرمطمئن ٿي ويا.
يورپ سياست ۾ مذهب جو واهپو ڇڏي ڏنو آهي ليڪن فلسفي کي پارٽيءَ جو بنياد بڻائڻ لاءِ مجبور آهي. منهنجو خيال آهي ته اسان جي ملڪ جي هندو، مسلمان ۽ سک وغيره ٽولن ۾ اهڙن عالمن جي کوٽ نه آهي ته هو پنهنجي مذهبي روح (يعني فلسفي) سان يورپين اقتصاديات کي مطابقت ڏين. (يعني انهن ۾ موجود هم آهنگي وارن نڪتن کي اجاگر ڪن) ان سان هو عوام کي جلدي سجاڳ ڪري سگهندا پر مذهبي ريتن رسمن کي نيشنل تحريڪ جو جزو بنائڻ، (ڀلي اهو ڪنهن نيڪ نيتيءَ سان ئي ڇو نه هجي) ملڪ کي تباهيءَ کان نه بچائيندو.
(3) مان جمعيت علماءِ هند کي هڪ پهرئين درجي جي انقلابي جماعت بنائڻ جو مشورو ڏيندس. ان لاءِ ضروري ٿيندو ته هو اسلام جي شارحن مان هرهڪ ڌر جي پيروي نه ڪن، ڪنهن غيرانقلابيءَ تي ڀروسو نه ڪن، جيستائين ان جي مذهبي ڄاڻ ۽ سندس زندگيءَ جو نمونو، اطمينان جوڳو ثابت نه ٿي چڪو هجي.
ان ضرورت کي پورو ڪرڻ لاءِ مان پنهنجو امام، شاهه ولي الله دهلويءَ کي بڻائي چڪو آهيان، جيڪو پنهنجي انقلابي سياست ۾ اسلام جي صورت ۽ معنيٰ جو مڪمل ڀرجهلو آهي.
يورپين انقلابي اُن امام جي نظرين کان اڳتي نه وڌي سگهيا ۽ اسلامي علمن ۽ فنن، فقهه ۽ حديث، تفسير ۽ تصوف ۽ حڪمت ۾ سندس امامت مڃيل آهي. جيڪڏهن اسين سندس سياست جي وضاحت ڪري سگهياسين ته جمعيت علماءِ هند يورپ جي انقلاب کي سمجهڻ ۽ هلائڻ جي اهليت سولائيءَ سان پيدا ڪري سگهندي.
(4) مان پارت ٿو ڪريان ته اسان جا اڳواڻ مذهب ۽ ملت ۽ وطن لاءِ برٽش گورنمينٽ جي ٻن سون سالن جي دور يعني سائنس، ٽيڪنالاجي ۽ حڪومتي سرشتي مان پرائڻ جي وڌ ۾ وڌ ڪوشش ڪن. جهڙيءَ طرح اسان يورپ کان نفرت ڪري پنهنجي ترقيءَ کي محدود ڪري ڇڏيو آهي، اُن (طريقي) کي هاڻي الله واهي چئون. مان چاهيان ٿو ته اسان جي هاريءَ ۽ مزدور جي زندگيءَ جو معيار به يورپ واسين کان گهٽ نه ٿئي ۽ ملڪي ترقي ڪندڙ پارٽيون ان کي پنهنجو نصب العين بڻائين.
(5) مان چاهيان ٿو ته يورپ جي انٽرنيشنل ادارن ۾ اسان جو وطن هڪ معزز ميمبر طور مڃيو وڃي. ان لاءِ اسان کي پنهنجي سماج ۾ انقلاب جي ضرورت پوندي. مان ڪنهن آل انڊيا تحريڪ شروع ڪرڻ لاءِ پنهنجي طبيعت ۾ عملي صلاحيت نه ٿو ڏسان. ان ڪري سنڌ ۾ نموني طور ان ڪم کي شروع ڪندس.
جيڪو انقلاب مان آڻڻ گهران ٿو ان جا ڪجهه مثال ٻڌايان ٿو:
(الف) سنڌي ٻولي، جنهن کي هر هڪ سنڌي پنهنجي مادري زبان جي حيثيت ۾ ڳالهائي ٿو رومن اکرن ۾ لکندو. ان سان ٽائيپ رائيٽر مان فائدو حاصل ڪرڻ جو موقعو جلدي ملندو ۽ يورپ جا ماڻهو اسان جي ٻولي سولائيءَ سان سکي سگهندا.
(ب) سنڌي پنهنجي ديس جو ٺهيل ڪپڙو پائيندو پر اهو ڪوٽ يا پتلون جي شڪل ۾ هوندو يا ڪالر واري قميص ۽ ڪڇي جي صورت ۾. مسلمان پنهنجا ڪڇا گوڏن کان هيٺ تائين استعمال ڪري سگهن ٿا. ٽوپلو ٻنهي صورتن ۾ بي حجاب استعمال ڪندا.
(6) مان ڪوشش ڪندس ته جمعيت علماءِ هند جا ٻه ڀاڱا ڪيا وڃن. پهريون ڀاڱو مسلمانن جي علمن جو محافظ هجي. سمورا ديني مدرسا ۽ تبليغي ادارا ان سيڪشن کي رهنما بڻائين. ان صنف جي عالمن لاءِ مان پنهنجو تجربو ۽ سوچيل سمجهيل راءِ اوهان آڏو پيش ڪريان ٿو ته جيئن غور، فڪر ۽ فيصلي ۾ مدد ڏيئي سگهان.
هندستان جي مسلمانن کي ديني تعليم ڏيڻ جا ٽي درجا آهن:
(الف) پهريون درجو هي آهي ته ڏيهي ٻولين ۾ ديني اصول عوام آڏو پيش ڪيا وڃن. هي طئي ٿيل مسئلو آهي ته ڪنهن قوم جي عام تعليم ان جي مادري زبان کان سواءِ ڪنهن ٻي ٻوليءَ ۾ ناممڪن آهي. ان ڪري جمعيت لاءِ ضروري آهي ته هندستان جي هرهڪ قوم کي جيڪا هڪ مستقل ٻولي ڳالهائيندي هجي. جيئن سنڌي، پشتون، ڪشميري، بنگالي، انهن جي ٻوليءَ ۾ اسلام جي پنجن شروعاتي علمن سيکارڻ تي بس نه ڪري پر قرآن عظيم جي چونڊيل سورتن جو ترجمو ۽ حڪمت ڀريو تفسير ٻڌائي کين دين جي مٿانهن مقصدن کان واقف ڪري.
ان سان گڏ هتي هڪ مسئلي جو ذڪر ضروري سمجهون ٿا ته مسلمانن جون ٻوليون عام طور تي عربي رسم الخط ۾ لکيون وينديون آهن. ان ڪري هر هڪ اکر مختلف صورتن ۾ لکڻو پوندو آهي. ڪاروباري عوام لاءِ اها رسم الخط سکڻ سولي ناهي، انهن لاءِ خاص طورتي جدا جدا حرفن واري رسم الخط ايجاد ڪرڻ ضروري آهي، جيڪا اعرابن ۽ بيهڪ جي نشانين واري سڌاري کانپوءِ سمورن ملڪن ۾ رواج پذير ٿي سگهي ٿي، سا بهترين رسم الخط هوندي ۽ افغانستان، ترڪستان، ايران ۽ عربي ملڪن ۾ شايع ٿي سگهي ٿي.
(ب) ٻيو درجو: هندستاني مسلمانن کي ٻئي درجي تي اڙدوءَ وسيلي اسلامي تعليم ڏيڻ جمعيت علماءِ هند جو اهم ڪم آهي. ان درجي تي فارسي، اخلاق ۽ تصوف جا ڪتاب ۽ شروعاتي ادب سيکارڻ به ضروري ٿيندو.
تنبيهه: مان هتي ٻڌائڻ گهران ٿو ته، اڙدو چڱيءَ طرح ڪوبه نٿو لکي سگهي، جيستائين هو ”گلستان“، ”بوستان“ ۽ ”ڪافيي“ تائين پڙهيل نه هجي. ان ڪري اڙدو سيکڙاٽن کي ٿورو فارسي گرامر ۽ ادب ڄاڻڻ ضروري آهي ۽ منهنجو خيال آهي ته هندستان جي ان ٻوليءَ ۾ بين الملي زبان بڻجڻ جا سڀ کان وڌيڪ امڪان آهن، ان ڪري ٻوليدان عالمن جو فرض آهي ته ان ٻوليءَ کي سکڻ جون سڀئي ضرورتون هڪ ڪتاب ۾ گڏ ڪن ته جيئن مختلف قومن کي سکڻ ۾ سهنج ٿئي.
اڙدوءَ ۾ قرآن عظيم جو تفسير، حديث، فقهه، تاريخ ۽ تصوف جا اعليٰ مضمون هندستان جي مسلمانن کي گڏيل طريقي سان سيکاريا وڃن ۽ مان انهن ديني خادمن جي واکاڻ ڪرڻ تي مجبور آهيان، جن قرآن جو پهريائين اڙدوءَ ۾ ترجمو ڪيو ۽ ”مشڪواة، ”مشارق الانوار“، ”دُرِ مختار“ ۽ ”احياءُ العلوم“ جهڙن ڪتابن جو گذريل صديءَ ۾ ترجمو ڪيو.
(ج) ٽئين درجي تي ديني تعليم عربي ٻوليءَ وسيلي ٿئي. دارالعلوم ديوبند جو عربي نصاب هندستان لاءِ هڪ خاص اهميت رکي ٿو. ان سان فقهه، حديث، تفسير، فلسفو ۽ ڪلام سمجهڻ جي صلاحيت پيدا ٿئي ٿي. ان کي ديني علمن جو تڪميلي نصاب سمجهڻ تمام ڳري غلطي آهي.
ان کان پوءِ ان صنف جي عالمن کي مشورو ڏيان ٿو ته هو ديني علمن جي پورائي جا دارالتڪميل کولين. دارالعلوم ديوبند ۾ فقط علم حديث جي تعليم هڪ حدتائين تحقيق ۽ تڪميل واري ٿيندي رهي آهي، باقي هنر فن (ڳڻپ) واري درجي کان اڳتي نه وڌيا آهن. منهنجو ذاتي تجربو آهي ۽ جمعيت الانصار ان کي قبول ڪيو هو ته دارالتڪميل ۾ امام ولي الله جا ڪتاب پڙهايا وڃن. اڄ مان ان جي وضاحت ڪرڻ لاءِ اوهان آڏو بيٺو آهيان ته حديث ۽ فقهه ۾ امام ولي الله دهلويءَ جي جيتري ضرورت آهي، ان کان وڌيڪ اسان سندس حڪمت، فلسفي ۽ سياست سمجهڻ جا ڪاڻيارا آهيون.
منهنجو ذاتي تجربو آهي ته يورپ جو فلسفو سمجهڻ لاءِ ۽ انقلابي سياست تي قابليت سان غور ڪرڻ لاءِ يا پنهنجي قومي ۽ مذهبي خودي قائم رکڻ لاءِ هن امام جي ڪتابن جي بيحد ضرورت آهي. ان جي جُتيءَ ۾ ٻيو ڪوئي ليکڪ پير پائي نٿو سگهي.
مان پارت ڪريان ٿو ته تفسير ۾ ”فتح الرحمان“ جيتوڻيڪ فارسي ترجمو آهي پر ضرور پڙهايو وڃي. اهو ايتريقدر فائديمند آهي جو ڪوبه تفسير ان جو مٽ نٿو ٿي سگهي.
نحوي عالمن جهڙيءَ ريت عربي گرامر کي هروڀرو استعمال ڪري قرآن کي سمجهڻ ۾ شڪ شبها پيدا ڪري ڇڏيا آهن، فتح الرحمان ان کان ڇوٽڪارو ڏياري ٿو. جيئن ته مان پهريون ئي عرض ڪري چڪس ته اڙدوءَ جي حفاظت لاءِ فارسيءَ جي ضرورت آهي. هي ترجمو جيڪڏهن سبقن ۾ داخل رهيو ته اهو مطلب به پورو ٿي ويندو.
اصول التفسير ۾ ”فوزالڪبير“ ۽ علم حديث جي اصولي ۽ وقتي تشريح ڪرڻ ۾ ”حجة الله البالغه“ بي مثال ڪتاب آهن.ساڳيءَ ريت اهلِ سنت جو مجتهداڻو فقهه سمجهڻ ۾ ”مسويٰ“ مدد ڏئي ٿو. ان کان پوءِ ”ازالة الخفاء“ مهڙئين دور جي تاريخ جو فلسفو ۽ سياست جا اصول سيکاري ٿو. ”البدور بازغه“ نيچرل حڪمت سيکاري ٿو ۽ ان اصول جي تشريح ۾ اڻ مٽ ڪتاب آهي ته انساني فطرت خدائي دينن جو معيار ٺاهي وئي. ”الخير الڪثير“، الاهيات جي فلسفي کي ڪتاب ۽ سنت جي شرح ۾ استعمال لائق بڻائي ٿو. مان سفارش ٿو ڪريان ته هي سمورا ڪتاب دارالعلوم ديوبند جهڙن مرڪزي مدرسن جي سبقن ۾ شامل ڪيا وڃن.
[b]ٻن شبهن جو ازالو:
[/b]هتي پهچي ضروري سمجهان ٿو ته هڪ ٻن شبهن جو جواب ڏنو وڃي.
پهريون شبهو- هي آهي ته مصر ۾ عربيءَ جي نواڻ (تجديد) ٿي رهي آهي. سمورن هنرن جي سؤلي سمجهاڻيءَ وارا ڪتاب ٻيهر لکجي رهيا آهن. علماءِ هند کي پنهنجو عربي ڪورس انهن جي پيرويءَ ۾ تبديل ڪرڻ گهرجي. مان ان تبديليءَ جو مخالف آهيان ۽ مون تي رجعت پسند هجڻ جو الزام لڳائڻ کان اڳ منهنجو جواب ٻڌڻ گهرجي.
نئين شڪل ۾ سڌاريل عربي مدرسن مان جيڪي شاگرد نڪري رهيا آهن سي پنهنجي تاريخ ۽ فلسفي کان اڻڄاڻ ٿيندا ٿا وڃن ۽ يورپين فلاسافي انهن جي ذهنن تي غالب ٿي رهي آهي، مثال لاءِ سعودي حڪومت جي شاگردن کي وٺو. هو عقيدي جي لحاظ کان شيخ الاسلام ابن تيميه جي پيروڪارن مان آهن ۽ انهيءَ جي پيرويءَ جي دعوت کي سلغيت (وڏن جي پيرويءَ) جو نالو ڏين ٿا پر حالت هي آهي جو انهن مان هڪڙو عالم به اِها دعويٰ نه ٿو ڪري سگهي ته هو شيخ الاسلام جي ”منهاج السنته“ يا ”عقل و نقل“ (ڪتابن) کي سمجهي سگهي ٿو، ٻئي کي سمجهائڻ ته پري رهيو.
منهنجو خيال آهي ته اهڙيءَ طرح جيڪڏهن سڌاريل عربي نصاب اسان جي مدرسن ۾ غالب ٿي ويو ته يقين ڪريو ته اسان ”حجة الله البالغه“ جهڙو ڪتاب سمجهڻ کان عاري ٿي وينداسين ۽ اسان جو پنهنجو فلسفو جڏهن ذهن مان نڪري ويو ته اسين هر طرح ٿيڙجي سگهون ٿا.
ٻيو شبهو- چيو وڃي ٿو ته ڇا اسان يورپين سائنس ۽ صنعتن سکڻ جا محتاج نه آهيون؟ ان ڪري اسان کي سؤلي عربيءَ مان فائدو حاصل ڪرڻ گهرجي.
منهنجو جواب هي آهي ته مان سائنس سکڻ جو ڪنهن به صورت ۾ انڪار نه ٿو ڪري سگهان، پر ان لاءِ عربيءَ کي ذريعو نه بنائڻ گهرجي، بلڪه انگريزيءَ ذريعي ان جو پورائو ضروري آهي.
عربي لکڻ وارن ۾ نقل ۽ ترجمي ڪرڻ کان سواءِ ٻيو ڪو ڪمال ناهي. ان ڪري مسلمانن کي نقل در نقل جو هيراڪ نه بڻايو وڃي.
البته مان جنگي ڄاڻ سکڻ لاءِ ترڪي ٻوليءَ کي سمورين يورپين ٻولين تي ترجيح ڏيان ٿو. ان جو گرامر ڏاڍو سؤلو آهي. هڪ هندستاني چئن مهينن ۾ هڪ ڪلاڪ روزانو خرچ ڪري ان قابل ٿي وڃي ٿو جو هو ڪاليج جو ليڪچر ٻڌي سگهي. اهڙيءَ طرح طبي هنرن (سکڻ) لاءِ به ترڪي ٻوليءَ کي ترجيح ڏيان ٿو. عثماني بادشاهن جنگي ۽ طبي ڪاليج استنبول ۾ ٺاهي سمورن مسلمانن تي تمام وڏو احسان ڪيو آهي.
(7) جمعيت العلماءِ جو ٻيو سيڪشن اسلامي فلاسافيءَ جو ڀرجهلو ٿئي. هيءَ اسلامي فلاسافي اصل ۾ ساڳي هندو فلاسافي آهي، جنهن کي مسلمان صوفين هند ۾ تڪميل جي درجي تائين پهچايو آهي. انهيءَ تڪميل واري درجي جو استاد ۽ مرشد وري به امام ولي الله دهلويءَ کان سواءِ ٻيو ڪوبه ٿي نٿو سگهي.
هي ياد رکڻ گهرجي ته هن قسم جي عام لفظن مان اسان جي مراد اهي رباني عالم آهن جيڪي ٻين هزارين هجريءَ دوران هند ۾ پيدا ٿيا. اسان امام ولي الله دهلويءَ کي انهن ۾ سڀ کان وڏو امام مڃون ٿا.
مان اوهان کي اطلاع ٿو ڏيان ته مان دهليءَ جي جامعه مليه ۾ ان امام جي فلاسافي سيکارڻ لاءِ هڪ مدرسو ٺاهڻ گهران ٿو جيڪو منهنجي استاد شيخ الهند مولانا محمود حسن جو يادگار هوندو. غالباً جمعيت علماءِ بنگال هن تحريڪ کي چڱي نظر سان ڏسندي. هن مدرسي ۾ امام ولي الله جي فلاسافي انگريزي ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪئي ويندي. مسلم ۽ غيرمسلم هر هڪ کي هڪ جيتري درجي تي سيکاري ويندي.
ترڪن، ترڪي مسلمانن کي نيشنلسٽ بنايو، ته ان ۾ يقين سان هڪ درجي تائين بي ديني به اچي وئي. جيڪڏهن اسان اسلامي فلاسافيءَ جو اسڪول قائم ڪري سگهياسين ته هند جي مسلمانن کي نيشنلسٽ بڻجڻ ۾ اسلام ڇڏڻو ڪونه پوندو ۽ هندو فلاسافرن سان هم خيال ٿي يورپين معاشي انقلاب ۾ هو مذهب کي گهڻو اڳتي وٺي ويندا.
(8) جمعيت علماءِ هند جو هي سيڪشن (Section) جيڪو حڪمت ۽ فلسفي لاءِ خاص هوندو، مان ان جي هر هڪ ميمبر کي دعوت ڏيندس ته هو انڊين نيشنل ڪانگريس جو ميمبر ٿئي. ۽ پهرين سيڪشن جي ميمبرن کي سڌوسنئون سياست ۾ حصو نه وٺڻ گهرجي. هو رڳو ٻئين سيڪشن جي ماتحت رهي ان جي تائيد لاءِ عوام کي ڪٺو ڪن ۽ اهڙيءَ طرح جمعيت العلماءِ ذهني انارڪزم مان ڇوٽڪارو ماڻيندي.
(9) مان صلاح ٿو ڏيان ته انهن فلاسفرن جي ذميداريءَ تي سندن نگرانيءَ ۾ پهرين قسم جي عالمن ۽ شاگردن جي هڪ جماعت ٺاهي وڃي جنهن کي ”خدا مِ خلق“ سڏيو وڃي. هو هر هڪ انسان جي گهرج پوري ڪري سواءِ ڪنهن مذهبي فرق جي خدمت ڪن. انهيءَ خدمت جي زور تي قوم ۾ جمعيت علماءِ هند جي سياسي عزت مڃيل رهندي.
(10) مان جمعيت علماءِ کي مشورو ٿو ڏيان ته ان جا حڪيم ۽ فلاسفر ان پاسي ڌيان ڏين ته هو قرآن عظيم جو حڪمت ڀريو تفسير، مسلم ۽ غيرمسلم سڀني آڏو پيش ڪرڻ کي پنهنجو فرض قرار ڏين.
مان هن (ڳالهه) جو اطلاع ٿو ڏيان ته امام ولي الله جي حڪمت جو اهو مدرسو جنهن جو جاري ڪرڻ اسان جامعه مليه ۾ تجويز ڪري رهيا آهيون، ان تحريڪ کي هلائيندو ۽ هن خدمت کي ادا ڪندو رهندو.
**