هندستاني يونيورسٽي ڪابل جو دستورالعمل
مدرسي جي بند ٿيڻ کان پوءِ مولانا سنڌي سردار طرزيءَ تي لاڳيتو دٻاءَ وجهندا رهيا ته سردار امان الله خان کان هندستاني يونيورسٽيءَ جي ٺاهڻ جي منظوري حاصل ڪري، امير سياسي مصلحتن جي ڪري مسئلي کي ٽاريندو رهيو. اصل ۾ هو انقلابين جي افغانستان ۾ هجڻ کي سياسي حربي طور استعمال ڪري رهيو هو ته جيئن انگريز مستقل معاهدو ڪري افغانستان جي خودمختاري قبول ڪن. اهڙيءَ طرح 22 نومبر 1922ع تي معاهدي تي صحيح ٿي وئي. ڪابل جي امير جو هي مطالبو مڃيو ويو ته افغانستان هڪ آزاد ۽ خودمختار ملڪ سمجهيو ويندو ان جي عيوض امير انگريزن جي ڳالهه مڃي ورتي ته افغانستان جي حڪومت انقلابين جي سرپرستيءَ تان هٿ کڻي وڃي. معاهدي کان پوءِ انگريزن کي ڊيڄارڻ ۽ ڌمڪائڻ لاءِ انقلابين جي ضرورت باقي نه رهي، ان ڪري امير سردار طرزيءَ جي ذريعي مولانا سنڌي جي هندستاني يونيورسٽيءَ جي منصوبي کي ڪنهن سبب ٻڌائڻ کان سواءِ رد ڪري ڇڏيو.
جيتوڻيڪ مولانا سنڌي ؓ جو يونيورسٽي ٺاهڻ جو خواب عمل ۾ نه اچي سگهيو پر انهن يونيورسٽي جو جيڪو دستورالعمل ٺاهيو هو ان جي تاريخي اهميت جو انڪار به نه ٿو ڪري سگهجي. هي دستاويز گهڻي وقت تائين نامعلوم رهيو. ڊاڪٽر محمد حاجن شيخ جي مهربانيءَ سان منظرعام تي آيو آهي. سندس بيان آهي ته دستورالعمل جي انگريزيءَ ۾ ٽائيپ ٿيل هڪ ڪاپي شيخ بشير احمد جي هٿ آئي. موصوف مولانا جي جلاوطني ختم ڪري واپس اچڻ کانپوءِ سندن سيڪريٽريءَ جي طور تي ڪم ڪندو رهيو. ڊاڪٽر محمد حاجن شيخ ان کان حاصل ڪري ان کي پنهنجي انگريزي ڪتاب مولانا عبيدالله سنڌي اي ريووليشنري اسڪالر (Sindhi Revolutionary Scholar Maulana Ubaidullah) ۾ شامل ڪيو. ان جو ترجمو هيٺ ڏنو ٿو وڃي. سنڌيڪار)
[b]هندستاني يونيورسٽيءَ ڪابل جو دستورالعمل
[/b](1) هي هندستاني يونيورسٽي ڪابل جو بنيادي قانون آهي.
(2) هندستاني يونيورسٽيءَ ڪابل المغازي افغانستان هز ميجسٽي امير امان الله خان جي سرپرستيءَ ۾ قائم ڪئي وئي آهي.
(الف) هن قانون جو نفاذ يونيورسٽيءَ جي ٺاهڻ لاءِ جاري ٿيندڙ شاهي فرمان جي جاري ٿيڻ واري تاريخ سان ٿيندو.
(ب) هز ميجسٽي امير افغانستان کي يونيورسٽيءَ جي سرپرست هجڻ جو اعزاز بخشيو ويندو.
[b]عام مقصد
[/b](3) هندستاني يونيورسٽي عالمي نوعيت جو هڪ اهڙو ادارو هوندو جو رنگ، نسل، قوميت جي فرق کان سواءِ سڀني عورتن ۽ ڇوڪرين جي تعليم جو انتظام ڪندو ۽ سائنس ۽ آرٽس جي ترقيءَ جو سبب بڻجندو. گويا انساني دنيا جي ارتقائي عمل ۾ هر ممڪن طريقي سان جاکوڙيندو رهندو.
[b]خصوصي مقاصد
[/b](4) (الف) هندستاني زبان (اردو/ هندي) کي تعليم جو ذريعو بڻائڻ.
(ب) آرٽس ۽ سائنس جي تعليم جو انتظام رهائشي طورتي ڪرڻ.
(ج) پري پري جي مردن ۽ عورتن کي خطن يا سفري استادن جي ذريعي تعليم ڏيڻ.
(د) غريب شاگردن لاءِ تعليم شروع ڪرڻ ۽ جاري رکڻ لاءِ ضروري امداد ڪرڻ.
(هه) هندستان جي نوجوانن کي اتان جي اهم مذهبن اسلام يا هندومت جي تعليم ڏيڻ.
(ز) آرٽس ۽ سائنس جي اهم ڪتابن جا ترجما ڪرائڻ
(ح) آرٽس ۽ سائنس جي ڪتابن جي ڇپائيءَ لاءِ يونيورسٽي پريس قائم ڪرڻ.
(ط) يونيورسٽيءَ جي اغراض ۽ مقاصد جي تشهير لاءِ جنرل پمفليٽ ۽ اخبارون جاري ڪرڻ.
(ي) آرٽس ۽ سائنس جي شاگردن کان ڪنهن قسم جو معاوضو نه وٺڻ.
[b]طريقه ڪار
[/b](5) مذڪوره مقصدن جي حصول لاءِ هندستاني يونيورسٽي:
(الف) سڄي دنيا کان چندو وصول ڪندي.
(ب) دنيا جي ڪنڊڪڙڇ کان ماهر ۽ قابل پروفيسرن جون خدمتون حاصل ڪندي.
(ج) مختلف درجن جا تعليمي ادارا مثلاً ڪاليج، پرائمري اسڪول، سيڪنڊري اسڪول قائم ڪندي.
(د) دنيا جي جيڪا به يونيورسٽي هندستاني يونيورسٽيءَ سان هم آهنگ هوندي ان سان انهن ادارن جو الحاق ڪندي.
(ح) دنيا ۾ ايجنٽ ۽ وفد موڪليندي.
[b]مالي وسيلا
[/b](6) يونيورسٽي انهن سڀني ماڻهن کان جيڪي تعليم جي واڌاري جا حامي آهن، انهن جي هر قسم جي تحفن ۽ چندن جي ڀليڪار ڪندي ڀلي کڻي اهي ڪيترا به معمولي ڇو نه هجن. ان سان ڪوبه غرض نه هوندو ته چندو ٿوري رقم جو آهي يا گهڻي رقم جو.
(7) هندستاني يونيورسٽيءَ کي مناسب طريقي سان شروع ڪرڻ لاءِ ٻه سؤ هزار پائونڊ گهربا ۽ ان کي معياري طريقي سان هلائڻ لاءِ هڪ ملين پائونڊ کان گهٽ ڪونه گهربا.
(8) يونيورسٽيءَ جون سموريون رقمون افغانستان جي شاهي خزاني ۾ امانت جي طور تي (ٽرسٽ) جمع ٿيندو.
(9) هندستاني يونيورسٽي هلائڻ لاءِ ٻه تنظيمون (Bodies) يعني يونيورسٽي فائونڊيشن ڪميٽي ۽ فيلوز (Fellows) هونديون ۽ يونيورسٽي فائونڊيشن ڪميٽيءَ جي ميمبرن جو تعداد 20 هوندو جيڪا قانوني، مالياتي ۽ انتظامي ڪنٽرول ڪندي. يونيورسٽي جي فيلوز جو تعداد هڪ سؤ هوندو جن جي حيثيت فائونڊيشنل ڪميٽيءَ جي صلاحڪارن جي هوندي.
(10) يونيورسٽي فائونڊيشن ڪاميٽي جي ڪم جي مدت ڪاليج جي ٺهڻ جي تاريخ کان پنج سال هوندي.
(11) پنجن سالن کان پوءِ ڪاميٽي ٽٽي پوندي ۽ سينيٽ ۽ سينڊيڪيٽ ان جي جڳهه وٺندا، جيڪي يونيورسٽي جي سڀن ڪمن جا ذميدار هوندا.
(الف) سينيٽ کي يونيورسٽيءَ جي سڀني قانوني ۽ مالياتي ڪمن تي پورو اختيار هوندو ۽ سينڊيڪيٽ جي ڪم جي نگراني ڪندو.
(ب) انتظامي اختيارن جي معاملي ۾ سينڊيڪيٽ سينيٽ جي تابع هوندي.
(12) سينيٽ هيٺين پنجن اسيمبلين جي نمائندن تي مشتمل هوندي، هي اسيمبليون فائونڊيشن ڪميٽي جي ڪم جي مدت دوران وجود ۾ اچي وينديون: (1) يونيورسٽي جا باني (2) فيلوز (3) پروفيسر (4) يونيورسٽي گريجوئيٽ (5) يونيورسٽي جا ملازم.
(13) سينڊيڪيٽ جي ميمبرن جي چونڊ سينيٽ ڪندو.
(14) فائونڊيشن ڪميٽي ٽٽڻ کان پهريائين سينيٽ ۽ سينڊيڪيٽ جي قائم ڪرڻ جا اصول متعين ڪندي ۽ ان جي ڪارڪردگيءَ جا قاعدا جوڙيندي.
(15) فائونڊيشن ڪميٽي جي 20 رڪنن مان ٽي چوٿايون هندستاني هوندا باقي افغاني جن جو تقرر افغان حڪومت ڪندي. ڪميٽي پنهنجي رڪنن ۾ انهيءَ تناسب سان اضافو ڪري سگهندي پر تعداد ۾ گهٽتائي ڪنهن به صورت ۾ نٿي ڪري سگهي.
(16) فائونڊيشن ڪميٽيءَ جو هر رڪن هيٺئين قسم نامي مطابق صحيح ڪندو:
”مان خدا مطلق ۽ برتر ۽ ڪتاب مقدس (قرآن) جو قسم کڻي عهد ڪيان ٿو ته مان افغانستان ۽ هندستان جي ڀلائي لاءِ پنهنجي سٺين صلاحيتن کي ڪم ۾ آڻيندس ۽ انهن ٻنهي ملڪن جي پاڻ ۾ رشتن جي مضبوط ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪندو رهندس. مان افغانستان جي سياست ۾ ڪنهن به طرح ملوث نه ٿيندس.“
(17) ڪميٽيءَ جي هندستاني ميمبرن ۾ نو (9) اهي هوندا جيڪي ڪابل ۾ رهندڙ آهن باقي ڇهه هندستان جي علمي حلقن مان چونڊي آندا ويندا.
(18) رڪنيت جي مدد دوران سمورا ميمبر دارالحڪومت (ڪابل) ۾ رهندا. جيڪڏهن ڪو ميمبر ڇهن مهينن کان وڌيڪ عرصي تائين دارالحڪومت (ڪابل) کان ٻاهر رهندو ته ڪميٽي ان کي هٽائڻ جي مجاز هوندي سواءِ ان جي جو يونيورسٽيءَ ان کي ڪنهن خاص ڪم لاءِ مقرر ڪيو هجي.
(19) فائونڊيشن ڪميٽيءَ جي ڪنهن ميمبر جي انتقال، استعيفا يا هٽائڻ جي صورت ۾ فائونڊيشن ڪميٽيءَ جا باني ميمبر ان جي جاءِ تي نئون ميمبر چونڊي سگهندا. فائونڊيشن ڪميٽي جي انهن رڪنن کي جن کي افغانستان جي حڪومت مقرر ڪيو هجي حڪومت جڏهن گهري پنهنجي پاليسيءَ مطابق هٽائي سگهندي.
(20) ڪم پوري ڪرڻ لاءِ فائونڊيشن ڪميٽيءَ کي صدر،سيڪريٽري، مالياتي سيڪريٽري، چانسلر ۽ رجسٽرار جي ضرورت پوندي، ان ڪري هوءَ رڪنن مان هڪ صدر، هڪ نائب صدر چونڊيندي. نائب صدر چانسلر جي حيثيت سان ڪم ڪندو. هڪ سيڪريٽريءَ ۽ هڪ نائب سيڪريٽري به چونڊيندي جيڪي رجسٽرار ۽ مالياتي سيڪريٽريءَ جا فرائض پورا ڪندا.
(21) ڪميٽيءَ جا عهدا هندستاني ۽ افغاني رڪنن لاءِ سواءِ فرق جي کليل رهندا.
(22) فائونڊيشن ڪميٽيءَ جي ڪم جي مدت دوران انهن ڇهن عهدن لاءِ ٻه ڀيرا چونڊ ٿيندي.
پهرئين چونڊ ابتدائي قسم جي ڪم جاري ڪرڻ لاءِ ٿيندي جيڪا پهرئين ڪاليج ٺهڻ تائين هوندي.
ٻي چونڊ پهرئين ڪاليج قائم ٿيڻ کان پوءِ فائونڊيشن ڪميٽي جي ٽٽڻ تائين يعني پنجن سالن تائين هوندي. انهيءَ چونڊ جي ذريعي مستقبل جي چانسلر ۽ رجسٽرار جو تقرر ٿيندو. ان ۾ ڪا به رڪاوٽ نه هوندي ته هڪ ئي ماڻهو ٻه ڀيرا ڪنهن عهدي لاءِ چونڊجي وڃي.
(23) صدر، سيڪريٽري ۽ مالياتي سيڪريٽري اعزازي طور ڪم ڪندا. نائب صدر ۽ مالياتي سيڪريٽريءَ جو نائب پگهاردار هوندا.
(24) سڀ قانوني دستاويز جن کي فائونڊيشن ڪميٽيءَ جي منظوري حاصل هجي صدر، سيڪريٽري ۽ چانسلر جي صحيحن سان جاري ٿيندا.
(25) مالياتي ۽ انتظامي مامرن سان تعلق رکندڙ دستاويز جن کي فائونڊيشن ڪميٽي جي منظوري حاصل هجي سيڪريٽري جي صحيح سان جاري ٿيندا. فقط سيڪريٽري يونيورسٽيءَ جي ٺپي استعمال ڪرڻ جو مجاز هوندو.
(26) فائونڊيشن ڪميٽي ۽ حڪومت جي خزاني جي وچ ۾ ڪاروباري لکت سيڪريٽري ۽ فنانس ڪنٽرول جي صحيحن سان ٿيندي.
(27) فائونڊيشن ڪميٽي جي هر ميٽنگ ۾ سيڪريٽري گذريل ڪارروائي جي پٺڀرائي ڪرائڻ کان پوءِ صدر کان ميٽنگ شروع ڪرڻ جي موڪل حاصل ڪندو.
(28) غيرمعمولي خرچن مهيا ڪرڻ لاءِ فائونڊيشن ڪميٽي وقت بوقت رقم مقرر ڪري خرچ ڪرڻ جو اختيار سيڪريٽريءَ کي ڏيندي.
(29) فائونڊيشن ڪميٽي جي هر مهيني ۾ گهٽ ۾ گهٽ هڪ ميٽنگ ضرور ٿيندي.
[b]غيرمعمولي صورتحال ۾ هنگامي ميٽنگ
[/b](30) ڪنهن ميٽنگ ۾ صدر يا نائب صدر جي غير موجودگيءَ جي صورت ۾ موجود رڪن پاڻ مان ڪنهن کي به صدارت لاءِ چونڊي سگهندا.
(31) فائونڊيشن ڪميٽيءَ ۾ سڀ قراردادون موجود رڪنن جي گهڻائي سان منظور ٿينديون.
(32) فائونڊيشن ڪميٽيءَ جي ميٽنگ لاءِ ميمبرن جي ٽهائي يعني ستن رڪنن جو هجڻ ضروري هوندو.
(33) ان بنيادي قانون ۾ وڌاءَ يا ان جي تشريح ۽ قانون جي منظوري لاءِ اڌ کان وڌيڪ يعني 12 رڪنن جو هجڻ ضروري هوندو.
(34) بنيادي قانون جي ڪنهن حصي کي مٽائڻ يا ڪنهن رڪن کي هٽائڻ لاءِ پندرهن ميمبرن جي راءِ جو متفق هجڻ ضروري هوندو.
[b]فائونڊيشن ڪميٽي جا اختيار
[/b](35) فائونڊيشن ڪميٽي کي سڀ قانوني، مالياتي ۽ انتظامي اختيار حاصل هوندا. ان ڪري هو بنيادي قانون ۾ ترميم يا تنسيخ ڪري سگهندي پر هوءَ نه يونيورسٽيءَ جو نالو مٽائي سگهندي ۽ نه ان جي زبان جي ذريعي (اردو/ هندي) کي مٽائي سگهندي.
فائونڊيشن ڪميٽي يونيورسٽيءَ جي نالي تي امداد حاصل ڪري سگهندي ۽ قرض وٺي سگهندي ۽ هوءَ يونيورسٽي جي اوقاف جي طور تي ڪم ڪندي، هو ٽرسٽ جا حساب مقرر ڪيل قاعدن هيٺ رکندي. تحفي ۽ ٽرسٽ (وقف) جي باري ۾ مقرر شرطن ۽ قاعدن ۾ مٽاسٽا نه ڪري سگهندي.
(36) ڪميٽي پنهنجي قبضي ۾ ڏهه هزار رپيا رکندي باقي رقم افغانستان جي خزاني ۾ امانت طور تي گڏ ڪرائيندي.
(37) فائونڊيشن ڪميٽي يونيورسٽي سان لاڳاپيل ادارن لاءِ نصاب مقرر ڪندي ۽ سائنس ۽ آرٽس جي ضمني شعبن لاءِ جدا جدا فيڪلٽيون قائم ڪندي.
(38) ڪميٽي خاص وقت مطابق شاگردن جا امتحان ڪرائيندي ۽ سرٽيفڪيٽ، ڊپلوما ۽ ڊگريون جاري ڪندي.
(39) ڪميٽي هندستان ۽ افغانستان جي تعليم يافته فردن ۽ يونيورسٽي جي غرضن ۽ مقصدن سان همدردي رکندڙن کي يونيورسٽي فيلوز ڪندي، ماهر ۽ قابل فيلوز کي اعزاز ڏيندي.
(40) الحاق جا سڀ شرط پورا ڪندڙ اسڪولن ۽ ڪاليجن جو الحاق ڪندي.
(41) ڪميٽي ”هندستاني يونيورسٽي“ جي ڪارڪردگيءَ جي رپورٽ هر سال شايع ڪندي.
[b]هندستاني يونيورسٽيءَ جا فيلوز
[/b](42) فائونڊيشن ڪميٽي جي هر رڪن وانگر فيلوز لاءِ به ضروري ٿيندو ته هيٺئين قسم نامي تي صحيح ڪن.
”مان الله تعاليٰ ۽ پاڪ ڪتاب جو قسم ٿو کڻان ته هندستان ۽ افغانستان جو وقار بلند رکندس. مان هندستاني يونيورسٽيءَ جي اعليٰ انساني قدرن وارن مقصدن حاصل ڪرڻ لاءِ طاقت آهر ڪوشش ڪندس، مان افغانستان جي رياست جي حدن ۾ رهي اتان جي سياست ۾ حصو نه وٺندس.“
(43) يونيورسٽي فيلوز جو تعداد هڪ سؤ هوندو جنهن جي چونڊ پنجن سالن لاءِ ٿيندي. فائونڊيشن ڪميٽيءَ جي ختم ٿيڻ سان ان جي مدت پوري ٿيندي.
(44) فائونڊيشن ڪميٽي سال ۾ هڪ ڀيرو فيلوز کي طلب ڪري سالياني رپورٽ پيش ڪندي. ان موقعي تي جيڪي تجويزون پيش ٿينديون انهن تي فائونڊيشن تفصيلي سوچ ويچار ڪندي.
(45) يونيورسٽي جي انتظامي مامرن کي هلائڻ لاءِ فقط هڪ فيلو فائونڊيشن ڪميٽي سان گڏ ڪم ڪندو.
(46) يونيورسٽيءَ جي تعليمي مامرن کي هلائڻ لاءِ ٻه شعبا داخلي ۽ خارجي هوندا. داخلي شعبو سڀني فيڪلٽين جي نگراني ڪندو جن ۾ ٽيڪنالوجي، دينيات، قانون، آرٽس، ميڊيڪل، ڪامرس ۽ زراعت جون فيڪلٽيون شامل هونديون. هي سڀ فيڪلٽيون چانسلر جي ماتحت هونديون. جيڪو شعبو خارجي امور جو ذميدار هوندو خارجي شعبو سڏيو ويندو.
(47) جن ادارن ۾ شاگرد داخلا وٺندا اهي انهن جي رهائش گاهن ۾ رهندا. جيڪي رهائشگاهن ۾ نه رهندا اهي سفري استادن يا خاص طور تي مقرر استادن جي ذريعي تعليم حاصل ڪندا. ان قسم جي تعليم خارجي شعبي سان لاڳاپيل هوندي جنهن تي وائس چانسلر جو ڪنٽرول هوندو.
(48) ٽيڪنيڪل فيڪلٽي هڪ ٽيڪنيڪل ڪاليج قائم ڪندي جنهن جو نالو راجا مهندر پرتاب جي بندرابن ۾ قائم ڪيل ”پريم مهاوديا“ جي نموني تي ”دارالمحبت“ هوندو. يونيورسٽي ان جي نالي کي مٽائي نه سگهندي.
(49) دينيات فيڪلٽي هڪ ديني مدرسو قائم ڪندي جنهن جي تعليمي نصاب ۾ قرآن شريف، الفوزالڪبير، حجة الله البالغه لازمي طور تي شامل هوندا. ڪاليج جو نالو مولانا عبيدالله جي حيدرآباد ۾ قائم ڪيل ”دارالرشاد“ جي نالي تي هوندو.
(50) قانون جي فيڪلٽي هڪ لا ڪاليج قائم ڪندي جنهن ۾ محمدي قانون جي تعليم پوري دنيا ۾ موجود بهترين تقابل سان ڏني ويندي.
(51) آرٽس فيڪلٽي لسانيات جو هڪ ڪاليج قائم ڪندي جنهن ۾ اردو، هندي، افغاني (پشتو)، فارسي، ترڪي، عربي، ڀاشا، سنسڪرت، جرمن، انگريزي، روسي، يوناني ۽ لاطيني زبانون پڙهايون وينديون.
(52) ميڊيڪل فيڪلٽي هڪ ميڊيڪل ڪاليج قائم ڪندي.
(53) ڪمرشل فيڪلٽيءَ هيٺ ”دهلي ڪابل سوڊيشي اسٽور“ جي نالي هڪ ڪاروباري ادارو قائم ڪندي.
(54) زرعي فيڪلٽي هڪ زرعي ڪاليج قائم ڪندي.
[b]مذهب جي باري ۾ يونيورسٽيءَ جي پاليسي
[/b](55) يونيورسٽيءَ جي حدن ۾ هر فرد کي پنهنجي مذهب تي ڪاربند رهڻ ۽ ان جي طريقي مطابق عبادت ڪرڻ جي اجازت هوندي.
[b]حڪومت افغانستان سان يونيورسٽيءَ جو تعلق
[/b](56) افغانستان جو وزيرخارجه يونيورسٽيءَ جو نگران هوندو. هو ڏسندو ته يونيورسٽي افغان حڪومت جي پاليسيءَ جي خلاف ته ڪم نه ڪري رهي آهي.
(57) جيڪڏهن هز ميجسٽي جي حضور ۾ وزيرخارجه هي ثابت ڪري ته فائونڊيشن ڪميٽي يا ڪا ٻي ڪميٽي افغان حڪومت جي پاليسين خلاف مسلسل ڪم ڪري رهي آهي ته شاهي فيصلي مطابق افغان حڪومت فائونڊيشن ڪميٽي يا ان ڪميٽيءَ جي ختم ڪرڻ جي مجاز هوندي ۽ يونيورسٽيءَ جي چارج وزير تعليم يا خصوصي طور تي مقرر وزير جي حوالي ڪندي. يونيورسٽي ايستائين حڪومت جي نگراني ۾ رهندي جيستائين فيلوز ڪابل ۾ گڏ ٿي يونيورسٽيءَ جي امور هلائڻ جي قابل نه ٿين. عارضي ڪنٽرول دوران افغانستان جي حڪومت يونيورسٽيءَ جو نالو يا ان جي تعليم جي ذريعي ۾ تبديلي ڪرڻ جي مجاز نه هوندي.
(58) فائونڊيشن ڪميٽي ۾ افغان حڪومت جا مقرر ڪيل 5 رڪن هوندا. فائونڊيشن ڪميٽيءَ جي جڳهه جيڪا مئنيجنگ ڪميٽي وٺندي ان ۾ انهيءَ ئي تناسب سان افغان رڪن هوندا.
(59) يونيورسٽيءَ جون رقمون، وزيرخارجه جي واسطي سان افغان خزاني ۾ جمع ڪرايون وينديون.
(60) جيڪڏهن حڪومت يونيورسٽي جي معاملات جي نگراني لاءِ ڪنهن وزير جو تقرر ڪري ته ان کي اهي اختيار حاصل هوندا جيڪي وزيرخارجه کي حاصل آهن.
(61) يونيورسٽي جا سڀ ڪاليج ۽ مدرسا افغان وزيرتعليم جي نگرانيءَ هيٺ هوندا.
(الف) يونيورسٽيءَ افغانستان حڪومت جي حدن ۾ ڪوبه تعليمي ادارو ايستائين قائم نه ڪندي جيستائين ان جي پروگرام کي افغانستان حڪومت جي وزيرتعليم جي منظوري حاصل نه هجي.
(ب) يونيورسٽيءَ جي قائم ڪيل ڪاليجن ۽ مدرسن جي معاملات ۾ وزيرتعليم جي احڪامات جي يونيورسٽي ان وقت پابند هوندي جڏهن هزميجسٽي انهن جي پٺڀرائي ڪئي هجي.