محمد قاسم ولي الله سوسائٽيءَ ۽ ان جي ذريعي محمد قاسم ولي الله ٿيالوجيڪل ڪاليج جو لاهور ۾ قيام
بسم الله الرحمان الرحيم
الحمدللہ وسلام علیٰ عبادہ الذین اصطفیٰ
اما بعد: لاهور ۾ محمد قاسم ولي الله سوسائٽيءَ جي بنيادي اصولن جو هي مختصر مسودو آهي. نوجوانن جي باشعور عنصر تائين جيڪڏهن هيءُ آواز پهتو ته هو ان جي پورائي لاءِ پوري جدوجهد ڪندا. والله المستعان
الله رب العالمين ارحم الراحمين کان ان جي هڪ عاجز ٻانهي جي دعا:
رَبِّ اِنِّیۡ وَہَنَ الۡعَظۡمُ مِنِّیۡ وَ اشۡتَعَلَ الرَّاۡسُ شَیۡبًا وَّ لَمۡ اَکُنۡۢ بِدُعَآئِکَ رَبِّ شَقِیًّا
ترجمو: (اي) منهنجا پروردگار! منهنجو جسم ڪمزور ٿي پيو آهي، ۽ منهنجي مٿي جا وار بلڪل اڇا ٿي پيا آهن، اي منهنجا پروردگار! ڪڏهن به منهنجي دعا تنهنجي درگاهه ۾ ناقبول نه ٿي آهي. (پارو ١٦، سورة مريم، آيت ٤)
(الداعي عبيدالله سنڌي)
محمد قاسم ولي الله سوسائٽيءَ جي تخيل جي شروعات ۽ ان جي ارتقا
مان هڪ عاجز ٻانهو هيس، تو مون کي سمجهه ڏني، طالب علميءَ جي توفيق ڏني، علمي خزانن جا در کوليا، انهن مان استفادي جون مون لاءِ اهڙيون آسان صورتون ميسر ٿينديون رهيون جن تي شايد هڪ تمام وڏو بادشاهه به قادر نه ٿي سگهي ها. رڳو تنهنجي فضل ۽ تنهنجي واهر سان مان پنهنجو مطالعو وڌائيندو رهيس.
مون کي ”حجة الله البالغه“ چڱيءَ ريت ذهن نشين ٿي وئي، ان کان هيٺين سطح تي ”ازالة الخفاءَ“ ۽ ”المسويٰ من الموطا“ ظاهر ٿيا، انهن جي مطالعي سان مان فقهه ۽ حديث جي هڪ ٻئي سان مطابقت ڪرڻ تي قادر ٿيس. اهل سنت جي محققن ۽ انهن کان پوءِ حنفي محققن جو مسلڪ مقرر ڪري سگهيس. منهنجي تحقيق ۾ ڪنهن حديث سان انهن امامن جو مسلڪ ٽڪراءَ ۾ نٿو اچي. صحيح حديث ۽ فقهه جي مطابقت ڪرڻ ۾مون کي ست سال لڳا.
”حجة الله البالغه“ کان مٿين سطح تي ”فتح الرحمان“ ۽ ”الفوز الڪبر“ ۽ ان سان گڏ ”تاويل الاحاديث“ ظاهر ٿيا. (هي ڪتاب فصوص الحڪم جو جواب آهي پر اهل علم ان جي شان کي سمجهي نه سگهيا.) انهن جي وسيلي قرآن عظيم جي حڪيمانه تفسير جو دروازو کليو، ان جو پهريون مرحلو ڏهن سالن ۽ ٻيو مرحلو گهڻو ڪري ويهن ورهين ۾ طئي ٿيو. ٽئين مرحلي جو سير اڃا جاري آهي. بحمده تعاليٰ سمجهه وڌي رهي آهي ۽ پنهنجي گذريل غلطيءَ جي درستگيءَ ۾ ججهڪ محسوس نٿي ٿئي.
منهنجي ننڍپڻ جي تعليم سٺي هئي، رياضي ۽ تاريخ سان خاص دلچسپي پيدا ٿي چڪي هئي. اسلام قبول ڪرڻ کان هڪ سال بعد ۾ ڪافيو پڙهندي دارالعلوم ديوبند ۾ داخل ٿيس.
[b]مولانا محمد قاسم جي علمي ڪمالن ۾ دلچسپي
[/b] عربيت ۽ معقول ۽ فقهه ۽ اصول، معاني ۽ بيان مان فارغ ٿيڻ جي ويجهو پهچي حضرت مولانا محمود حسن شيخ الهند جي سبقن ۾ شامل ٿيس. سندن صحبت ۾ علمي ذوق جو مزو محسوس ٿيو. ان کان پوءِ جيترن به استادن کان پڙهندو رهيس اُهي ڪتاب پڙهائيندا هئا.
حضرت شيخ الهند جي ان خوبيءَ جو سرچشمو ڳوليوسين ته حضرت مولانا محمد قاسم جو نالو آڏو آيو. سندن ڪتاب ”قبله نما“ پڙهيم ته اُهو منهنجي دل ۽ دماغ تي حاوي ۽ حاڪم ٿي ويو. مون کي ايئن محسوس ٿيڻ لڳو ته جنهن علم جو ٻج منهنجي فطرت ۾ مستور آهي ان جي آبياري انهيءَ درياءَ سان ٿيندي.
منهنجا ساٿي شاگرد ڪجهه بزرگ استادن ۽ ڪن ٻين امامن جا نالا محبت ۽ تعظيم سان کڻندا هئا. منهنجي آڏو جيڪڏهن استاد هيو ته محمود حسن ۽ امام هيو ته محمد قاسم. مان هر بزرگ جو ادب انهن جي واسطي سان ڪندو رهيس. سندن مخالفن جي عظمت يا احترام منهنجي دل مان نڪري ويو يا ڪڍايو ويو.
(هڪ استثناء: هتي جملي معترضي طور ياد رکڻ گهرجي ته مان پنهنجي خيال ۾ ان منزل کي پنهنجي رتبي کان گهڻو مٿانهون مڃيندو هوس، تنهن ڪري سمجهندو هوس ته هيءُ سڀ ڪجهه منهنجي مرشد سيدالعارفين حضرت حافظ محمد صديق سنڌيءَ جي دعا جي هڪ برڪت آهي. حضرت حافظ صاحب مون کي سڀ کان پهرين توحيد جو ڪلمو تلقين ڪيو ۽ هڪ موقعي تي فرمايو ته عبيدالله پنهنجو ماءُ پيءُ الله خاطر ڇڏيو آهي، هينئر سندس ماءُ پيءُ اسين آهيون، انهيءَ نسبت سان مان سنڌي بڻيس.)
[b]امام الائمه امام ولي الله دهلويءَ تائين پهچڻ
[/b] حضرت مولانا محمد قاسم جي ڪتابن ۽ حضرت شيخ الهند جي صحبت مونکي مولانا محمد اسماعيل شهيد ۽ سندن ساٿين جي تحريڪ کان واقف ڪري ڇڏيو. ديوبند جي خاص حلقي ۾ مولانا محمد قاسم مولانا محمد اسماعيل جي تصوير مڃيا ويندا آهن. سندن استاد کين ”اسماعيل ثاني“ چوندا هئا.
انهن کان اڳتي وڌي مان امام الائمه امام ولي الله دهلوي ۽ امام عبدالعزيز دهلويءَ تائين پهچي ويس. امام ولي الله جي طريقي کي قائم ڪندڙ امام عبدالعزيز ئي هيو. ”قبله نما“ ۾ جنهن ”تجلي الاهي“ جو مولانا محمد قاسم تعارف ڪرايو هو ان جي تحقيق مولانا محمد اسماعيل، امام عبدالعزيز، امام الائمه امام ولي الله جي وسيلي تڪميل تي پهتي.
[b]هندستان جي مسلمانن لاءِ دهليءَ کي هڪ مقدس هنڌ سمجهڻ
[/b] امام ولي الله پنهنجي والد شاهه عبدالرحيم بن وجيهه الدين دهلويءَ جا جانشين آهن جيڪي فتاويٰ عالمگيريءَ جي ليکڪن ۾ شامل آهن. ان ريت منهنجي علمي تاريخ جو سلسلو سلطان عالمگير تائين پهچي ويو ۽ مان شاهجهان آباد کي پنهنجو علمي سياسي ۽ هڪ مقدس مرڪز (آئيڊيل سينٽر) سمجهڻ لڳس.
هن سفر ۾ رستي جي ٻنهي پاسي مون کي وڏا وڏا علمي مرڪز نظر آيا، پر مان امام الائمه امام ولي الله جي تطبيق جي طريقي کان هٽي پنهنجي لاءِ دلي تسڪين حاصل نه پئي ڪئي. تنهن ڪري انهن ئي امامن جي مسلڪ تي هلندو رهيس، ٻئي پاسي رخ بدلائي نه سگهيس. هتي پهچي جيڪڏهن ڪو طالب علم منهنجو ساٿ منظور ڪري ته کيس مولانا محمد قاسم جي امامت ۽ شاهه ولي الله جو مجدد ۽ امام الائمه هجڻ سمجهائيندس، جيڪڏهن هو ان کي قبول نه ڪري سگهي ها ته اسان جو ساٿ جٽادار نه ٿئي ها.
[b]ٻاهرين سياحت جي دوران امام الائمه جي مٿانهين سياسي اصول تي چتاءُ
[/b] مان 887 هندي (1887ع) ۾ مسلمان ٿيس، 1915ع ۾ ڪابل ويس، ان وچ وارا ٽيهه ٻٽيهه سال مون گهڻو ڪري سنڌ، ديوبند ۽ دهليءَ جي آس پاس گذاريا. پر پنجاب، پشاور ۽ لاهور کان بلڪل ڪٽجي ڪونه ويس. منهنجي پيدائش جو ضلعو سيالڪوٽ آهي ۽ منهنجي مٽي مائٽي ۽ دوستي پنجاب ۾ مسلسل قائم رهي آهي.
ان کانپوءِ ويهه ٻاويهه ورهيه ٻاهرين ملڪن ۾ رهيس. جڏهن موٽيس ته مون محسوس ڪيو ته مختلف صحبتن جي اثر ڪري ذهنيت ۾ ڪافي تبديلي اچي چڪي آهي. پر ”حجة الله البالغه“ جو علم ۽ حڪمت پنهنجي اصلي شان سان محفوظ ۽ قائم آهي. بلڪ ان ۾ وڌيڪ پختگي نصيب ٿي چڪي آهي. ان سان گڏ يورپ جي سياحت امام ولي الله جي حڪمت جو نئون باب پڙهايو، جنهن کي اقتصاديات ۽ اجتماعيت يا سياسيات چيو ويندو آهي.
(1) امام ولي الله اخلاقيات کي اقتصاديات سان ڳنڍين ٿا.
(2) رسول الله ﷺ جي مڪي زندگيءَ ۾ حڪومت جو بنياد رکڻ مڃين ٿا.
(3) خيرالقرون جو تفسير مدني خلافت جي اتفاقي دؤر تي ختم ڪن ٿا.
(4) بعثت کان وٺي اسلام جي پهرين 48 ورهين جي دؤر کي قرآني تعليمات جو عملي نمونو ٻڌائين ٿا.
ان نظريي جي تدوين ۾ هو منفرد آهن. جيڪڏهن هڪ ذهن ان فڪر تي ٺهي وڃي ته اُهو اڄ به قرآني تعليم کي بين الاقوامي رهبريءَ ۾ امام سمجهي سگهي ٿو ۽ اهو پڻ مڃي سگهي ٿو ته ٻيو ڪوبه پروگرام ان جو مقابلو نٿو ڪري سگهي. ”حجة الله البالغه“ جو روح اهوئي مسئلو آهي جنهن کي بحمده تعاليٰ ان سياحت ۾ اسان ڀليءَ ڀت سمجهي سگهياسين.
امام ولي الله جي سياست جو تعارف ڪرائڻ لاءِ بيتابي
مان ٻاهرين سياحت جا آخري ٻارنهن ورهيه مڪي معظمه ۾ رهيس، ان وقت سياسي جهيڙن کان پري رڳو پنهنجن تجربن جو جائزو وٺندو رهيس. امام ولي الله جي مقرر ڪيل نصب العين تي هندستان لاءِ پنهنجو پروگرام سوچيندو رهيس. اتر اولهه هندستان جيڪو اسان جو وطن آهي انهيءَ کي پنهنجو عملي ميدان سمجهي اهڙي پارٽي ٺاهڻ جي فڪر ۾ رڌل رهيس جيڪا امام ولي الله جي حڪمت کي پنهنجو بنياد سمجهندي هجي. جيئن پهرئين دؤر ۾ اسلامي اتحاد لاءِ ”شرعي قانون“ تي اجتماعيت سوچيندا هئاسين هينئر حڪمت ۽ فلسفي تي انسانيت کي گڏ ڪرڻ لاءِ غور فڪر ڪري رهيا آهيون.
[b]قرآن عظيم جي تفسير تي نظرثاني
[/b] امام ولي الله جي ٻڌايل نموني تي جيئن امام عبدالعزيز پنهنجي زماني جي ذهنيت جو لحاظ ڪري ”فتح العزيز“ لکيو، سندس پيرويءَ ۾ مون پنهنجي تفسير تي نظرثاني شروع ڪري ڏني. قرآن عظيم جي عموم (عام احڪامن ۽ ڳالهين) کي جن به حديثن سان ڳنڍيو ويو اُهي هينئر عموم جا مثال بڻجي ويون. ڪيتريون ئي اسرائيلي روايتون جيڪي غلطيءَ سان ڪن محدث امامن جي ڪتابن ۾ شامل ٿي ويون هيون، اُهي سڀ ڀور ڀور ٿي ويون. پهرئين مرحلي ۾ جيڪي مقام ويهن سالن تائين سمجهه ۾ نه آيا هئا ۽ ان ڪري ئي شاگردن کي ڪڏهن به انهن تي بحث جي اجازت نه ڏيندو هوس اُهي ڏکيائيون الله تعاليٰ جي فضل سان سڀ حل ٿي ويون. تفسير جي مطالعي لاءِ ڪافي سامان ملندو رهيو ۽ مقدس هنڌ جي برڪت پڻ شامل حال رهي. عالمن سان رهاڻيون ٿيون. جيڪي ماڻهو اسان وانگر ڏکيائين جو منهن ڏسي چڪا هئا سي اسان جي مطالعي جو تمام گهڻو قدر ڪندا رهيا، انهن ۾ موسيٰ جارالله آفنديءَ جو نالو وٺي سگهجي ٿو.
[b]اسان جي مطالعي جي ضرورت ايندڙ نسل محسوس ڪندو
[/b] هندستان کان ٻاهرين ديوبندي دهلوي استادن جي تقليد نٿو ڪري سگهان. اسان ڄاڻون پيا ته اسان جا همعصر عالم ته گهڻو ڪري سمجهي به ڪونه سگهندا. ساڳيءَ ريت جن دوستن اسان کان اڳ قرآن جو ترجمو پڙهيو آهي اهي به نه مڃيندا پر سندن اولاد ان جو قدر ڪندي ۽ هندستاني نوجوان جيڪو ڪاليجن مان نڪرندو ان کي سڀ کان وڌيڪ ضرورت پوندي. کيس اسلامي تعليمات جو رستو صاف ۽ چٽو نظر ايندو.
اسان جي نظريي ۾ هڪ خاص امتياز آهي ته اُهو هندستاني مسلمانن جي وسيلي قومي قانون بڻجڻ جي صلاحيت رکي ٿو. اسان پنهنجو سمورو فڪر ۽ پنهنجي تاريخ، پنهنجي مرڪز شاهجهان آباد (دهلي) کان وٺون ٿا. ٻين قومن جي علمن ۽ تجربن مان اسان ٻئين درجي تي استفادو ڪنداسين. ان جو پهريون فائدو اسان کي اهو ٿو ملي ته اسان جي قوميت ۾ ۽ اسان جي مذهب ۾ ٽڪراءُ پيدا نٿو ٿئي. اهڙيءَ ريت اسان عام مسلمان قومن سان گڏجي سؤلائيءَ سان هلي سگهون ٿا.
مولوي حبيب الله ان وقت ديوبند کان فارغ ٿي اسان سان مڪي معظمه ۾ اچي مليو. اسان کيس حجة الله پڙهائڻ شروع ڪئي. اسين دعا ڪندا رهياسين ته شال هيءُ نوجوان اسان جي استادن جي پيروڪارن تائين اسان جي مطالعي جي جهلڪ پهچائي.
اسان پنهنجي پراڻي سياسي فڪر ۾ تبديليءَ لاءِ مجبور ٿي چڪا هئاسين، اها ئي تبديلي اسان جي وطن واپسيءَ جو ذريعو بڻي.
مڪي معظمه ۾ اسان جي زندگي نئين ڍنگ تي شروع ٿي هئي. اسان پراڻي پروگرام جي شڪست ترڪيءَ جي مطالعي کان پوءِ مڃي چڪا هئاسين. ترڪيءَ جي نئين نظام جي حقيقت کان ضرورت آهر اسين ماسڪو ۾ واقف ٿي چڪا هئاسين. اسان پنهنجو بنيادي فڪر جيڪو ”حجة الله البالغه“ مان ورتو هو ان کي ڇڏڻ نه پئي چاهيو.ا سان ٻين مسلمان قومن وانگر پنهنجي لاءِ نئون پروگرام ٺاهڻ پئي چاهيو. ان ۾ هندستان جي تاريخ ۽ حجة الله البالغه جو فلسفو ته ڪم اچي سگهي ٿو پر هندستان کان ٻاهرين مرڪزن کان ڪٽجڻ ضروري هيو. نه ته مڪي معظمه ۾ اسان جي رهائش ناممڪن ٿي وڃي ها. ان اسان جي طرزِ فڪر کي بدلائي ڇڏيو. اسين ”پين اسلامسٽ“ مان ”هندستاني نيشنلسٽ“ بڻجي وياسين. بلڪ اسين نيشنلزم جا علمبردار بڻجي وياسين ۽ شدت سان ان جي پرچار شروع ڪئي. مسلمانن جي مختلف جماعتن جي پاڻ ۾ جهيڙن جهٽن کان الڳ رهڻ اهڙيءَ ريت اسان لاءِ سؤلو ٿي پيو.
جيتوڻيڪ هندستاني نيشنلزم اسان ڪابل ۾ اختيار ڪري چڪا هئاسين پر اسان جا هندستاني عام طور ان کان واقف نه ٿي سگهيا هئا يا ان کي اسان جو بهانو سمجهندا هئا. پر هينئر اسان جي پرچار کان واقف ٿي سخت مخالف بڻجي ويا. ان کان پوءِ جيترا به دوست اسان کي مڪي معظمه ۾ مليا نه اُهي اسان مان مطمئن ٿيا ۽ نه اسان جو فڪر سندن واسطي سان ملڪ ۾ پهچي سگهيو.
اسان جو خيال آهي ته اسان جي ان تبديليءَ کان متاثر ٿي برطانوي گورنمينٽ اسان کي وطن واپسيءَ جي اجازت ڏني. اسان پنهنجي فيصلي سان انهن سڀني شرطن جي پابندي پنهنجي لاءِ لازمي قرار ڏني هئي جيڪي هر گورنمينٽ ضروري سمجهندي آهي.
اسان واپسيءَ کان پوءِ پنهنجي پوزيشن دوستن کي سهڻي نموني سمجهائي ۽ جن ايئن نه پئي سمجهڻ چاهيو اسان اتي سختي پڻ اختيار ڪئي. نتيجو اهو نڪتو ته جيتوڻيڪ پنجن سالن کان اسان بحمده تعاليٰ وطن جي قدرتي برڪتن کان مستفيد ٿي رهيا آهيون پر اسان کي سمجهڻ وارا دوست آڱرين تي ڳڻي سگهجن ٿا.
[b]بيت الحڪمت جي حقيقت
[/b] ان حالت ۾ اسان پنهنجو فڪر هيٺين ٽن علمي، سياسي مسئلن ۾ ماپايو جن جي اهميت اسان سڀ کان وڌيڪ محسوس ڪريون ٿا:
(1) امام ولي الله دهلويءَ جي حڪمت ۽ سياست جو تعارف
(2) ان سياسي فلسفي جي بنياد تي انڊين نيشنل ڪانگريس ۾ مستقل پارٽيءَ جو بنياد رکڻ.
(3) ڊومينن اسٽيٽس جنهن به قيمت تي ملي، حاصل ڪري برٽش ڪامن ويلٿ ۾ شامل ٿجي.
عجيب ڳالهه آهي ته پهريون مسئلو جنهن کي اسان پنهنجي جماعت لاءِ بديهيات (پڌرين ڳالهين) مان مڃيندا هئاسين اهوئي سڀ کان وڌيڪ، ڌيان جوڳو ۽ عجب جوڳو بڻجي ويو. ايستائين جو ديوبند سان لاڳاپيل علمي مرڪزن ۾ سياسي رهنما پڇن ٿا ته ڇا شاهه ولي الله يا مولانا شيخ الهند ڪو سياسي مسلڪ به رکندا هئا؟ اسان کين ان جهالت مان ڪڍڻ لاءِ خاص جماعتون ٺاهيون. بيت الحڪمت جي نالي سان کين هڪ سلسلي ۾ ڳنڍيو ۽ مرڪزي بيت الحڪمت جامعه مليه دهليءَ ۾ ٺاهيو.
بيت الحڪمت جي ٻن ٽن سالن ڪم ڪرڻ ڪري اسان کي ان فلسفي جا پڙهائيندڙ استاد پڻ ملي ويا ۽ هم فڪر دوست پڻ وڌندا رهيا.
ٻئين ۽ ٽئين اصول بابت هينئر اسين اهوئي ٻڌائي سگهون ٿا ته اسان جو پارٽي نظام سنڌ اسيمبليءَ ۾ ظاهر ٿيندو. اسان جو هيءُ ڪم وڌي رهيو آهي پر تمام هوريان هوريان.
[b]محمد قاسم ولي الله ٿيالوجيڪل ڪاليج جي ضرورت
[/b] بيت الحڪمت جي حقيقت کان واقف ٿيڻ بعد ڪاليج جي اسڪيم سؤلائيءَ سان سمجهي سگهجي ٿي. اسان چاهيون ٿا ته بيت الحڪمت لاءِ شاگرد ملن ۽ تمام گهڻا ملن، جن ۾ هيٺيون ٽي وصفون ضرور هجن:
(1) هو فلسفي سان دلچسپي رکندڙ هجن.
(2) هو اڄوڪي انقلابي يورپ کي سمجهڻ جي صلاحيت رکندڙ هجن.
(3) هو شاهجهان آباد جا تاريخي علم به پڙهي چڪا هجن. (ساڳيا علم دارالعلوم ديوبند جو نصاب آهن) ته جيئن امام ولي الله ۽ سندن بزرگن جي اصطلاحن کي صحيح طورتي سمجهي سگهن.
هيءَ هڪ حقيقت آهي ته ملڪ جون نيون پراڻيون تعليم گاهون ان قسم جا شاگرد مهيا نه پيون ڪن تنهن ڪري اسان کي بيت الحڪمت جي تعمير لاءِ ان قسم جي تعليم جو بندوبست پاڻ کي ئي ڪرڻو پوندو. اسان جو خيال آهي ته ان ضرورت کي لاهور ۾ پنهنجو مخصوص ڪاليج کولڻ کان سواءِ پورو نٿا ڪري سگهون.
[b]محمد قاسم ولي الله ٿيالوجيڪل ڪاليج لاءِ لاهور جي چونڊ ڇو ڪئي وئي؟
[/b] هندستاني مسلمانن جي ٻين مرڪزن کان لاهور کي اسان رڳو ان ڪري مقدم سمجهون ٿا جو:
(1) فعال مسلمانن جو نوجوان عنصر لاهور ۾ وڌيڪ ملي ٿو.
(2) پنجاب يونيورسٽي پنهنجي شروعاتي دؤر کان اورينٽل علمن کي اؤسر وٺرائيندي رهي آهي، تنهن ڪري اسان جو فڪر هتي وڌيڪ نشونما ماڻي سگهي ٿو.
(3) لاهور ۾ مختلف قومن جا مذهبي ادارا پنهنجا مرڪز قائم ڪري چڪا آهن، تنهن ڪري مذهبن جي آزاديءَ جو روح هن فضا ۾ وڌيڪ ملي ٿو، نه ته ان قسم جا ڪاليج اسان چاهيون ٿا ته سنڌ ۽ دهليءَ ۾ به ضرور قائم ٿين.
[b]محمد قاسم ولي الله سوسائٽي لاهور
[/b] ڪاليج جي اسڪيم کان اڳ سوسائٽي قائم ڪرڻ ضروري آهي. ان مان مختلف شعبا (1) ٿيالوجيڪل (2) ايجوڪيشنل (3) پوليٽيڪل نڪرندا رهندا ۽ هڪ ٻئي جي جهيڙن کان بچي پنهنجن پنهنجن مقصدن جي خدمت ڪندا رهندا. هن وقت محمد قاسم ولي الله سوسائٽيءَ جو پهريون ڪم محمد قاسم ولي الله سوسائٽي ٺاهڻ قرار ڏنو ويو آهي.
توڪلاً علي الله 15 مارچ 944هندي (1944ع) تي اسان پنهنجي هڪ گريجوئيٽ ساٿيءَ کي محمد قاسم ولي الله سوسائٽي لاهور جو سيڪريٽري مقرر ڪري ڇڏيو آهي. لاهور ۾ اسان جي بيت الحڪمت جي شاخ ڪافي عرصي کان قائم آهي ۽ اڃا تائين ابتدائي حالت ۾ آهي، ان محمد قاسم ولي الله ٿيالوجيڪل ڪاليج جو مرڪز بڻجي ڪم ڪرڻ منظور ڪري ورتو آهي.
(محمد قاسم ولي الله سوسائٽي دراصل امام ولي الله جي تجديد ۽ تحريڪ جي ان ٻئين دور جي ترجمان آهي جنهن کي اسان ديوبندي سياسي تحريڪ چئون ٿا. هي ٻيو دؤر بالاڪوٽ جي حادثي کان پوءِ سندن ڏوهٽاڻ (نياڻي جي اولاد) الصدر الحميد مولانا محمد اسحاق ۽ الصدر العميد مولانا محمد يعقوب جي صدارت ۾ منظم ٿي ڪري خلافت جي خاتمي تائين جاري رهيو. شيخ الهند مولانا محمود حسن جي پيرويءَ ۾ اسان ان تحريڪ کي نوجوان تعليم يافته جي مزاج سان مناسب بڻائي ٽيون دؤر شروع ڪريون ٿا. اسان جي اصطلاح ۾ محمد قاسم ولي الله سوسائٽي ان ٽئين دؤر جو نالو آهي.)
هيءُ آهي اسان جي دعا جو خلاصو: اللہم تقبل منا انک انت السمیع العلیم
مابدیں منزل عالي نتوانيم م رسيد۔ یہاں مگر لطف شما نمدگامے چند
(ترجمو: اسان پاڻ ان بلند منزل تائين نٿا پهچي سگهون، پر اي رب تنهنجو لطف ۽ ڪرم ڪجهه دير تائين اسان جي رهنمائي ڪري.)
عبيدالله سنڌي
24 مارچ 944 هندي قاسم العلوم لاهور