تاريخ، فلسفو ۽ سياست

مولانا عبيدالله سنڌيءَ جون تحريرون ۽ تقريرون

ماضي قريب ۾ سنڌ ۽ هند ۾ جيڪي انقلابي اڳواڻ پيدا ٿيا انهن ۾ امام انقلاب مولانا عبيد الله سنڌيءَ جو نالو سرفهرست ملي ٿو.
هي ڪتاب مولانا سنڌيءَ جي نادر ۽ ناياب تحريرن ۽ تقريرن جو مجموعو آهي، جيڪي مختلف ڪتابن مان هٿ ڪيل آهن ۽ ڪجهه تحريرون مولانا عزيز الله جروار جن کي مولانا سنڌيءَ جي ساٿي ۽ شاگرد مولانا عزيز احمد کان حاصل ٿيون هيون سي به شامل آهن.
Title Cover of book مولانا عبيدالله سنڌيءَ جون  تحريرون ۽ تقريرون

اسان ڇا ٿا گهرون؟

اسان هندستان جي سياست ۾ هڪ نئين پارٽي قائم ڪرڻ گهرون ٿا جنهن جو ڍانچو جمنا نربدا سنڌ ساگر پارٽي جي نالي ۾ تيار ڪرڻ شروع ڪيو آهي. هن وقت اسين ان جي مقاصد تي ڪجهه روشني وجهڻ گهرون ٿا. ان سان گڏ هي به ٻڌائڻ گهرون ٿا ته هي پارٽي ڪيئن قائم ٿي سگهي ٿي ۽ ان جي طاقت جو سرچشمو ڇا هوندو؟
انقلاب 1857ع کان پوءِ هندستان جي مسلمانن جي طاقت ٻن ڀاڱن ۾ ونڊجي وئي. هڪ جو مرڪز عليڳڙهه ٻئي جو مرڪز ديوبند ٿيو.عليڳڙهه مسلم ليگ پيدا ڪئي ۽ هيءَ سياست ان جو فوٽو آهي. ديوبند جمعيت العلماءِ هند پيدا ڪئي جنهن جي سياست کي هن جماعت جي شڪل ۾ ڏسي سگهجي ٿو. هن وقت هي ٻئي جماعتون حقيقت ۾ رڪجي چڪيون آهن ۽ مسلمانن جي ٻيڙي کي منزل مقصود جي ڪنڌيءَ تائين پهچائي نه سگهيون.
اسان کي هي به معلوم آهي ته مسلم ليگ جي جماعت ۾ هڪ مفڪرن (سمجهدارن) جو چڱو جٿو موجود آهي جيڪو مسلم ليگ جي پروگرام مان مطمئن نه آهي، پر پنهنجي خاص ضرورتن ڪري لاچار ٿي مسلم ليگ سان ساٿ ڏيندو اچي ٿو. اهڙيءَ طرح جمعيت العلماء هند جا ڪيترا علماء جمعيت جي پروگرام کان نااميد ٿي چڪا آهن. اسان انهن روشن خيال ۽ پريشان دماغ طاقتن جي آڏو پنهنجو پروگرام پيش ڪرڻ گهرون ٿا.

[b]پروگرام جو اهم جزو
[/b] اسان جي پروگرام جو سڀ کان اهم جزو هي آهي ته هندستان جي سياسيات ۾ اسين پنهنجي ڀاڱي تي پاڻ قبضو ڪرڻ گهرون ٿا ۽ هاڻي کان ئي ان جي تياري ڪرڻ چاهيون ٿا. ان سلسلي ۾ اسان کي هندستان کان ٻاهرين مسلمانن جي ڪنهن به قسم جي امداد وٺڻ جي ڪابه اميد نه آهي، ايستائين جو جيڪڏهن ڪنهن به ٻاهرين طاقت هندستان تي حملو ڪيو ته اسان ان جو پوري طاقت سان مقابلو ڪنداسون، توڙي جو حملو ڪندڙ مسلم حڪومت ئي ڇو نه هجي، اسان سمجهي چڪا آهيون ته ڪنهن به مسلمان طاقت کي اهو حق نه آهي ته اسان جي موجودگي ۾ هو اسلام جي نالي ۾ هندستان تي حملو ڪري هندستان جي سرزمين کي پائمال ڪرڻ جي ڪوشش ڪري. ڇا اسان مسلمان نه آهيون؟ ڇا اسان کي پنهنجي وطن ۾ پنهنجي حڪومت قائم ڪرڻ جو حق نه آهي؟ هن ۾ شڪ نه آهي ته ٻاهرين مسلم حڪومتن کي پنهنجن حڪومتن منظم ۽ مضبوط ڪرڻ جو هر ڪو حق حاصل آهي پر اسان انهن جي انهيءَ حق کي ڪڏهن به قبول ڪرڻ لاءِ تيار نه آهيون ته هُو هندستان تي حملو ڪري کيس فتح ڪرڻ جي ڪوشش ڪن.
هي اسان جو حق آهي ته اسان هندستان ۾ پنهنجي هندستاني حڪومت قائم ڪريون. انهيءَ فڪر تي اسين ڪافي روشني وجهي سگهون ٿا ۽ پنهنجي ڏيڍ سو سالن جي سياسي غنودگي کي پري ڪري سگهون ٿا.

[b]هندستاني مسلمان ۽ اسلامي حڪومتون
[/b] اسان کي هتي اهو بحث ڪرڻ مقصود نه آهي ان ڪري فقط اشارو ڪرڻ ڪافي سمجهون ٿا. سلطنت مغليه جي آخري دور ۾ جڏهن شاهه عبدالعزيز ؓ جي جماعت (پارٽي) دهليءَ جي حڪومتي ڪمزورين کي پري ڪرڻ لاءِ ميدان عمل ۾ نڪتي ته انهن کي ڪنهن به ٻاهرين مسلم حڪومت مدد نه ڪئي. جڏهن اسان جا اڳيان بزرگ پنهنجي ملڪ ۾ پنهنجي حڪومت قائم ڪرڻ لاءِ شهيد ٿي چڪا آهن ته پوءِ انهيءَ بلند تخيل کان سواءِ ڪابه شيءِ آڏو اچڻ نه ڏينداسون. اسان جا هندستاني اڳواڻ ڪيتري وقت کان وٺي چئي رهيا آهن ته:
شد پریشان خواب من از کثرت تعبیر با
(ترجمو: نين نين تعبيرن سان منهنجي خواب جو بنيادي مقصد ئي وکري ويو آهي.)
پر افسوس آهي ته هو پنهنجي پريشان خيالي جي مٿان پوري طرح غور ۽ فڪر ڪري نٿا سگهن. اسان جو علم ۽ تجربو هن ڳالهه جو شاهد آهي ته ان جو سبب فقط هڪ ئي آهي يعني هميشه هندستان جي مسلمانن جو توجه ٻاهرين امداد جي طرف رهيو آهي يا رهايو ويو آهي. انهن کي پنهنجي فيصلي سان پنهنجي ملڪ ۾ پنهنجي حڪومت قائم ڪرڻ جي طرف سندن خيال کي نه آندو ويو يا اچڻ نه ڏنو ويو. جن ماڻهن مٿئين غلط رويي ۾ حصو ورتو انهن کي پهرئين دور ۾ ته قابل معافي سمجهي سگهجي ٿو پر اڄوڪي بيداري جي زماني ۾ جڏهن هيءَ ڳالهه سج وانگر روشن ٿي چڪي آهي ته ٻاهرين طاقت تي ڀروسو ڪرڻ اسان جي لاءِ زهر قاتل آهي. پوءِ اهڙي شخص کي ڪڏهن به معاف نه ڪيو ويندو جيڪو اڄ به انهيءَ غلط خيال ۾ مسلمانن کي مبتلا ڪرڻ جي ڪوشش ڪري.

[b]حقيقي هندستاني
[/b] اسان جو فڪر عوام (عام ليڊرن) جي فڪر کان هڪ قدم اڳتي آهي. جيئن ته اسان جڏهن به هندوستاني جو لفظ چوندا آهيون ته اسان وٽ ان جو ٺيڪ مصداق هندستاني مسلمان هوندو آهي، تنهن ڪري اسان کي هندستاني سان گڏ لفظ مسلمان چوڻ جي ايتري ضرورت نه ٿيندي آهي. ٺيڪ معنيٰ ۾ هندستاني اهو آهي جنهن هندستان جي تفرقه بازي کي ڪڍي ڇڏيو هجي ۽ ان جي اندر ايڪو آڻي ان کي هڪ پروگرام تي هلايو هجي. انهيءَ نظريي جي قبول ڪرڻ کان پوءِ جيڪڏهن هندستان جي تاريخ تي نظر وڌي ويندي ته صاف معلوم ٿيندو ته پهريائين هندستان ۾ ڀيل ۽ گوند قومون رهنديون هيون. انهن جي تاريخ جو اسان کي ڪو علم نه آهي. اسان هن وقت فقط ايترو ڄاڻون ٿا ته آريا قوم ئي آهي جنهن هندستان ۾ هڪ قسم جو ايڪو پيدا ڪيو ۽ اشوڪ اعظم جهڙو شهنشاهه پيدا ٿيو، جنهن تقريباً ساري هندستان ۾ هڪ مرڪزي حڪومت پيدا ڪري اندروني تفرقه بازي کي تڙي ڪڍيو. آريا قوم پهرين هندستاني قوم آهي جنهن ڀيل ۽ گونڊ قوم جي هندستانيت کي ختم ڪيو، بشرطيڪ هنن ڪائي هندستانيت پيدا ڪئي هجي. ان کان پوءِ اسلام پنهنجي پهرئين دور ۾ هندستان جي سرحدن تائين پهچي ويو. ڪابل ۽ غزني جيڪي تاريخي لحاظ کان هندستان جا آخري ضلعا هئا، حضرت عثمان رضي الله تعاليٰ عنه جي زماني ۾ فتح ٿي چڪا هئا، پر هندستان ۾ هڪ نئين تحريڪ جي حيثيت سان اسلام چار سو سال کان پوءِ داخل ٿيو.
موجوده هندستان ۾ آرين جي حيثيت
غزني جي مرڪز کان محمود غزنوي وڌڻ شروع ڪيو ۽ مسلمانن 600 سالن اندر هندستان جي جدا جدا طاقتن کي نئين سر ايڪي ۾ آندو ۽ اشوڪ اعظم کان پوءِ ٻيهر هندستان ۾ عالمگير جهڙو هندستان گير بادشاهه پيدا ٿيو، جنهن سڄي ملڪ ۾ پنجاهه ورهين تائين حڪمراني ڪئي ۽ سڄي ملڪ ۾ هڪ قانون جاري ڪري ڏيکاريائين. هي ٻي هندستاني طاقت آهي جنهن آريا قوم جي هندستانيت کي ايئن ختم ڪيو جيئن انهن گونڊ ۽ ڀيل قوم جي هندستانيت کي ختم ڪيو هو. مگر آريه قوم جي هندستانيت جو ختم ٿيڻ اهڙو نه هو جهڙو ڀيل ۽ گونڊ قوم جو. انهيءَ ڪري هي چوڻ بلڪل ٺيڪ آهي ته مسلمان پهرئين درجي جا هندستاني آهن ۽ هندو ٻئي درجي جا. عالمگير جي دور حڪومت کان پوءِ وري تفرقه بازي ۽ بدانتظامي پيدا ٿي. انهيءَ تفرقه بازي ۽ بدانتظامي کي برطانيه سرڪار اچي هٽايو. هاڻي جيڪڏهن برطانيه پاڻ کي هندستاني چوائڻ تي راضي ٿئي ته هن جو هڪ ڀاڱو ائنگلو انڊين وانگر هندستان کي پنهنجو وطن ڪري وٺي ۽ اهو ئي ان اجتماعيت جو مرڪز ٿي وڃي ته اڄ هي ماڻهو اول درجي جا هندستاني چئبا ۽ مسلمان ۽ هندو ٻئي ۽ ٽئين درجي جا هندستاني ڪوٺبا. پر جڏهن اڃا تائين برطانيه طاقت هندستانيت کي قبول ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي ان ڪري هن وقت مسلمانن ئي اول درجي جو هندستاني چئي سگهجي ٿو.

[b]هندستان اسان جو آهي
[/b] پوءِ جڏهن مسلمان چوندو آهي ته هندستان اسان جو آهي ته انهيءَ ۾ عظيم الشان حقيقت جلوه گر هوندي آهي. مگر وڏي افسوس جي ڳالهه آهي ته اسان جا پراڻا ۽ نوان تعليم يافته انهن ڳالهين تي غور ڪرڻ کان بلڪل عاري ٿي چڪا آهن. اهي فقط پنهنجي آدم شماري جي ڌنڌي ۾ ڦاسي پيا آهن ۽ هندستاني هجڻ جي اعتبار سان جيڪي حق اٿن انهن جي حاصل ڪرڻ جي ڪوشش نٿا ڪن. مسلمانن کي پنهنجي فڪر تعداد جو آهي انهن کي سوچڻ گهرجي ته ڇا انگريز هندستان تي پنهنجو گهڻائي ڪري حڪومت ڪري رهيا آهن؟ اصل حقيقت هي آهي ته حڪومت جو گهڻائي ٿورائي تي دارومدار نه آهي صحيح بلڪ فڪر (ٺيڪ پروگرام) هجڻ تي آهي، جيڪڏهن ڪنهن به قوم وٽ انسان ذات لاءِ صحيح فڪر (پروگرام) موجود هجي ۽ تنظيم به مڪمل ۽ مضبوط هجي ته اها قوم حڪومت ڪندي آهي. اهو استعداد (قوت) اڄ به هندستاني مسلمانن ۾ موجود آهي ۽ هندن ۾ نه آهي ڇو ته انسانيت جو صحيح فڪر هر هڪ مسلمان کي ٿورن ڪلاڪن ۾ سيکاري سگهجي ٿو مگر هندن ۾ ڪي ڪي افراد (ماڻهو) اهڙا ملندا جو انهيءَ فڪر کي سمجهڻ جي لياقت رکندا هوندا، ڇاڪاڻ جو مسلم قوم اصولي طرح انسانيت کي جدا جدا درجن ۾ ورهايل ڪونه آهي پر هن وٽ سڀ هڪ جهڙا انسان آهن جن سان برابر هڪ جهڙو انصاف ڪرڻ گهرجي پر هندو قوم ۾ انسان ذات کي جدا جدا ورنن ۽ ذاتين ۾ ورهايو ويو آهي جنهن ڪري هنن وٽ ڇوت ڇات جي بيماري پيدا ٿيل آهي تنهن ڪري هو انسانيت جي صحيح فڪر کان محروم ٿيل آهن.

[b]فڪري تنظيم جو لائق ڪير آهي
[/b] حڪومت هلائڻ لاءِ فڪر صحيح (ٺيڪ پروگرام) جي تنظيم ضروري آهي. مسلمانن اڃا تائين تنظيم (نظام قائم ڪرڻ) جا رستا وساريا ڪين آهن مسلمان پنهنجي تنظيمي طاقت سان گڏ يورپ جي هٿيارن هلائڻ جو ڪم به سکي چڪو آهي، انهيءَ ڪري مسلمانن کي هلندڙ دؤر ۾ فڪر صحيح جي هلائڻ جا بهترين موقعا حاصل آهن.
چئي سگهجي ٿو ته هندو به يورپين نظام کي قبول ڪري پنهنجي سوسائٽيءَ کي اڳتي وڌائي رهيا آهن. جيتري قدر موجوده واقعات جو تعلق آهي انهيءَ کان انڪار ڪري نٿو سگهجي. هي ٺيڪ آهي ته هندو به يورپين نظام جي ڪن شين کي اپنائي چڪا پر اسان پوري علم ۽ يقين سان چئون ٿا ته مسلمان وٽ جيڪو فلسفه عمل آهي ۽ جنهن جي زور تي هو دنيا جي قومن جي اڳواڻي ڪري سگهي ٿو اهڙو فلسفه عمل هندو سوسائٽي وٽ هرگز نه آهي.
مٿين ڳالهه کي سمجهڻ لاءِ هڪ ننڍو مثال اوهان کي ٻڌايو وڃي ٿو ته ڪانگريس يورپين طريقه فڪر مان پيدا ٿي ۽ انهيءَ آب وهوا ۾ طاقت ورتائين. جيستائين هوءَ مفڪرين جي جماعت هئي ان ۾ ارتجائي (پوئتي هٽندڙ) گروپ بلڪل گهٽ داخل ٿيو پر جڏهن کيس حڪومت جو هڪ ننڍو ڀاڱو ڏنو ويو ته ارتجائي ٽولو مٿس ڇانئجي ويو. ڇا ڪانگريس يورپين طريقي تي حڪومت هلائي سگهي ٿي؟ بلڪل نه. حقيقت ۾ هندو سرمايه دار طاقت کي راضي ڪرڻ کان سواءِ سندن ڪوبه نصب العين نه آهي.

[b]سرمايه داري ۽ هندو
[/b] هندو جڏهن به ڪو نظام پيدا ڪندو آهي ته ان جو بنياد سرمايه داري تي هوندو آهي، تنهنڪري مهاتما گانڌي جهڙي شخصيت پڻ جيڪو انسانيت جو ايترو وڏو نمائندو ٿي ڪري به سرمايه داريءَ کان هڪ انچ به اڳتي وڌي نه سگهيو آهي. اهڙي طرح جواهر لال نهرو ڪميونسٽ آهي پر تڏهن به سرمايه دار آهي ان جي مقابلي ۾ مولانا حسرت موهاني کي ڏسو جنهن ڏينهن هن اشتراڪيت قبول ڪئي ان وقت ئي پنهنجي سموري ملڪيت ختم ڪري ڇڏيائين ۽ هن وقت هو هڪ ڪوڏيءَ جو به مالڪ نه آهي. جواهر لال يورپ ۽ سوشلسٽن سان گڏ رهي سوشلزم سکيو مگر مولانا حسرت موهاني پنهنجي ذاتي فڪر سان انهيءَ مرتبي کي پهتو آهي. هي فرق آهي مسلم سوسائٽي ۽ هندو سوسائٽي جي وچ ۾. مسلمان جنهن وقت پنهنجي اصلي نظام يعني قرآني فڪر تي ايندو ته ان وقت سرمايه داري جي بت کي ٽڪر ٽڪر ڪري ڇڏيندو ۽ اڄ سرمايه داري جي بت کان سواءِ ٻيو ڪهڙو وڏو بت آهي جنهن جي ڀڃڻ جي ضرورت آهي.

[b]مسلمان سرمايه داريءَ جو دشمن آهي
[/b] مسلمان هندستاني آهي ۽ هو ان سان گڏ سرمايه داري جو دشمن آهي ۽ هر انهيءَ ماڻهو سان جو سرمايه دار نه آهي جيتوڻيڪ مسلمان نه به هجي انسانيت جو سلوڪ ڪرڻ ڄاڻي ٿو. هن وقت تائين هندستان ۾ اهڙيون هزارين خدا جي بزرگن جون (جن انسان ذات جي خدمت سواءِ ڪنهن لالچ ۽ متٿڀيد جي ڪئي هجي) قبرون موجود آهن جن جي زيارت ڪئي وڃي ٿي.
خداوند پاڪ جو شڪر آهي جو مسلم نوجوان قرآن حڪيم جي طرف متوجه ٿي چڪو آهي ۽ قرآن حڪيم جي تعليم موجوده سرمايه داري جو ضد آهي.
اسيمبلي جي موجوده ميمبرن جي سرمايه داريءَ کان مرعوب ٿي ڪري مسلم نوجوان گهڻي دير تائين صبر ڪري نه سگهندو. ان جو مطلب ته هندستان جي مسلمانن ۾ مستقبل جي سنڀالڻ جي پوري صلاحيت ۽ طاقت موجود آهي. جڏهن هندستاني تفرقه بازي کي برطانيه جي جاءِ نشينيءَ ۾ مسلمان مٽائي سگهي ٿو ۽ اتي اجتماعي عادلانه نظام (ايڪو) پيدا ڪري سگهي ٿو، ان ڪري گذريل زماني وانگر ايندڙ زماني ۾ به هندستاني لفظ جو صحيح مصداق فقط مسلمان ئي ٿي سگهي ٿو.

[b]هڪ هندستاني جو نصب العين
[/b] مٿئين ساري ذڪر جو مطلب هي آهي ته هندستاني مسلمان عالمگير جي فڪر کي نه وسارن پر سندس سلطانيت (بادشاهي نظام) کي پنهنجو نصب العين نه بڻائن بلڪ انهيءَ زماني ۾ جيڪا اسلامي فلسفي جي ارتقائي شڪل شاهه ولي الله دهلوي رحه جي والد بزرگوار ۽ سندس چاچي بزرگوار ٻڌائي جنهن کي امام الهند امام ولي الله محمد شاهه جي زماني ۾ ترتيب ڏيئي مڪمل پروگرام بڻايو ان کي عالمگير جو ورثو سمجهن. مطلب ته انهن کي ٻاهرين مسلمانن جي پريشان ڪندڙ پروگرامن ڏي متوجه ٿيڻ نه گهرجي بلڪ هنن کي پنهنجي (ملڪ) تي پنهنجي قبضي ڄمائڻ جي ڪوشش ۾ لڳو رهڻ گهرجي جيتوڻيڪ هنن کي پنهنجي ڪاميابي ۾ سو سال به ڇو نه لڳي وڃن، تڏهن به پروگرام جي تبديل ڪرڻ جي ڪا به ضرورت نه آهي.
ان کان پوءِ شاهه ولي الله جي طريقي پٽاندڙ جيڪو اسان پروگرام سوچيون ٿا ان جا ٻه حصا واضح ڪرڻ گهرون ٿا. اسان جو هندستاني هجڻ، هن مان ظاهر آهي ته اسان انڊين نيشنل ڪانگريس جو رڪن بڻجڻ گهرون ٿا ڇو ته هاڻي دنيا جو سياسي مرڪز يورپ ۾ منتقل ٿي چڪو آهي. اسان مان ڪنهن به هندستاني کي يورپ ۾ تعارف ڪرائڻ گهربل هجي ته ان جي لاءِ ڪانگريس بهترين عنوان آهي.

[b]عدم تشدد
[/b] اسان جي خيال ۾ ڪانگريس جي عدم تشدد واري پاليسي ان وقت تائين هندستان جي لاءِ لازم آهي جيستائين انهن کي هي يقين ٿئي ته اسان لڙائي ڪري پنهنجو ملڪ فتح ڪري سگهون ٿا. هي اصول تياري ڪرڻ لاءِ بهترين رستو آهي، انهيءَ تي استقلال سان عمل ڪرڻ گهرجي ڇو ته جيستائين ملڪ آخري موقعي لاءِ تيار نه هجي ان کي ننڍين لڙائين ۾ حصو وٺڻ نه گهرجي. ان سلسلي ۾ اسان جو فڪر گانڌي جي فلسفي جو پابند نه آهي بلڪ اسان جي فڪر جو بنياد حضرت محمد رسول الله ﷺ جي تيرهن ورهين جي مڪي زندگي تي آهي. جيتوڻيڪ نبي ڪريم ﷺ جي سيرت مبارڪ جي انهيءَ پهلو جي طرف گانڌي جي پروگرام جي اشاعت کان پوءِ اسان جو توجهه ٿيو.

[b]درجه نو آباديات
[/b] عدم تشدد کان پوءِ اسان جي پروگرام جو ٻيو ڀاڱو آهي درجه نو آباديات تي برطانيه سان صلح ڪرڻ.
ڪانگريس جي اندر هندستاني مسلمان نوجوان اهڙي پارٽي ٺاهيندو جيڪا برطانيه کان درجه نو آباديات حاصل ڪندي. جن شرطن تي به آزادي ملي سگهندي سي سڀ قبول ڪرڻ لاءِ تيار هوندي. ان ڪري برطانيه سان اسان جو جهڳڙو ختم ٿي ويندو ۽ اسان کي پنهنجي عمومي طاقت کي منظم ڪرڻ ۽ عمومي سياسي نظام ۽ عمومي تعليم جي لاءِ پورو موقعو ملي ويندو. ان هوم رول ۾ اسان جو ڪجهه حاصل ڪرڻ گهرون ٿا ان ۾ هندو ۽ مسلمان برابر شريڪ هوندو ۽ هندو ۽ مسلم صوبا برابر درجي تي هوندا مگر صوبن جي اڪثريت پنهنجن پنهنجن صوبن ۾ قانون هلائڻ تي يقيناً قابض هوندي. جيڪڏهن مسلم نوجوان پنهنجي اڪثريت واري صوبي ۾ سرمايه داري کي فنا ڪرڻ گهرندو ته ان کي ڪابه طاقت روڪي نه سگهندي ۽ ان جو فائدو هر هڪ مسلمان ۽ هندو کي برابر پهچندو. هن آخري اصول کي واضح ڪرڻ لاءِ اسان هڪ ٻيو اصول واضح ڪرڻ گهرون ٿا.

[b]گڏيل انتخابي طريقه ڪار
[/b] مسلم اڪثريت جي صوبن ۾ اسان جي پارٽي ڪوشش ڪندي ته مسلمانن جو ووٽ ان کي ملي پر چونڊ گڏيل طريقي تي هوندي. جيڪڏهن مسلم نوجوان ايترو بزدل آهي ۽ اعتماد علي النفس قطعاً ڇڏي چڪو آهي ۽ پنهنجي اڪثريت واري صوبه ۾ طاقت وٺي نٿو سگهي ته اسان جي قوميت جو اهو ڀاڱو فنا ڪري ڇڏڻ جي قابل آهي پر اسان کي يقين آهي ته هندو ۽ مسلمان اسان جي پارٽي جي نمائندن کي گڏيل ووٽن سان ضروري ڪامياب بڻائيندا ۽ مسلم نوجوان يقيناً برسراقتدار ايندو پر هو پنهنجي اقتدار کي فقط قانون سازي ۾ بند رکندو ۽ ڪوبه قانون اڪثريت جي مرضيءَ خلاف تيار ٿي نه سگهندو. جيئن ته ووٽرن جي تعليم انسانيت جي صحيح اصولن تي هوندي ان ڪري مسلم اڪثريت فقط نالي جي اڪثريت هوندي، نه ته حقيقت ۾ اُها انسانيت جي نمائنده هوندي. هر ڪو ووٽر پنهنجي صحيح ذهنيت جي مطابق ووٽ ڏيندو ۽ ان جو نمائندو صحيح انسانيت جي اصولن مطابق پنهنجي ووٽ کي امانت سان استعمال ڪندو. مسلم نوجوان پنهنجي قانون سازي واري حق جي حفاظت لاءِ ساري طاقت کي خرچ ڪرڻ کان به نه ڪيٻائيندو پر قانون جي هلائڻ ۾ ملڪ جي بهترين طاقت کي هڪ جهڙو حصو ڏيندو. ان ۾ هندو مسلم جو فرق ڪجهه به نه رکندو تنهن هوندي به ايترو خيال ضرور رکندو جو قانون جو روح گم نه ٿي وڃي.

[b]غير متضاد اصول
[/b] انهن اصولن تي اسان جي پارٽي اسلامي اڪثريت جي صوبن ۾ صحيح اسلامي ۽ انساني فضا پيدا ڪرڻ گهري ٿي. هيءَ فضا نه ته هندوستانيت جي خلاف آهي ۽ نه وري ان ۾ ڪو هندو ۽ سک قوم سان جهڳڙي جو امڪان آهي. ۽ نه ته ڪو انگريز جي برخلاف آهي. جيڪڏهن انهيءَ قسم جي حڪومت قائم ڪرڻ ۾ ڏهه ويهه سال لڳي وڃن ته اسان کي صبر کان ڪم ڪرڻ گهرجي، ڇو ته اسان کي يقين آهي ته اسان جو مقصد (پروگرام) ناڪام ٿيڻ وارو نه آهي. هي اهو پروگرام آهي جنهن کي اسان جمعيت العماءِ ۽ ليگ جي غيرمطمئن ماڻهن جي توجهه ۾ آڻڻ گهرون ٿا ۽ اسان ملڪ جي حڪمران طاقت کان به لڪائڻ نٿا گهرون ۽ پڻ هن پروگرام جي تڪميل لاءِ اقليت (ٿورائي وارين قومن) کي به شريڪ ڪرڻ گهرون ٿا، هن شرط سان ته هو هن پروگرام تي ڀرپور غور ۽ ويچار ڪري هن ۾ شريڪ ٿيڻ پسند ڪن. اسان هن تحريڪ کي لاهور کان شروع ڪرڻ گهرون ٿا. هن جو ٻيو مرڪز لکنؤ هوندو ۽ ٻنهين کي دهليءَ ۾ گڏ ڪنداسون.

[b]غيراختلافي تخيل
[/b] هڪ آخري ڳالهه به لکڻ ضروري آهي ته جڏهن اسان غيرمسلم قومن کي هن پارٽيءَ ۾ شريڪ ڪرڻ لاءِ تيار آهيون ان ڪري فڪري وحدت لاءِ غيرمسلم قومن کي اهڙي فلسفي جي طرف دعوت ڏيون ٿا جيڪو مسلم ۽ غيرمسلم ٻنهين لاءِ هڪ جهڙو مڃڻ جي لائق آهي.
ان سلسلي ۾ هي به ياد رکڻ گهرجي ته جيتوڻيڪ اسان اشتراڪيت جي انتهاپسندانه اقتصادي پروگرام جي قابل نه آهيون پر اسان محنت ڪندڙ ٽولي (هاري وغيره) لاءِ روٽي، ڪپڙي، تعليم ۽ صحت جي اصلاح کي نظرانداز ڪرڻ لاءِ تيار نه آهيون، انهيءَ ۾ به اسان مسلم ۽ غيرمسلم جو ڪو به فرق نه رکنداسين. ڇو ته هي ڳالهه مٿئين فلسفي فڪر جو جزو لازم آهي جنهن جي طرف اسان اشارو ڪيو آهي.

[b]مسلم ليگ جي توجه لاءِ
[/b] مسلم ليگ جي ميمبرن آڏو هڪ خاص مسئلي تي روشني وجهڻ گهرون ٿا. اسان جا ليگي دوست فيڊريٽيڊ گورنمينٽ جي مرڪزيت کي گهڻو شبهي جي نگاهه سان ڏسن ٿا، ان ڪري هو 1935ع جي تجويز اصلاحات کي رد ڪرڻ ضروري سمجهن ٿا انهن کي معلوم هئڻ گهرجي ته پارليامينٽ جو هي فيصلو آساني سان رد ڪري نٿو سگهجي البته اسان ان ۾ هڪ ترميم پيش ڪرڻ تي زور ڏيون ٿا جنهن جي منظوري کان پوءِ اميد ڪامل آهي ته انهن جا سڀ خطرا ۽ شبهات دور ٿي ويندا.

[b]هڪ دستوري اصلاح
[/b] اسان گهرون ٿا ته پارليامينٽ انهن قانوني اصلاحات ۾ هڪ دفعي (فقري) جو اضافو ڪري ڇڏي جنهن جو مطلب هجي ته جن علاقن کي اڳي صوبو چيو ويندو هو ان کي اسٽيٽ مڃيو وڃي. انهيءَ ۾ نه پارليامينٽ کي ڪوئي اعتراض ٿيندو ۽ نه ڪانگريس کي، ڇو ته انهيءَ ۾ نه ته ڪا نظام ۾ تبديلي ڪرڻ جي ضرورت ٿئي ٿي ۽ نه وري ڪو خرچ ۾ ڪو اضافو ٿئي ٿو. جيڪو پرڳڻو هڪ زبان ڳالهائي ٿو ۽ ڪاروباري سلسلي ۾ ويجهڙائي اٿن ان کي هڪ ملڪ يا اسٽيٽ مڃڻ حقيقت جي قريب آهي ۽ جديد نظام ۾ ان کي صوبو چوڻ بلڪل بي معنيٰ آهي بلڪ ان ملڪ جي رهاڪن جي بيعزتي آهي.

(2- سيپٽمبر 1940ع)
**