منهنجي زندگيءَ جا حالات : مولانا عبيدالله سنڌي
[/b] پنجاب جو مشهور تاريخي شهر سيالڪوٽ، هماليه جي دامن ۾ هوادار ۽ زرخيز ميدان تي آباد آهي. ان جي ٻهراڙيءَ ۾ پسرور جي ويجهو هڪ ڳوٺ چيانوالي آهي، اها ئي منهنجي جنم ڀومي آهي.
رنجيت سنگهه جي زماني ۾ جسپت راءِ ان ڳوٺ جي مڇي مانيءَ لائق ماڻهن ۾ ليکيو ويندو هو. هڪ سناتني سونارو جيتري قدر سٺو ٿي سگهي ٿو، اوترو ئي هو سمجهيو ويندو هو. حڪومتي عملدارن ۽ عام ماڻهن جو مٿس ڀروسو هو. کيس پنج پٽ هئا. انهن مان وچئين جو نالو رام راءِ هيو، جيڪو منهنجو پيءُ آهي. حڪومت جي تبديليءَ جي ڪري منهنجو والد پنهنجي اباڻي ڌنڌي سونارڪي مان ئي گذران ڪندو هو. هو پنهنجي سمورن ڀائرن ۾ پنهنجن والدين جي خدمت ۾ وڌيڪ اڳرو هيو، منهنجو نانو ”مير علي والا“ ضلعي گوجرانوالا جو رهندڙ هڪ خانداني سک هيو ۽ ”هلو والي“ ضلعي سيالڪوٽ ۾ منتقل ٿي چڪو هو. سندس سڀ کان وڏي ڌيءَ پريم ڪور منهنجي امڙ آهي.
منهنجو پيءُ منهنجي ناني جي دعوت تي رام راءِ مان رام سنگهه بڻجي ويو هو. منهنجي والد جو سؤٽ حاڪم راءِ پنهنجي ڳوٺ جو تپيدار هيو ۽ منهنجا ٻه ماما به تپيدار هيا. منهنجون ٻه ڀينرون هيون جيڪي منهنجي پيدائش کان اڳ هڪ گکڙ ۾ ۽ ٻي بيگواليءَ ۾ پرڻجي ويون هيون.
[b]فصل ٻيون
[/b] منهنجو ڏاڏو اڃا جيئرو هو ته منهنجو پيءُ فوت ٿي ويو، سندس مرڻ کان ٽي مهينا پوءِ ڦڳڻ مهيني جي آخري ڏهاڪي ۾ جمعي جي رات صبح ٿيڻ کان ٿورو اڳ منهنجي ولادت ٿي. امڙ سڳوريءَ جي ٻڌايل واقعن کي مختلف جنترين سان ڀيٽائڻ کان پوءِ خبر پئي ته اها تاريخ 12 محرم الحرام 1289 هجري ۽ 10 مارچ 1872ع جيڪو اسان جي حساب سان 872 هندي ٿئي ٿو.
مان ٻن ورهين جو هوس ته منهنجو ڏاڏو فوت ٿي ويو، مون کي سندس صورت هڪ خاص واقعي ۾ ياد آهي. ان کان پوءِ منهنجي امڙ گهڻو ڪري پنهنجي پيءُ وٽ رهڻ لڳي. ان کان پوءِ ٻن سالن جي اندر نانو به فوت ٿي ويو. ان وقت منهنجو هڪ مامو جهنگ (ضلعي) جي بندوبست واري کاتي ۾ ڪم ڪندو هو ۽ ٻيو ڄامپور ضلعي ديري غازيخان ۾ تپيدار هيو. منهنجي امڙ ۽ ناني جهنگ کان ٿي ڄامپور پهتيون، منهنجي عمر ان وقت چئن سالن جي هئي.
جهڙيءَ طرح ناني سان گڏ شطرنج کيڏڻ مون کي ياد آهي، اهڙيءَ طرح ڄامپور ۾ مامي سائينءَ جو فوجي قاعدا سيکارڻ به نٿو وساريان. هڪ سال اتي رهي امڙ پنهنجي گهر موٽي آئي. (اسان) وڌيڪ عرصو پنهنجي ڀينرن کان پري نه ٿي رهي سگهيو. هتي سال کن کان وڌيڪ رهيس. آخر ۾ سخت ڏڪار پيو ۽ منهنجي امڙ پوءِ مون کي ڄامپور وٺي آئي.
[b]فصل ٽيون
[/b] منهنجي عمر ڇهه ورهيه هئي ته ڄامپور جي مڊل اسڪول ۾ داخل ٿيس. 878 هنديءَ کان ٽي سال لڳاتار پڙهندو رهيس. 881 هنديءَ واري مردم شماريءَ ۾ مان به ڪم ڪندو رهيس.
ان زماني ۾ مون کي گرمکيءَ جو پهريون ڪتاب ڏنو ويو. جيتوڻيڪ مون ان مان هڪ اکر به ڪونه پڙهيو پر ان ۾ هڪ تصوير ته ”ٻن ٻلين جي ماني ڀولو ورهائي رهيو آهي“ ضرور ياد اٿم. مون کي مامي ٻڌايو ته هي ٻه ٻليون هندو ۽ مسلمان آهن ۽ ڀولو انگريز آهي.
ان کان پوءِ وري امڙ پنهنجي گهر آئي ۽ ٻه سال ضلعي سيالڪوٽ جي مختلف ڳوٺن ۾ ويجهن ۽ پري وارن مائٽن سان ملائڻ لاءِ مون کي وٺي ويندي هئي. برادريءَ جي غميءَ ۽ خوشيءَ جي تقريبن ۾ شريڪ ٿيندو رهيس. ننڍڙو هجڻ جي باوجود وڏڙا ۽ پوڙها اهڙي تعظيم سان پيش ايندا هئا، جيڪو منهنجي امڙ جو حق هيو. مان ان جو خاص اثر پنهنجي طبيعت ۾ محسوس ڪندو آهيان. يعني، پنهنجن هڪ جيڏن مائٽن کان ممتاز رهڻ جو خيال رهندو آهي. ٿوري وقت لاءِ ڄامڪي جي مڊل اسڪول جي چوٿين جماعت ۾ شامل رهيس. اڪثر موقعن ۾ مسجدين جي مولوين کان پارسيءَ جا ڪتاب ضرور پڙهندو رهيس. امڙ ان دوران منهنجي لاءِ مناسب رشتو ڳوليندي رهي. جڏهن ان ۾ ڪامياب ٿي ته مون کي وري ڄامپور موڪلي ڏنائين.
[b]فصل چوٿون
[/b] انهيءَ وقت جو هڪ واقعو لکڻ جوڳو آهي، منهنجو چاچو حاڪم راءِ جڏهن ڳوٺ جي ڪچهريءَ ۾ ويهندو هو ته عام ميڙ سندس چوڌاري گڏ ٿي ويندو هو. هڪ ڏينهن مان به اتي ئي ويٺو هوس ته هن هندو ڌرم ۽ اسلام ۾ ڀيٽ ڪئي ۽ اسلام کي ترجيح ڏني. سندس تقرير جو تت مون کي چڱيءَ طرح ياد آهي: ”هندن ۽ مسلمانن ۾ هڪ ڊگهو مناظرو ٿيو، پڇاڙيءَ ۾ فيصلو ٿيو ته هڪ هندو ۽ هڪ مسلمان کوهه ۾ ٽپو ڏين، جيڪو بچي وڃي، ان جو مذهب (سچو ۽) حق مڃيو ويندو. پهريائين هندو اٿيو ۽ شري رام کي پنهنجي واهر لاءِ سڏيائين ان جا عملدار اچي رهيا هئا ته هن شري ڪرشن کي سڏڻ شروع ڪيو. ان تي شري رام جا خادم واپس موٽيا. اڃا شري ڪرشن جا ماڻهو سندس مدد لاءِ نه پهتا هئا ته هن مهاديو کي ٻاڏايو، ان ڪري شري ڪرشن جي مدد به کيس نه ملي سگهي. اهڙيءَ ريت پنهنجن مختلف بزرگن کي لڳاتار مدد لاءِ سڏيندو رهيو پر جنهن وقت ٽپو ڏنائين ته ان وقت سندس ڪوبه واهر نه ڪري سگهيو. ان ڪري سندس هٿ پير ڀڄي پيا. ان کانپوءِ مسلمان اٿي بيٺو. هن هڪ الله کي زور سان سڏڻ شروع ڪيو ۽ جلدي ۾ کوهه ۾ ڪڏي پيو، الله جا فرشتا سندس مدد لاءِ پهتا ۽ کيس سلامت بچائي ورتو.“
جيستائين مون کي ياد آهي ته اسلام جي حقانيت تي هيءَ پهرين تقرير آهي، جيڪا مون ٻڌي ۽ جنهن کان متاثر ٿيس.
[b]فصل پنجون
[/b]رب زدني علما
انهن ٻن سالن جي وقفي سان منهنجا هم ڪلاسي ته مارچ 884 هنديءَ تي ڇهين درجي ۾ پهچي ويا پر مان ٻه مهينا محنت ڪري چوٿين درجي جو امتحان ڏئي سگهيس ۽ پنجين درجي ۾ شامل ٿيس. هتان کان منهنجي شاگرديءَ جو زمانو شروع ٿئي ٿو. اسڪول جو مقرر ٿيل ڪم منهنجي لاءِ ڏکيو نه هو، پارسي پڙهڻ ۽ ياد ڪرڻ ۾ خاص محنت ڪندو هوس. باقي مضمون مان سال جي شروعات ۾ ڪجهه هفتا لڳائي ياد ڪري وٺندو هوس، پوءِ سڄو سال واندو رهندو هوس. امتحان کان ٿوري دير اڳ ۾ ڪتاب تي سرسري نگاهه وجهڻ ڪافي ٿيندو هو.
سڀ کان وڌيڪ دلچسپ رياضي هئي. حساب، آلجبرا ۽ اقليدس ۾ جيتري قدر سٺا ۽ وڏا ڪتاب ملندا هئا، انهن کي حل ڪرڻ ۾ رڌل رهندو هوس. ڏکيا سوال حل ڪرڻ ۾ خاص لذت محسوس ڪندو هوس. ”مراة الاشڪال“ اقليدس جي چئن مقالن جي شرح هئي. مون ان جا مشقي سوال سمورا حل ڪري ڇڏيا هئا.
سنه 886 هنديءَ تي ستين درجي ۾ هوس ته ”قيصري“ جالنڌر (اخبار) ۾ هڪ حل طلب سوال ڇپيو:
ا+ ب +ج= 6، ا+ب+ ج= 14، ا+ ب+ ج= 36
ٻيپهريءَ کان پوءِ مڪتب ۾ مون کي اخبار ملي، پنهنجي روزاني ڪمن ۾ رڌل هيس. فقط واندڪائيءَ جا پل ان جي حل ڪرڻ تي استعمال ڪندو رهيس. تڏهن به سانجهيءَ کان اڳ مون اخبار جي نالي جواب موڪلي ڏنو. ٻئي هفتي ۾ منهنجي نالي سان ٻن ڪالمن ۾ ڇپجي آيو. مان ان خوشيءَ کي وساري نٿو سگهان. ان کانپوءِ تاريخ، قصن ۽ ناولن ۾ طبيعت خوش ٿيندي هئي. جيڪو ڪتاب ملندو هو، جيستائين سمورو ختم نه ڪري ڇڏيان، سڪون نه ايندو هو. ان دوران اخبار پڙهڻ شروع ڪيم. هفتيوار ”آفتاب پنجاب“ لڳاتار ڏسندو هوس ۽ ”پنجاب“ ۽ ”ڪوهه نور“ جا پراڻا فائيل به پڙهندو هوس پوءِ (ڄڻ) اخبار عام ڏسڻ لڳس.
پنجاب جي تاريخ ۾ سکن جي حڪومت سان وڌيڪ دلچسپي محسوس ڪندو هوس. پنهنجي سک هجڻ تي فخر محسوس ڪندو هوس. ننڍپڻ ۾ پنهنجن مائٽن جي عورتن سان گڏ ديوان مولراج جي عزيزن جي گهر ويندو رهيو آهيان. ان ڪري انهن جي واقعن کان وڌيڪ متاثر ٿيندو هوس. پنجاب حڪومت جي سالياني رپورٽ اردوءَ ۾ شايع ٿيندي هئي. ان کي چڱيءَ طرح پڙهندو هوس، راجا دليپ سنگهه کي پنجاب اچڻ جي موڪل ملي ۽ منهنجي مامي رات جو خبر آندي ته اسان جي گهر ۾ عيد جهڙي خوشي ٿي ته اسان جو راجا اچي رهيو آهي. ٻئين ٽئين هفتي جڏهن هيءَ خبر ملي ته هو عدن کان موٽايو ويو ته اسان جي گهر ۾ ڪهرام مچي ويو.
جيتوڻيڪ ان علمي مشغلي مون کي سٺو کائڻ، سٺو پهرڻ جي خواهشن کان بي نياز ڪري ڇڏيو هو، تنهن هوندي به سوسائٽيءَ ۾ ڪابه اهڙي شيءِ نظر نه ٿي آئي جيڪا گهر ۾ ميسر نه هجي. سو اعليٰ سوسائٽيءَ ۾ منهنجو رابطو مضبوط رهيو. ڄامپور جي سرڪاري آفيسرن واري سوسائٽيءَ ۾ پڻ مون کي اهڙا ساٿي مليا، جن کان مٿانهان، اتي ممڪن نه هئا. مختيارڪار، نائب مختيارڪار، جج، پوليس آفيسر ۽ پوسٽ ماسٽر هندو هئا. ان مٿانهين سوسائٽيءَ ۾ منهنجي سڃاڻ عزت سان هئي. اسسٽنٽ مختيارڪار اسان جي ويجهي علائقي جو هو. سندس ڇوڪرا اسان سان گڏ پڙهندا هئا. ساڻس ۽ سندس گهر سان (اسان جو) هڪ جهڙو ۽ هڪ جيترو سلوڪ هيو ۽ ساڳيو رويو سوسائٽيءَ جي ٻين ماڻهن مختيارڪار، پوليس آفيسر، جج، پوسٽ ماسٽر ۽ ڊاڪٽر سان هيو.