منهنجا محسن ڪتاب
[/b] اسان جي ڪجهه دوستن ”منهنجا محسن ڪتاب“ جو عنوان جوڙيو آهي ۽ ان تي مضمونن جو سلسلو شروع ڪرايو آهي.
اسان جي خيالن ۾ انهن مضمونن جي اهميت تاريخ جي فلسفي سان دلچسپي رکندڙ ماڻهو ان وقت وڌيڪ محسوس ڪندا، جڏهن کين نئين دور جي مسلمان مفڪرن جي حقيقت سمجهڻ ۽ سمجهائڻ لاءِ هندي مسلمانن جي ارتقائي فڪر جو مستقل نظريو بنائڻ جي ضرورت پيش ايندي. انهيءَ جي پيرويءَ ۾ اڄ اسين هن نئين عنوان تحت ٻه سٽون لکون ٿا.
”منهنجا محسن“ جي هيٺيان هر اهي شخص اچي سگهن ٿا، جن جي محبت انهيءَ شخص جي تربيت ۾ امتيازي حيثيت پيدا ڪئي هجي. ان ۾ ماءُ، پيءُ، استاد، مرشد، حڪمران سڀ اچي سگهن ٿا. جيڪڏهن اسان جا دوست پنهنجن ذهنن کي کولي پنهنجن محسنن جو تعارف ڪرائيندا جيئن:
(1) پيءُ بنيادي فڪر پيدا ڪرڻ ۾
(2) استاد علمي تحقيق جو ذوق پيدا ڪرڻ ۾
(3) مرشد ۽ انبياء للّهيت (خلوص) ۽ بلند همت پيدا ڪرڻ ۾
(4) حڪمران سياسي تجربن جو رستو کولڻ ۾.
جيڪڏهن انهن جي محبت خاص فائدو پهچايو هجي ته اهي هڪ جهڙا ڳڻي سگهجن ٿا.
جيڪڏهن اسان جا دوست پنهنجا ذهن کولي، پنهنجن محسنن جو تعارف ڪرائيندا ته ان سان اسان جي سوسائٽيءَ ۾ اجتماعي مرڪز پيدا ڪرڻ ۾ سولائي ٿيندي.
[b]منهنجا محسن ڪتاب
[/b] سڀ کان پهريائين جنهن ڪتاب مون کي اسلام بابت صحيح ڄاڻ ڏني ۽ هندو سوسائٽيءَ ۾ رهندي آءٌ سورهن سالن کان پهريائين مسلمان ٿيس، اهو ڪتاب ”تحفة الهند“ آهي. تحفت الهند جي (منهنجي نالي ڀائي) مصنف هندو مذهب جي مشرڪاڻين رسمن کي نقل ڪرڻ کان پوءِ هندن جي طرفان هڪ اعتراض ڄاڻايو آهي ته مسلمانن ۾ به مشرڪاڻيون رسمون ۽ ريتون ڏٺيون وڃن ٿيون. ان جو مختصر نموني مصنف اهو جواب ڏنو آهي ته اسان هندو مذهب جي متعلق جيڪو ڪجهه چيو آهي اهو انهن جي مستند مذهبي ڪتابن مان ورتل آهي پر ان جي جواب ۾ جو ڪجهه پيش ڪيو ٿو وڃي اهو اسلام جي مستند ڪتابن مان ورتل ناهي، بلڪ مسلمانن جا عمل ۽ رسمون آهن جن جو ذمو اسلام تي نه ٿو پوي ۽ قرآن ۽ حديث مان انهن جي ڪابه سند پيش نه ٿي ڪري سگهجي. ان وقت منهنجي ساٿيءَ جيڪو مون وانگر نئون مسلمان هو کي انهيءَ ڳالهه جي تحقيق ڪرڻ جو خيال آيو ته ڏسجي ته ڇا واقعي ئي اسلام جا مستند ڪتاب انهيءَ مسئلي تي بيداغ آهن ۽ انهن ۾ انهن ريتن رسمن جو ڪٿي ذڪر ڪونهي. انهيءَ موقعي تي اهڙي ڪتاب جي ضرورت هئي جنهن ۾ رڳو قرآن شريف ۽ حديث جي حوالي سان اسلامي توحيد جو بحث پيش ڪيو ويو هجي. خوشقسمتيءَ سان ”تحفة الهند“ کانپوءِ ٻيو ڪتاب جيڪو اسان کي هٿ آيو اهو شاهه اسماعيل شهيد جو ڪتاب ”تقوية الايمان“ هيو، جيڪو انهيءَ سوال جو تسلي بخش جواب هو. جنهن مان اسان کي پتو پئجي ويو ته اسلامي توحيد خالص آهي ۽ قرآن، حديث مسلمانن جي انهن عملن کان بلڪل پاڪ آهن.
انهن ٻنهي ڪتابن مان اسلام جي باري ۾ اهڙو صحيح عقيدو پيدا ڪري سگهيو آهيان جو اڄ تائين شايد ان ۾ هڪ اکر جو به واڌارو نه ڪري سگهيو آهيان.
ديوبند جي طالب علميءَ جي زماني کانپوءِ مولانا محمد قاسم نانوتويءَ رحه جو ڪتاب ”قبله نما“ مون لاءِ هڪ وڏي محسن شيءِ آهي. مون پنهنجي دل ۾ ته اهو اعتراض ڪڏهن ڪونه آندو هو ته بيت الله جي سجدي ۽ بت پرستيءَ ۾ ڪهڙو فرق آهي؟ البت اهو اعتراض جڏهن منهنجي سامهون آيو ته منهنجي طبيعت پوريءَ طرح ان جي حل ڪرڻ ڏانهن ڌيان ڏنو. مون جڏهن ”قبله نما“ پڙهيو ته ڄڻ منهنجو سڄو بدن نئين ايماني نور سان ڀرجي ويو. ان جا ڪجهه چونڊ حصا اڄ تائين مان بيمثال سمجهندو آهيان. ان ڪتاب منهنجي ذهن ۾ هڪ ٻي تبديلي پڻ پيدا ڪئي. دانشمندي حاصل ڪرڻ لاءِ جن مصنفن جا ڪتاب مدرسن ۾ پڙهايا ويندا آهن، انهن مصنفن جو شاگردن تي هڪ خاص قسم جو اثر پوندو آهي ۽ انهن جي تحقيقن کي شاگرد اڻلڀ سمجهڻ لڳندو آهي جنهن کانپوءِ انهن جي تحقيقن جي روشنيءَ ۾ هو ڪتاب ۽ سنت کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. مولانا محمد قاسم کي سندس ڪتاب ”قبله نما“ منجهان مون اهو سڃاتو هو ته علامه تفتازاني، مير سيد شريف ۽ ٻين اهڙن بزرگن کان هو تمام وڏو ماڻهو آهي. مولانا محمد قاسم جيڪڏهن انهن جي تحقيق کي نه ٿو مڃي ۽ پنهنجو مسلڪ ڌار ٿو مقرر ڪري ۽ پنهنجي مسلڪ جي پابنديءَ ۾ ايڏي وڏي ڏکئي مسئلي کي حل ٿو ڪري ڇڏي ته منهنجي خيال ۾ ته سندن مسلڪ تفتازانيءَ ۽ سيد شريف کان گهڻو مٿانهون، صاف ۽ صحيح آهي. اهي ئي جراثيم هئا جيڪي اڳتي هلي مون کي شاهه ولي الله صاحب تائين پهچائڻ جو سبب بنيا. جيڪڏهن مان انهن درسي ڪتابن جي مصنفن جي تقليد کان آجو نه هجان ها ته شاهه ولي الله کي ڪڏهن به پنهنجو امام نه مڃان ها.
ان کانپوءِ منهنجي محسن ڪتابن منجهان ”حجة الله البالغه“ آهي، جنهن جي زور سان قرآن سمجهي سگهيس، فقهه سمجهي سگهيس. حجة الله کي مان هڪ مرڪزي حيثيت سان پنهنجو محبوب ڪتاب مڃان ٿو. هونئن ته شاهه صاحب جي هر سٽ منهنجي محسن آهي. حجة الله کان پوءِ شاهه صاحب جي ڪتابن مان الفوزالڪبير، فتح الرحمان (قرآن جو فارسي ترجمو) ۽ ”بدور بازغه“ جي تمام گهڻي اهميت منهنجي ذهن ۾ موجود آهي. انهن ڪتابن کان پوءِ ڪو ڪتاب محسن لکرائي سگهان ٿو ته اهو مولانا شاهه اسماعيل شهيد جو ”عبقات“ آهي، جنهن مون کي حجة الله جي مقدمي جو ڪم ڏنو.
[b]شاهه صاحب جي ڪتابن جي مطالعي جي ترتيب ۽ انهن جا مهاڳ
[/b] جنهن ”سلم“ جا شرح پڙهيا هجن، ان جو درجو اڄڪلهه اهوئي آهي جيڪو پهريائين ”شرح مطالع“ پڙهڻ وارن عالمن جو هو. هڪ ذهين شاگرد جڏهن درجي (ڪورس) مان فارغ ٿئي ته ان کي سڀ کان پهريائين شاهه رفيع الدين صاحب جو ڪتاب ”تڪميل الاذهان“ پڙهڻ گهرجي. ان کانپوءِ ”عبقات،“ پوءِ ”سطعات“، ان کان پوءِ ”البدور بازغه“ (مقدمو ڇڏي)، ان کان پوءِ ”حجة الله البالغه“، پوءِ ”الفوزالڪبير“ ۽ پوءِ ”فتح الرحمان“ پڙهڻ گهرجي. فتح الرحمان پڙهڻ وقت سڀ تفسير جيڪي ممڪن ٿي سگهن سامهون رکڻ گهرجن، ان کان پوءِ فتح الرحمان جو جيڪڏهن ڪو اهڙو فائدو، جيڪو نئون ۽ عام مفسرن کان هڪ ڌار شيءِ معلوم ٿئي ان کي خاص طور توجهه لائق سمجهيو وڃي. ان نڪتي تي سمورا تفسير مطالعو ڪيا وڃن، ان کان پوءِ اهو طئي ڪرڻو پوندو ته ڪهڙو سبب هو جو شاهه صاحب عام مفسرن جو مسلڪ ڇڏي ڏنو، جيڪا ڳالهه سمجهه ۾ اچي ان کي مستقل طور محفوظ ڪيو وڃي، ڪڏهن به ڪنهن مخالف جي ڳالهه نه مڃي وڃي.
ان سلسلي ۾ مولانا محمد قاسم جا ڪتاب به اسان جي خيال ۾ انهن بزرگن جي ڪتابن ڏانهن ويجهڙائي پيدا ڪن ٿا. ڪاليج جو شاگرد پهريائين اهي ڪتاب ڏسي ۽ جيڪي حصا کيس ڏکيا لڳن انهن کي ڇڏيندو وڃي ۽ وري وري ڏسندو رهي ۽ ايئن هو پاڻ ۾ شاهه صاحب جي ڪتابن سمجهڻ جي صلاحيت پيدا ڪري وٺندو. آخر ۾ ”تفهيمات الاهيه“ دنيا جي مختلف مشهور مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ هڪ اهم تصنيف سمجهڻ گهرجي. پر ان وقت ماڻهوءَ جي ذهنيت ايتري وسيع هجي جو شيطان کان به سبق سکي سگهي.
[b]شاهه صاحب جو سياسي نظريو ۽ ”ازالة الخفاءِ.“
[/b] اسان سڀ کان پهريائين ”ازالة الخفاءِ“ ۾ هن آيت جو تفسير وڏي ويچار سان پڙهيو ”هوالذي ارسل رسوله بالهديٰ ودين الحق ليظهره علي الدين کله ولو ڪره المشرڪون.“ شاهه صاحب جي ڪتابن ۾ اسان جيترو به غور ويچار ڪيو آهي، ان مان اسان کي اهو معلوم ٿيو آهي ته اهوئي تفسير سندس سياسي حڪمت جو مرڪزي نڪتو آهي.
شاهه صاحب جي ازالة الخفاءِ ۾ فاروق اعظم جي مذهب جو جيڪو باب آهي اهو هڪ بينظير ڪتاب آهي. آءٌ ”صحاح سته“ منجهان پنجن ڪتابن کي مؤطا جو شرح ٿو سمجهان. ان کان پوءِ مؤطا کي فاروق اعظم رحه جي مذهب جو شرح قرار ڏيان ٿو. ان سان منهنجا سڀ مونجهارا حل ٿي ويا ۽ قانون کي مختلف زمانن ۾ مٽ سٽ ڪرڻ جي ضرورت صاف معلوم ٿي وئي.
فاروق اعظم جي دؤر ۾ جيڪا شيءِ هئي (يعني ديني نظام هو) ان بني اميه جي دؤر ۾ مؤطا جي شڪل اختيار ڪري ورتي ۽ مؤطا عباسين جي دؤر ۾ بخاري، مسلم، ابودائود ۽ ترمذيءَ جي شڪل ۾ تبديل ٿي وئي. اسان هنن چئن حديثن جي ڪتابن کي چئن انجيلن جيان الاهي صحيفن ۾ شمار ڪيون ٿا. اهي تورات جي تشريح ڪن ٿا ۽ هيءَ (مؤطا) قرآن جي تشريح ڪري ٿي. پر ان ۾ احتياط جي ضرورت آهي ته حجة الله جي قاعدي مطابق تلقيءَ جي ٻنهي طريقن کي هر روايت ۾ جمع ڪيو وڃي ان کان پوءِ آحاد خبرن (سند حديث جو هڪ قسم) کي راءِ جي درجي تي ڇڏيو وڃي، ان ۾ ضرورت آهر آسانيءَ سان تبديلي ڪري سگهجي ٿي.
ازالة الخفاءِ ۾ شاهه صاحب، ”قرون ثلاثه“ (ٽن دؤرن) جو تفسير ڪيو آهي. اسان اڄ تائين ٻئي ڪنهن به عالم کان اهڙو تفسير نه ٻڌو آهي. اسان ان کي شاهه صاحب جي تمام وڏن علمن ۾ شمار ڪيون ٿا.
مون کان يورپ ۾ کوڙسارا سوال ڪيا ويا ته توهان وٽ قرآن جو ڇا مطلب آهي؟ يعني مان پنهنجي فلسفياڻي انداز ۾ ڪهڙيءَ طرح تفسير ڪيان ٿو. منهنجو جواب اهو هوندو هو ته حضرت عثمان رضه جي شهادت تائين مسلمانن جيڪو ڪجهه ڪيو اهو قرآن جو مقصد آهي. ان جي تشريح مان جنهن فلسفي سان چاهيان ڪري سگهان ٿو. متن اهو آهي، قرآن جو مقصد اهو آهي.
شاهه صاحب پنهنجي زماني جي رويي کي ڏسي شيعي سنيءَ جو مسئلو هٿ ۾ کنيو ۽ ان کي پنهنجي حڪمت بيان ڪرڻ جو هڪ عنوان بڻايو. شاهه صاحب جو چوڻ آهي ته شيخين (ابوبڪر رضه، عمر رضه) انبياءَ کان پوءِ سڀ کان افضل آهن، ڇاڪاڻ ته هو نبيءَ سان گهڻي مناسبت رکن ٿا. هاڻي ضرورت پيدا ٿي ته ٻڌايو وڃي ته نبوت ڇا ٿي ڪرڻ گهري ۽ شيخين (ابوبڪر رضه، عمر رضه) ڇا ڪيو؟ ايئن حڪمت جا ٻه باب حل ٿي ويا، نبوت جو مطلب به متعين ٿي ويو ۽ خلافت راشده جو مضمون به صاف ٿي ويو.
شاهه صاحب جي انداز مان اهو ٿو معلوم ٿئي ته هو ابوبڪر رضه جي دؤر کي عمر رضه جي دور جي تمهيد ٿو سمجهي ۽ عثمان رضه جي دؤر کي ان جو نتيجو يا تڪميل. ۽ انهيءَ سڄي خلافت ۾ هو اصلي شيءِ فاروق اعظم رضه تي توجهه ٿو ڏئي ۽ فاروق اعظم رضه ڇاڪاڻ ته قيصر ۽ ڪسريٰ جي حڪومت فتح ڪري هڪ حڪومت جوڙي هئي، جيڪو شاهه صاحب جي تفسير مطابق قرآن جي نازل ٿيڻ جو مقصد هو، ان ڪري هو فاروق اعظم جي ڪم کي نبوت کان پوءِ قرآن جو بهترين مصداق ٿو سمجهي ۽ انهيءَ تي پنهنجي سموري طاقت خرچ ٿو ڪري ڇڏي. ڇاڪاڻ ته شاهه صاحب فاروقي آهي، تنهن ڪري پوريءَ همت سان ان مسئلي کي واضح ڪرڻ جي طبعي صلاحيت رکي ٿو ۽ جڏهن صديق اعظم رضه جي سيرت هڪ صديق لکي ته پوءِ نبوت کان پوءِ وارن بزرگن جو معيار سمجهڻ ۾ سولائي ٿي وڃي ٿي.
شاهه صاحب جي ڪتابن مان صاف واضح آهي ته کين جيترا به وجداني فيض سندن والد سڳوري جي ذريعي حاصل ٿيا آهن انهن ۾ گهڻو ڪري حضرت عليءَ جو واسطو آهي. ان ڪري پاڻ صحيح معنيٰ ۾ ائمه اهل بيت سان محبت رکن ٿا. البت انهن جي طريقي کي جيتريقدر تفصيل سان بيان ڪرڻ جي ضرورت هئي، ان ڏانهن پاڻ متوجهه نه ٿيا آهن. مون شاهه صاحب جي پوئلڳيءَ ۾ انهيءَ حصي کي پورو ڪري ڇڏيو آهي ۽ اهو منهنجي علمي خصوصيتن مان آهي.
[b]ٻه ٻيا محسن ڪتاب
[/b] منهنجو هڪ محسن ڪتاب ”احڪام القرآن“ ابوبڪر رازيءَ جو آهي. اسلامي سياست جا ڪي اهڙا اجتماعي مسئلا جيڪي حجة الله ۾ رهجي ويا هئا انهن کي آءٌ احڪام القرآن مان حل ڪري سگهيس.
يورپ ۾ منهنجي سياحت لاءِ مولوي الياس برنيءَ جو ”علم المعيشت“ پڻ هڪ محسن ڪتاب آهي، جيڪڏهن اهو ڪتاب مون کي نه ملي ها، ته مان ڪنهن به يورپيءَ جي اقتصادي پروگرام کي سمجهڻ لائق نه ٿي سگهان ها.
**