وطن واپسيءَ تي ڪراچيءَ ۾ هڪ تاريخي تقرير
[/b] 1915ع ۾ مون کي حضرت شيخ الهند افغانستان موڪليو هو، اوهان جي بزرگن مون کي ٻاهر موڪليو هو، ٻاهر رهي ڪري مون کان جيترو پڄي سگهيو، مون اسلام جي خدمت ڪئي. ان وچ ۾ مون گهڻو ڪجهه ڏٺو ۽ عجيب عجيب حالتن مان مون کي گذرڻو پيو. منهنجي آڏو جبل آيا شڪست کائي، ويا، موت آيو هار کائي ويو، مان اهڙن سپهه سالارن سان گڏ رفاقت ۾ رهيو آهيان جن دنيا جا وڏا وڏا ميدان کٽيا آهن. ان کان سواءِ مان جنهن به ملڪ ۾ ويس ۽ جتي به رهيس مون اتان جي هر شيءِ اکيون کولي ڏٺي. مان انهن ملڪن جي تاريخ جو مطالعو ڪيو ۽ اتان جي رهاڪن جي حالتن کي به سمجهڻ جي ڪوشش ڪيم. منهنجو هي مطالعو سرسري ناهي، اوهان منهنجي ڳالهين کي وقتي اثرن ۽ عارضي اُڀارن جو نتيجو نه سمجهجو. منهنجي پويان تجربن ۽ مشاهدن جي هڪ وسيع دنيا آهي، مون قومن جي تاريخ جي اونهائين ۾ وڃڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. منهنجا احوال مون کان کوٽي کوٽي پڇو ۽ منهنجي نتيجن کي ڌيان سان ٻڌو ۽ انهن تي غور ڪيو. مان ڪا به ڳالهه توهان کان لڪائڻ نه ٿو گهران. منهنجي ڄاڻ، منهنجو مطالعو، منهنجا تجربا ۽ منهنجو فڪر وقفِ عام آهي. هاڻي مان صبح وارو وِهائو تارو آهيان، چاهيان ٿو ته مرڻ کان اڳ هن پيغام کي هندستاني نوجوانن تائين پهچايان. جيڪڏهن اهي حالتون رهيون ته مون کي خطرو آ ته بنگال ورهائجي نه وڃي. منڍ منڍ ۾ هن انقلاب جي لپيٽ ۾ افغانستان ايندو.
آءٌ انقلاب جو پيغامبر بڻجي هندستان موٽيو آهيان. اُهو ڏينهن پري ناهي جو برطانيه ۽ آمريڪا وارن کي به پاڻ سنڀارڻ مشڪل ٿي پوندو. هن انقلاب کي قيامت کان گهٽ نه سمجهو. مون وڏن وڏن عالمن ۽ وڏن وڏن اميرن کي پنندي ڏٺو آهي. عزتن کي لٽجندي ڏٺو اٿم، هي سيلاب ڪو موسمي ڇوهو ناهي جو آيو ۽ ويو. هيءَ موجوده دور جي تاريخي گهرجن جو قدرتي نتيجو آهي. انقلاب جو هي سيلاب پوئتي هٽڻ وارو ناهي، ديوار چين هجي يا سڪندري ڀت، هيءُ سيلاب سڀني کي ڪک ڪهڄر جيان لوڙهي ڇڏيندو. دنيا هڪ نئين طوفان نوح سان ٽڪرجڻ گهري ٿي. جهڙ ڀرجي چڪو آهي، ڪڪر وسڻ وارا آهن، طوفانن کي اٿندي هاڻي دير ڪانه لڳندي. پر مان ڏسان ٿو ته توهان کي نه انهن طوفانن جي خبر آ ۽ نه توهان هي ڄاڻو ٿا ته جيڪڏهن هي طوفان وهي هليا ته توهان جو حشر ڇا ٿيندو؟ ۽ توهان جا عالم آهن جن جون نظرون اڳين لکيل ڪتابن ۾ بند ٿي ويون آهن، هو ٻاهرين دنيا ڏي تڪڻ جي تڪليف به نه ٿا ڪن ۽ جيڪڏهن کڻي ڏسن به ٿا ته بس ”ڪتابي“ نظر سان. هو زندگيءَ کان ڪٽجي چڪا آهن. ان ڪري جن علمن کي هو پڙهن ۽ پڙهائين ٿا، انهن ۾، ان لحاظ کان سندن زندگيءَ ۾ نه ڪو پساهه باقي آهي ۽ نه اُهي علم، پڙهڻ ۽ پڙهائڻ وارن ۾ جياپي جي ڪا گرمي ۽ تڙپ پيدا ڪن ٿا. توهان جا سياستدان وڏيون وڏيون اسڪيمون ٺاهن ٿا پر سندن نظر خاص طبقن کان اڳتي نه ٿي وڌي. هو قوم ۽ وطن جو نانءُ ٿا کڻن، مذهب ۽ ڪلچر تي زور ٿا ڏين، پر انهن جي قوم، وطن، مذهب ۽ ڪلچر جو تصور يا ته منڍ کان ئي خيالي آهي يا نه ان جو لاڳاپو هڪ خاص طبقي جي غرضن ۽ مصلحتن سان هوندو آهي. هي ماڻهو فقط پنهنجو پاڻ ڏانهن ڏسندا آهن ۽ دل ئي دل ۾ اِهوئي سمجهندا آهن ته زمانو انهن جي اشاري تي سدائين پيو چرندو پرندو ۽ ماڻهو هميشه انهن ڏي ئي پيا تڪيندا.
قوم جا متوسط طبقا آهن جيڪي روزمره جي مادي ضرورتن ۽ رسمي مذهب جي ڪجهه روزاني عبادتن کان سواءِ جن مان کين ٿورو گهڻو سڪون ملي ٿو، ڪنهن ٻي شيءِ سان ڪوبه واسطو نه ٿا رکن. باقي رهيو عوام، قوم جو گهڻائيءَ وارو حصو، قوم جي جسم جا هٿ ۽ پير، انهن کي توهان ”عوام کا الانعام“ چئي صدين کان چوپاين جي درجي تي رکيو آهي. توهان پنهنجي هڪ محدود دنيا ٺاهي آهي. ان دنيا ۾ خوش آهيو ۽ ڪنهن ٻئي طبقي، قوم، فڪر ۽ خيال جي پرواهه نٿا ڪريو. توهان کي سانوڻ جي انڌي وانگر خير سان پنهنجي اهل قلم ”مجددن ۽ حڪيمن“ جي صدقي هر طرف سرءُ ۾ به ساوڪ ئي ساوڪ نظر ٿي اچي. بهار جو دور ڪڏهوڪو گذري ويو پر توهان خوش اعتقاديءَ ۾ پاڻ وٽ اڃا تائين بهار جوئي عمل دخل ڏسي رهيا آهيو. دنيا ۾ زلزلا ٿا اچن پر توهان گهرن ۾ اکيون ٻوٽيون پيا آهيو. جياپي جون قهري قوتون پنهنجي پوري شدت سان انسانيت جي ڪُکِ مان ٻرندڙ جبل وانگر ڦٽي نڪتيون آهن. انهن هٿان پراڻي دنيا تي جو ڪجهه به ٿئي، گهٽ آهي.
قرآن حق آهي، انجيل حق آهي، تورات حق آهي. جيڪڏهن انجيل کي غلط رنگ ۾ پيش ڪرڻ سان نصارو ڪافر ٿي سگهي ٿو ته هن ملڪ جا مسلمان قرآن کي غلط رنگ ۾ پيش ڪرڻ سان ڪيئن ٿا مسلمان رهي سگهن. هاڻي انقلاب جي گهڙي مٿان اچي بيٺي آهي. پاڻ سنڀاريو نه ته ميسارجي ويندؤ!!
هن اجمال جو تفصيل هيءُ آهي ته ڪالهه هڪ طبقو طاقت ۽ بخت جو مالڪ هيو. هاري ۽ مزدور جيڪي پورهيو ڪندا هئا، کين کاڌي لاءِ ڪجهه به نه ملندو هيو. جيڪي سندن ڪمائيءَ تي پلبا هئا سي ڪمائڻ ذلت سمجهندا هئا. ڪمائيندڙ طبقا پٺتي پيل ۽ کائو طبقا اخلاق کان ڪري پيا. جيڪڏهن برڪتون پيون ته سرمائيدارن ۽ جاگيردارن جي محلن ۾، ذهني ترقي ٿي ته به انهن جي، اسلام جون ڀلايون نصيب ٿيون ته به سرمائيدارن ۽ جاگيردارن کي، زمانو هلندو رهيو، سرمائيدار، مزدورن ۽ هارين تي ظلم ڪندا رهيا. انهيءَ دور ۾ مشيني دور اچي ٿو اڳتي هلي مزدورن مشينن تي قبضو ڪري ورتو ۽ جاگيرداري نظام ختم ٿي ويو.
هي انقلاب جنهن کي مان پنهنجي اکين سان عمل ۾ ايندي ڏسي آيو آهيان، اهو انسانيت جي انهن پيڙهيل طبقن کي للڪار آهي ته اٿو! غاصبن کان پنهنجا حق ڇني وٺو ۽ جيڪي ظلم تي جيئي رهيا آهن، انهن کي نيست ۽ نابود ڪري ڇڏيو. هن انقلاب جو نعرو هي آهي ته مزدورؤ ۽ هاريو! پورهيتؤ! مستقبل توهان جو آهي. توهان پورهيو ڪريو ٿا ۽ توهان جي پورهئي جوئي نتيجو هي آسمان سان ڳالهيون ڪندڙ عمارتون، روزيءَ جي هيءَ گهڻائي، آرام ۽ آسائش جاهي ذريعا ۽ دنيا جي هيءَ سڄي دولت آهي، جنهن کان توهان اڃا تائين محروم رکيا ويا آهيو، اصل ۾ هيءَ سموري ملڪيت توهان جي آهي، اٿو! پنهنجو پاڻ کي منظم ڪيو. اڳتي وڌو ۽ جيڪو توهان جو حق آهي، ان تي قبضو ڪريو. ان ۾ جيڪو شخص توهان جي اڳيان اچي (رڪاوٽ بڻجي) ان کي ختم ڪري ڇڏيو. جيڪو علم، ڪلچر، مذهب ۽ اخلاق توهان جي راهه ۾ رڪاوٽ بڻجي، ان جو انڪار ڪري ڇڏيو. اهو علم اعتبار جوڳو نه آهي، اهو ڪلچر بيڪار ۽ فرسوده آهي، اهو مذهب غلط آهي ۽ اخلاق جو اهو نظام بي معنيٰ آهي.
جيڪڏهن زنده رهڻ گهرو ٿا ته اهڙي فلسفي کي قبول ڪيو، جنهن سان خدا تي ايمان به رهي ۽ غريبن جو ڀلو به ٿئي، جنهن جي ترجماني امام ولي الله دهلويءَ حجة الله البالغه ۾ ڪئي آهي.
جيڪڏهن توهان جي اميرن، غريبن جا حق ادا نه ڪيا ته توهان جو حشر اهو ٿيندو جيڪو بخارا جي مسلمانن جو ٿيو. بخارا جي شهر شهر ۾ عربي يونيورسٽي هئي جنهن ۾ ستر هزار عربي علم پڙهڻ وارا موجود هئا. ترڪيءَ جي جيڪا سياسي طاقت هئي، اوهان جي ملڪ کي اها سياسي طاقت نه آهي. جنهن انقلاب جي آڏو بخارا جي مذهبيت نه بيهي سگهي، ترڪيءَ جي سياست نه بيهي سگهي، ان جي آڏو توهان ڇا دم هڻي سگهندؤ؟
جڏهن انقلاب غريب جي جهوپڙيءَ کان اٿندو آهي ته اهو اميرن جي محلاتن کي به زمين ۾ ملائي ڇڏيندو آهي، جيڪڏهن اوهان انقلابي بڻجڻ گهرو ٿا ته قرآن ۽ سنت جي طريقي سان انقلابي بڻجو.
جيڪڏهن مان مري وڃان ۽ منهنجي مرڻ کان پوءِ ٽن سالن تائين انگريز هندستان مان نه نڪري وڃي ته منهنجي قبر تي اچي چئجو ته انگريز هتي اڃا ويٺو آهي، آءٌ توهان کي قبر کان جواب ڏيندس ته مون انگريز جي پاڙ بنياد کان ئي اکيڙي ڇڏي آهي. هينئر هو هندستان ۾ نه ٿو رهي سگهي ۽ جلد اوهان مون کي ياد ڪندؤ، آءٌ پنهنجي معاملي کي الله جي حوالي ڪيان ٿو.