هندستان جي قومن جو اجتماع : نيشنل آهي يا انٽرنيشنل؟
ڪانگريس جي بانيڪارن جو اصلي نصب العين ته تڏهن ئي پورو ٿي سگهيو پئي جڏهن اينگلو انڊين ان جماعت تي حاڪم رهن ها، پر بنگالي نيشنلسٽن هندستان جي نمائندگيءَ ۾ اهڙيءَ ريت پيش قدمي شروع ڪري ڏني، جنهن جو مقابلو اينگلو انڊين نه ڪري سگهيا. ان کان پوءِ انهيءَ سلسلي ۾ بنگال ۽ بمبئيءَ جا نيشنلسٽ اڳتي وڌندا ويا، اها به هڪ حقيقت آهي ته جيتري قدر منجهن هندوسانيت وڌندي وئي اوترو گورنمينٽ، ڪانگريس کي ناپسند ڪرڻ لڳي.
اسان ان ٻئي دور کي بنگال جي ورهاڱي جي رد ٿيڻ تائين پکڙيل مڃون ٿا. ان زماني تائين دهلي ۽ ان جي واسطيدار اتر- اولهندي هند، ڪانگريس ۾ گهڻي همت سان بهرو نه ورتو ۽ ان جو ڪارڻ (به) واضح آهي ته يوپي ۽ پنجاب انگريزي ڄاڻڻ ۾ ڪلڪتي، مدراس ۽ بمبئيءَ جو مقابلو نه پئي ڪري سگهيا.
عام جنگ (پهرين عالمي جنگ) جي پڄاڻيءَ تي مهاتما گانڌي ڪانگريس ۾ ظاهر ٿيو، ان کي اسان ٽئين درجي جو عروج سمجهون ٿا، ان زماني کان ڪجهه عرصو پهريائين مون ڪانگريس جي خدمت ڪرڻ شروع ڪئي هئي جيتوڻيڪ ان وقت آءٌ هندستان ۾ ڪو نه هيس. منهنجي خدمتن جو ڪاٿو لڳائڻ کان پهريائين هيءَ ڳالهه هميشه ياد رکڻ گهرجي ته وطن ڇڏڻ کان پوءِ مون لاءِ (ڪي) قدرتي ڪارڻ پيدا ٿي ويا هئا جو مان يورپ جي برطانيه مخالف قوتن کان سواءِ ٻئي ڪنهن سان به واسطو رکي ئي نه ٿي سگهيس.
روس کي جيڪڏهن يورپ کان جدا ڪيو وڃي ته اسان جو هندستان به پکيڙ، آبادي ۽ قسمين قسمين ٻولين وغيره جي حيثيت سان هڪ ننڍي يورپ جي برابر آهي. ان ڪري حقيقتون ۽ واقعا ڪجهه وڌيڪ مختلف نه آهن. مگر هڪ اهڙو مسئلو آهي جو جنهن سان اسان جو ۽ يورپ جي تعبير جو طريقو مختلف نظر اچي ٿو جنهن لفظي اختلاف جو روپ اختيار ڪري ورتو آهي. مان ماڻهن کي ان مسئلي ڏانهن ڌيان ڏيارڻ گهران ٿو.
اڄڪلهه يورپ جي علمي مجلسن ۾ لفظ ”قوم“ جي وصف ان ريت بيان ڪئي ويندي آهي ته نيشن (Nation) اهو انساني ميڙ آهي، جيڪو هڪ ٻولي ڳالهائيندو هجي ۽ ان جي معاشرت ۾ ڪنهن حدتائين هڪجهڙائي ڏٺي وڃي. ڇاڪاڻ ته ان آباديءَ ۾ هڪ فڪر جلدي پکڙجي سگهي ٿو ۽ ناڻي جي مٽاسٽا به سولائيءَ سان ٿي سگهي ٿي، ان ڪري ان کي هڪ وحدت مڃڻ ضروري آهي.
منهنجي خيال ۾ ان اصطلاح تي سمورا هندستاني هڪ قوم نٿا مڃجي سگهن پر سنڌي، ڪشميري، بنگالي ۽ مرهٽي جدا جدا قومون چورائينديون. مون کي مڪي معظمه ۾ رهڻ دوران ڪيترائي ڀيرا تجربو ٿيو ته هڪ بنگالي حاجيءَ جي واهر ڪرڻ کان مان عاجز ٿيس. ڇاڪاڻ ته هو منهنجي ٻولي نه سمجهي سگهندو هو. منهنجي خيال ۾ جهڙيءَ طرح يورپ ۾ انگريز، فرانسيسي، جرمن ۽ اٽالين قومون مڃيون وڃن ٿيون، ساڳي حالت اسان جي هندستان ۾ به موجود آهي.
اها به هڪ حقيقت آهي ته مختلف ٻوليون ڳالهائيندڙ قومن کي جيڪڏهن سمنڊ ۽ پهاڙ جهڙيون قدرتي حدون جدا نه ٿيون ڪن، جو پاڻ ۾ ڪنهن نه ڪنهن طرح گڏيل فڪر پيدا ڪرڻ لاءِ مجبور آهن. هي فلسفي وارو فڪر ڪڏهن ته الاهيات سان لاڳاپو رکي ٿو، جيئن وحدت الوجود جو عقيدو. ۽ ڪڏهن اقتصاديات سان لاڳاپو رکي ٿو، جيئن اسان جي زماني ۾ اشتراڪيت ۽ ڪڏهن ته هڪ ديني تنظيم ۾ ٻئي ڳالهيون گڏجي وڃن ٿيون. اسان جي خيال ۾ ان قسم جي فڪري ڳانڍاپن سان جيڪا وحدت پيدا ٿئي، ان کي انٽرنيشنل طاقت جو بنياد مڃيو وڃي. ان قسم جي اشتراڪ سان ويهين صديءَ جي عام اصطلاح مطابق هڪ قوم هرگز نه ٿي بڻجي سگهي. هيءَ ڳالهه به اهم آهي ۽ اسان ان کي به ممڪن نه ٿا سمجهون ته ڪنهن غيرمعمولي اثر سان ڪا خاص ٻولي هندوستان جي رهاڪن کي سيکاري وڃي جنهن سان اڳتي هلي اڄوڪي اصطلاح ۾ قوميت پيدا ٿي وڃي.
هندستان جي تاريخ ۾ هندو فلاسافيءَ، اترين هند کي مرڪز بڻايو ۽ دکن فتح ڪيو، ان ريت ويدڪ دؤر ۾ ۽ ان کان پوءِ ٻڌن جي حڪومت ۾ انهن فڪري ڳانڍاپن سموري هندستان کي هڪ رسيءَ سان ٻڌي ان کي هڪ انٽرنيشنل طاقت ته ضرور بڻايو پر اسان ان کي نيشنل طاقت نه ٿا چئي سگهون.
ڏسو! هندو فلاسافيءَ انهيءَ مرڪز تان گهڻن ايشيائي ملڪن کي فتح ڪيو، بلڪ يونان جي وسيلي يورپ تي به غلبو ماڻيو. اڄ به يورپي قوتون ان کي مڃين ٿيون، ته ڇا ڪنهن علمي اصطلاح ۾ به انهن ملڪن کي نيشنل طاقت سان تعبير ڪرڻ ممڪن آهي؟
اسان جو خيال آهي ته اسلامي دؤر ۾ به هندستان جي انٽرنيشنل ازم کي ڪو صدمو ڪونه رسيو. ان کان پوءِ هاڻي انگريزي دؤر به ان جي پيروي ڪري رهيو آهي. ان ڪري پنهنجي ملڪ جي مفڪرن کي پرزور اپيل آهي ته هو ان مسئلي تي ڌيان ڏيئي ان علمي غلطيءَ جي درستي ڪن.
اسان کي ڄاڻ آهي ته ترڪن ۾ ڪجهه سياسي ليڊر اهڙا پيدا ٿيا جيڪي اسلامي ڳانڍاپن کي به هڪ نيشنل (National) تحريڪ مڃين ٿا ۽ ان کي اسلامي قوميت جو نالو ڏين ٿا. اسان کي هيءَ به ڄاڻ آهي ته ان جي پيرويءَ ۾ اسلامي قوميت جو اصطلاح نوجوان مسلمانن، هندستان ۾ به استعمال ڪرڻ شروع ڪري ڏنو آهي.
جيستائين اسان ترڪيءَ جي عملداريءَ تي غور ڪري سگهياسين، اسان کي صاف نظر آيو ته ترڪيءَ جي قومي تحريڪ لاءِ هيءَ هڪ خاص قسم جي پروپيگنڊا هئي. ترڪ ڇاڪاڻ ته ان تحريڪ کي ان جي مرڪز تي قبضو ڪري هلائي رهيا هئا، انهن لاءِ ته اهوئي موزون هيو ته ٻين اسلامي قومن جي قوميت جو اعتراف نه ڪيو وڃي ۽ انهيءَ تمام گهڻي مبالغي جو هي نتيجو نڪتو ته عرب ترڪن جا قومي مخالف بڻجي ويا.
انهيءَ قياس تي اسان جو خيال آهي ته گهڻو ڪري هندو سوسائٽي به پنهنجي سياسي غلبي جي زماني ۾ هندستان جي باقي قومن جو اعتراف ڇڏي ڏنو هوندو.
اسان جي گذارش آهي ته هندستاني مفڪر، اڄوڪين حالتن تي غور ڪري، اُهي ڊپلوميٽڪ اصطلاح ڇڏي ڏين. ان سان پروگرام ۾ ڪو وڏو انقلاب نه ايندو. مثال طور بنگال ڪانگريس ڪميٽيءَ جو نالو بنگال نيشنل ڪانگريس رکيو وڃي ته بنگال جي ذهنيت تي وڌيڪ ٺهڪندو، ان ريت مهاراشٽر، گجرات، سنڌ ۽ پنجاب جي انهن قومي جماعتن کي نيشنل ڪانگريس سان تعبير ڪيو وڃي، ان کان پوءِ اڄوڪي آل انڊيا نيشنل ڪانگريس صحيح معنيٰ ۾ آل انڊيا انٽرنيشنل ڪانگريس بڻجي ويندي ۽ فيڊريٽ انڊيا سان وڌيڪ گهرو لاڳاپو پيدا ڪندي.
فيڊريشن جي موجوده اسڪيم مان هزار نقص ڪڍيا وڃن ۽ ان جي اصطلاح جا مختلف طريقا غور هيٺ هجن، ان جو اسان جي مسئلي سان ڪوبه واسطو ڪونهي پر اصل فيڊريشن تي سڀني جو متفق ٿيڻ ئي اسان جي نظريي کي ثابت ڪري ٿو. اڄوڪي حالت اها آهي ته پهريائين برٽش پارليامينٽ ۽ ان کان پوءِ هند جي سڀني سياسي جماعتن اصل فيڊريشن کي تسليم ڪيو آهي. بحث رڳو تفصيلن ۾ آهي، ڇا ڪانگريس لاءِ ان لفظي سڌاري تي غور ڪرڻ جو وقت ناهي آيو!؟
(آگسٽ 1940ع)