ذاتي ڊائريءَ جا نوٽ
مون جمعرات پره ڦٽڻ کان ٿورو اڳ ۾ 12 محرم الحرام 1289هه مطابق 10 مارچ 1872ع ۾ جنم ورتو. منهنجي ڄمڻ کان چار مهينا اڳ ۾ منهنجو والد فوت ٿي چڪو هو. ٻن سالن کان پوءِ منهنجو ڏاڏو به فوت ٿي ويو. جنهن کان پوءِ منهنجي والده مون کي ناناڻن ۾ وٺي آئي جو هڪ نج سک خاندان هو ۽ منهنجو والد به نانا صاحب جي چوڻ تي ئي سک بڻيو هو. منهنجا ٻه ماما ڄامپور ضلعي ديري غازي خان ۾ تپيدار هئا. جڏهن نانو صاحب فوت ٿي ويو تڏهن اسان ڄامپور ۾ مامن وٽ اچي رهياسين. منهنجي پڙهائي 1878ع کان ڄامپور جي اردو مڊل اسڪول ۾ شروع ٿي. 1887ع ۾ مڊل جي مٿين جماعت ۾ پڙهندو هوس ته اسلام جي ظاهر ڪرڻ خاطر گهر کي الوداع ڪيم. ان وچ ۾ ٻه سال سيالڪوٽ ۾ رهڻو پيو. جنهن ڪري هڪ سال پنهنجي جماعت کان پوئتي رهجي ويس نه ته مان پنهنجي اسڪول ۾ وڏو سمجهدار شاگرد مڃيو ويندو هوس.
[b]اسلام جو مطالعو
[/b] سنه 1884ع ۾ مون کي اسڪول جي هڪ آريه سماجي ڇوڪري جي هٿان ڪتاب ”تحفة الهند“ مليو (اهو ڪتاب هڪ نو مسلم بزرگ جو لکيل آهي، جنهن ۾ هندو مذهب جي بنيادي ڳالهين جو بيان ٿيل آهي.) انهيءَ ڪتاب جي پڙهڻ ۾ لڳو لڳ مشغول رهيس ۽ آهستي آهستي اسلام جي سچائيءَ تي يقين وڌندو ويو. اسان جو ويجهو پرائمري اسڪول ڪوٽله مغلان جا ڪي هندو به ملاقي ٿيا جي پڻ تحفة الهند جا ڏاڍا دلداده هئا. انهن هندو دوستن وٽان مون کي مولانا محمد اسماعيل شهيد دهلويءَ جو ڪتاب ”تقوية الايمان“ به مليو، جنهن جي مطالعي کان پوءِ اسلامي توحيد ۽ هندو پرانڪ شرڪ جو مسئلو چڱيءَ طرح سمجهه ۾ اچي ويو. ان کان پوءِ مولوي محمد لکويءَ (اهل حديث سيد نذير حسين دهلويءَ جو شاگرد) جو ڪتاب ”احوال الآخرة“ هڪ مولوي صاحب وٽان مليو. مان ان وقت نماز سکي چڪو هوس ۽ پنهنجو نالو تحفة الهند جي ٺاهيندڙ جي نالي تي عبيدالله پنهنجو پاڻ رکي ڇڏيو هوم. احوال الاخرة جو بار بار مطالعو ۽ تحفة الهند جو اهو حصو جنهن ۾ نومسلمن جا حالات لکيل آهن، اهي ٻئي شيون منهنجي جلدي اسلام جي ظاهر ڪرڻ جو ڪارڻ بڻيون. 10 آگسٽ 1887ع ۾ الله تعاليٰ تي توڪل ڪري نڪري پيس، نه ته اصل ارادو هي هو ته جڏهن ڪنهن هاءِ اسڪول ۾ ايندڙ سال داخل ٿيس تڏهن اسلام جي اظهار جو اعلان ڪندس.
[b]اسلام جو ظاهر ڪرڻ
[/b] مون سان ڪوٽلا مغلان جو هڪ ساٿي عبدالقادر نالي هو. اسان ٻئي هڪ طالب العلم جي ذريعي ڪوٽلا رحم شاهه ضلعي مظفرڳڙهه ۾ پهتاسين. 9 ذوالحج 1304هه تي منهنجي طهر جي سنت ادا ڪئي وئي. ان کان پوءِ ٿورن ڏينهن اندر جڏهن منهنجا عزيز اسان جي ڳولا ۾ نڪتا تڏهن اسان سنڌ ڏانهن روانا ٿي وياسين. عربي صرف جا ڪتاب اسان انهيءَ طالب علم کان پڙهڻ شروع ڪيا.
[b]سيد العارفين جي صحبت
[/b] الله تعاليٰ جي خاص رحمت چئبي ته جيئن شروع ڄمار ۾ اسلام جي سمجهڻ ۾ آساني ٿي تيئن خاص رحمت جو هي اثر ظاهر ٿيو جو سنڌ ۾ اسان حضرت حافظ محمد صديق رحه صاحب (ڀرچونڊيءَ واري) جي خدمت ۾ پهچي وياسون، جو پنهنجي وقت جو جيد ۽ عارفن جو سردار هو. ڪجهه مهينا اسان سندس صحبت ۾ رهياسين جنهن جو پهريون فائدو هي ٿيو ته اسلامي معاشرت اسان جي لاءِ اهڙي طرح طبيعت ثاني بڻجي وئي جيئن هڪ پيدائشي مسلمان جي هوندي آهي. ٻيو ته حضرت حافظ صاحب هڪ ڏينهن منهنجي سامهون ماڻهن کي مخاطب ٿي فرمايو، جن ۾ گهڻو ڪري مولانا ابوالحسن امروٽي به موجود هيو ته ”عبيدالله، الله تعاليٰ واسطي پنهنجي پيءُ ماءُ کي ڇڏيو آهي، هاڻي سندس پيءُ ماءُ اسان آهيون.“
انهيءَ ڪلمه مبارڪ جو خاص اثر منهنجي دل ۾ محفوظ آهي. آءٌ مولوي عبدالقادر (حضرت مولانا دينپوريءَ جي ناٺيءَ) کان ڪتاب پڙهيا ۽ هن بزرگ کي پنهنجو ديني ابو ڪري مڃيندو آهيان ۽ خاص انهيءَ ڪري مون سنڌ کي پنهنجو وطن بنايو، يا بڻجي ويو. ٽيون ته مان قادري راشدي طريقي ۾ حضرت حافظ سان بيعت ڪئي. جنهن جو هڪ هيءُ نتيجو نڪتو جو مان ڪنهن به وڏي ماڻهوءَ کان ڪونه ڊڄندو آهيان.
چئن مهينن کانپوءِ اسان علم جي طلب لاءِ موڪل ورتي. مون کي چيو ويو ته حضرت حافظ صاحب مون لاءِ خاص دعا گهري آهي ته خدا ڪري ته عبيدالله جو شال ڪنهن راسخ عالم (سچي ۽ حقيقي عالم) سان واسطو پوي. منهنجي خيال ۾ الله تعاليٰ اها دعا قبول فرمائي ۽ الله رب العزت پنهنجي فضل سان حضرت مولانا شيخ الهند محمود حسن ديوبنديءَ جي خدمت ۾ پهچايو.
[b]سيدالعارفين جي خليفه اعظم جي صحبت
[/b] ڀرچونڊيءَ کان موڪل وٺي آءٌ انهيءَ طالب العلم سان گڏجي رياست بهاولپور جي ڳوٺاڻي مسجدن ۾ ابتدائي عربي جا ڪتاب پڙهندو رهيس. انهيءَ سلسلي ۾ دين پور پهتس جتي سيدالعارفين جو پهريون خليفو مولانا ابوالسراج غلام محمد صاحب رهندو هو. هدايته النحو تائين مان اتي پڙهيس حضرت خليفه صاحب خط لکي منهنجي والده کي گهرايو جنهن مون کي موٽائي وٺي وڃڻ جي سخت ڪوشش ڪئي مگر آءٌ ثابت قدم رهيس. پر هي غلط آهي ته منهنجي والده ديوبند آئي هئي. شوال 1305هه ۾ دينپور کان ڪوٽله رحم شاهه ۾ آيس ۽ مولوي خدابخش وٽ ڪافيه و نحو پڙهيم ۽ اتي هڪ نووارد طالب علم کان هندستان جي عربي مدرسن جو احوال معلوم ٿيو. مان مظفرڳڙهه جي اسٽيشن تان سوار ٿي سڌو ديوبند پهتس.
[b]دارالعلوم ديوبند
[/b] دارالعلوم ديوبند ۾ صفر 1306هجريءَ ۾ داخل ٿيس. اٽڪل پنجن مهينن ۾ قطبيءَ تائين منطق جا رسالا پڙهيم ۽ شرح جامي مولانا حڪيم محمد حسن امروهيءَ کان پڙهيم. هڪ سمجهدار استاد جي خاص مهربانيءَ سان مطالعي ڪرڻ جو رستو سکيس. پوءِ پنهنجي محنت سان ترقيءَ جو رستو سامهون ٿيندو ويو. حڪمت ۽ منطق جا ڪتاب جلدي پورا ڪري ٿورن مهينن لاءِ مولانا محمد حسن صاحب ڪانپوريءَ جي مدرسي ۾ هليو ويس ۽ اتان ٿورن مهينن لاءِ مدرسي عاليه رامپور ۾ رهي مولوي ناظرالدين کان به ڪتاب پڙهيم. اهڙيءَ طرح وري صفر 1306هه ۾ ديوبند موٽي آيس.
[b]حضرت مولانا شيخ الهند
[/b] ديوبند ۾ ٻن ٽن مهينن تائين مولانا حافظ احمد صاحب کان پڙهندو رهيس. (حافظ محمد احمد مولانا محمد قاسم باني دارالعلوم جو فرزند ۽ مدرسي جو مهتمم هو) ان کانپوءِ مولانا شيخ الهند جي درس ۾ شامل ٿيس. شعبان 1307هه ۾ هدايه، تلويح، مطول، شرح عقائد، مسلم الثبوت جو امتحان ڏنم، امتيازي نمبرن ۾ ڪامياب ٿيس. مولانا سيد احمد دهلوي مدرس اول منهنجي جوابن جي تمام گهڻي تعريف ڪئي ۽ فرمايو ته جيڪڏهن هن کي ڪتاب ملي ويا ته شاهه عبدالعزيز ثاني ٿيندو. ڪيترن دوستن خوشخبريءَ جهڙا خواب ڏٺا ۽ مان به رسول الله ﷺ جي خواب ۾ زيارت ڪئي ۽ امام ابوحنيفه ؐ کي به خواب ۾ ڏٺم. رمضان شريف ۾ اصول فقه ۾ هڪ رسالو لکيم جنهن کي شيخ الهند پسند فرمايو، ان ۾ بعض مسئلا جمهور جي برخلاف محققن جي راءِ مطابق لکيا ويا هئا. مثلاً مشابه آيتن جي معنيٰ ناممڪن الحصول نه آهي ۽ الراسخين في العلم وهبي علم سان سمجهن ٿا.
شوال 1307هه ۾ تفسير بيضاوي ۽ حديث جي دوري ۾ شريڪ ٿيس ۽ جامع ترمذي حضرت مولانا شيخ الهند وٽ پڙهيم ۽ سنن ابي داؤد پڙهڻ لاءِ حضرت مولانا رشيد احمد صاحب جي خدمت ۾ گنگوهه پهتس.
[b]شاهجهان آباد دهلي
[/b] گنگوهه مان بيمار ٿي دهليءَ آيس. حڪيم غلام محمود خان (حڪيم اجمل خان جي والد) جي علاج سان صحت حاصل ٿي. حديث جا باقي ڪتاب مولوي عبدالڪريم پنجابي ديوبنديءَ کان جلدي جلدي ختم ڪري ورتم. مون کي ياد آهي ته سنن نسائي ۽ سنن ابن ماجه چئن ڏينهن ۾ پڙهيو هيم ۽ سراجي ٻن ڪلاڪن ۾ پوري ڪئي هيم. اهو مولوي عبدالڪريم پنجابي حضرت مولانا محمد قاسم ديوبنديءَ ۽ حضرت مولانا رشيد احمد گنگوهيءَ جو هڪ محقق شاگرد هو. شهرت پسند نه هو، دهليءَ وارن ڏينهن ۾ ٻه دفعا حضرت مولانا سيد نذير حسين صاحب جي زيارت لاءِ ويو هوس. صحيح بخاريءَ ۽ جامع ترمذيءَ جا ٻه سبق به ٻڌا هيم.
[b]سنڌ ڏانهن موٽڻ
[/b] 20 جمادي الثاني سنه 1308هه تي دهليءَ مان سڌو ڀرچونڊي ضلع سکر ۾ پهتس. مگر ان سفر ۾ ايندي ويندي نه لاهور ۾ ۽ نه وري چينياوالي مسجد ۾ ويس. منهنجو مرشد منهنجي اچڻ کان اڳ ۾ ڏهه ڏينهن پهريائين وفات ڪري ويو هو. رجب سنه 1308هه ۾ حضرت شيخ الهند اجازت نامه لکي مون ڏانهن موڪليو ۽ مولوي ڪمال الدين صاحب مون وٽ سنن ابي داؤد پڙهي پوري ڪئي.
[b]امروٽ وارو بزرگ
[/b] شوال 1308هه تي سيدالعارفين جي ٻئي خليفي مولانا ابوالحسن تاج محمود امروٽي صاحب وٽ امروٽ ضلعي سکر ۾ هليو آيس. هن صاحب پنهنجي پير رشيد جو وعدو پورو ڪري ڏيکاريو. هو مون لاءِ پيءُ وانگر هو، سندس ذريعي منهنجو نڪاح مولوي محمد عظيم خان يوسف زئي ماستر اسلاميه اسڪول سکر جي نياڻيءَ سان ڪرايو. منهنجي ماءُ کي گهرائي ڏنو جا آخر وقت تائين پنهنجي نموني تي مون وٽ رهندي آئي. منهنجي مطالعي لاءِ تمام وڏو ڪتب خانه گڏ ڪيائين. هن بزرگ جي مهربانيءَ واري پاڇي ۾ 1315هه تائين مطالعو ڪندو رهيس.
[b]ڪتب خانه پير جهنڊي وارو
[/b] ڳوٺ پير جهنڊي ضلع حيدرآباد سنڌ ۾ راشدي طريقي جي پير صاحب وٽ دين علومن جو هڪ بينظير ڪتب خانه هو. امروٽ وارن ڏينهن ۾ مطالعي لاءِ اوڏانهن به ويندو رهندو هوس ۽ اڌارا ڪتاب به وٺي ايندو هوس. منهنجي مطالعي جي ڪماليت ۾ انهيءَ ڪتب خانه جي فيض جو به وڏو دخل آهي. ان کان سواءِ حضرت مولانا رشيد الدين صاحب العلم الثالث جي صحبت مان فائدو پرايم. مان سندس ڪيتريون ئي ڪرامتون ڏٺيون. اسماءَ الحسنيٰ جو ذڪر کانئس سکيم. سندس فرزند حضرت مولانا رشدالله صاحب العلم الرابع سان علمي صحبتون رهيون. هو علم حديث جو تمام وڏو عالم ۽ ڪيترن ئي ڪتابن جو مصنف هو. سندس والد حضرت مولانا رشيدالدين توحيد ۽ جهاد جي دعوت جو مجدد هو. قاضي فتح محمد نظاماڻي• (ويٺل ٽنڊه قيصر) جون علمي صحبتون به ياد رکڻ جي لائق آهن.
[b]علمي تحقيق جو مرڪز
[/b] الله تعاليٰ جي رحمتن مان هڪ وڏي نعمت جنهن جو آءُ شڪر ادا ڪري نٿو سگهان، اها هيءَ آهي ته فقه ۽ حديث جي تحقيق ۽ تطبيق ۽ اهڙيءَ طرح قرآن عظيم جي تفسير ۾ حضرت مولانا محمد قاسم (نانوتوي) ديوبنديءَ کان شروع ٿي امام ولي الله دهلوي تائين سلسلو عاليه منهنجو رهبر بڻيو ۽ مان هنن کي پنهنجو اڳواڻ بڻايو. مون کي پنهنجي علمي ۽ سياسي واڌاري ۾ انهن کان ٻاهر وڃڻو نه پيو. تنهن ڪري منهنجون سموريون ڪوششون هڪ اصول تي درست ٿينديون رهيون ۽ آءُ اسلام جي فلسفي سمجهڻ جي لائق بڻيس. مان دهليءَ ۾ قبله نما جو مطالعو ڪيو (اهو ڪتاب مولانا محمد قاسم جو تصنيف ڪيل آهي) جنهن جا معارف منهنجي روح ۾ پيوست ٿي ويا. حديث جي تحقيق لاءِ حجة الله البالغه (مصنفه امام ولي الله دهلوي) سان شيخ الهند منهنجي واقفيت ڪرائي. آخر ۾ مون کي ان جي مطالعي مان اطمينان نصيب ٿيو ۽ مان عالمن جي هڪ جماعت کي حجة الله پڙهائي ان کان گهڻو وقت پوءِ شيخ الهند کان وڃي پڙهيم.
[b]طريقه قادريه جو شغل
[/b] انهيءَ عرصي ۾ طريقه قادريه ۽ نقشبندي مجددي جا شغل ۽ ذڪر به پنهنجيءَ طاقت آهر حضرت سيدالعارفين جي وڏي خليفه مولانا ابوالسراج (خليفه غلام محمد صاحب) دينپوريءَ کان سکندو رهيس. جيڪڏهن منهنجي ڪا دنياوي ضرورت امروٽ مان پوري نه ٿيندي هئي ته اها دينپور مان حاصل ڪندو هوس. اهڙيءَ طرح مون کي پنهنجي مرشد جي جماعت کان ٻاهر وڃڻ جي ضرورت نه پئي.
[b]منهنجو سياسي مسلڪ
[/b] اسلام سکڻ جي شروع کان وٺي منهنجو قلبي لاڳاپو مولانا شهيد مرحوم سان پيدا ٿي چڪو هو ۽ ديوبند جي طالب علميءَ واري زماني ۾ ڪيترن ئي واقعن ۽ ڳالهين سبب وڌيڪ واقفيت ٿي چڪي هئي. مولانا عبدالڪريم (پنجابي) ديوبنديءَ دهليءَ جي غدر جو اکين ڏٺو واقعو ٻڌايو هو ۽ ٻاراڻي ڄمار کان خانداني عورتن جي صحبت ۾ (ٻڌل ڳالهين جي بنياد تي) انقلاب پنجاب جي مصيبتن کان منهنجو دماغ ڀريو پيو هو، ان ۾ هڪ قسم جو انقلاب آيو، پهريان جو ڪجهه لاهور لاءِ سوچيندو هوس هاڻي دهليءَ لاءِ سوچڻ لڳس.
مولانا شهيد جي مڪتوبات مان هڪ خط جو مضمون سامهون رکي مان پنهنجو مختصر سياسي پروگرام بڻايو جو اسلامي به هو ۽ انقلابي به هو. مگر هندستان کان ٻاهرين مسلمانن سان ان جو ڪوبه تعلق نه هو. مان حجة الله پڙهندڙ جماعت کي ان ۾ شامل ڪيو. اهڙيءَ ريت پنهنجي خيال موجب آهستي آهستي ڪم شروع ڪري ڏنم.
[b]ديوبند ۾ وري اچڻ
[/b] 1315هه ۾ وري ديوبند آيس. پنهنجي علمي معلومات جي رنگ ۾ ٻه رساله لکي کڻي آيس. هڪ علم حديث ۽ ٻيو فقه حنفيءَ ۾. حضرت مولانا شيخ الهند ٻنهين رسالن کي پسند فرمايو. انهيءَ دفعي ٻارهن حديث جي مشهور ڪتابن جا اطراف ٻڌائي ٻيهر مولانا صاحب کان روبرو اجازت حاصل ڪيم. ڪن جهاد جي مسئلن وقت درس هلندي اسان جي جماعت جو ذڪر اچي ويو جنهن کي مولانا پسند فرمايو. ڪن دوستن جو مشورو ڏئي انهيءَ ڪم کي اتحاد اسلام جي هڪ ڪڙي بڻايائون ۽ انهيءَ ڪم کي جاري رکڻ جي وصيت فرمايائون. ان کان پوءِ منهنجا علمي ۽ سياسي سمورا شغل حضرت شيخ الهند سان وابسته رهيا.
[b]دارالرشاد ڳوٺ پير جهنڊو
[/b] ديوبند جي انهيءَ پوئين مختصر سفر کان پوءِ مان امروٽ شريف ۾ رهي، هڪ پريس قائم ڪئي (محمود المطابع نالي سان) جنهن کي ٻن سالن تائين هلائيندو رهيس. ڪي عربي ۽ سنڌي ناياب ڪتاب ڇپايا ويا. ۽ هڪ ماهوار رساله ”هدايت الاخوان“ به شايع ٿيندو رهيو. ان سان گڏ مدرسه قائم ڪرڻ جي به ڪوشش جاري رهي. مگر ان ۾ ڪاميابي نه ٿي، هوڏانهن اسان جو ڪم مدرسه کان سواءِ هلي نٿي سگهيو. تنهن ڪري مان ٻئي ڪنهن جاءِ جي ڳولا ۾ حيران هوس ته حضرت مولانا رشدالله صاحب العلم الرابع 1319هه ۾ منهنجي تجويز جي موافق مدرسه بنائڻ جو ارادو ڪيو ۽ دارالرشاد مدرسه جو نالو منهنجي رٿ سان مقرر ٿيو. مان انهيءَ مدرسي ۾ شريڪ ٿي پورن ستن سالن تائين علمي ۽ انتظامي خدمتون مڪمل اختيارات سان ڪندو رهيس ۽ مدرسي ۾ انهيءَ زماني جي وڏن علمائن مان حضرت مولانا شيخ الهند ۽ حضرت مولانا شيخ حسين بن محسن انصاري يماني (محدث مقيم پوپال) امتحان وٺڻ جي ارادي سان تشريف فرما ٿيا. مان انهيءَ مدرسه ۾ حضرت رسول الله ﷺ کي خواب ۾ ڏٺو ۽ امام مالڪ کي به ڏٺو جو ڄڻ مدرسه جي هڪ حجري ۾ اچي رهيو آهي.
[b]جميعت الانصار ديوبند
[/b] 1327هه ۾ حضرت شيخ الهند ديوبند سڏايو. مفصل احوال ٻڌي ديوبند ۾ رهي ڪم ڪرڻ جو حڪم ڏنائون ته جيئن سنڌ سان به لاڳاپو قائم رهي. چار سال جمعيت الانصار ۾ ڪم ڪندو رهيس. انهيءَ جماعت جي تحريڪ جي بنياد ۾مولانا محمد صادق سنڌي، مولانا ابو محمد احمد لاهوري ۽ عزيز مولوي احمد علي لاهوري به شريڪ هئا.
[b]نظارة المعارف دهلي
[/b] حضرت شيخ الهند جي ارشاد سان منهنجو ڪم ديوبند کان دهليءَ منتقل ٿيو. 1331هه ۾ نظارت المعارف قائم ٿي، انهيءَ ڪم جي سرپرستيءَ ۾ شيخ الهند سان حڪيم اجمل خان ۽ نواب وقارالملڪ (سيڪريٽري علي ڳڙهه ڪاليج) ساڳئي نموني ۾ شريڪ هئا.
حضرت شيخ الهند جيئن چار سال ديوبند ۾ رهي منهنجو پنهنجي جماعت سان تعارف ڪرايو، اهڙيءَ طرح دهليءَ موڪلي مون کي نوجوان طاقت سان واقف ڪرڻ گهريو. انهيءَ مقصد لاءِ ئي هڪ دفعو دهليءَ ۾ تشريف فرما ٿيو، مون کي ڊاڪٽر انصاريءَ سان ملاقات ڪرايائين ۽ ڊاڪٽر انصاريءَ مون کي مولانا ابوالڪلام ۽ مولانا محمد علي مرحوم سان ملايو جنهن ڪري مون کي ٻن سالن اندر هندستان جي اسلامي اعليٰ سياسي طاقت سان واقفيت پيدا ٿي وئي.
[b]هجرت ڪابل
[/b] 1333هه مطابق 1915ع ۾ شيخ الهند جي حڪم سان ڪابل روانو ٿي ويس. مگر مون کي ڪم جو ڪوبه مفصل پروگرام ڪونه ٻڌايو ويو. جنهن ڪري منهنجي طبيعت تي اها هجرت گران پئي گذري مگر تعميل حڪم لاءِ وڃڻو ضرور هو ۽ الله تعاليٰ آسانيءَ سان هندستان مان نڪري وڃڻ جو رستو پيدا ڪري ڏنو. جنهن ڪري آءٌ افغانستان پهچي ويس.
دهليءَ جي سياسي جماعت به مون کي پنهنجو عيوضي مقرر ڪيو هو. پر مان هنن کي اها ڳالهه ئي ڪانه ڪئي ته اڳ ۾ ئي شيخ الهند جي حڪم موجب منهنجي ڪابل وڃڻ جو فيصلو ٿي چڪو آهي.
افسوس جو دهليءَ واري مرڪز پاران به ڪو معقول پروگرام ڪونه هو. ڪابل پهچي مون کي معلوم ٿيو ته حضرت شيخ الهند قدس سره جنهن جماعت جو پاڻ عيوضي هو تنهن جي پنجاهه سالن جي محنتن جو نتيجو غيرمنظم شڪل ۾ منهنجي سامهون تعميل حڪم لاءِ موجود آهي. جنهن ۾ حضرت شيخ الهند کي هڪ مون جهڙي خادم جي سخت ضرورت هئي. هاڻي مون کي هجرت ۽ حضرت شيخ الهند جي چونڊ تي بيحد فخر محسوس ٿيڻ لڳو. مان ستن سالن تائين حڪومت ڪابل جي امداد سان هندستان لاءِ ڪم ڪندو رهيس. 1916ع ۾ امير حبيب الله خان هندن سان گڏجي ڪم ڪرڻ جو حڪم ڏنو. جنهن جي تعميل جي هڪ ئي صورت هئي ته نيشنل ڪانگريس ۾ شامل ٿي وڃان. ان وقت آءٌ ڪانگريس جو مبلغ بڻجي ويس. هيءَ ڳالهه نهايت عجب جهڙي آهي ته امير صاحب مرحوم نج اسلام جي ڪم کان هندستاني ڪم کي وڌيڪ پسند ڪندو هو.
1922ع ۾ امير امان الله خان جي زمانه ۾ ڪانگريس ڪاميٽي ڪابل ۾ قائم ڪئي وئي. ڊاڪٽر انصاريءَ جي ڪوشش سان ”گيا“ واري اجلاس ۾ ان جو الحاق انڊين ڪانگريس سان ڪيو ويو. برٽش ايمپائر کان ٻاهر اها پهرين ڪانگريس ڪميٽي هئي ۽ مان هن ڳالهه تي فخر ڪري سگهان ٿو ته آءٌ ان جو پهريون پريزيڊنٽ هوس.
[b]روس جو سفر
[/b] 1923ع ۾ ترڪيءَ ڏانهن ويندي ست مهينا ماسڪو (روس) ۾ وڃي رهيس. سوشلزم جو مطالعو پنهنجي طاقت آهر پنهنجن نوجوان ساٿين جي مدد سان ڪندو رهيس. جنهن حالت ۾ نيشنل ڪانگريس سان لاڳاپو سرڪاري طرح ثابت ٿي چڪو هو، تنهن ڪري سويت روس مون کي پنهنجو معزز مهمان بڻايو ۽ مطالعي لاءِ هر قسم جون سهوليتون مهيا ڪري ڏنيون. هي بلڪل غلط آهي ته مان لينن سان ملاقات ڪئي، ڇو ته ڪامريڊ لينن ان وقت اهڙو بيمار هو جو پنهنجن دوستن کي به سڃاڻي نه سگهندو هو.
انهيءَ مطالعي جو نتيجو آهي جو مان پنهنجي مذهبي تحريڪ کي جا امام ولي الله جي فلسفي جي شاخ آهي ان کي لادينيت جي حملي کان محفوظ ڪرڻ جي تدبير ۾ ڪامياب ٿي ويس. مان انهيءَ ڪاميابيءَ ۾ (1) انڊين نيشنل ڪانگريس (2) هندستاني سفر جي ساٿين جن ۾ هندو مسلم نوجوان هئا جن ۾ سوشلسٽ ۽ نيشنلسٽ ٻئي قسم جا ماڻهو هئا. (3) سويت روس جو هميشه لاءِ شڪر گذار رهندس جيڪڏهن مون کي ٽنهين طاقتن جي امداد نه ملي ها ته آءٌ پنهنجي اصلي امتيازي مقصد ۾ ڪامياب نه ٿيان ها.
[b]نئين ترڪي
[/b] ساڳئي سال 1923ع ۾ انگورا پهتس. منهنجي انهيءَ سفر لاءِ ماسڪو واري ترڪي سفير ۽ روس جي وزارت خارجه سفر جو رستو مقرر ڪري ڏنو. ممڪن آهي ته برطانيه جي ڪارندن کي ان جو پتو نه پيو هجي. (هي به غلط آهي ته آءٌ استنبول ان وقت پهتس جڏهن فرانس ۽ برطانيه جي متحده قوت ان تي قابض هئي) اٽڪل 3 سال ترڪيءَ ۾ رهيس. مان اتحاد اسلامي تحريڪ جو پورو پورو مطالعو ڪيو. مگر مون کي مستقبل قريب ۾ ان لاءِ ڪوبه مرڪز نظر نه آيو. تنهن ڪري مان ترڪن جي وطني خدمت وانگر پنهنجي اسلامي تحريڪ کي انڊين نيشنل ڪانگريس ۾ شامل ڪرڻ ضروري سمجهيو ۽ ڪانگريس ۾ پنهنجي اصول جي هڪ مستقل پارٽيءَ جو پروگرام ڇاپي ڇڏيو، جنهن ڪري منهنجي تحريڪ هر هڪ مخالف انقلاب کان محفوظ رهي سگهي ٿي.
[b]اسان جو پروگرام
[/b] يورپ کي ان نموني ۾ اسلام جي تعارف ڪرائڻ ۾ منهنجو خيال آهي ته آءٌ پنهنجي استاذ الاستاذ ۽ پنهنجي امام مولانا محمد قاسم ديوبنديءَ جي هڪ قلبي خواهش کي پوري ڪرڻ ۾ عملي جامه ڍڪائي رهيو آهيان. انهيءَ پروگرام کي ترڪي پريس مان شايع ڪرڻ لاءِ انگورا حڪومت کان اجازت وٺڻي پئي. جنهن کي پهريائين وزارت خارجه ٻه جدا جدا ترجمه ڪرائي جيستائين حرف بحرف نه پڙهيو تيستائين اجازت نه ڏني. ڪي هندو دوست اردو پڙهي نه ڄاڻيندا هئا تنهن ڪري انهن جي سهوليت لاءِ پروگرام جو انگريزيءَ ۾ به ترجمو ڪرايم.
استنبول جي رهڻ واري زمانه ۾ لالا لڄپت راءِ سان تبادله خيالات ٿيو. اهڙيءَ طرح ڊاڪٽر انصاريءَ سان به چڱيءَ طرح ڳالهيون ٿيون، اسان جا هي ٻئي بزرگ نه انهيءَ پروگرام کي قبول ڪري سگهيا ٿي ۽ نه وري ان جو چڱو بدل ٻڌائي سگهيا ٿي، ڪوشش ڪندا ته اسان کي هزار ٻه هزار سال گذريل زمانه ڏانهن وٺي وڃن، يقيناً پنڊت جواهر لال نهروءَ هڪ فقره ان جي پسنديدگي تي لکيو. اهو منهنجي لاءِ خوشيءَ جو ڪارڻ آهي. مان پنهنجي پروگرام ۾ عدم تشدد کي ضروري ٺهرايو آهي. ان ۾ مهاتما گانڌيءَ جا ممنون آهيون ۽ عدم تشدد جي اخلاقي حيثيت کي ڄاڻان ٿو. انهيءَ بنياد تي پوليٽيڪل پروگرام جي تربيت ۽ اهميت مهاتما گانڌيءَ کان سکي. هُن اسان کي حضرت مسيح جي تعليم جي يادگيري ڏياري آهي جا اسان وساري چڪا هئاسين.
مون کي اهو به پتو آهي ته اسلام جو پهريون دور انهيءَ سياسي اصول تي عامل هو، دانائيءَ جي ڳالهه مؤمن جي وڃايل وٿ آهي پوءِ جتي به هٿ اچيس ته اهوئي ان جو مالڪ آهي.
[b]مڪه معظمه ۾ پهچڻ
[/b] 1344هه ۾ حج جي موسم ۾ مڪه معظمه ۾ خلافت ڪانفرنس منعقد ٿيڻ واري هئي ۽ منهنجا سمورا دوست ان ۾ اچڻ وارا هئا. مان هنن جي ملاقات لاءِ ترڪيءَ مان اٽليءَ جي رستي مڪه معظمه پهچڻ جي ڪوشش ڪئي. مگر ڪانفرنس ختم ٿيڻ کان پوءِ صفر 1345هه ۾ پهتس. آءٌ پنهنجي پوزيشن کي صحيح نموني ۾ ڄاڻيندو هوس. تنهن ڪري حجاز گورنمينٽ کي يقين ڏياريم ته آءٌ هتي ڪابه سياسي پروپيگنڊا ڪانه ڪندس، جنهن مون تي اعتماد ڪيو ۽ انهيءَ اعتماد سبب آءٌ بلڪل محفوظ رهجي ويس. مان جيڪڏهن ڪنهن وقت ڪنهن ٿورڙي امداد جي گهر ڪئي ته حڪومت ان کي پورو ڪيو ۽ منهنجي پنهنجي نموني ۽ پنهنجي مٿي رهڻ ۾ حڪومت جا اهلڪار حارج نه ٿيا تنهن ڪري هو منهنجي پاران تمام گهڻي شڪريي ۽ دعا جا حقدار آهن. جزاهم الله تعاليٰ خيراً
[b]مڪي جا علماءَ
[/b] مون کي مڪي وارن مان ٽن هندوستاني ۽ هڪ عرب خاندان خاص طرح علمي امداد پهچائي، سڀ کان پهريائين شيخ عبدالوهاب دهلويءَ (حاجي علي جان وارا)، ٻيو شيخ عبدالستار بن عبدالوهاب دهلوي، ڪتبي مرحوم، ٽيون حضرت ابو اشرف مجدديءَ انهن جي ڪتب خانن مان فائدو ورتم. عرب خاندان مان منهنجي شيخ محمد بن عبدالرزاق حمزه شيخ دارالحديث ۽ شيخ ابو السمح امام الحرمين جو خاندان آهي.
[b]منهنجو علمي شغل
[/b] آءٌ اٽڪل 12، 13 سالن کان قرآن عظيم ۽ حجة الله البالغه جو نهايت اونهي نظر سان مطالعو ڪندو رهيس. قرآن عظيم جي تفسير ۾ جيتريون جايون به مشڪل هيون تن کي مان امام ولي الله دهلويءَ جي اصول تي اطمينان سان حل ڪندو رهيس. جيڪي ماڻهو امام ولي الله دهلويءَ کي اسان وانگي نٿا مڃين اسان تن جي اطمينان ڏيارڻ جي دعويٰ ڪري نٿا سگهون. پر مون کي پنهنجي اصول تي قرآن عظيم ۾ قابل عمل نصاب تعليم نظر آيو ۽ ان معاملي ۾ هن تجلي ريز مقدس مقام (مڪه معظمه) جو تاثير ضرور قبول ڪرڻو پوي ٿو. ان زماني ۾ امام ولي الله دهلويءَ جي مشهور ڪتابن جو خاص طور مطالعو جاري رکيم. مثلاً بدور بازغه، خير ڪثير، تفهيمات الاهيه، سطعات، الطاف القدس، لمعات وغيره.
انهن ڪتابن جي سمجهڻ لاءِ ڪنجيءَ طور مان مولانا رفيع الدين دهلويءَ (ولد امام ولي الله) جو ڪتاب تڪميل الاذهان ۽ (مولانا محمد اسماعيل شهيد امام ولي الله جي پوٽي جو) ڪتاب عبقات ۽ مولانا محمد قاسم جي ”قاسم العلوم“ ۽ ”تقرير دل پذير“ ۽ ”آب حيات“ کي استعمال ڪندو رهيس. مون کي انهن ڪتابن جي پڙهائڻ جو موقعو به مليو ۽ ان سان گڏ قرآن عظيم جو درس به جاري رهيو، جنهن ڪري منهنجا نظريا بلڪل وسيع ٿي ويا. (ف لله الحمد)
[b]امام ولي الله دهلويءَ جي حڪمت
[/b] جيڪڏهن مون کي اجازت ڏني وڃي ته آءٌ هن ريت ظاهر ڪريان ته آءٌ امام ولي الله دهلويءَ کي حڪمت جو مجتهد مستقل فرض ڪريان ۽ امام عبدالعزيز (ولد امام ولي الله) ۽ مولانا رفيع الدين دهلويءَ کي مجتهد منتسب جو درجو ڏيان ۽ مولانا محمد اسماعيل شهيد ۽ مولانا محمد قاسم کي مجتهد في المذهب جي درجي تي تسليم ڪريان، ان کان پوءِ مان هڪ اهڙو اسڪول قائم ڪري سگهان ٿو جنهن ۾ (الف) قرآن عظيم (ب) سنت رسول الله ﷺ ۽ سنت خلفاءِ راشدين (ج) تاريخ اسلام جي پوريءَ ريت عقلي تشريح موجود هجي. ان کان پوءِ دنيا جي سمورن مذهبن ۽ سندن مقدس ڪتابن جي تحقيق ۽ تطبيق به انهيءَ اصول تي آسان ٿي سگهي ٿي. (ذالک فضل الله يؤتيه من يشاءالله ذوالفضلٍٍ العظيم)
[b]وطن ڏانهن واپسي
[/b] سنه 1936ع ۾ انڊين نيشنل ڪانگريس منهنجي واپسيءَ لاءِ ڪوشش ڪئي ۽ منهنجا سمورا دوست ان جي تائيد ۾ ڪوشش ڪندا رهيا. جنهن ۾ سياسي مسلڪ جي اختلاف ۽ اتحاد جو ڪوبه خيال ڪونه رکيو ويو، انهيءَ ڪوشش جو هي نتيجو نڪتو جو مون کي پهرين نومبر 1937ع ۾ وطن واپسي جي اجازت ملي وئي ۽ پهرين جنوري سنه 1939ع ۾ پاسپورٽ ڏيڻ جو فيصلو ٿي ويو پر حج جي موسم مٿان اچي وئي هئي تنهن ڪري حج جي عبادات کان فارغ ٿيڻ کان پوءِ واپسيءَ جو ارادو آهي.
وطن پهچڻ کان پوءِ منهنجو پروگرام قريب قريب هيٺين ريت هوندو:
(1) اسان نيشنل ڪانگريس جا معمولي ميمبر ٿي رهنداسين ته جيئن عدم تشدد جي متعلق اسان جي جوابداري قومي قانون هيٺ اچي وڃي ۽ اسان پريشان دماغ دوستن جي پريشان ڪندڙ حرڪتن کان بچي وڃون. مگر اسان ڪانگريس جي ڪنهن به پارٽيءَ سان عملي حصي ۾ شرڪت ڪانه ڪنداسين.
(2) اسان جو محبوب مشغله امام ولي الله جي تعليم جي اشاعت جو هوندو. اسان علم وارن مان اعليٰ طبقه کي ان ڏانهن متوجه ڪندا رهنداسين جنهن ۾ ديني عالم ۽ جديد تعليم يافته ٻئي مخاطب هوندا، جيڪڏهن ڪوبه غيرمسلم هندو يا عيسائي آزاد خيال وارو انهيءَ فلسفه جو مطالعو ڪرڻ پسند ڪندو ته اسان ان جي پوري امداد ڪنداسين.
(3) جڏهن به حالات سازگار ٿيا تڏهن اسان نيشنل ڪانگريس ۾ فلسفه امام ولي الله جي روشنيءَ ۾ پنهنجي هڪ مستقل پارٽي تيار ڪنداسين جيڪا عام تعليم ۽ اقتصاد جي مسئلن تي قائم هوندي. والله هو الموفق والمعين.