تاريخ، فلسفو ۽ سياست

مولانا عبيدالله سنڌيءَ جون تحريرون ۽ تقريرون

ماضي قريب ۾ سنڌ ۽ هند ۾ جيڪي انقلابي اڳواڻ پيدا ٿيا انهن ۾ امام انقلاب مولانا عبيد الله سنڌيءَ جو نالو سرفهرست ملي ٿو.
هي ڪتاب مولانا سنڌيءَ جي نادر ۽ ناياب تحريرن ۽ تقريرن جو مجموعو آهي، جيڪي مختلف ڪتابن مان هٿ ڪيل آهن ۽ ڪجهه تحريرون مولانا عزيز الله جروار جن کي مولانا سنڌيءَ جي ساٿي ۽ شاگرد مولانا عزيز احمد کان حاصل ٿيون هيون سي به شامل آهن.
Title Cover of book مولانا عبيدالله سنڌيءَ جون  تحريرون ۽ تقريرون

صدارتي خطبو جمعيت علماءِ سنڌ

آڪٽوبر 1939ع

بسم الله الرحمان الرحيم
الحمدلله وسلام عليٰ عباده الذين اصطفيٰ
اما بعد! جمعيت علماءِ سنڌ جيتوڻيڪ بظاهر جمعيت علماءِ هند جي هڪ شاخ آهي پر جيڪڏهن عالمن جي اجتماعي تحريڪ جي تاريخ تي نظر وجهجي ته ان کي جمعيت علماءِ هند لاءِ هڪ طرح جي مرڪزيت حاصل آهي.
1327هه (1909ع) ۾ جمعيت الانصار قائم ٿي جيڪا جمعيت علماءِ لاءِ ابتدائي تصور جو ڪم ڏئي ٿي. جمعيت الانصار قائم ڪرڻ جي پهرين رٿ جنهن بنيادي اجلاس ۾ حضرت مولانا شيخ الهند آڏو پيش ٿي ان ۾ مولانا محمد صادق صاحب اڳواڻ جمعيت علماءِ سنڌ شريڪ هيو. مون کي ياد آهي ته جمعيت الانصار جو قانون مون سنڌ جي دارالرشاد مدرسي ۾ لکيو هو ۽ پهريون ڀيرو اهو الحق پريس سکر مان ڇپرائي ديوبند جي مرڪزي مجلس ۾ پيش ڪيو هو. ان کان پوءِ جمعيت الانصار جو مددگار ادارو جنهن جو نالو قاسم المعارف هيو ان جي پهرين شاخ قاسم المعارف ڪراچيءَ ۾ قائم ٿي جنهن جو دستور مطبع قاسمي ديوبند مان شايع ٿيو.
حضرات! اسان جي جمعيت علماءِ جيتوڻيڪ جمعيت الانصار جو ٻيو ايڊيشن آهي پر ٻنهي جي پروگرام ۾ هڪ بنيادي فرق موجود آهي جنهن جي وضاحت اوهان آڏو پيش ڪريان ٿو.
حضرات! جمعيت الانصار منهنجي استاد مولانا محمود حسن ديوبندي شيخ الهند قدس سره جي سياست ۾ هڪ خاص قسم جي سياست جو مرڪز هئي جنهن کي مختصر طور سمجهڻ لاءِ حضرت شيخ الهند جي شخصيت تي غور ڪرڻ ئي ڪافي آهي. اوهان ڀليءَ ڀت ڄاڻو ٿا ته حضرت شيخ الهند نورالله قدره واعليٰ في العليين مقامه طريقه امداديه قاسميه رشيديه جا اڪيلا قائم مقام هئا. هي پڻ اوهان کي خبر آهي ته طريقه امداديه جي نسبت ولي اللهي ۽ عزيزي طريقي سان ان قسم جي آهي جيڪا هڪ عارضي نالي جي حقيقيءَ سان هوندي آهي.
حضرات! هيءَ حقيقت پڻ اوهان کان ڳجهي ڪونهي ته جمعيت الانصار (پهرين) عام جنگ وارن ڏهاڙن ۾ سرگرم ٿي ۽ ان دنيا جي تاريخ ۾ هڪ اهم مقام پنهنجي لاءِ حاصل ڪري ورتو هو. ان کان پوءِ ڪافي عرصو گذري چڪو آهي جو ان جي سرگرمي ختم ٿي وئي. هن وقت جمعيت الانصار جي ڪاميابين ۽ ناڪامين جو ذڪر ڪرڻ منهنجو مقصد ڪونهي، پر مقصد هيءُ آهي ته اسين دنيا کي ٻڌايون ته هن جمعيت علماءِ جو مقصد اهو ناهي جيڪو جمعيت الانصار جو هيو. ٿي سگهي ٿو ته تمام پري وڃي ٻنهي جا رستا ملي ويندا هجن پر هينئر اڄوڪي نسل آڏو جنهن عملي حيثيت ۾ هيءُ معاملو بحث هيٺ آهي ان ۾ ٻنهي جا پروگرام بلڪل مختلف آهن.
حضرات! جمعيت الانصار پنهنجي مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ تشدد تي يقين رکندي هئي ۽ ٻين قومن جي جهڳڙن ۾ پنهنجي لاءِ ڪاميابيءَ جا موقعا ڳوليندي هئي، ان جي ابتڙ جمعيت علماءِ اهنسا (عدم تشدد) تي يقين رکي ٿي. ان کي پنهنجي ملڪ ۽ پنهنجي قوم ۾، پنهنجي سگهه ۽ ڏاهپ تي الله جي فضل سان پورو ڀروسو آهي. اُها جڏهن پنهنجي عدم تشدد ۽ حڪمران قوت جي مصلحت شناسيءَ جو گهرائيءَ سان اڀياس ڪري ٿي ته ان کي پنهنجي مقصد ۾ ڪاميابيءَ جو جلوو نظر اچي ٿو.
حضرات! اوهان پڇي سگهو ٿا ته ايتريقدر عظيم الشان تبديليءَ جا ڪارڻ ڪهڙا آهن؟ اسان جي خيالن ۾ اها تبديلي ڪيئن آئي ۽ پوءِ ڪيئن اسين ان ٻي صورت تي قائم رهڻ جو يقين ڏياري سگهون ٿا؟ اهو تيستائين معلوم نه ٿيندو جيستائين اسان اوهان کي پنهنجي سفر جو قصو نه ٻڌايون:
وہ حضر بے برگ و سامان، و سفر بے سنگ و میل
حضرات! جڏهن اسان حضرت شيخ الهند جي پروگرام کي پنهنجي حيثيت آهر آخري منزل تائين پهچائڻ جي ويجهو پهتا هئاسين ته قدرتي اسباب اهڙا پيدا ٿيا جو اسان کي مڪمل شڪست آئي ۽ مزي جي ڳالهه ته ان کان پوءِ به اسان موت جي منهن مان بچي نڪتاسون. ان حالت ۾ هڪ عرصي تائين اسين پريشان حاليءَ ۾ مبتلا رهياسين مولانا روم جو هيءُ شعر
من بہر جمیعتے نالاں شدم جفت خوش حالاں و برتالاں شدم
(ترجمو: مون هر قسم جي ماڻهن کي پنهنجو داستان ٻڌايو، اميرن جي مجلسن ۾ شريڪ ٿيس ۽ غريبن سان به ويٺس.)
ان حالت جي ترجمانيءَ لاءِ ڪافي آهي. اسان کي ان اعتراف ڪرڻ ۾ بيحد خوشي حاصل ٿئي ٿي ته حضرت مولانا شيخ الهند جي صحبت مان جيڪو ٿورو گهڻو اثر اسان جي طبيعت قبول ڪيو هو الله جي فضل سان اهوئي اسان جي ڪم آيو ۽ مايوسي ۽ خودڪشي کان بچي وياسين. الله رب العزت جو هزار ڀيرا شڪر آهي جو آخرڪار اسان کي راهه نظر اچي ويئي. جيڪڏهن مختصر طور تي ان کي بيان ڪجي ته ان جو عنوان ٿيندو:
”امام ولي الله دهلويءَ جي حڪمت جي پيروي“
اهو گهڻو ڪري سن 923هندي جو واقعو آهي. ان کان پوءِ به اسان ڇنڊڇاڻ کي ختم نه ڪيو. اسان کي جيڪي به دانشور ماڻهو ملي سگهيا اسان ساڻن خيالن جي ڏي وٺ ڪندا رهياسين ۽ اسان کانئن مطالبو ڪندا رهياسين ته هو اسان کي ان کان بهتر راهه ٻڌائين. اسان جن به مسلمان قومن جي مفڪرن سان مذاڪرو ڪيو مثال طور ترڪ، مصري وغيره انهن مان ڪنهن به ان جو متبادل نه ٻڌايو ۽ اُهي صاحب هي به منظور نه پيا ڪن ته سندن ملڪ ۾ اسان اهو پروگرام جاري ڪريون. غيرمسلم قومن مان ڪجهه مفڪر ته حيران ٿي ويا ته ڇا مسلمانن ۾ اهڙو به حڪيم (ڏاهو) موجود آهي. هو چون ٿا ته جيڪڏهن ڪا سوسائٽي ان حڪيم (فيلسوف) جي پروگرام تي عمل ڪندي هجي ها ته اسان ان کي قبول ڪري وٺون ها.
حضرات! هاڻي اسان جي مشڪلاتن جو ٻيو ڏاڪو شروع ٿئي ٿو. پهرين ته ان حقيقت کان ڪنهن به ريت غفلت نٿي ڪري سگهجي ته هن فلسفي جي هندستان ۾ اشاعت ۽ وري ان جي پيرويءَ ۾ ڪنهن هندستاني قوم جي تنظيم لاءِ هڪ ڊگهي عرصي جي ضرورت آهي.
ٻيو هيءَ ڳالهه پڻ پڌري آهي ته هن پروگرام کي هلائڻ لاءِ مرڪزي سگهه جمعيت علماءِ هند ئي بڻجي سگهي ٿي.
حضرات! اسان هندستان ۾ واپس اچڻ جي اميد نه پئي ڪئي، تنهن ڪري جمعيت علماءِ هند کي متاثر ڪرڻ لاءِ حجاز ۾ ويهي عربيءَ ۾ ان قسم جو مواد گڏ ڪرڻ ۾ مصروف رهياسين جنهن مان امام ولي الله جي حڪمت جي فوقيت ۽ شيخ الهند جي جماعت جو ان سان ڳانڍاپو واضح ٿيندو رهي.
اسان جون ان قسم جون تحريرون ڇاڪاڻ ته ڪنهن خاص سياسي پروپيگنڊا سان تعلق نه پيون رکن تنهن ڪري عرب، ترڪي ۽ هندستان جي علمي حلقن ۾ مقبول ٿيون ۽ بغير اسان جي خاص ڪوشش جي اُهي هندستان ۾ پهچي ويون. اسان جو خيال آهي ته ڪجهه ماڻهو ته ضرور ڪاوڙيا هوندا، پر اهڙا اهل علم پڻ موجود آهن جن کي ان قسم جي مضمونن سان هڪ قسم جي دلچسپي هجي.
ٻي ضرورت کي ڪنهن نه ڪنهن رنگ ۾ اسان پورو ڪندا رهياسين، پر پهرين ڳالهه لاءِ اسان ڪوبه موقعو پيدا نه پئي ڪري سگهياسين سواءِ ان جي ته اسان عدم تشدد تي پنهنجي پروگرام جو بنياد رکون ۽ مستقل طور تي ڪانگريس سان وابسته ٿي وڃون.
حضرات! انڊين نيشنل ڪانگريس ۾ اهڙيون پارٽيون موجود هيون جن جو پروگرام هڪ خاص معنيٰ ۾ انقلابي آهي، پر ڇاڪاڻ ته اُهي عدم تشدد جون پابند هيون تنهن ڪري هو ملڪ جي سياست ۾ پنهنجي مرضيءَ مطابق انقلاب آڻڻ لاءِ ڪوشش ڪري رهيون هيون. اسان انهن مان سبق سکيو ۽ جرائت ڪري عدم تشدد کي پنهنجي پارٽيءَ جي پروگرام ۾ داخل ڪري ورتو ۽ پنهنجي ڪجهه تيزگام نوجوان ساٿين کان الڳ ٿي وياسين.
حضرات! اوهان ڀليءَ ڀت ڄاڻو ٿا ته ڪابل ۾ پهچي جڏهن اسان جو حڪومت سان سٺو تعارف ٿي ويو ته اسان اعليٰ حضرت امير حبيب الله جي رهنمائيءَ سان انڊين نيشنل ڪانگريس جا طرفدار ٿي وياسين ۽ اسان ان جي نالي سان پنهنجو ڪم لڳاتار سرانجام ڏنو. اُها ڳالهه وڌندي اعليٰ حضرت امير امان الله خان جي زماني ۾ هن درجي تي پهچي وئي جو اسان ڪابل ۾ ڪانگريس ڪميٽي ٺاهي ۽ آل انڊيا نيشنل ڪانگريس ان جو الحاق قبول ڪري ورتو.
حضرات! اوهان ڄاڻو ٿا ته جڏهن کان اسان جي ملڪ جو هڪ وڏو سياسي فلاسافر ڪانگريس ۾ شامل ٿيو. هن ڏاڪي بڏاڪي ڪانگريس کي عدم تشدد جو پابند بڻايو. انهيءَ دؤر کان اسان جي ملڪ جي ترقي هڪ نئين اسلوب ۾ شروع ٿئي ٿي، تنهن ڪري اسان جي ملڪ جي انٽرنيشنل عزت ۾ گهڻو واڌارو ٿيو آهي.
حضرات! اوهان ڄاڻو ٿا ته حضرت مسيح عليه الصلواة والسلام عدم تشدد جو پيغام ڏيئي، تورات جي پروگرام کي ڪامياب ڪرڻ چاهيو پئي ۽ اسان اهو به ڄاڻون ٿا ته اسان جي امام سيدالمرسلين صه جن مڪي زندگيءَ ۾ هڪ ڊگهي عرصي تائين ان تي عمل ڪيو، پر اسان پنهنجي فقهي ذهنيت سان ان کي هڪ منسوخ شريعت مڃي بي توجهيءَ سان ٽاريندا رهياسين.
جنهن زماني ۾ اسان هر پاسي کان مايوس ٿي وياسين ۽ اسان عدم تشدد کي هڪ سياسي پروگرام جي شڪل ۾ منظم ٿيندي ڏٺو ته اسان جي حڪمت جي ذهنيت سجاڳ ٿي يعني جڏهن حالتون اهڙيون ٿي وڃن جيئن هڪ منسوخ شريعت جي ڏينهن ۾ ظاهر ٿينديون آهن ته عقلمنديءَ جي تقاضا هيءَ آهي ته پنهنجي راءِ پنهنجي ذميداريءَ سان انهيءَ منسوخ شريعت پٽاندڙ ٺاهي ان تي عمل ڪرڻ گهرجي، اهڙيءَ ريت اسان عدم تشدد (اهنسا Non violence) کي پنهنجي پروگرام ۾ اهم جڳهه تي رکيو.
حضرات! ان کان پوءِ اسان جي مشڪلاتن جو ٽيون مرحلو اسان جي آڏو اچي ٿو. عدم تشدد جو سياسي نظريو قبول ڪرڻ پنهنجي اندر ڪابه ڏکيائي نٿو رکي پر ان سان گڏ هندستان جي ڪامل آزاديءَ کي پنهنجي زندگيءَ جو مقصد بنائڻ هڪ مفڪر لاءِ سؤلو ڪونهي. اسان جي ان اڀياس مان سمجهي سگهجي ٿو ته:
(1) اسان پنهنجي اندر وڙهي ڪري آزادي حاصل ڪرڻ جي طاقت نه ڏسي عدم تشدد کي قبول ڪيو آهي.
(2) اسان ڪنهن ٻاهرئين طاقت جي شرڪت سان آزادي حاصل ڪرڻ جا روادار نه آهيون.
اسان جي خيال ۾ عدم تشدد جي پابنديءَ سان اهائي آزادي حاصل ٿي سگهي ٿي جيڪا ڏاڪي بڏاڪي هجي. سڀ کان پهريائين ”ڊومينين اسٽيٽس“ جي درجي جو هوم رول ٿيندو ۽ ڪافي زماني تائين هندستان برٽش ڪامن ويلٿ جي اندر رهندو. ان کانپوءِ معاهدي سان خارجي ۽ جنگي اختيار منتقل ٿيندا. انهن اختيارن تي مڪمل قبضو حاصل ٿيڻ کان پوءِ ڪامل آزاديءَ جو لفظ اصلي معنيٰ ۾ صحيح ٿيندو. عدم تشدد جي پابنديءَ سان هيءُ درجو حاصل ڪرڻ هند واسين لاءِ عقلمندي ۽ برطانيه جي مصلحت شناسيءَ کان پري ڪونهي. ان امڪان کي لحاظ ۾ رکندي اسان عدم تشدد کي پنهنجي پروگرام ۾ قبول ڪري ورتو.
حضرات! اسان جو خيال آهي ته ڪامل آزادي حاصل ٿيڻ بعد به ڪافي عرصي تائين هندستان برطانيه جو حليف بڻجي رهندو ۽ حڪمران قوت سان معاهدي سان ڏاڪا طئي ڪيا ويندا.
حضرات! اسان عدم تشدد کي ان جي ضرورتن جي اڀياس ڪرڻ کانپوءِ قبول ڪيو آهي. اسان کي پنهنجي ان ڪمزوريءَ کي ظاهر ڪرڻ ۾ خوشي محسوس ٿئي ٿي، ڇاڪاڻ ته اسان سياسي جهالت ۽ غرور ۾ مبتلا رهڻ کي سڀ کان وڏو ڏوهه سمجهون ٿا. پر اهڙو هندستاني جنهن کي هندستان کان ٻاهر رهي سياست جو مطالعو ڪرڻ جو موقعو ناهي مليو اهو عدم تشدد سان هڪدم آزادي حاصل ٿيڻ جو يقين رکندو هجي اسان ان کي ناممڪن نٿا سمجهون. اسان سمجهون ٿا ته ڪيترائي نوجوان انهيءَ رنگ ۾ عدم تشدد کي قبول ڪري مهاتما گانڌيءَ سان گڏيا هئا ۽ ٿورو اڳتي هلي کين پشيمان ٿي رستو بدلائڻو پيو، پر مهاتما عقلمنديءَ سان پاڻ کي بچائيندو رهيو مثال طور هو بار بار چوندو رهيو ته اهنسا (عدم تشدد) جو فلسفو فقط مان ئي ڄاڻان ٿو. گهڻو ڪري هو نوجوانن جا غلط گمان ڏسي ان وضاحت جي ضرورت محسوس ڪندو هو.
حضرات! مون جمعيت العلماءِ جي نصب العين جي تشريح ۾ اوهان جو گهڻو وقت ورتو، جيڪڏهن ان ۾ ڪجهه قدر ڪاميابي ٿي آهي ته الله جو شڪر ڪرڻ گهرجي ته هڪ اهم مسئلي جي بنيادي بحث مان فراغت ملي، هينئر فروعي بحثن ۾ ايتريقدر ڏکيائي پيش نه ايندي.
حضرات! ان کان پوءِ منهنجو فرض آهي ته جمعيت علماءِ سنڌ کي نيشنل ڪانگريس جي اندر عدم تشدد جي پابنديءَ سان ڪامل آزادي حاصل ڪرڻ لاءِ پروگرام ٺاهڻ ۾ مدد ڏيان. مان ان کان ڪڏهن به غافل نه ٿيس. جيترو به سوچي سگهان ٿو مشوري طور اوهان جي آڏو پيش ڪريان ٿو.
گذريل رمضان (1357هه) جي آخري هفتي (14 نومبر 1938ع) جو واقعو آهي، جڏهن مان مڪي معظمه ۾ رهيل هوس ۽ وطن واپسيءَ لاءِ تياري ڪري رهيو هوس، اوهان کي مشورو ڏيڻ لاءِ مون ان وقت پارٽي پروگرام جو مسودو تيار ڪيو ۽ ان جو هڪ نقل پوسٽ جي ذريعي پنهنجي پهچڻ کان اڳ جامعه مليه دهليءَ موڪليو هو جيڪو جامعه ۾ محفوظ آهي. جڏهن ضرورت پوندي اهو مفصل پروگرام اوهان جي آڏو پيش ڪندس. هن مجلس ۾ ان جو اختصار ذڪر ڪريان ٿو. هن وقت منهنجو ڀروسو حافظي تي آهي تنهن ڪري ان مسودي سان ڪجهه لفظي اختلاف بعد ۾ درست ڪيا ويندا.
(1) جمعيت علماءِ سنڌ جو اهو حصو جيڪو انڊين نيشنل ڪانگريس جو مستقل ميمبر آهي اهو نيشنل ڪانگريس جي نصب العين يعني هندستان جي ڪامل آزادي (عدم تشدد سان گڏ) کي تسليم ڪندي ڪانگريس جي اندر هڪ مستقل نيشنل پارٽي ٺاهي ٿو جنهن جو نالو سنڌ ساگر پارٽي هوندو.
(2) سنڌ ساگر پارٽي هندستان جي هڪ محدود سرزمين ۾ رهندڙ قومن جي انٽرنيشنل پارٽي آهي. انهن مختلف ٻوليون ڳالهائيندڙ قومن جي علمي، اقتصادي ترقي ان جو خاص مقصد آهي.
(3) سنڌ ساگر پارٽيءَ جو حلقه اثر چئن حصن ۾ ورهائجي ٿو:
(الف) سنڌ ساگر پارٽيءَ جي حلقه اثر جو پهريون حصو صوبو سنڌ آهي، ان جو مرڪزي شهر ڪراچي آهي.
(ب) هن پارٽيءَ جي حلقه اثر جو ٻيو حصو اُها سرزمين آهي جيڪا سنڌو درياءَ ۽ ان جي مددگار دريائن سان سيراب ٿئي ٿي. ان جا مرڪزي شهر لاهور ۽ پشاور آهن.
(ج) ان پارٽيءَ جي حلقه اثر جو ٽيون حصو اُها سرزمين آهي جيڪا طبعي ضرورتن سبب ان سان ڳنڍيل هجڻ گهرجي ان جا وڏا شهر دهلي، آگرو، لکنؤ ۽ الهه آباد آهن.
(د) ان پارٽيءَ جي حلقه اثر جو چوٿون حصو اُها سرزمين آهي جيڪا هن پارٽيءَ سان ڳنڍجڻ پسند ڪري.
(4) سنڌ ساگر پارٽي پنهنجي حلقه اثر ۾ رهندڙ قومن جي هر فرد کي سندس مادري ٻوليءَ ۾ لکڻ سيکاريندي. جيڪڏهن اُها ٻولي عربي ۽ هندي اکرن ۾ لکجي ٿي ته پارٽي ان ٻوليءَ جو رومن اکرن ۾ لکڻ به جائز قرار ڏئي ٿي.
(الف) پارٽيءَ جي دفترن ۾ هر هڪ مقامي ٻولي رومن ڪيريڪٽر ۾ لکي ويندي.
(ب) پارٽي هر قوم کي انٽرنيشنل ٻوليون اردو ۽ انگريزي ضرور سيکاريندي.
(5) سنڌ ساگر پارٽي پنهنجي حلقه اثر جي ذهنيت واضح رکڻ لاءِ امام ولي الله دهلويءَ جي فلسفي کي پنهنجو بنيادي اصول قرار ڏئي ٿي.
(الف) هي فلسفو ويدانيت فلاسافيءَ جو اسلامي ايڊيشن آهي.
(ب) ترقي يافته انسانيت جي عقلي تشريح ڪرڻ ان جو بنياد آهي.
(ج) عالمي مذهبن جي تطبيق ان جو لازمي نتيجو آهي.
(د) ان جو اقتصادي فلسفو انسانيت جي تڪميل لاءِ بهترين اسڪيم پيش ڪري ٿو.
(6) سنڌ ساگر پارٽي پنهنجي حلقه اثر جي اقتصادي ترقيءَ کي پنهنجو اصلي مقصد قرار ڏئي ٿي.
(الف) ان جو عملي طريقو اهو هوندو ته پارٽي عام حالتن جو اندازو ڪري زندگيءَ جو معيار مقرر ڪندي ۽ اجتماعيت جي شروعاتي طبقن مثال طور هاري ۽ مزدور جي هر هڪ فرد کي ان معيار تي رسائڻ جي ڪوشش ڪندي.
(ب) پارٽيءَ جي حلقه اثر ۾ فقط پهريون حصو يعني سنڌ صوبو پارٽيءَ جي اقتصادي پروگرام جو اصل ميدان هوندو.
سمجهاڻي: پارٽي پنهنجي اقتصادي پروگرام جي تڪميل ۾ سنڌ گورنمينٽ ۽ هر اُن جماعت کان امداد حاصل ڪندي جنهن کي اُن مقصد سان همدردي آهي.
(ج) سنڌ صوبي کان سواءِ سنڌ ساگر پارٽي جا جيتريقدر به حلقه اثر هوندا جيڪڏهن اُهي پسند ڪندا ته کين پڻ ان پروگرام ۾ پارٽي شامل ڪندي.
(7) سنڌ ساگر پارٽي هاري ۽ مزدور جي زندگيءَ جي معيار کي يورپي هاري ۽ مزدور جي معيار تائين پهچائڻ ضروري سمجهي ٿي، تنهن ڪري کين ان يورپي لباس جو عادي بڻائيندي جنهن کي ترڪ، افغاني، ايراني، مصري، شامي ۽ عراقيءَ پسند ڪيو آهي.
(8) سنڌ ساگر پارٽي اردو زبان جي حمايت ۽ ان جي پرچار کي پنهنجو اهم مقصد قرار ڏئي ٿي.
(الف) اردو دراصل ناگري، فارسي، عربي، ترڪيءَ جي ميلاپ مان پيدا ٿي ڇاڪاڻ ته هيءَ ٻولي هندستان جي هڪ عظيم الشان تاريخي انٽرنيشنل اجتماع جي يادگار آهي تنهن ڪري پارٽي ان بي مثال نموني جي دعوت دنيا جي قومن کي ڏيڻ گهري ٿي.
(ب) پارٽي ان جي هاڻوڪي رسم الخط کي تسليم ڪري ٿي، تنهن ڪري ان جا بهترين ٽائيپ مهيا ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي رهندي.
(ج) پارٽي اردو کي ديوناگري اکرن ۾ لکڻ جائز سمجهي ٿي تنهن ڪري اردو جا بهترين ڪتاب ان ٽائيپ ۾ ڇاپي ڪري شايع ڪندي.
سمجهاڻي: پارٽي اردوءَ جي هاڻوڪي رسم الخط ۽ ديوناگري رسم الخط جو مرڪز جامعه مليه دهليءَ کي قرار ڏئي ٿي.
(د) پارٽي اردوءَ لاءِ عربي رسم الخط جي ٽائيپ استعمال ڪرڻ جائز سمجهي ٿي، ان سان اسلامي دنيا کي ان جي پڙهڻ ۾ سولائي ٿيندي.
(هه) پارٽي اردوءَ کي ”مقطع“ اکرن ۾ لکڻ جائز سمجهي ٿي جيڪڏهن ان تي زير، زبر، پيش، جزم، شد ۽ وقفي جا نشان لڳايا وڃن ته هيءُ رسم الخط دنيا جي آسان ۽ بهترين رسم الخطن جو مقابلو ڪري سگهندي. اڳتي هلي عربي رسم الخط استعمال ڪندڙ سموريون ٻوليون انهيءَ رسم الخط ۾ تبديل ٿي سگهن ٿيون.
(و) سنڌ ساگر پارٽي اردوءَ کي رومن ڪيريڪٽر ۾ لکڻ جائز سمجهي ٿي ان سان هيءَ ٻولي يورپين ملڪن ۾ رائج ٿي سگهي ٿي.
سمجهاڻي: سنڌ ساگر پارٽي اردوءَ جي اشاعت نسخ لکيت (Script) ۽ ”مقطع“ اکرن ۽ رومن اکرن جو مرڪز ڪراچيءَ کي قرار ڏئي ٿي.
(ز) سنڌ ساگر پارٽي اردو ٻوليءَ کي پنهنجي حلقه اثر ۾ انٽرنيشنل ٻولي مڃي ٿي، ان سان مقامي نيشنل (قومي) ٻولين مثال طور سنڌي، پشتو، ڪشميري ۽ پنجابي کي صدمو پهچائڻ ناجائز سمجهي ٿي.
(ح) سنڌ ساگر پارٽي جتي اردوءَ مان انٽرنيشنل فائدو حاصل نٿي ڪري سگهي اتي انگريزيءَ کي پنهنجي انٽرنيشنل ٻولي مڃي ٿي.
(ط) نيشنل ازم جي وڌاءَ ۾ جيڪڏهن هيءَ ڪوشش ڪئي وڃي ته پرائي مذهبي زبان کي انٽرنيشنل بڻايو وڃي ته سنڌ ساگر پارٽي ان رجعت پسند تحريڪ ۾ شامل ٿيڻ کان انڪار ڪري ٿي.
(9) سنڌ ساگر پارٽي ڪانگريس وانگر پنهنجو نصب العين ڪامل آزادي مڃي ٿي پر جيڪڏهن ان نصب العين کي عدم تشدد سان تطبيق ڏني وڃي ته ٺاهه جي وچين منزل ”ڊومينين اسٽيٽس“ جيئن هوم رول کي مڃڻ ضروري آهي، تنهن ڪري سنڌ ساگر پارٽي عملي طور تي هڪ زماني تائين برٽش ڪامن ويلٿ ۾ رهڻ منظور ڪري ٿي.
(10) ڪنهن ايندڙ دؤر ۾ جيڪڏهن هندستان کي برٽش طاقت کان ڪامل آزادي حاصل ٿي وڃي ته سنڌ ساگر پارٽيءَ جي فيصلي مطابق ان کان پوءِ به هڪ زماني تائين برٽش طاقت جو حليف رهڻ ضروري آهي.
حضرات! اهو ان سياسي پارٽيءَ جي پروگرام جو خاڪو آهي جنهن جي منظم ڪرڻ جو مان جمعيت علماءِ سنڌ کي مشورو ڏيڻ پنهنجو فرض سمجهان ٿو. اوهان جيئن خلافت ڪميٽيءَ جون شاخون سڄي ملڪ ۾ قائم ڪيون هيون ساڳيءَ همت سان هينئر ڪانگريس ۾ سنڌ ساگر پارٽيءَ جون ڪميٽيون هر ننڍي وڏي آباديءَ ۾ منظم ڪريو. جيڪڏهن اوهان ان کي منظور ڪريو ٿا ته مان الله جي فضل سان ان کي ڪاميابيءَ سان هلائڻ ۾ اوهان جي خدمت ڪري سگهان ٿو. اهڙيءَ ريت پارٽي قائم ٿيڻ تي جمعيت علماءِ جي فردن لاءِ ڪم جو ڪشادو ميدان نڪري ايندو.
(الف) وچئين درجي جي اهل علم لاءِ:
(1) سنڌ جي هر هڪ مرد ۽ عورت کي ان جي ٻوليءَ ۾ ئي سياست جي بنيادي ڳالهين کان واقف ڪرڻ ۽ سنڌي ٻولي سيکارڻ.
(2) هر مسلمان مرد ۽ عورت کي سنڌي ٻوليءَ ۾ قرآن عظيم جو ترجمو ۽ ديني ضرورتن جي تعليم ڏيڻ ڪيتري قدر ضروري ۽ عظيم الشان ڪم آهي.
(ب) مٿئين درجي جي اهلِ علم کي:
(1) امام ولي الله دهلويءَ جي فلسفي ۾ مهارت پيدا ڪرڻ ۽ ان کي اديان (مذهبن) ۾ تطبيق ڏيڻ لاءِ هر انساني طبقي ۾ رائج ڪرڻ.
(2) قرآن عظيم جو تفسير، ان جي حڪمت جي موافق مسلمانن ۽ غيرمسلمن لاءِ شايع ڪرڻ.
هن پارٽيءَ جا اُهي فرد جيڪي علماءِ جي طبقي ۾ شمار نٿا ٿي سگهن اُهي پڻ هڪ ترقي ڪندڙ سياسي پروگرام جي پيرويءَ سان قومي ادارن ۽ سرڪاري ادارن ۾ اعليٰ عزت جا درجا حاصل ڪري سگهن ٿا، ان ۾ مسلمان ۽ غيرمسلم جو ڪوبه فرق ڪونهي. ان نيشنل پروگرام جي خصوصيت هيءَ آهي ته اُهو هندستاني مسلمان جي وجدان ۽ حسن جو ڪانگريس ۾ رهي ڪري پورو احترام ڪري ٿو.
حضرات! ڪانگريس جي ان دؤر ۾ جيڪو خلافت تحريڪ جي خاتمي سان شروع ٿئي ٿو مهاتما گانڌيءَ جي رهنمائيءَ سان هندو سوسائٽيءَ جو هڪ خاص فلسفو ۽ خاص رجعتي پروگرام هوريان هوريان ڪانگريس تي قابض ٿي رهيو آهي. ان کان رڳو مسلمان ئي ڪاوڙيل ڪونهي پر هندن جون سڀ ترقي پسند سياسي جماعتون پڻ ناراض آهن. هيءَ پارٽي پراڻي مذهب کي زنده ڪرڻ جي دعويٰ سان هندو مهاسڀا کي ۽ سياسي رشوتن سان پارٽيءَ جي ترقي ڪندڙ نوجوانن کي پاڻ سان ملائي رهي آهي.
مان اوهان کي اطلاع ٿو ڏيان ته مون ڪابل ڇڏڻ بعد فقط ان تحريڪ جي اڀياس کي پنهنجي لاءِ سڀ کان اهم سياسي مقصد قرار ڏنو.
حضرات! هتي مان پنهنجي شخصيت کي نمايان ڪرڻ گهران ٿو. مان هڪ نومسلم آهيان، اهو منهنجي پيدا ڪندڙ پروردگار جي خاص عنايت ۽ فضل هيو ته مان اسلامي تعليم جي مطالعي بعد پنهنجي سمجهه ۽ فيصلي سان مسلمان ٿيس. اهو پڻ ان جي ئي فضل کان پوءِ ٻيو ڪرم هيو ته اُن مون بي يارو مددگار لاءِ تعليم ۽ تربيت جو اهڙو نظام بڻايو جيڪو گهٽ ماڻهن کي ئي ملي سگهندو آهي. الحمدلله جو مون عمر جو ڳچ حصو اسلامي علمن جي تحقيق ۾ خرچ ڪرڻ کان پوءِ مان امام ولي الله دهلويءَ جي فلسفي تي مطمئن ٿي ويس.
آءٌ ان جو اظهار پڻ ضروري ٿو سمجهان ته ان اعليٰ فلسفي تائين منهنجي رسائي حضرت مولانا محمد قاسم ديوبنديءَ جي واسطي سان ممڪن ٿي جيڪو منهنجي استاد حضرت مولانا محمود حسن ديوبندي شيخ الهند جو استاد، مربي ۽ مرشد هيو. مون حضرت استاد جي واسطي سان سڌوسنئون جيڪو ڪجهه سکيو آهي ان کان وڌيڪ مون مولانا محمد قاسم رحه جي تصنيفن کان متاثر ٿيو آهيان. هيءُ منهنجو اسلام منهنجي پنهنجي زندگيءَ کان وڌيڪ مون کي پيارو آهي. مون ان تي پنهنجو سڄو خاندان قربان ڪري ڇڏيو آهي ۽ ان جي خدمت جي شوق ڪنهن دنياوي مال دولت هٿ ڪرڻ ڏانهن متوجه ٿيڻ نه ڏنو.
حضرات! هينئر هڪ جملو معترضو ٻڌو. مهاتما گانڌي ٽالسٽاءِ جي فلسفي کان متاثر ٿي هندو فلسفي جي ان اسڪول کي زنده ڪري ٿو جنهن سان سندس طبعي لاڳاپو آهي. جيئن سندس گيتا جي شرح ڏسي هر ماڻهو يقين ڪري سگهي ٿو ته مهاتما گانڌي پنهنجي خاص خيالن کي هندو ازم جو پهراڻ پارائي ٿو. مهاتما اڄ ڪانگريس جو ڊڪٽيٽر آهي، هو نيشنل ڪانگريس کي (جيڪا سياسي هندستان جو ٻيو نالو آهي) پنهنجي خاص فلسفي (جي اشاعت) لاءِ استعمال ڪري ٿو، ڇاڪاڻ ته ڪانگريس جي ان نئين زندگيءَ ۾ سندس خاص هٿ آهي.
حضرات! ڇا عبيدالله کي جيڪو اسلامي فلسفي تي يقين رکي ٿو هيءُ حق ڪونهي ته هو ڪانگريس ۾ پنهنجي سياسي ۽ فلسفي نظريي جي پارٽي ٺاهي؟ عبيدالله اُهو شخص آهي جيڪو ويهن سالن کان پنهنجي خاص سوسائٽيءَ سان گڏجي انڊين نيشنل ڪانگريس جي خدمت ڪندو رهيو آهي، ان جون خدمتون اڄ جيڪڏهن هند واسي نٿا ڄاڻن ته سڀاڻي جي تاريخ کين ٻڌائيندي.
هتي هينئر مان ڪانگريس جي ذميدار حلقن کان پڻ سوال ڪرڻ گهران ٿو ته ڇا هو سڀ جا سڀ ان تي اچي بيٺا آهن ته پروفيسر جيوت رام ڪرپلاڻيءَ کي ته ڪانگريس جو سيڪريٽري بڻائي سگهن ٿا پر سندس وڏي ڀاءُ شيخ عبدالمجيد ڪرپلاڻيءَ کي نيشنل ڪانگريس ۾ سنڌ ساگر پارٽي ٺاهڻ نه ڏيندا؟ رڳو ان ڏوهه ۾ ته هو پنهنجي ضمير مطابق اسلام جو معتقد ۽ خادم بڻجي ويو.
حضرات! 3 جولاءِ 939هندي تي مون جمعيت علماءِ بنگال جي جلسي ۾ چيو هو ته مان چاهيان ٿو ته:
(1) انڊين نيشنل ڪانگريس کي سموري هندستان جي سياست جو مرڪز بڻايو وڃي.
(2) مان پنهنجي ملڪ جي محترم فلاسافر مهاتما گانڌيءَ جو نان وائلنس جي پوليٽيڪل پروگرام ۾ اعليٰ درجي تي احترام ڪريان ٿو، پر سندس ذاتي رجعت پسند لاڙن يا سندس فلسفي سان پورو متفق ناهيان. مان ڪانگريس کي سفارش ڪندس ته هوءَ ان کي قوم جو دستورالعمل بڻائڻ جي ڪوشش نه ڪري.
(3) آءٌ جمعيت علماءِ هند کي هڪ پوئين درجي جي انقلابي جماعت بنائڻ جو مشورو ڏيان ٿو. جيڪڏهن هو انقلابي بڻجڻ گهري ته کين امام ولي الله دهلويءَ جي فلسفي کي پنهنجو بنيادي اصول بنائڻ گهرجي.
(4) امام ولي الله جو فلسفو اُهائي ويدانيت فلاسافي آهي جنهن کي مسلمان صوفين مڪمل ڪيو آهي.
(5) اسان جامعه مليه دهليءَ ۾ هڪ مدرسو قائم ڪرڻ گهرون ٿا، ان ۾ امام ولي الله جو فلسفو، انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪيو ويندو ۽ مسلمان ۽ غيرمسلمان هر هڪ کي مساوي درجي تي سيکاريو ويندو.
(6) ان مدرسي مان فارغ ٿيندڙ مسلمان ۽ هندو هم خيال بڻجي يورپين معاشي انقلاب جي مقابلي ۾ هندستان کي گهڻو اڳتي وٺي ويندا.
ان کان پوءِ آگسٽ ۾ آچاريه ڪرپالاڻي جي واسطي سان مون کي هيءُ جواب ملي ٿو، مان شديد حيرت ۽ عجب سبب هوش ۾ نٿو رهان جڏهن مان آچاريه ڪرپالاڻيءَ جي مقالي جو هيءُ حصو پڙهان ٿو. ڪانگريس جو جنرل سيڪريٽري فرمائي ٿو:
”ستيه، اهنسا يا عدم تشدد جي صداقت هڪ قسم جا مذهبي اصطلاح آهن پر اسان کي انهن اصطلاحن کي قوم جي زندگيءَ جي هر شعبي ۾ عمل ۾ آڻڻو آهي. روحاني اصول زندگيءَ جي سمورن پهلوئن تي حاوي ٿين ٿا، انهن کي زندگيءَ جي ڪنهن هڪ پهلوءَ سان ڳنڍي باقي پهلوئن کي انهن کان بي نياز ڪرڻ ناممڪن آهي. مقصد هيءُ آهي ته گانڌي جن اسان جي زندگيءَ لاءِ عملي ڪم جو جيڪو پروگرام پيش ڪيو آهي اسان کي فقط ان کي ئي هلائڻو پوندو.
انهن ڳالهين کي سمجهڻ کانپوءِ هندو مسلم اتحاد جي سوال کي سمجهڻ نهايت سؤلو آهي. گانڌي جيءَ اسان کي سمجهايو آهي ته اهو سوال حل ڪرڻ جو طريقو اهو ڪونهي ته اسان مسلمانن کي رعايتون، نشستون ۽ سياسي حق ڏيون يا مسلمان عوام سان سڌوسنئون رابطو قائم ڪرڻ جون اسڪيمون هلائي ڪانگريس جي رجسٽر ۾ مسلمان ميمبرن جو ڳاڻاٽو وڌايون. گانڌي جي جيڪو عوامي رابطو گهري ٿو اهو ايئن نه ٿو حاصل ٿي سگهي. هندن ۽ مسلمانن وچ ۾ نفرت ۽ بداعتماديءَ جا تمام پراڻا ۽ تاريخي ڪارڻ آهن. جيڪڏهن نفرت ۽ بداعتماديءَ جي انهن ڪارڻن کي ختم ڪرڻ کان سواءِ مسلمانن کي ڪانگريس جو ميمبر بڻايو وڃي ته هو ڪانگريس اندر هڪ نه حل ٿيندڙ مسئلو بڻجي ويندا، پر مسلمانن جو ڪانگريس کان ٻاهر رهي هڪ نه حل ٿيندڙ مسئلو بڻجڻ ايترو خراب ڪونهي جيترو خراب اهو آهي ته هو ڪانگريس ۾ اچي ڪانگريس اندر هڪ اڻ سلجهيل ڳنڍ بڻجي وڃن. تنهن ڪري گانڌي جيءَ هندو مسلم اتحاد جو جيڪو طريقو اختيار ڪيو آهي اهوئي سڀ کان بهتر آهي، جيڪو سندن بنيادي اصولن يعني عدم تشدد ۽ صداقت تي ٻڌل آهي.
بهرحال هينئر تائين اسان جيڪو ڪجهه چيو آهي ان مان هيءُ ڀليءَ ڀت ظاهر ٿئي ٿو ته ڪانگريس جي عقيدي ۽ پروگرام ۾ گهرو تعلق آهي، گڏوگڏ ان جا مختلف پروگرام پڻ هڪ ٻئي سان ايئن ڳنڍيل آهن جيئن جسم سان جسماني عضوا ڳنڍيل آهن تنهن ڪري ڪنهن هڪ پروگرام کي ٻئي پروگرام کان جدا ڪرڻ بلڪل ايئن آهي جيئن ڪنهن روح واري جسم جي عضون کي چيري ڦاڙي جدا جدا ڪرڻ. عقيدي ۽ پروگرام جو هيءُ اتحاد ئي هر اصل گانڌي جيءَ جي فلسفه حيات جو ٻيو نالو آهي. هيءُ فلسفو پنهنجي صفتن جي لحاظ کان انقلابي آهي پر ان انقلاب ۾ تشدد جو لحاظ ڪٿي به نٿو اچي.
هتي هيءَ ڳالهه سمجهڻ کپي ته ڪانگريس جي هر اسڪيم گانڌي جيءَ جي فلسفي جي ماتحت هلائي ويندي. اهو هرگز ممڪن ڪونهي ته اوهان ڪنهن کي ڪنهن ٻئي فلسفه زندگيءَ جي اصول تي هلائي سگهو. ڪانگريسي اسڪيمن جو قلم ڪنهن ٻئي فلسفي تي نٿو لاڳو ڪري سگهجي. اهو فلسفه زندگي دنيا جي ڪنهن ٻئي فلسفه زندگي جي ماتحت نٿو ٺاهي سگهجي.
تنهن ڪري سوشلسٽن کي پڻ اهو سمجهڻ گهرجي ته سوشلزم ۽ گانڌي ازم بلڪل الڳ الڳ شيون آهن جن ۾ ڪابه مطابقت پيدا نٿي ڪري سگهجي.“
ڇا اهو منهنجي ان خطبي جو جواب آهي جيڪو مون جمعيت علماءِ بنگال جي اجلاس ۾ پڙهيو هو؟ ظاهر آهي ته آچاريه ڪرپالاڻي جيڪو مون کي چڱيءَ طرح سڃاڻي ٿو ۽ منهنجو خطبو ڪافي عرصو اڳ شايع ٿي چڪو آهي جنهن ۾ گانڌيءَ جي فلسفي جو انڪار ۽ امام ولي الله دهلويءَ جي فلسفي جو اثبات موجود آهي ته اهو ان جوئي سياسي جواب آهي، ان ڪري ئي هن سوشلسٽن کي پڻ ڌار مخاطب ڪيو.
مان مهاتما جي کان نهايت ادب ۽ احترام سان هيءُ پڇان ٿو ته ڇا عبيدالله جي سنڌ ساگر پارٽيءَ کي ڪانگريس کان روڪڻ لاءِ ڪانگريس جي ان سياسي پوزيشن مان فائدو وٺڻ ”ستيه ۽ اهنسا“ (عدم تشدد) جي خلاف ناهي؟
مان پنهنجي دوست آچاريه ڪرپالاڻي جي ڏاهپ مان توقع رکان ٿو ته هو پاڻ ئي منهنجي پارٽيءَ لاءِ دروازو کوليندو، نه ته کين مطمئن رهڻ گهرجي ته سندس بدران ڪو ٻيو جنرل سيڪريٽري اسان جي آجيان ڪندو.
حضرات! اوهان جيڪڏهن منهنجي هن مشوري تي عمل ڪيو ۽ سنڌ ساگر پارٽي ٺاهيو ته هينئر مان اوهان سان سياسي معاملن ۾ شريڪ رهندس. مون ارادو ڪيو آهي ته سنڌ کان ٻاهر ڪنهن عوام جي تحريڪ سان ڪوبه لاڳاپو قائم نه ڪندس. جيڪڏهن اوهان کي ان طرح جي سياست ڪامياب بنائڻ منظور ناهي ته مان امام ولي الله جي فلسفي جي تعليم ۾ پنهنجو وقت خرچ ڪندس.
والله الموفق وآخر دعوانا ان الحمدلله رب العالمين