منهنجا تجربا ۽ مشاهدا
مون پنهنجي زندگيءَ جي مختلف راهن تي ڇا ڇا حاصل ڪيو آهي. اڄ مختصر نموني ۾ ان جي واقفيت ڪرائڻ گهران ٿو. هت جيون جي سفر جي نتيجن جو سمورو ذڪر ڪرڻ منهنجو مقصد نه آهي البته ٿورا اهڙا واقعا ۽ فڪر بيان ڪنداسون جن ۾ هڪ خاص قسم جو سلسلو هوندو جو ايندڙ مسئلن جي حل ڪرڻ ۾ ڪجهه مدد ڏئي سگهندو. مون پنهنجي جيون جي سفر جون اٺ منزلون بڻايون آهن: (1) گهر ۽ اسڪول جي زندگي (2) ديني علم حاصل ڪرڻ ۽ ان جي تڪميل ڪرڻ (3) عملي پروگرام جو تعين ۽ ان کي سوڀارو بڻائڻ جي ڪوشش (4) ڪابل ۾ قيام (5) ماسڪو ۾ قيام (6) استنبول ۾ قيام (7) مڪي شريف ۾ قيام (8) وطن ڏانهن واپسي.
[b]پهرين منزل: گهر ۽ اسڪول ۾ 1289هه (1872ع) کان 1304هه (1887ع) تائين
[/b](1) اسڪول جي شاگرديءَ جي زماني ۾ تحفة الهند ۽ تقويت الايمان جي لڳاتار مطالعي سان اسلام جي حقانيت جو يقين حاصل ٿي ويو.
(2) سمجهيم ته ڪنهن کي به اسلام جي صحيح تعليم جي ضرورت هجي ته ان کي قرآن ۽ حديث پڙهڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته قرآن ۽ حديث ۾ اصلي تعليم محفوظ آهي.
(3) عام مسلمانن ۾ هندن وانگر غلط رسمون رائج ٿي ويون آهن جن جو اسلام سان لاڳاپو ڪونه آهي.
(4) مولوي محمد لکويءَ جي ڪتابڙي ”احوال الاخرت“ جي پڙهڻ سان عمل ۽ همت ۾ تيزي ايندي وئي.
[b]ٻي منزل ديوبند ۽ سنڌ ۾: 1315هه (1897ع) تائين
[/b](1) دارالعلوم ديوبند ۾ شروعاتي علم حاصل ڪرڻ
(2) حضرت مولانا شيخ الهند جي خدمت ۾ حديث ۽ فقهه جي تڪميل
(3) مولانا محمد قاسم رحه جي حڪمت عمليءَ جي واقفيت ۽ محبت
(4) سندس عملي طريقي کي پنهنجو مرڪزي فڪر بڻائڻ
(5) سنڌ ۾ علمي مطالعو ۽ تحقيق
(6) ڪتاب ”حجة الله البالغه“ تي پورو ڀروسو ڪرڻ ۽ ان جي برڪت سان اطمينان حاصل ٿيڻ
(7) ڪتابڙي ”الفوزالڪبير“ جي اصول تي قرآن عظيم تي غور ڪرڻ
(8) حجة الله البالغه جي بنياد تي هر هڪ سورة جي آيت ۾ لاڳاپو پيدا ڪرڻ.
(9) قرآن عظيم جو (اڳين) ”سمورن دينن کي ميٽي ڇڏڻ“ واري حڪمت جو راز کلي پوڻ.
[b]ٽين منزل: سنڌ، ديوبند ۽ دهليءَ ۾ 1333هه (1915ع) تائين
[/b](1) حضرت مولانا محمد اسماعيل شهيد ؓ جي اصول تي ننڍين ننڍين جماعتن جي تياري
(2) حضرت مولانا شيخ الهند جي نظام تي جماعت جي اعليٰ فردن جي تياري
(3) سنڌ ۾ دارالرشاد جو بنياد رکڻ
(4) دارالعلوم ديوبند ۾ جمعيت الانصار جو سيڪريٽري ٿي رهڻ
(5) دهليءَ ۾ نظارت المعارف جو برپا ڪرڻ.
[b]چوٿين منزل ڪابل ۾ 1340هه (1922ع) تائين
[/b](1) ڪابل ۾ امير حبيب الله جي درٻاري سوسائٽيءَ جو اعتماد حاصل ڪرڻ
(2) عملي سياست جي صحيح واقفيت حاصل ڪرڻ
(3) پوري يقين سان هڪ فڪري انقلاب پيدا ٿي ويو ته جيڪڏهن هن زماني جا مسلمان بادشاهه پنهنجون ڪمزوريون دور ڪري سگهندا ته انهن جي حڪومت جي طرز بهر صورت يورپين هوندي. دهليءَ وارو پراڻو نظام اڄ نه هلي سگهندو.
(4) امير حبيب الله خان هڪ سڌاري پسند ۽ وڏي ارادي وارو بادشاهه هيو. هن جنهن قسم جو انقلاب آڻڻ گهريو ٿي ان جو مون گهرو مطالعو ڪيو آهي. جيتري قدر مون سمجهيو آهي تنهن موجب سندس خيال ۾ يورپ جي نون اصولن تي فوجي طاقت پيدا ڪرڻ جي ضرورت هئي، ان کان بي پرواهي ڪرڻ ناممڪن هئي. انهيءَ ڪري امير حبيب الله يورپ جي پيرويءَ تي مجبور هو.
(5) امير حبيب الله خان جي حڪم يا مشوري سان مان انڊين نيشنل ڪانگريس ۾ شامل ٿي ويس. ڪابل ۾ انقلابي هندو (به) موجود هئا جن اسان کي ڪم ۾ شريڪ بڻائڻ گهريو.
(6) ڪابل جي تفصيلي حالتن سمجهڻ کان پوءِ مون کي خبر پئي ته ديوبندي نظام جيتريقدر هندوستاني مسلمان کي فائدو پهچايو آهي جنهن ڪري هنن پنهنجي مرڪزيت محفوظ ڪري ڇڏي آهي، تنهن کان وڌيڪ فائدا هن (ديوبندي) نظام افغانستان کي پهچايا آهن. افغاني حڪومت ۽ قبيلن جي سردارن ۾ اهڙا ماڻهو تمام ٿورا هوندا جن ديوبند کان فيض حاصل نه ڪيو هوندو. مگر اُهي پاڻ کي ديوبندي ظاهر نه ٿا ڪن. منهنجي آڏو ڪيترن ئي تجربن کان پوءِ جيڪي نتيجا سامهون آيا تن مان هي يقين پيدا ٿيو ته اسان جا نوجوان، ڪاليج ۾ پڙهيا هجن يا ديوبند ۾ هنن جو جيڪڏهن آزاد زندگيءَ جي پروگرام ۾ ڪنهن به ٻي قوم سان مقابلو ٿيندو ته هو ڪنهن به ٻي قوم کان پٺتي نه رهندا. هن ۾ مسلم قومون ۽ يورپين قومون ٻئي هڪ جهڙيون آهن. حقيقت ۾ انهيءَ تجربي منهنجي ذهنيت ۾ هندستانيت جو انقلاب پيدا ڪيو آهي. اڳتي هلي دولت عثمانيه جي شڪست سان اتحادِ اسلام جو مرڪز يا خلافت باقي نه رهي. انهيءَ ترڪن وانگر پنهنجي هندوستاني مرڪز تي اعتماد سيکاريو. (جيئن ترڪن دنيا جي مسلمانن کي ڇڏي پاڻ تي اعتماد ڪيو.)
[b]پنجين منزل ماسڪو ۾ 1341هه (1923ع) تائين
[/b](1) انقلاب جي ڪاميابيءَ لاءِ پارٽي ڊڪٽيٽرشپ ضروري آهي.
(2) جنگ يا ٻئي ڪنهن حادثي جي ڪري جيڪڏهن حڪومت ڪمزور ٿي وڃي ته ان حالت ۾ ڪمزور جماعتن کي عوام جي کاڌي جي سوال جو بندوبست سڀ کان پهريائين پاڻ تي کڻڻ گهرجي. ايئن ڪرڻ سان اُها جماعت حڪومت تي قابض ٿي ويندي.
(3) جيڪڏهن هڪ ديندار جماعت، هڪ ظالم طاقت سان ظلم جي پٺڀرائي ڪندي ۽ ان جي مقابلي ۾ ٻي هڪ بي دينن جي جماعت عوام تان ظلم ختم ڪرائڻ جي ڪوشش ڪندي ته اها بي دينن واري ٽولي ديني جماعت تي غالب پئجي سگهي ٿي پر انهيءَ کي اسان بي دينيءَ جو غلبو نه ٿا سمجهون. ڇاڪاڻ جو امام ولي الله دهلويءَ جي اصول موجب پيٽ جي تنگي يا مالي مشڪلاتن واري ظلم جو ملڪ مان دور ڪرڻ سمورن آسماني دينن جو بنيادي مقصد آهي.
(4) ماسڪو جي سوسائٽي جي مطالعي کانپوءِ اسان امام ولي الله دهلويءَ کي سياست ۾ پنهنجو مستقل امام مڃون ٿا
(5) جيڪڏهن ڪنهن به انقلابي بي دين جماعت پاران اسلام تي حملو ٿئي ته اسان امام جي اصول جي پابنديءَ سان نوجوانن کي اسلام جي طرف کان پوري پوري مدافعت ڪرڻ جا طريقا سيکاري سگهون ٿا.
[b]ڇهين منزل: استنبول ۾ 1344هه (1927ع) تائين
[/b](1) مون تي هيءَ حقيقت ظاهر ٿي ته هندوستاني مسلمان جي پٺتي رهجي وڃڻ جو اصلي سبب هي آهي ته هو حالتن کان ناواقف رکيا ويا آهن. مان ڏاڍو حيران ٿيس جڏهن ڏٺم ته دارالخلافه جو ننڍو وڏو ماڻهو يورپين زندگي گذاري رهيو آهي ۽ خليفة المسلمين ۽ سندس گهراڻو اٽڪل ٻن سؤ سالن کان يورپ جي مٿانهين سوسائٽيءَ جي رسمن ۽ عادتن جا پابند آهن، پر اسان جي ملڪ ۾ بهترين عالمن جو هڪ طبقو يورپين رهڻي ڪهڻيءَ کي اسلام جي ابتڙ سڏي رهيو آهي.
(2) هڪ اهڙي مسلم (ٿورائيءَ واري) قوم جيڪا غير مسلم اڪثريت جي گهيري ۾ آيل آهي تنهن جو پهريون فرض هي آهي ته: (الف) هن جو هر مرد ۽ عورت تعليم يافته هجي (ب) هن جو هر مرد يا عورت ڪانه ڪا فوجي خدمت ادا ڪرڻ جي مهارت پيدا ڪري. (ج) هو قوم جي غيرمسلمن سان گڏجي رهڻ لاءِ پنهنجي حال آهر هڪ قومي پروگرام ٺاهي.
(3) ڳوٺاڻن کي سندن مادري زبان ۾ تعليم ڏيڻ گهرجي. لکڻ جو طريقو جيستائين ممڪن ٿي سگهي اوترو سؤلو اختيار ڪرڻ گهرجي. اسان جي زماني ۾ رومن ڪيريڪٽر ۽ ٽائيپ رائيٽر جي مدد سان گهڻو ئي ڪجهه آسان ٿي ويو آهي. ان کي انٽرنيشنل پوزيشن حاصل آهي. انهيءَ ڪري ترڪن ان کي اختيار ڪيو. انور پاشا مرحوم فوجين جي جبري تعليم لاءِ لکڻ جو هڪ نئون طريقو ايجاد ڪيو هو. هڪ اهڙو واقعو پيش آيو جو اڻ آزمودگار منشين جي ٿوري غلطيءَ جي ڪري هڪ پوري فوج تباهه ٿي وئي. ان (واقعي) کان پوءِ ان (لکڻ جي نموني) کي ڇڏيو ويو. اسان هتي ويهي، سنڌ ۾ ترڪيءَ (جهڙن) سڌارن جاري ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي: (الف) هن تعميري ڪم واسطي اسان ڊومينين اسٽيٽس جو پروگرام ٺاهيو آهي. (ب) سمورن مذهبي ۽ معاشي جهڳڙن کي ختم ڪرڻ لاءِ اسان يورپين ازم کي آخري علاج ڪري مڃيو آهي. (ج) بيدينيءَ کي ختم ڪرڻ لاءِ اسان يورپين ازم کي آخري علاج ڪري مڃيو آهي. (ج) بيدينيءَ کي ختم ڪرڻ لاءِ اسان امام ولي الله جي فلسفي کي پنهنجي پارٽيءَ جو بنيادي اصول (ڪري) قبول ڪيو آهي. انڊين نيشنل ڪانگريس ۾ گانڌي ازم جي خلاف هيءُ پهريون ئي آواز آهي، ان کان پوءِ سوشلسٽ آهن.
[b]ستين منزل: مڪه معظمه ۾ 1356هه (1939ع) تائين
[/b](1) سڀ کان پهريائين اسان مڪي معظمه ۾ حڪومت سان هڪ ڪانگريسيءَ جي حيثيت ۾ پنهنجو تعارف ڪرايو، جنهن جو اسان کي هيءُ فائدو ٿيو جو هندوستاني مسلمانن جي پاڻ ۾ مذهبي جهڳڙن ۾ اسان غيرجانبدار ليکجڻ ۾ آياسون نه ته مون لاءِ اُتي سخت مشڪلات پيدا ٿي پوي ها.
(2) حرم شريف ۾ مون امام ولي الله جي حڪمت پڙهائڻ شروع ڪئي جنهن ۾ چڱي درجي جا عالم شريڪ ٿيندا رهيا. خاص ڪري جاوي مسلمانن وڌيڪ دلچسپي ڏيکاري.
(3) مون امام ولي الله جي فلسفي جو اونهو اڀياس شروع ڪري ڏنو، سموري قرآن شريف جي تفسير تي نظرثاني ڪندو رهيس جنهن ڪري مون کي پنهنجا جهونا ساٿي به نه ٿا سڃاڻي سگهن.
(4) علامه موسيٰ جارالله آفنديءَ منهنجي تفسيري بيانن کي لکت ۾ آندو آهي، پر مان ان کان پوءِ به لڳاتار غور ڪندو رهيس، وقتاً فوقتاً عجيب عجيب حقيقتون ظاهر ٿينديون رهنديون آهن. افسوس اٿم جو منهنجن پراڻن ساٿين ۾ ڪوبه وڏي همت وارو ڪونه رهيو آهي جو منهنجي مطالعي ۽ ڄاڻ کي ٻڌي. اهڙيءَ ريت پنهنجي سياسي پروگرام ۾ جيڪو يورپ ۾ ڇپجي چڪو آهي ان ۾ به مان گهڻي اصلاح ڪري چڪو آهيان.
(5) مون کي ممڪن نظر نه آيو ته مان هندستان کان ٻاهر ويٺو رهان ۽ منهنجي خيالن کان فقط محدود ٽولي واقف ٿيندي رهي، تنهن ڪري جڏهن وطن واپس اچڻ جو موقعو مليو ته مان اُهي سموريون پابنديون پنهنجي فيصلي مطابق قبول ڪيون جيڪي گورنمينٽ طرفان مون کي پيش ڪيون ويون، اهڙيءَ ريت منهنجي واپسي آسان ٿي وئي. (6) مون مڪي معظمه مان خط لکيو ته ڪانگريس کان ٻاهر رهي ڪو به سياسي ڪم نه ڪندس. سمجهو ته مسلم ليگ، جمعيت العلماء، احرار، خاڪسار وغيره تحريڪن کان واسطو ٽوڙي ڇڏيم. مان ڪانگريس اندر گانڌي پارٽي کي سرمائيداري ۽ برهمڻ ازم جو مجموعو سمجهان ٿو ۽ ماسڪو واري بي دين پروگرام کان فارع ٿي چڪو آهيان. انهيءَ ڪري ٻنهي پارٽين کي قبول نه ٿو ڪريان ۽ جڏهن ڪو موقعو مليو تڏهن پنهنجي مستقل پارٽي ٺاهيندس.
[b]اٺين منزل: وطن ۾ واپسي 1939ع ۾
[/b] 7 مارچ 1939ع تي ڪراچيءَ پهتس ۽ 10 ڊسمبر 1939ع تي جمنانربدا سنڌ ساگر پارٽي (ٺاهڻ) جو اعلان ڪيم، اهو اُهو ئي پروگرام آهي جنهن جو خاڪو ترڪيءَ ۾ ٺاهيو هيم، نومبر 1940ع ۾ جامعه مليه (دهليءَ) ۾ شيخ الهند جي ياد ۾ بيت الحڪمت جي ڪوشش شروع ڪئي وئي، انهن ٻنهي تحريڪن جو تفصيلي پروگرام جدا ملي سگهندو.
20 فيبروري 942 هندي
بيت الحڪمت قاسم العلوم لاهور