تاريخ، فلسفو ۽ سياست

مولانا عبيدالله سنڌيءَ جون تحريرون ۽ تقريرون

ماضي قريب ۾ سنڌ ۽ هند ۾ جيڪي انقلابي اڳواڻ پيدا ٿيا انهن ۾ امام انقلاب مولانا عبيد الله سنڌيءَ جو نالو سرفهرست ملي ٿو.
هي ڪتاب مولانا سنڌيءَ جي نادر ۽ ناياب تحريرن ۽ تقريرن جو مجموعو آهي، جيڪي مختلف ڪتابن مان هٿ ڪيل آهن ۽ ڪجهه تحريرون مولانا عزيز الله جروار جن کي مولانا سنڌيءَ جي ساٿي ۽ شاگرد مولانا عزيز احمد کان حاصل ٿيون هيون سي به شامل آهن.
Title Cover of book مولانا عبيدالله سنڌيءَ جون  تحريرون ۽ تقريرون

سروراجيه پارٽيءَ جو منشور

[b]مهاڀارت سروراجيه پارٽي
[/b] مهاڀارت سرو راجيه پارٽي جي پروگرام جو تعارف ڪرائڻ کان اڳ چند سٽون ”ڪانگريس ڪميٽي ڪابل“ جي باري ۾ لکڻ ضروري آهن. 1915ع ۾ هندستان جي آزادي پسند جماعتن جا ڪجهه ماڻهو ڪابل ۾ گڏ ٿيا، ڪو بلوچستان ۽ پشتانيه (سرحدي علائقي) جا جبل ۽ جهنگ جهاڳيندو پهتو ته ڪو يورپ جا چڪر کائي ايران جي ريگستان ۽ بيابان کان گذريو. افغانستان جي حڪومت جي همدرديءَ جي ڪري انهن ماڻهن جي سرگرمين ڪابل کي هند جي آزاديءَ جو زبردست مرڪز بڻائي ڇڏيو. سڀ کان پهريائين زار روس انهيءَ مرڪز جي ڪن ڪاررواين جو برطانيه کي اطلاع ڏنو. جنهن جو تفصيل ”سوني پتري“ نالي هڪ روسي پمفليٽ ۾ ملي ٿو. ٿورن ڏينهن کان پوءِ هندستان ۾ اسان جا ڪي دستاويز پڪڙجي پيا جنهن تي برطانيه انهيءَ مرڪز کي دٻائڻ لاءِ پورو ڌيان ڏنو ۽ امير حبيب الله خان کي انهيءَ تي راضي ڪري ورتو ته هو انهن ماڻهن کي منتشر ڪري ڇڏي. امير صاحب ڪن کي افغانستان مان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو ۽ ڪن کي نظربند ۽ قيد ڪري ڇڏيو، پر انگريزن جي حوالي ڪنهن کي به نه ڪيائين. هندستاني مسلمانن مان جن تي شڪ ٿي سگهيو پئي ته هي انهيءَ مرڪز سان تعلق رکن ٿا، تن مان گهڻن کي گرفتار ڪيو ويو. حضرت شيخ الهند کي انهيءَ سلسلي ۾ شريف مڪه انگريزن حوالي ڪري ڇڏيو ۽ هو گهڻي وقت تائين مالٽا ۾ قيد رهيا. برطانيه انهيءَ تي به بس نه ڪئي، هو ڄاڻي پيو ته هندستان جي مٿانهن آزاد علائقن ۾ پراڻن (هند جي مجاهدن) ۽ نئين مهاجر جماعت (افغانن) جي ڪيترن ئي مرڪزن سان اسان جو گهرو تعلق آهي ۽ افغانستان جي امير جي ڪارروائي انهيءَ ميلاپ تي ڪوبه اثر نٿي وجهي سگهي، تنهن ڪري برطانيه ”رولٽ ايڪٽ“ نافذ ڪرڻ تي مجبور ٿيو. کيس هندستان جي قانوني ڪونسل کي تفصيلي واقعات ٻڌائڻ جي همت ڪانه هئي، هن هندستانين جي متفقه مخالفت جي باوجود پنهنجي هٿراڌو اڪثريت جي زور تي ”رولٽ ايڪٽ“ منطور ته ڪرائي ورتو، پر ان جي نتيجي ۾ نيشنل ڪانگريس ۾ هلچل پيدا ٿي ۽ ان مقصد لاءِ ڇڪتاڻ شروع ٿي وئي ته ڪونسلن جي حقيقي طاقت هندستانين جي هٿ ۾ هجڻ گهرجي ۽ ان دوران مهاتما گانڌي جو اڀار ٿيو.
اسان جي قيد واري زماني ۾ افغان اسان سان دلي همدردي رکندا هئا، غريب ۽ امير بنا ڪنهن ڄاڻ سڃاڻ جي ضرورت جي وقت اسان جي مدد ڪندا رهيا. ان وقت افغانستان ۾ انقلاب جون تياريون ٿي رهيون هيون. اتان جي انقلابي جماعتن سان اسان جي دوستي هئي، انهيءَ ڪري اسان جي ڪم ۾ وڏي رنڊڪ ڪانه ٿي، روس جي انقلاب کان پوءِ اسان جو هڪ ساٿي انهن دوستن جي مدد سان برفاني موسم ۾ قيد مان ڀڄي بخارا پهچي ويو، اسان جو هي وقت گهڻو ڪري افغانستان ۽ هندستان جي آئينده اتحاد لاءِ تفصيلي پروگرام سوچڻ ۾ گذريو.
1919ع ۾ امير حبيب الله خان قتل ٿي ويو ۽ امير امان الله خان افغانستان جي تخت تي ويٺو. ان وقت مهاڀاري لڙائي ختم ٿي چڪي هئي، جيڪڏهن انقلابي افغان، امير جي قتل جي پهرين ڪوشش ۾ (جڏهن مهاڀاري لڙائي پنهنجي انتهائي زور تي هئي) ناڪام نه ٿين ها ته جيڪر دنيا جي سياست جو نقشو يقينن بدلجي وڃي ها. امير امان الله خان جي حڪومت جي ابتدا ۾ اسين وري آزاد ٿي وياسين، اسان جو قيد دوران ٺاهيل پروگرام اسان کي ان وقت وڏو ڪم ڏيئي ويو. اسين امير امان الله خان جي سرپرستيءَ ۾ نومبر 1921ع تائين يعني جنهن وقت تائين انگريز افغان معاهدو مڪمل نه ٿيو هو، پوري آزاديءَ سان ڪم ڪندا رهياسين. يورپ جي انٽرنيشنل سياست، ايشيائي ملڪ عام طور ۽ اسلامي ملڪ خاص طور اسان جي مطالعي هيٺ رهيا. انهيءَ مطالعي لاءِ اسان کي بهترين موقعا هٿ آيا ۽ اسان کي ايشيائي ملڪن سان هندستان جو تعارف سٺي نموني ڪرائڻ ۾ ڪاميابي ٿي. امير امان الله جي حڪومت سنڀالڻ کان ٿورا ڏينهن پوءِ افغان انگريز جنگ جا سبب پيدا ٿي پيا، جن افغانستان اندر اسان کي ڪم ڪرڻ جو پورو موقعو ڏنو. ناسازگار حالتن جي ڪري گهربل نتيجا نڪري نه سگهيا، تنهن هوندي به انهيءَ جو تحريڪ آزادي هند تي ڪافي اثر پيو ۽ هڪ سال ۾ ايتري قدر ڪم ٿيو جو ٻي صورت ۾ چوٿائي صديءَ تائين وقت وٺي ها. 1921ع جي ابتدا ۾ اسان جا ڪجهه دستاويز وري انگريزن جي هٿ اچي ويا ۽ هنن نومبر ۾ انهن مان فائدو حاصل ڪيو. مولانا محمد علي (پريزيڊنٽ نيشنل ڪانگريس)، مولانا شوڪت علي (رئيس مجلس خلافت) مولانا حسين احمد مدني (صدر جمعيت العلماء هند) تي ڪراچيءَ ۾ ڪيس هلائي کين مهاتما گانڌيءَ کان جدا ڪيو ويو. اسان جو خيال آهي ته ڪراچيءَ ڪيس جي ڪارروائي نالي ماتر هئي، حقيقت ۾ مولانا محمد علي تي هندستان جي انتظامي مجلس جي قانوني رڪن اسان جي دستاويزن جي بنياد تي ”رولٽ ايڪٽ“ هيٺ بمبئي هاءِ ڪورٽ ۾ ڪيس هلايو.انهيءَ ۾ مولانا محمد علي کي اطلاع ڏيڻ يا کانئس جواب وٺڻ جي ضرورت نه هئي. ان کان پوءِ اندازاً 25 هزار هندستاني جيل ويا ۽ مهاتما گانڌيءَ بر دوليءَ ۾ پوئتي هٽڻ جو فيصلو ڪيو، جنهن تي تحريڪ آزاديءَ هند جو هڪ دور ختم ٿيو. انهيءَ ۾ اسان کي خوشي آهي ته صرف ايتري ۾ جهڙيءَ ريت افغانستان اسان کي جنگ ۾ ڪم ڪرڻ جو موقعو ڏنو هو، تهڙيءَ ريت اسين به انهيءَ هلچل سان افغانستان کي پنهنجي مڪمل آزادي قائم رکڻ لاءِ مناسب فضا پيدا ڪرڻ ۾ مدد ڏيئي سگهياسين.
1920ع ۾ هندستاني مسلمان هجرت ڪري هزارن جي تعداد ۾ افغانستان آيا. افغانستاني ترڪستان ۾ انهن لاءِ ”نئين آبادي“ قائم ڪرڻ جو قانون ٺاهيو ويو، جنهن ۾ کين لوڪل سيلف گورنمينٽ جا حق ڏنا ويا. ان جي ضمن ۾ اسان ”هندستاني يورنيورسٽي ڪابل“ جي لاءِ اجازت حاصل ڪرڻ جي ڪوشش شروع ڪري ڏني سين. يونيورسٽي جو بنيادي قانون پهريون ڀيرو افغانستان جي ”قانون ٺاهيندڙ شاهي ڪائونسل“ ڪن ترميمن لاءِ واپس ڪري ڇڏيو. پر 1922ع ۾ ترميم ٿيل صورت ۾ منظور ڪري ڇڏيو ۽ ڪجهه ابتدائي ڪم به شروع ٿي ويا. ”هندستاني نيشنل يونيورسٽي ڪابل“ جي لاءِ شاهي فرمان حاصل ڪرڻ کان پهريان ضروري هيو ته نيشنل ڪانگريس جي شاخ ڪابل ۾ قائم ڪئي وڃي. انهيءَ ڪري اسان کي ”ڪانگريس ڪميٽي ڪابل“ ٺاهڻ جي ضرورت پئي. بعد ۾ ستن سالن کان ڪابل ۾ ڪم ڪرڻ واري جماعت ڪانگريس جي شاخ جي صورت ۾ تبديل ٿي ويئي، جنهن ڪري مختلف سياسي نظريا رکندڙ ماڻهو هڪ نقطي تي گڏجي ويا. اسان جي ڪانگريس ڪميٽي ڪابل جو ڳانڍاپو ڪانگريس ”گياسيشن“ ۾ منظور ڪري ڇڏيو، پر حالات ايتريقدر جلد تبديل ٿيندا ويا جو انهيءَ ڳانڍاپي جي خبر اسان کي ماسڪو ۾ پئي. ان وقت اسان کي ٿوري جهٽ لاءِ نادر شاهه قاچار جي انهيءَ سونهري قول جو لطف حاصل ٿيو جيڪو هن دهليءَ ۾ هاٿيءَ جي سواريءَ کان انڪار ڪرڻ وقت چيو ۽ اسان کي سمورو ڪم نئين سر شروع ڪرڻو پيو. جيتوڻيڪ هن وقت اسين ڪابل ۾ نه آهيون پر جيئن ته اسان جي ڪميٽي انهيءَ نالي سان ٺهي ۽ انهيءَ نالي سان اسان جو تعارف ٿيو، انهيءَ ڪري اسين جتي به رهنداسون، انهيءَ نالي کي نه ڇڏينداسون. اسان جي ڪهاڻي ناڪامين جي ڊگهي فهرست ۽ غلطين جي مڃتا سان ڀريل آهي، پر ان ۾ هڪ خوبي ضرور محسوس ٿيندي يعني ان ۾ مايوسيءَ جو گمان به ناهي. اسان کي حضرت شيخ الهند جي وصيت هميشه سامهون رکڻي آهي.
ایمن مشوکہ مرکب مردان راہ را،
درسنگلاخ بادیہ پے بابریده، اند،
نو مید ہم مباش کہ رندان بادہ نوش،
ناگہ بہ یک خروش بہ منزل رسیدہ اند۔
(بي خطر نه ٿيءُ ڇاڪاڻ ته شاهسوارن جي گهوڙن کي سخت پٿريلي زمين تي پير ڇلرائڻا پيا آهن ۽ نااميد به نه ٿيءُ جو محبت جي مي جا مستانه اوچتو هڪ ٽپي ۾ به منزل تي پهتا آهن.)

[b]سرو راجيه تحريڪ
[/b] اسان کي ماسڪو ۾ روس جي انقلاب جا نتيجا اکين سان ڏسڻ جو موقعو مليو. انقلاب جو پورو مطالعو ڪرڻ لاءِ اسان جي ڪميٽي جي ڪن ميمبرن روسي زبان سکي ورتي. ان سان اسان کي روس جي مکيه شخصيتن سان خيالن جي ڏي وٺ جو سٺو موقعو مليو. يورپ جي ٻين ملڪن تي روس جي انقلاب جو جيڪو اثر ٿيو، ان جي ڄاڻ حاصل ڪرڻ لاءِ اسان جي ڪميٽيءَ جا ميمبر انهن ملڪن ۾ ويا. اسان ترڪيءَ جي انقلاب جو به مطالعو ڪيو، انقره ۽ استنبول کي به چڱيءَ ريت ڏٺوسي، جيتريقدر ڄاڻ ۽ تجربو اسان جي ڪميٽيءَ کي حاصل ٿيو، ان جي رپورٽ لکڻ جون مختلف شڪليون ٿي سگهن ٿيون، پر اسان هڪ مستقل ”پارٽي پروگرام“ لکت ۾ آڻڻ وڌيڪ مناسب سمجهيوسي.
تعارف جي هن حصي کي پڙهڻ کان اڳ ۾ پروگرام کي مٿاڇري نظر سان ڏسي وٺڻ ضروري آهي.
اسان کي افسوس سان انهيءَ حقيقت جو احساس ٿئي ٿو ته اسان جي ملڪ جو هاڻوڪو نسل انقلاب جي ماهيت سمجهڻ کان گهڻو پري ٿي ويو آهي. 1857ع واري (انقلاب خيز) دهلي ڏسڻ وارا تمام ٿورا رهجي ويا آهن. ان جا ڪجهه افسانا ماڻهن کي ياد آهن، پر انهيءَ انقلاب کي فني لحاظ کان سمجهائڻ وارو هڪ به پيدا ڪونه ٿيو آهي. اسان جي سياست کي عام طور ڪاليجن ۽ هوٽلن جي ٻاهرين جيوت ۾ نيپاج مليو. خدا ڀلو ڪري نيڪ نفس گانڌيءَ جو، جنهن هندستاني ذهنيت ۾ هڪ انقلاب ته برپا ڪري ڇڏيو ۽ جهوپڙين ۾ رهڻ وارن ڏانهن ڌيان ڏنو. بنياد ڀريا وڃن ٿا. اسان جو پروگرام انهن بنيادن تي عمارت بيهارڻ وارن جي رهنمائي ڪندو. اسين اتر هند ۾ رهڻ وارا دکن کان ايترا واقف نه آهيون. بنگال کي اسان جي معلومات جي ضرورت ڪونهي. بنگال سروراجيه پارٽيءَ جو محترم اڳواڻ ۽ سندس ساٿي گهر ويٺي اسان کان وڌيڪ ڄاڻن ٿا، پر بدقسمت اتر اولهندو هند، جنهن تي سڀ کان وڌيڪ آفت ايندي رهي ٿي،ساڳيءَ ريت نڀاڳي ننڊ ۾ مست آهي.
اڪالن (سکن) کان سواءِ ملڪي اڳواڻ نوجوانن کي مٺي ننڊ جي لولي ڏيئي رهيا آهن. تنهن ڪري اسان انهيءَ ڌرتيءَ کي سڀ کان پهريان پنهنجي توجه جو مرڪز بنايو آهي. هندو مسلم اختلافن کي حل ڪرڻ جون ڪيئي ڪوششون ڪيون ويون پر انهن مان ڪابه ڦلدائڪ نه ٿي سگهي. ڇاڪاڻ ته مسئلي جي اصليت ۽ ماهيت تي غور نٿو ڪيو وڃي. جيڪڏهن گهري نظر سان ڏٺو وڃي ته معلوم ٿيندو ته، نه صرف انهن ٻن فرقن ۾ پاڻ ۾ اختلاف آهن، پر هر هڪ فرقي اندر قومي ۽ معاشرتي ورڇون به موجود آهن. مسلمانن ۾ قومي سوال موجود آهي. جيڪڏهن پنجابي ۽ سنڌي، هندستاني ۽ پٺاڻ، ڪشميري ۽ بلوچي جو قومي سوال موجود آهي ته هندن ۾ بنگالي ۽ بهاري، مدراسي ۽ مرهٽي، گجراتي ۽ مارواڙيءَ جو مسئلو ملي ٿو. انهن قومي اختلافن کي مذهبي هڪ جهڙائي نٿي مٽائي سگهي. ان کان پوءِ هر هڪ قوم ۾ طبقاتي مونجهارو موجود آهي، مالدار ۽ پورهيت، زميندار ۽ هاري، سرمائيدار ۽ مزدور جي وچ ۾ ڇڪتاڻ هر هڪ هندستاني قوم کي ٻن حريف ۽ مخالف طبقن ۾ آسانيءَ سان ورهائي سگهي ٿي، انهيءَ ڪري صرف مذهبي بنياد تي سمورا هندستاني مسئلا ۽ خاص طور هندو مسلم اختلافن کي حل ڪرڻ سان ڪا ڇوٽڪاري جي راهه پيدا نه ٿي سگهندي، تنهن ڪري اسين پنهنجي پروگرام ۾ مذهب کي انهن مسئلن جي حل ڪرڻ لاءِ بنياد قرار نٿا ڏيون بلڪ قومي ۽ طبقاتي فرق ۽ اقتصادي ۽ سياسي اصولن تي انهن مشڪلن جو حل پيش ڪريون ٿا. جنهن جي ضمن ۾ مذهبي اختلاف به سهڻي نموني حل ٿي سگهن ٿا. اسين هندستان کي اهڙن ملڪن ۾ ورهايون ٿا، جتي هڪ قوم آباد هجي، جنهن جي ٻولي ۽ تهذيب ۾ هڪ جهڙائي لڌي وڃي. انهيءَ ورڇ کان پوءِ هر هڪ مذهب کي ڪنهن هڪ ملڪ ۾ اڪثريت حاصل ٿي ويندي، انهيءَ ڪري مذهبي وڳوڙن جو چڱيءَ ريت دروازو بند ٿي ويندو. انهن ملڪن جي جمهوريتن ۾ چونڊن لاءِ نمائندگيءَ جو حق مذهبي فرق جي بجاءِ طبقاتي اختلاف جي بنياد تي ڏنو ويندو، انهيءَ ڪري ننڍن مذهبي فرقن جو به حق غصب نه ٿيندو. هاڻوڪي صنعتي دنيا سان هندستان جي موجوده ترقيءَ جو مقابلو ڪرڻ کان پوءِ اها ڳالهه پڌري ٿي وڃي ٿي ته هندستان سرمائيداري نظام جي مطابق ترقي ڪري يورپ ۽ آمريڪا جو پرامن مقابلو به نٿو ڪري سگهي، جيستائين جو انگريزي سرمائيدارن ۽ شهنشاهيت پسندن جو حريف نه بڻجي. پنهنجو پاڻ کي آزاد ڪرڻ ۾ ملڪ جي عام رهواسين جو ڀلو انهيءَ نظام هيٺ رهي حاصل ڪري سگهجي ٿو، جنهن جو ترقي يافته نمونو يورپ جي صنعتي ملڪن ۾ موجود آهي. انهيءَ ڪري اسين پنهنجي ملڪ جي سرمائيداري نظام کي ٽوڙي ڪري اهڙي نظام جو بنياد وجهون ٿا، جيڪو پورهيت طبقي يعني ملڪ جي گهڻائيءَ جي ڀلي جو ضامن هجي ۽ انهيءَ پورهيت طبقي جي اقتدار هيٺ هجي. انهيءَ سان اسان جي آزاديءَ جي تحريڪ به پڪ سان ڪامياب ٿي سگهي ٿي ڇاڪاڻ ته انهيءَ نظام جي حمايت ۾ جڏهن ملڪ جي عام رهواسين جي همدردي شروع ٿي ويئي ته اها آّخر تائين قائم رهندي ۽ اهائي ڪاميابيءَ جي ڪنجي آهي.
موجوده سرمائيداري نظام کي اسين رد ڪريون ٿا، پر ان جي بدران ڪوبه اهڙو نظام قبول نٿا ڪريون جنهن ۾ مذهب لاءِ بلڪل گنجائش نه هجي ۽ اهو ٿوري انفرادي ملڪيت جي اجازت نه ڏيندو هجي، ڇاڪاڻ ته اسان جي ملڪ جي 72 سيڪڙو آبادي پراڻي زرعي سرشتي هيٺ زندگي گذاري ٿي، عوام ۾ مذهبي رسمون سندن معاشرت جو جزو بڻجي چڪيون آهن. جيڪڏهن انهن ڳالهين جو خيال نه ڪري ڪوبه پروگرام ٺاهيو ويو ته آزاديءَ جي تحريڪ گهڻو پوئتي ڌڪجي ويندي. اسان نئون اقتصادي ۽ سياسي نظام پيش ڪرڻ وقت پنهنجي پارٽيءَ جي ميمبرن لاءِ جيڪي آزاد هند جي نئين حڪومت ٺاهيندا، هيءُ شرط لاڳو ڪيو آهي ته هو پنهنجين ذاتي گهرجن ۽ خرچن کي ملڪ جي وچين هاري طبقي کان مٿي نه وڌائيندا، جيئن حڪومت ۾ سرمائيداريءَ جي ڪهڙي ريت به ٻيهر پيدا ٿيڻ جي گنجائش نه رهي ۽ اسان جي پارٽيءَ بابت هي شڪ نه ٿي سگهي ته ان جو پروگرام فقط پاڻ پالڻ آهي يا هڪ سياسي چال جي حيثيت رکي ٿو. هندستان جهڙي ملڪ لاءِ دنيا کان الڳ رهڻ ممڪن ڪونهي ۽ نه ئي هو دنيا کان ڪڏهن الڳ رهيو آهي. هن وقت هندستانين ۾ جيڪا ٻاهرين لاڳاپن کان هڪ قسم جي نفرت ملي ٿي، اها عارضي آهي. هو جيتري قدر سياسي طاقت پنهنجي هٿ ڪندا ويندا، اوتريقدر اهو جذبو گهٽبو ويندو. اسان جي پارٽي هندستان جي ٻاهرين لاڳاپن کي مرحلا وار ڳنڍڻ لاءِ سڀ کان سٺو طريقو ”ايشيا ٽڪ فيڊريشن تحريڪ“ کي سمجهي ٿي. انهيءَ ڪري اسان ان کي پنهنجي پروگرام جو اهم حصو قرار ڏنو آهي.
ايشياٽڪ فيڊريشن جو خيال پهريائين ٻه ڀيرا جاپان ۽ ترڪيءَ طرفان مختلف نموني دنيا جي سامهون اچي چڪو آهي، پر جيئن ته اُهي شهنشاهي طاقتون هيون، شهنشاهي روس کي ايشيائي ملڪن ۾ ڳڻي نه پيون سگهن، انهيءَ ڪري کين ڪاميابي ڪونه ٿي سگهي. هاڻي ٽيون ڀيرو هي آواز هندستان مان اٿي ٿو. جيڪڏهن هندستان، سرو راجي تحريڪ يعني پورهيت طبقي جي حمايت ۽ حفاظت کي پنهنجو مرڪز قرار ڏئي ٿو ۽ اشتراڪي روس کي اڀرندن (ايشيائي) ملڪن ۾ ڳڻي ٿو ته اسين يقين سان چئي سگهون ٿا ته ان ۾ اسان کي ناڪامي نه ٿيندي. اسان جي ڪميٽيءَ جو خيال آهي ته ايشياٽڪ فيڊريشن تيستائين ڪامياب نٿي ٿي سگهي، جيستائين ايشيا روس کي پنهنجي اندر سمائي نٿو ڇڏي. روسي هڪ ايشيائيءَ جي نظر ۾ اڌ ايشيائي قوم آهن، هن وقت اڌ ايشيا ان جي اقتدار هيٺ آهي. روس پراڻا شهنشاهي خيال ڇڏي ڪري هڪ اهڙي اصول لاءِ وڙهي رهيو آهي، جنهن جي اڳواڻي ايشيا کي ڪرڻ گهربي هئي. ممڪن آهي ته روسي انقلاب جي زماني ۾ مذهب جي خلاف جيڪا سخت روش اختيار ڪئي وئي هئي، ان کان متاثر ٿي اسان جا دوست ”ايشياٽڪ فيڊريشن“ ۾ روس جو نالو ٻڌي گهٻرائجي وڃن، تنهن ڪري اسين پنهنجو خيال ٿورو وضاحت سان لکڻ چاهيون ٿا.
روسي انقلاب جا ٻه پهلو آهن: هڪ هي ته موجوده دولت جي ورهاست ۽ ملڪيت جي قانون کي بدلايو وڃي ۽ ان جي بدران هڪ نئون نظام اهڙو قائم ڪيو وڃي، جنهن ۾ انفرادي ملڪيت جي بجاءِ اجتماعي ملڪيت جو قانون جاري ٿئي ۽ زمين جي پيداوار ۽ صنعتي مال وڪري لاءِ نه بلڪ ضرورت آهر استعمال لاءِ پيدا ڪيو وڃي. انقلاب جو هي پهلو دنيا تي اثر وجهي رهيو آهي. جيڪڏهن ڪميونسٽ انٽرنيشنل پنهنجي انتهائي نقطي تي پهچڻ ۾ جلد ڪامياب نه به ٿئي تڏهن به هو دنيا ۾ سياسي ۽ اقتصادي طاقت پورهيت طبقي کي ضرور ڏياريندو. انقلاب جي انهيءَ پهلوءَ کان نظر هٽائڻ سياسي ڪم نظري جو دليل آهي. هندستان فرانس جي عظيم انقلاب کان اکيون ٻوٽي ڪري پنهنجي عظمت کي مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيو. اسين نٿا چاهيون ته هن عالمگير اهميت رکندڙ واقعي کان منهن موڙي ڪري هندستان پنهنجي موت جي پرواني تي صحيح ڪري ڇڏي. هماليه، قره ڪورم ۽ هندوڪش جي ڳانڍاپي واري جاءِ کان ٿوريون وکون اڳتي روس اسان سان ملي ٿو. اسان جي آخري راءِ آهي ته غلاميءَ جي انهن سٺ (60) سالن ۾ جيڪي ڪجهه اسان حاصل ڪيو آهي، جيڪڏهن اهو پورو جو پورو ڏيئي ڇڏيون ۽ بکيا اگهاڙا رهي ڪري به اتر اولهندي درن کان اتر قطب تائين رهندڙ قومن جي دوستي خريد ڪريون ته اسين نقصان ۾ نه وينداسين.
انهيءَ انقلاب جو ٻيو پهلو مذهب کان جدائي آهي، جيڪا روس ۾ تشدد جو انتهائي درجو اختيار ڪري چڪي هئي. جيتوڻيڪ ان جي ان ٿرٿلي سان ڪا نسبت ناهي، جيڪو 1857ع ۾ دهليءَ ڏٺو. قوم جي هڪ حصي جو ٻئي حصي تي غلبو ۽ هڪ قوم جو ٻي قوم تي قبضو يڪسان نه ٿيندو آهي. پوءِ به اها حالت معمول مطابق ۽ طبعي نه هئي پر هڪ وڏي سيلاب ۽ هنگامي جو نتيجو هئي. اتي مذهبي رهنمائن پراڻي شاهي نظام ۽ سرمائيداري جي حمايت ۾ مذهب کي هٿيار طور استعمال ڪيو هو، پر حالتن جي سڌرڻ تي مذهب جي مخالفت ٿڌي ٿي ويئي. روس جو هاري اسان جي هاريءَ جيان مذهب جو سختيءَ سان پابند آهي. اسان جي سامهون ماسڪو ۾ پادرين جي ڪانفرنس ٿي جنهن ۾ انهن سويت يونين جي اقتصادي ۽ سياسي پاليسيءَ جي حمايت ۾ قرارداد پاس ڪئي ۽ کين ڪي قدر مذهبي آزادي ملي ويئي. اهڙيءَ ريت قازان ۾ مسلمان عالمن جي ڪانفرنس منعقد ٿي پر افسوس آهي جو روسي ۽ ترڪستاني مسلمان عام طور تي يورپي سياست سمجهڻ ۾ ان دور مان گذري رهيا آهن، جنهن مان هندستاني مسلمان 1872ع ۾ گذري چڪا آهن. هو ڏاڍو جلدي انگريزن جي نمائشي ڳالهين ۾ اچي وڃن ٿا ۽ روس وري ڪنهن حالت ۾ به انگريزي شاهي اثر کي برداشت نٿو ڪري سگهي. اسان کي حيراني ٿيندي آهي جڏهن اسين انهن ماڻهن کي ڏسندا آهيون، جن جو شان اسان هندستان ۾ ڳائيندا آهيون. اسين اها دعويٰ ڪونه ٿا ڪريون ته روس جي متعلق اسان جي ڄاڻ اهڙي مستند آهي، جنهن جو فقط نظرياتي رد به نٿو ڪري سگهجي، پر اسان کي ان وقت مزو ايندو جڏهن ڪو اوڀر وارو، توڙي جو اسان جي خيالن جي رد ۾ ئي، مشاهدن ۽ تجربن جي بنياد تي واقعا گڏ ڪرڻ تي آماده ٿيندو. اسان جو مطلب هي آهي ته ايشياٽڪ فيڊريشن جو نالو وٺڻ وارا روسي مسئلي جو مستقل مطالعو شروع ڪن ۽ گهر ۾ ويهي ڪنهن غلط پروپيگنڊا کان متاثر نه ٿين. اسان پنهنجي پروگرام، جنهن کي اسين پنهنجي زندگي ۽ ترقيءَ لاءِ ضروري سمجهون ٿا ان ۾ مذهب کي پورو موقعو ڏنو آهي. جيڪڏهن هندستان جا مذهبي رهنما ”سرو راجيه جمهوريه“ جي سياسي ۽ اقتصادي پروگرام کي پنهنجي هٿ ۾ کڻي ان کي ڪامياب ڪرڻ لاءِ همت ڪن، ته نه انهن جي مذهب کي ڪو خطرو آهي ۽ نه سندن خلاف تشدد جو ڪو انديشو. قومون پنهنجي زندگيءَ جي حقن کي قائم رکڻ لاءِ ڪنهن به قسم جي رڪاوٽ جي پرواهه نه ڪنديون آهن ۽ هندستاني به انهيءَ قاعدي کان ٻاهر نٿا ٿي سگهن.
مهاڀاري جنگ جي نتيجي ۾ روس، جرمني، آسٽريليا ۽ ترڪيءَ مان شهنشاهي ختم ٿي ويئي، هينئر اهي سڀ قومون پنهنجي اڏاوت ۾ رڌل آهن. نئين ترڪيءَ جي ايراضي بيشڪ ٿوري ٿي ويئي آهي پر هن وقت ان جي طاقت وڌيڪ ٺوس بنجي رهي آهي. جيڪا هر هڪ اوڀر واري لاءِ خوشيءَ جو سبب ٿيندي. پر اسان جا هندستاني مسلمان دنيا جي سڀني مسلمانن جي انٽرنيشنل تحريڪ کي جمهوري اصولن تي ڪامياب ڪرڻ چاهين ٿا، جنهن جو نالو ”خلافت“ آهي. انهن مان اهڙن ماڻهن لاءِ (جيڪي ڪنهن مسلمان رياست جي پاليسيءَ کي پنهنجي رهنمائيءَ لاءِ ڪافي نٿا سمجهن) اسين پنهنجو مختصر مطالعو بيان ڪرڻ کان بخل نٿا ڪريون. جيڪڏهن اسان جي سروراجي اصول تي ايشياٽڪ فيڊريشن لاءِ موقعو ملي ٿو ۽ مسلمان قومون انهيءَ پروگرام کي اختيار ڪرڻ ۾ پوئتي نٿيون رهن ته انهيءَ فيڊريشن جي سياسي ۽ اقتصادي پاليسيءَ جي اندر رهي ڪري مسلمانن جو هڪ اتحاد اسلامي معاملن تي بحث ڪرڻ لاءِ ٺاهي سگهجي ٿو.
انهيءَ مسئلي ۾ ڊاڪٽر اقبال جو ”خضر راهه“ اسان جي صحيح ترجماني ڪري ٿو. هند ۾ سوراج جو نالو وٺڻ (ان جو مطلب مڪمل آزادي هجي يا داخلي خودمختياري) ۽ هند تي برطانوي قرض ڏانهن توجهه نه ڏيڻ دانائيءَ جو دليل ناهي. اسان انهيءَ مسئلي جي مختلف حصن تي ڪنهن حد تائين ويچار ڪرڻ کانپوءِ ان کي پنهنجي پروگرام ۾ شامل ڪيو آهي.

عبيدالله (سنڌي)
پريزيڊنٽ ڪانگريس ڪميٽي ڪابل