پنهنجي پاران
شاعر دنيا جا اُهي تخليقڪار آهن جن پنهنجي ڪلام وسيلي ادب ۽ دنيا کي سونهن بخشي آهي.جيڪڏهن غلامن دنيا جي مختلف تهذيبن کي عمارتن جي شڪل ۾ سُونهن بخشي آهي ته شاعرن وري پنهنجي نظمن ۽ گيتن وسيلي هن دنيا کي حَسين بڻايو آهي.انگريزي ادب جو جڳ مشهور شاعر شيلي پنهنجي ڪتاب A Defence of Poetry ۾ لکي ٿو ته Poetry is a mirror which makes beautiful that which is distorted ( شاعري هڪ آئينو آهي اُها انهي شيءِ کي سهڻو ڪري ٿي جيڪا بدصورت آهي). دنيا جي هر ادب ۾ اعلى پايي جا شاعر موجود آهن.جديد عربي ادب ۾ نزار قاباني شاعريءَ جي دنيا ۾ هڪ اهڙو نالو آهي جيڪو سموري دنيا ۾ تمام گهڻو مشهور آهي. هُو پنهنجي اعلى شاعريءَ جي ڪري نه فقط پوري عرب ۾ پر سڄي دنيا ۾ سڃاتو ويندو آهي. هن جي شاعريءَ ۾ جتي مزاحمتي پاسو شاندار آهي، اتي سندس رومانوي پاسو اڃا به وڌيڪ وزندار آهي. شام ڄائو هي شاعر پنهنجي زندگيءَ جو گهڻو عرصو لنڊن ۾ رهيو پر هن اتي ويهي به جيڪي نظم لکيا اهي اڄ به ماڻهن جي دلين ۽ ذهنن تي راڄ ڪن ٿا.هن کي جديد عربي ادب جو عظيم رومانوي ۽ مزاحمتي شاعر سمجهيو ٿو وڃي.هُو سموري حياتي عورتن جي حقن جو علمبردار رهيو ۽ هن تي فيمينسٽ هجڻ جا الزام به لڳندا رهيا پر انهن سڀني شين کان بي پرواهه ٿي هُو پنهنجي شاعريءَ ۾ عورت کي هڪ اعلى مقام ڏيندو رهيو.
هن جو ڪتاب (Childhood of a Breast ) جڏهن مارڪيٽ ۾ آيو ته هٿو هٿ وڪامي ويو، ۽ پوءِ ٻيا ايندڙ ڪتاب سندس سڃاڻپ جو ذريعو ٿيندا ويا. جن ۾ (Book of Love) تمام گهڻو مشهور ٿيو.نزار قاباني21 مارچ 1923ع تي دمشق ۾ ڄائو.نزار پنهنجي ڇهن ڀيڻ ڀائرن مان ٻئين نمبر تي هو ۽ بقول نزار جي ته “اسان جي گهراڻي ۾ عشق جي بيماري گهڻي عام هئي،اسان لاءِ محبت ايتري ئي فطري هئي جيتري صوف جي لاءِ مٺاڻ هوندي آهي.گهر جو هر ڀاتي ٻه سهڻيون اکيون ڏسي ئي پيار ۾ ٻڏي پوندو هو.” قاباني جي شاعريءَ واري لاڙي کي وڌيڪ تيز ڪرڻ ۾ سندس ڀيڻ پاران آپگهات ڪرڻ وارو واقعو هو. جيڪو هن پيار جي شادي نه ٿيڻ جي ڪري ڪيو هو ۽ انهي واقعي هن جي زندگيءَ تي تمام گهرو اثر ڪيو ۽ بقول نزار قاباني جي ته سندس ڀيڻ جو آپگهات به هن کي شاعري ڏانهن راغب ڪرڻ جو سبب هو.جنهن لاءِ هن چيو ته “منهنجي ڀيڻ جي خودڪشي ڄڻ ته منهنجي اندر ۾ ڀڃ ڊاهه ڪري ڇڏي آهي.”انهي کان پوءِ ئي هن فيصلو ڪيو ته سندس ڀيڻ جو موت سماج ۾ موجود سماجي حالتن جي ڪري ٿيو هو. جڏهن کانئس پڇيو ويو ته هو انقلابي آهي ته هن چيو”عرب دنيا ۾ پيار هڪ قيدي آهي ۽ آئون انهي کي آزاد ڪرڻ گهران ٿو،آئون عرب روح ،حواس ۽ انهي جي جسم کي پنهنجي شاعريءَ سان آزاد ڪرڻ چاهيان ٿو،اسان جي سماج ۾ عورت ۽ مرد جي لاڳاپن کي بهتر نٿو سمجهيو وڃي.”انهي کانپوءِ هو عورت کي وڌيڪ آزاد ۽ خود مختيار ڏسڻ لاءِ قائل ٿيو.هن جي شاعريءَ جو محور پيار سان گڏوگڏ عورت به آهي.هن جي جواني واري ڏينهن ۾ شام ۾ فرانس خلاف هڪ مزاحمتي تحريڪ هلي رهي هئي ۽ انهي وقت جتان ڪٿان انقلاب،آزادي،هڙتالن ۽ مظاهرن لاءِ سڏ ٿي رهيا هئا. انهي دور ۾ نزار قاباني جو گهر سياسي گڏجاڻين لاءِ ڳجهي جاءِ هوندو هو جتي سياسي اڳواڻ ايندا هئا ۽ سياسي حڪمت عملي تيار ٿيندي هئي.
جڏهن هن پنهنجي وڪالت واري تعليم پوري ڪئي ته انهي ڪرت سان نه لڳو پر هن رومانوي شاعري لکڻ شروع ڪري ڏني ۽ 1945ع کان 1966ع تائين هن تمام گهڻي رومانوي شاعري لکي انهي دوران هو قائره،انقره،لنڊن،ميدرد،بيجنگ ۽ بيروت ۾ هڪ سفارتڪار جي حيثيت سان نوڪري ڪندو رهيو.
هن جي شاعريءَ جو محورگهڻي ڀاڱي عورت ئي رهي ۽ جيڪا تصوير عورت جي هن پنهنجي شاعريءَ ۾ ڏيکاري آهي،انهي کان پهرين ڪنهن عرب شاعر ائين پيش نه ڪئي هئي.شايد اهو ئي سبب هو جو هُو جيترو عورتن ۾ مقبول هو اوترو ئي اتان جي مذهبي ۽ رجعت پسند ٽولن جي نفرتن جو نشانو ٿيندو رهيو.پر هو انهن جي پرواهه ڪرڻ بنا ئي شعر لکندو رهيو جن کيس شهرت جي آسمان تي پهچائي ڇڏيو.
تون اڃا به مون کان ڄم جي تاريخ پڇين ٿي
لک !جيڪا توکي معلوم ناهي
جنهن ڏينهن تو مون سان پيار جو اظهارڪيوآهي
اهو ئي منهنجي پيدائش جو ڏينهن آهي.
نزار قاباني هڪ اهڙو شاعر آهي جيڪو پنهنجي دور ۾ موجود تصورن ۽ خيالن کان تمام گهڻو اڳتي آهي ۽ اهو ئي هن جي مقبوليت جو سبب پڻ آهي.هن جڏهن عورت جي محبت کي پنهنجن نظمن وسيلي هڪ نئين انداز سان بيان ڪيو ته انهن خيالن ماڻهن جي جذبن کي ڇُهي ورتو.هن پهريون ڪتاب ايڪويهه سالن جي ڄمار ۾ لکيو جڏهن اهو ڇپجي پڌرو ٿيو ته اهو جهنگ جي باهه وانگر پکڙي ويو،ڇاڪاڻ ته انهي ڪتاب ۾ هن اهڙا نظم لکيا جيڪي نوجوانن جي امنگن واٽان هئا.انهن ڏينهن ۾ شاگرد هن جا نظم پڙهڻ لاءِ گڏ ٿيندا هئا ۽ انهن جا نوٽ بُڪ نزار جي نظمن سان ڀريل هوندا هئا.هن جا نظم دمشق جي هر ڪلاس روم جي بليڪ بورڊ تي نظر اچڻ لڳا هئا.هن جيڪي نظم انهي ڪتاب ۾ ڏنا هئا اهي ايتري ته سادي ٻوليءَ ۾ هئا جو انهي کي سمجهڻ لاءِ ٻوليءَ جي ماهر هجڻ جي ضرورت ڪونه هئي.
قاباني پنهنجي شاعريءَ وسيلي شاعراڻي ٻولي کي روزمراهه جي زندگيءَ جي ويجهو وٺي آيو.انهيءَ باري ۾ شاعره سلمى جايوسي چوي ٿي ته “ قاباني ڪنهن ٻئي همعصر عرب شاعر کان وڌيڪ ٻوليءَ کي همعصر دور جي ٻوليءَ سان ڳنڍي ڇڏيو.اهو ئي سبب آهي جو هن جي جنس ،سياسي ۽ مزاحمتي شاعريءَ ۾ عام ٻولي نظر اچي ٿي.”ناليوارو نقاد احسان عباس چوي ٿو ته “نزار قاباني ۽ صلاح عبدالصبور جي شاعريءَ کان اڳ عرب دنيا ۾ پيار وارو موضوع ايڏو آزاد نه هو.انهن ٻن شاعرن کان اڳ پيار جو موضوع عربي شاعريءَ ۾ ٻين موضوعن سان گڏيل هو.قاباني انهي موضوع کي بلڪل به الڳ ڪري ڏيکاريو ۽ هڪ الڳ ڏسا فراهم ڪئي ۽ انهي ڪري کيس محبت جو شاعر چيو وڃي ٿو.”
هن جو مشهور نظم “ماني،حشيش ۽ چنڊ” 1954ع ۾ ڇپيو جيڪو سندس سياسي نظم هو.انهيءَ نظم عرب سماج جا بنياد ئي لوڏي ڇڏيا.جنهن ۾ هڪ تڪڙي تبديليءَ جي ڳالهه ڪيل آهي ۽ انهيءَ ۾ هن ماڻهن جي غربت،وهمن ۽ جهالت کي ڏيکاريو آهي.جڏهن اهو نظم شايع ٿيو ته شام جي پارليامينٽ ۾ بحث ٿيو۽ پارليامينٽ جي ميمبرن اها گُهر ڪئي ته انهي نظم جي شاعر کي پرڏيهي نوڪري مان ڪڍيو وڃي (نزار هڪ سفارتڪارهو) هڪ ٻيو نظم “عرب شڪست جو ڪتاب “ جي نالي سان هن لکيو جيڪو هن 1967ع جي عربن جي شڪست تي لکيو,جنهن ۾ عرب سياست،نفسيات ۽ انهن جي غلطين تي شديد تنقيد هئي.جنهن جي ڪري کاٻي ۽ ساڄي ڌر هن جي خلاف ٿي ويون.هُو جڏهن نظم پڙهندو هو ته هن کي ٻڌڻ لاءِ ڏهه ڏهه هزار ماڻهن جا ميڙ گڏ ٿيندا هئا ۽ پوءِ اهي ئي نظم شهرن جي ديوارن تي نظر ايندا هئا.
سندس هڪ نظم “تصوير ۾ سبق” جنهن ۾ هن هڪ اهڙي ٻار جي خواهشن کي بيان ڪيو آهي، جيڪو پيءُ کان مختلف خواهشون ڪري ٿو ۽ هُو اهي پوريون نٿو ڪري سگهي.
“پر بابا هي ته زندان آهي
توهانکي خبر ناهي ته پکي ڪيئن ٺاهبو آهي”
“پٽ مونکي معاف ڪجانءِ مون کان پکين جي
صورت وسري وئي آهي”
جيتوڻيڪ هن جي شاعري گهڻي ڀاڱي رومانوي آهي پر تنهن هوندي به هن جو دنيا جي مظلوم ماڻهن ۽ عرب دنيا سان گهرو رشتو آهي ۽ هن انهن جو آواز بڻجي پنهنجي شاعريءَ ۾ دنيا جي مظلوم ماڻهن سان رشتو قائم رکيو آهي.رسول حمزاتوف شاعرن کي باهه جو رکوالو سڏيو آهي پر نزار قاباني اهو شاعر آهي جنهن جي مزاحمتي شاعري انهن ماڻهن جي حفاظت ڪري ٿي،انهن کي اهو جوش ۽ ولولو فراهم ڪري ٿي جيڪي مسلسل جبر ۽ ڏاڍ خلاف وڙهندا رهن ٿا.انهن حاڪمن خلاف جن جي ڪن تي مظلوم ماڻهن تي ٿيندڙ ظلم تي ڪا به جونءِ نٿي سُري انهي ڪري هن جڳ مشهور نظم “سُلطان” لکيو هو.
اي منهنجا مالڪ سُلطان!
تو ٻه دفعا جنگ انهي ڪري هارائي
ڇاڪاڻ ته تُنهنجَي اڌ
عوام کي زبان ئي ناهي
هن جي نظمن جو اهم موضوع جنس به رهيو پر هن جنس کي تمام خوبصورت انداز ۾ پيش ڪيو آهي. هن جي سموري شاعريءَ ۾ جنس جو عنصر گهڻي ڀاڱي موجود آهي پر انهي جي باوجود به هو مردن کان وڌيڪ عورتن ۾ مقبول رهيو آهي.جيتوڻيڪ سندس شاعريءَ ۾ انهي موضوع تي لکڻ خلاف ڪافي تنقيد ٿيندي رهي پر هن انهيءَ ۾ عورت جي انهن حُسناڪين ۽ خوبصورتين کي پيش ڪيو آهي جنهن کي فقط نزار جهڙو شاعر ئي ڏسي ٿي سگهيو.قاباني پنهنجي شاعريءَ ۾ عورتن کي پيش ايندڙ نفسياتي ۽ سماجي مسئلن جي به نشاندهي ڪئي آهي،جن ۾ هن عورتن سان ٿيندڙ مونجهارن جي ڳالهه ڪئي آهي ته ڪيئن عرب سماج جي عورت هڪ گُهٽ ٻُوسٽ واري ماحول ۾ ساهه کڻي رهي آهي.قاباني عورت ۾ هڪ انقلاب ڏٺو ۽ اهو مرد ۽ عورت ٻنهي لاءِ آزاديءَ جو وسيلو هو.هُو چوندو هو ته” جيستائين اسين عورت کي هڪ جنسي شيءِ سمجهڻ نه ڇڏينداسين تيستائين ڪا به آزادي نه ملندي جنسي ڏاڍ عرب دنيا ۾ وڏو مسئلو آهي” هو چوندو هو ته مون پنهنجي بستري مان نڪري کليل فضا ۾ پيار جا نظم وڻن هيٺان پبلڪ پارڪن ۾ لکيا ته جيئن عرب عورت جي جسم کي لڳل ڳُجهو مارشل لا ختم ٿئي.اهوئي سبب هو جو هن جا ڪتاب عورتن جي بيڊ رومن ۽ نوجوانن جي هٿن ۾ ملندا هئا.يروشلم جي شهر سان عشق ڪندڙ هن شاعر جا نظم نه فقط دنيا جي سمورن محبت ڪندڙن لاءِ آهن پر سندس محبوبا بلقيس الراوي لاءِ به آهن جيڪا هڪ بم ڌماڪي ۾ مارجي وئي هئي. جنهن لاءِ هن هڪ نظم ۾ لکيو:
مون کي هميشه لڳندو هو ته هوءَ هلي ويندي
هن جي اکين تي ساحلن جي وڇوڙي جهڙا منظر هوندا هئا
هوءَ ائين ڇپر کڻندي هئي جيئن هوائي جهازاڏام ڀريندا آهن
نزار هونئن ته دنيا ۾ تمام گهڻين ٻولين ۾ ترجمو ٿي چڪو آهي پر سنڌي ٻوليءَ ۾سندس نظمن کي ترجمو ڪري ڪتابي صورت ۾ آڻڻ منهنجي لاءِ تمام گهڻي خوشي جي ڳالهه آهي،مون تمام گهڻي ڪوشش ڪئي ته نزار جا ڪجهه ٻيا انگريزي ۾ ترجمو ٿيل ڪتاب هٿ اچن پر اهي نه ملي سگهيا.هن ڪتاب ۾ جيڪي به نظم شامل ڪيا ويا آهن اهي انگريزي مان ترجما ڪيا ويا آهن.جيڪي مون انٽرنيٽ ۽ ڪجهه ٻين ذريعن سان حاصل ڪيا آهن.منهنجي پاران ڪنهن به شاعر جي شاعريءَ کي انگريزي مان ترجمو ڪرڻ جي هي پهرين ڪوشش آهي،جڏهن مون هن جو هڪ مختصر نظم پڙهيو ته مون کي شوق ٿيو ههڙي ڀلوڙ شاعر کي ضرور سنڌيءَ ۾ ترجمو ٿيڻ گهرجي ۽ هن جي شاعريءَ جي ڳولا ۾ لڳي ويس ۽ نيٺ هن جي شاعريءَ کي سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري ڪتابي شڪل ڏنم.
عربي ادب جو هي شاعر 30 اپريل 1998ع ۾ گذاري ويو پر هن جا نظم اڄ به سموري دنيا جي ماڻهن جي دلين ۽ ذهنن تي نقش ٿيل آهن ڇاڪاڻ ته جيڪي خيال ۽ تصور هن پنهنجي شاعريءَ ۾ پيش ڪيا آهن، انهن کي قيد ڪري ڪنهن هڪ خطي تائين محدود نٿو ڪري سگهجي پر اهي هُن سموري جهان لاءِ اُڻيا آهن ۽ اِهي تيستائين جيئرا رهندا جيستائين هن جا نظم دنيا ۾ رهندڙ ماڻهو پڙهندا رهندا.
اختر حفيظ- حيدرآباد
08-06-2010
akhtar2117@yahoo.com
Cell: 03345437521