(مھاڳ) ڀٽائيءَ جي کاهوڙڪي کير جو جديد ڪردار: سرور منگي
سنڌ جي ادبي کيتر ۾ سائين سرور هڪ اهڙو گمنام ڪردار هيو جنهن جي باري ۾ لکڻ وقت اِهو اهم نه آهي ته هو ڪڏهن پيدا ٿيو ۽ وفات ڪيائين پر جيترو وقت به زنده رهيو هميشه اسان هن کي حاصلات جي هلچل ۾ محو رقص جيان محو جدوجھد ۾ ڏٺو ۽ ڪجهه نه ڪجهه ڪرڻ ۽ ڪري ڏيکارڻ جي جذبي ۾ سرشار ڏٺو، پوءِ اُهو ”ٿورا ڪڻا ٿالهيءَ ۾“ جو مثال ئي ڇونه هيو. هڪ اهڙو ڪردار جيڪو بازار ادبي دنيا ۾ ناپيد ئي آهي ۽ هڪ اهڙو استاد جيڪو بظاهر ڪو سرڪاري استاد نه هيو پر واقعي به علم ۽ فھم جو اُستاد هيو ۽ هڪ اهڙو انسان جيڪو روسي ناولن جي ڪردارن جھڙو رول ماڊل هيو. هو بظاهر ته گمنام ۽ گوشه نشينيءَ ۾ رهيو پر هن جو سارو سلسلو ۽ سفر اسان روان دوان ڏٺو. ساغر صديقي ۽ جون ايليا جھڙي زندگي گذاريندڙ سائين سرور جون لکڻيون ۽ تخليقون ماڻهو پنهنجي کيسي ۾ کڻي ويندي اسان ڏٺا ۽ هو پنهنجي نالي سان ڇپائڻ ۽ ناماچاريءَ کان بي پرواهه رهيو. اڄ هِتان هُتان جيڪي لکڻيون اوهان جي هٿن ۾ آهن، اهو هن جي ادبي ۽ تخليقي ڪيچ جو شايد هڪ ڪڻو آهن ۽ توهان سڀني کي عرض هوندو ته جيڪڏهن اوهان وٽ به هن جي ڪا ڇپيل ۽ اڻ ڇپيل تخليق آهي ته ڏياري موڪليو ته جيئن ايندڙ ڪنهن ڪتابي سلسلي ۾ ڇپائي سگهجي.
دليپ ڪمار جي نقش ۽ اسٽائيل جھڙو سائين سرور چانهه ۽ سگريٽن جو چين سموڪر ته هيو ئي پر هو تخيل ۽ فھم جو پڻ وڏو سموڪر هيو ۽ سندس ڪم گهڻي ڀاڱي وڏي ڪڇ کانپوءِ تحليل ٿيندو دونهين جيان وقت جي ويرن ۾ حل ٿيل آهي. هن کي ديوداس سان تشبيهه به نٿي ڏئي سگهجي ڇو جو ديوداس کي اسان فلم ۾ پاروتي لاءِ پار پار ٿيندي ڏٺو پر سائينءَ کي اسان علم، عقل، فھم ۽ فراست لاءِ تار تار ٿيندي ڏٺو. هن ناچيز جھڙا بيپناهه شاگرد تيار ڪيا پر ادبي مارڪيٽنگ کي ڪنڌ ورائي ڪڏهن به نه نهاريو. هو مقالي جو بادشاهه هيو ۽ اسان هن کي هڪ ساهيءَ ۾ ڪابه لکڻي شروع ڪندي ۽ ختم ڪندي ڏٺي ۽ ڪڏهن به اها فيئر ڪندي يا نظرثاني ڪندي نه ڏٺو. مان پنهنجي زندگيءَ ۾ اهڙي ڪمال ڪاريگري گهٽ ڏٺي آهي.
هو ڀٽائيءَ جي سُر کاهوڙيءَ جي کاهوڙڪي کير جو جديد ڪردار هيو، ڇو جو اسان هن کي معاشي تنگدستيءَ ۽ سماجي ناهمواريءَ جي ڌٻڻ ۾ هوندي به ڪڏهن دل شڪسته نه ڏٺو. زندگيءَ جي آخري ڏينهن ۾ جسماني ڪمزوريءَ جي جنجال هن کي نٻل ضرور ڪري ڇڏيو هيو پر هن جي جذبي ۾ پوءِ به ڪو جهول نه آيو هيو ۽ اها ئي هن آدرشي ڪردار جي ڪاميابي آهي. ڪاش! اسان وٽ اهڙا ڪردار ۽ همه گير ڪردار پيدا ٿي سگهن. پنهنجي اباڻي قبرستان ۾ مڻ مِٽيءَ جي هيٺان مدفون سائين سرور جو روح اڄ هن ننڍڙي ڪتابي ڀيٽا کانپوءِ يقينن مسرور ٿيو هوندو، کيس قبرستان جي اردگرد دور تائين سرنهن جي کيتن ۾ پيلن گلن جھڙي سرهائي ضرور ٿي هوندي.
سڪندر علي هُليو
تاريخ: 1- جنوري 2013ع.
لاڙڪاڻو.