” نيو ملينيم، مان ۽ جويو “
انھن سائنس، ٽيڪنالوجي، ڪلچر، علم ادب، تاريخ، سماجيات، ٻولي، سماجي سائنس، فسلفي ۽ نفسيات وغيره جي شعبن ۾ عالمي سطح تي عالمي معيار مطابق ڪيتري تحقيق، ترقي ۽ تجديد ڪئي آهي. پوءِ انھن تجربن، مشاهدن ۽ نتيجن جي روشنيءَ ۾ نوان نظريا، تصور، طريقه ڪار، ماپا ۽ معيار قائم ڪري پنھنجي ترقيءَ جي رفتار کي جاري رکنديون آهن.
سموري دنيا جون قومون پنھنجي شاندار ۽ بي مثال سائنسي، اليڪٽرونڪ، سماجي، معاشي، صنعتي، زرعي، تھذيبي، تاريخي ۽ ثقافتي ترقيءَ تي جديد ڪمپيوٽر، انٽرنيٽ ۽ نھايت تيز رفتار اليڪٽرانڪ ميڊيا جي ترقيءَ مٿان بيھي اوچي ڳاٽ بڻجي ”نيو ملينيم“ جشن ملھائڻ جون تياريون ڪري رهيون آهن. پر اسان جي ماڻهن جو ته انداز فڪر ئي عجيب آهي. سندن مزاج ۽ نفسيات ئي نرالي آهي. تبديليءَ ۽ ترميم، تحقيق ۽ تجديد ته ڄڻ سندن چيڙ آهي. هُو شين کي جيئن جو تيئن رکڻ ۽ ڏسڻ پسند ڪن ٿا. اسان فقط بي مقصد ڳالهين جو پاڻي ولوڙيندي، گلائون ۽ غيبتون ڪندي پنھنجون عمريون گذاري ڇڏيندا آهيون. ڇو ته ان ۾ ڪنھن محنت يا مشقت، تحقيق يا تجربي، مطالعي يا مشاهدي جي ڪا ضرورت ئي نه آهي. بس رڳو بيان ۾ رواني هجي. سڄي دنيا کي کنڀي کڻي اڳيان بيھاربو.
نيو ملينيم جي جشن ملھائڻ وارين تيارين سان روزانه اخبارون ڀريون ٿيون اچن. ملڪ جھان بابت خبرون پون ٿيون. جڳ جھان ۾ جو وهي واپري ٿو، ان جي جانڪاري ملي ٿي. اسان وٽ به هرڪو پنھنجي پنھنجي وَسَ آهر انهيءَ خوشيءَ جي تيارين ۾ مصروف آهي. اخبارن ۾ آيو آهي ته اسان جي سنڌ جا اهل قلم، اديب، دانشور، صحافي، شاعر، محقق، تاريخدان، فلسفي، ۽ نقاد ڪي ڀٽ شاهه تي يعني شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَرح جي روضي تي، ڪي لاڙڪاڻي جي سپنا اِن هوٽل ۽ شاهنواز لائبريريءَ ۾ تقريرون ڪري تنھن کانپوءِ ويھين صديءَ جي آخري سج غروب ٿيڻ جو نظارو موهن جي دڙي جي اسٽوپا تي بيھي ڏسندا.
هي ڪيڏو نه وڏو سچ آهي ته اسين پنھنجي غفلت، روڳائپ، ڪوتاهين ۽ نا اهليءَ تي پردي وجهڻ لاءِ پنھنجي پنھنجي شاندار ماضيءَجي يادن ۾ پاڻ کي فراموش ڪري پاڻ تان ڄڻ بار هلڪو ڪري ڇڏيندا آهيون. اهڙيءَ طرح هاڻي به پنج هزار سالن کان مٿي قديم تھذيب موهن جي دڙي جي ان دور جي قوم جي عظيم ايجاد ”بيل گاڏي“ تي چڙهي نيو ملينيم ملهايو ويندو. جڏهن ته دنيا وارن مريخ کي به پراڻو ڪري ڇڏيو آهي. هاڻي اهو اندازو لڳائڻ ڪو مشڪل نه ٿيندو ته اسين دنيا وارن کان ڪيترو پوئتي پيل آهيون. اڄ سمورا دوست ۽ عزيز مختلف پروگرام ترتيب ڏئي ايڪيھين صديءَ جي آمد جي جشن جي صورت ۾ آجيان ڪندا. پر مون سوچيو ته مون جھڙي ڪِني ۽ ڪمزور وٽ اڻڄاڻ ۽ ادنى وٽ، نادار ۽ لاچار وٽ ملينيم ملھائڻ ڪير ايندو؟ جنھن کي ڏاڙهي ڪوڙڻ لاءِ بليڊ ڪونهي. اگر بليڊ ملي ٿو ته ويھن سالن کان وٺي شيونگ ڪريم يا صابڻ لاءِ پيسو ڪونهي. جنھن سبب ويھن سالن کان پاڻيءَ سان ڏاڙهي ڪوڙي اٿم. عيد جي تھوار کانسواءِ ڪڏهن به ڪپڙا استري نه ڪرايا اٿم. معاشي طور تي چانهه جي هڪ ڪوپ جي وسعت به نه اٿم. جنھن ماڻهوءَ ويھن سالن ۾ ڪو نئون بوٽ يا چپل نه ورتو آهي. هِن هُن کان پراڻا ۽ لٿل وٺي پئي وقت گذاريو آهي. يا انھن محترم سڄڻن ۽ ساٿين غريبي حال ڏسي عنايت ڪري پنھنجا لٿل ڪپڙا ۽ بوٽ پائڻ لاءِ پئي ڏنا آهن. حسبِ دستور مان پنھنجي بنا ڇت واري فري ڪوچنگ سينٽر ۾ ڀتين جي پاڇي ۾ تڏي تي ويٺي شاگردن کي پڙهائي رهيو هوس. اهو اٽڪل شام جو ساڍي چئين وڳي کن جو ٽائيم هو. هڪ ديوَ جيڏو، بُتَ ۾ ٿلهو متارو ۽ قداور مڙس اسلام عليڪم ڪري اندر لنگهي آيو. هٿ ۾ فروٽ جي هڪ ڀريل ٿيلهي هيس، جن ۾ نارنگيون، موسميون، ڪيلا، صوف ۽ فلٽر هئا. مان ڊڪي وڃي ساڻس ڀاڪر پائي مليس. سندس جسم ۾ ائين ضم ٿي ويس، جيئن ڪُڪِڙِ جو ٻچو ڪُڪِڙ جي اوڙي ۾ گم ٿي ويندو آهي. وڏيءَ گرمجوشيءَ سان ملياسين. ادبي، سياسي ۽ سماجي لحاظ کان تمام وڏي وزندار ۽ قداور شخصيت جنھن لاءِ مان ڪڏهن سوچي به نه سگهيو هوس ته ايڏي وڏي شخصيت سيڙجي اچي مون ڪين جھڙي سان ”ملينيم“ ملھائيندي، جنھن کي گُڏَ جي هوٽل جو برو پاڻي به نه پياريندو آهي، ڀلا هڪ سُڃي ۽ سُڪل کي سڃاڻندو به ڪير. اها شخصيت هئي محترم سائين حيدر جويو صاحب جن جي.
مون سمجهيو ته جويو صاحب وڏيرن وٽ آيوهوندو، جو اسانجي ڳوٺ جي وڏيرن سان ساڻس سماجي ۽ سياسي وابستگي رهندي پئي آئي آهي ۽ انھن وٽ زماني جي ڪمن ڪارين سانگي ايندو رهندو آهي. اڄ به انھن ڏانھن ئي ويندو هوندو. اسان اٻوجهن جو ته سياست سان دور جو به واسطو نه آهي. فروٽ جي ٿيلهي هٿ ۾ ڏيندي چيائون ته هي فروٽ تنھنجي لاءِ آهي. اڄ رات به تو وٽ ٽڪڻي آهي. سوچيم ته اڄ وڏا ماڻهو وڏن ماڻهن سان ٿلها ماڻهو ٿلهن ماڻهن سان ملينيم ملهائيندا. مونکي به سنڌ جي ممتاز اديبن، دانشورن، نقادن، محققن، صحافين ۽ تاريخدانن پاران لاڙڪاڻي ۽ موهن جي دڙي وارن پروگرامن ۾ شرڪت لاءِ دعوتون مليل هيون. ذاتي طور تي به اچڻ لاءِ تاڪيد ڪيو ويو هو، ليڪن مون سوچيو ته اڄ هڪ سڙيل سُڪل ڪمزور، بيمار سان ملينيم ملهائڻو آهي، سو اهو ارادو ڪري هيڏانھن هليو آيس. سندن لفظن ۾ ڪيڏي نه پنھنجائپ ۽ سچائي سمايل هئي. مون لاءِ ته خوشيءَ جي ڪا حد ئي نه رهي جو اهڙي محترم شخصيت تمام وڏين ۽ عظيم علمي ادبي ۽ فلاسافر شخصيتن، مدبرن، دانشورن، صحافت جي سرچشمن، ڏات ۽ ڏاهپ جي آفتابن جي دعوتن ۽ انھن جي ترتيب ڏنل عظيم الشان پروگرامن کي پاسي ڪري مون عاجز وٽ اچي ملينيم ملھائي. سج به لھڻ وارو هو. شھر کان ٿورو ٻاهر کليل آسمان تي نڪري آياسين. اتي چانهه ۽ بسڪوٽ گهرائي کاڌاسين. ويھين صديءَ جي آخري سج لھڻ جو منظر پنھنجي ياداشت ۾ محفوظ ڪري، آهستي آهستي ڳالهيون ڪندا واپس آياسين.
رات جي کاڌي ۾ ڪابه خوشامد ڪونه هئي. جھڙو غريبي حال هو تھڙو ئي پيش ڪيوسين. گوشت مڇي ڪونه هو. جائي جُواري ٻچن سنئين، سائي ڀاڄي ڪڻڪ ۽ چانورن جون مانيون ۽ کير هو. ان مٿان چانهه جا دور هئا. مانيءَ کانپوءِ رات جو ٽين وڳي تائين علم، ادب، آرٽ، فلسفي، تاريخ ۽ سماجي قدرن ۽ روين تي علم ۽ عقل جي روشنيءَ ۾ بحث مباحثو ٿيندو رهيو. انھن موضوعن تي دليلن ۽ ثبوتن سان جويو صاحب ڳالهائيندو ٿي رهيو ۽ اسين خاموشيءَ ۽ غور سان ٻڌندا ۽ هنڊائيندا ٿي رهياسين. ڪڏهن ڪڏهن اسان به پنھنجي وِتَ آهر بحث ۾ حصو پئي ورتو.
صبح جو سوير اُٿي اڪيھين صديءَ جي پھرين سج جي اڀرڻ جو پڻ منظر ڏٺوسين. ان کانپوءِ ناشتو ڪري محترم سائين حيدر جويو صاحب موڪلائي پنھنجي ڳوٺ بس ۾ روانو ٿي ويو ۽ اسين پنھنجي نفسانفسيءَ ۾ لڳي وياسين.
**