مختلف موضوع

سماج ۽ ادب جو سفر

ڪتاب ”سماج ۽ ادب جو سفر“شاعر ۽ ليکڪ سرور منگيءَ جي تخليقن جهڙوڪ مضمونن، ڪهاڻين، ڊرامي، شخصيتن تي لکيل پروفائيلن ۽ سندس شاعريءَ جو مجموعو آهي، جنهن جو مرتب عيسى ميمڻ آهي. سڪندر علي هُليو لکي ٿو:
”سرور منگي ڀٽائيءَ جي سُر کاهوڙيءَ جي کاهوڙڪي کير جو جديد ڪردار هيو، ڇو جو اسان هن کي معاشي تنگدستيءَ ۽ سماجي ناهمواريءَ جي ڌٻڻ ۾ هوندي به ڪڏهن دل شڪسته نه ڏٺو. زندگيءَ جي آخري ڏينهن ۾ جسماني ڪمزوريءَ جي جنجال هن کي نٻل ضرور ڪري ڇڏيو هيو پر هن جي جذبي ۾ پوءِ به ڪو جهول نه آيو هيو ۽ اها ئي هن آدرشي ڪردار جي ڪاميابي آهي. ڪاش! اسان وٽ اهڙا ڪردار ۽ همه گير ڪردار پيدا ٿي سگهن. پنهنجي اباڻي قبرستان ۾ مڻ مِٽيءَ جي هيٺان مدفون سائين سرور جو روح اڄ هن ننڍڙي ڪتابي ڀيٽا کانپوءِ يقينن مسرور ٿيو هوندو، کيس قبرستان جي اردگرد دور تائين سرنهن جي کيتن ۾ پيلن گلن جھڙي سرهائي ضرور ٿي هوندي.“
  • 4.5/5.0
  • 4363
  • 810
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • سرور منگي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book سماج ۽ ادب جو سفر

”ايڪويهين صديءَ جي آجيان لاءِ سنڌي اديبن، شاعرن، دانشورن ۽ محققن کي ادبي اپيل“

سنڌ ڌرتي،جنھن جي مِٽي مردم خيز آهي، هيءَ سرزمين اديبن، عالمن، صوفين، سالڪن،دانشورن، سپورنجهن، سورمن، شاعرن، مفڪرن، محققن ۽ تاريخدانن جي امن ۽ خير، سچ ۽ سونهن جي سرزمين آهي. مان پنھنجي سنڌ جي اديبن، عالمن، شاعرن، دانشورن، محققن ۽ تاريخدانن جي خدمت اقدس ۾ انتھائي ادب ۽ احترام سان هڪ ادبي اپيل پيش ڪريان ٿو. اميد ته ان تي نهايت سنجيدگيءَ سان غور ويچار ڪيو ويندو.
سائين منھنجا! اها هڪ تاريخي حقيقت آهي ته فطري طور تي هر چيز ۾ داخلي ۽ خارجي تبديليون اينديون رهن ٿيون. تاريخ جو اهو سفر اڳتي وڌندو رهندو. پوئتي فقط ان جا منظر ۽ ياد رهندي آهي. تاريخ پوئتي موٽڻ جو نه، بلڪ اڳتي وڌڻ جو عمل آهي. اهو سڀڪجهه ”حال“ ئي هوندو آهي،جنهن مان ماضي به جڙندو آهي ۽ آئندي لاءِ اميدون ۽ امڪان پيدا ٿيندا آهن. اڄ جيڪو ”حال“ آهي، سو ”سڀاڻي“ ماضي ٿيندو. اڄ جو ”سڀاڻي“، جيڪو ”مستقبل“ آهي، سو سڀاڻي وري ”حال“ ٿيندو. ماضيءَ کي حال جي پئمان ۾ نٿو ماپي سگهجي.
جيئن لطيف فرمايو ته:
”ڪنين ماضي مَنَ ۾، ڪنين استقبال،
حيف تنين جي حال، جن وڃائيو حال کي.“

هر دؤر ۾ انسان تاريخ جي مطالعي ۾ دلچسپي پئي ورتي آهي. اها تاريخ ئي آهي، جيڪا کيس ماضيءَ جي ڏورانهين سرحدن ۾ وٺي وڃي انساني معاشرن ۽ تھذيبن جو سير ڪرائي ٿي. تاريخ جو مقصد هي آهي ته ان جي مدد سان ماضيءَ جي واقعات کي صحيح سمجهڻ جي سگهه پيدا ٿئي ٿي. انسان ۾ اهڙو تاريخي شعور اجاگر ٿئي ٿو ته انهن تاريخي واقعن ۽ حادثن جي گھرائيءَ ۾ هڪ منصوبو آهي ۽ ان جي پسمنظر ۾ ڪي قانون آهن، جيڪي دنيا کي برابر تبديل ڪري رهيا آهن.
انسان جڏهن پنهنجي خاندان بابت ڪجهه معلوم ڪرڻ چاهيندو آهي ته هُو ”حال“ کان ماضيءَ جي طرف موٽندو آهي. پر اجتماعي، قومي يا معاشرن جي تاريخ جو مطالعو ائين ”حال“ کان ماضيءَ جي طرف نه ٿيندو آهي، بلڪ ”ماضيءَ“ کان ”حال“ جي طرف ٿيندو آهي. انسان ان پوائنٽ تي پهچڻ جي ڪوشش ڪندو آهي، جتان ان جي تاريخ شروع ٿئي ٿي. ماضيءَ جون ياداشتون، آثار (عمارتون)، نوادرات، شيون، نظريا ۽ افڪار تمدن جي تسلسل لاءِ نهايت ضروري آهن. ان طرح ڪنھن به معاشري جي تمدن جي قدامت، تھذيب ۽ ارتقا جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو.ان لاءِ ائين چيو ويندو آهي ته جنھن قوم جي تاريخ گم ٿي ويندي آهي ته هوءَ پاڻ کي بي سھارو ۽ اڪيلو محسوس ڪندي آهي. اگر انسان پنھنجي ماضيءَ کان ڪٽجي وڃي ته اهو جاهل ٿي پوندو. ڇاڪاڻ ته هر علم کي پنھنجي پنھنجي تاريخ آهي. مثلاً: فزڪس، ڪميسٽري ۽ بائلاجي وغيره. اسان جي تاريخي سرمائي هر دور ۾ پنھنجي ”تمام گهٽ“ هئڻ جي شڪايت پئي ڪئي آهي. اها شڪايت بلڪل درست ۽ جائز آهي. ڇاڪاڻ ته ان ۾ ماضيءَ ۾ ٿيل هرهڪ واقعو موجود آهي ۽ بيان ٿيل نه آهي.
ڪھڙا واقعا وڌيڪ اهم ۽ تاريخساز آهن؟ ان جو مدار وري تاريخدان جي انداز فڪر، نظريات، روين ۽ مرضيءَ تي هوندو آهي. اسان تاريخ ۾ اهڙن واقعن کي پڙهڻ جا عادي ٿي ويا آهيون، جيڪي سنسني خيز ۽ ڊرامائي انداز وارا هجن. انهن واقعن لاءِ ظاهر ۾ ائين محسوس ٿيندو آهي ته اهي تاريخساز ۽ تاريخ جي وهڪري کي بلڪل موڙڻ وارا آهن. ان ڪري تاريخدان عام طور تي اهڙن واقعن ۽ حقيقتن کي قلمبند ڪرڻ کان اکيون بند ڪري ڇڏيندو آهي. يا انهن جي اهميت کي گهٽائي پيش ڪندو آهي، جن ذهني طور تي معاشري کي خاموشيءَ سان متاثر ڪيو ۽ خاموشيءَ سان سماج، تھذيب ۽ تمدن ۾ تبديليون آنديون.
اسان انهن نظريات، اڪفار ۽ خيالن جي سمنڊ جي اندرين تھن ۾ خاموشيءَ سان وهندا رهن ٿا، انهن کي نظرانداز ڪري مٿاڇري تي طوفانن جي قيامت خيز تباهيءَ ۽ ڪيفيت کي ڏسندا آهيون.
تاريخ بابت مون ڪجهه اٽل حقيقتون ان ڪري پيش ڪيون ته جيئن اسان جو تاريخ جي علم جي ناواقفيت سبب ماضيءَ سان جيڪو جنون جي حد تائين لڳاءُ ٿي چڪو آهي، ان جي اهميت ۽ بنيادي سبب جي معلومات ٿي سگهي.
سائين منھنجا، ڪوبه تحقيقي ميدان هجي، يا تخليقي فارم هجي ته ان کي صحيح سمجهڻ لاءِ سڀ کان اول ادب جي معنى ۽ مفھوم، مقصد ۽ منشا، گهرجن ۽ تقاضائن کي سمجهڻ پهريون شرط آهي. ڇو ته جيستائين اسان کي ادب جي اهميت ۽ افاديت، فڪري ۽ فطري تقاضائن، انساني ڪيفيت ۽ ضرورتن جي ڄاڻ نه پوندي، تيستائين اسان سماج ۾ ان جو صحيح ڪارج ۽ استعمال ڪري ڪونه سگهنداسين. نتيجو اهو نڪرندو جو بيماريءَ جي غلط تشخيص سبب صحيح دوا جو استعمال ڪونه ٿيندو ته مرض گهٽجڻ بجاءِ وڌندو ئي ويندو.
اسان لاءِ هڪ آزار اهو ٿيو جو ان ۾ سھل پسندي، سھپ ۽ سنجيدگيءَ جي کوٽ، محنت کان عار، ادب جي ڪنھن به صنف جي فني فڪري، مضمون ۽ موضوع جي معلومات جي کوٽ وغيره جھڙا عنصر گهر ڪري چڪا آهن، جن اسان جي خيال جي اڏام، فڪر جي گھرائيءَ، غور ۽ فڪر جي عادت کي هڪ جاءِ تي بيهاري ڇڏيو آهي. ادب ۾ اهو بيھڻ يا بيھڻ جهڙا رويا نهايت مايوس ڪن آهن. ٻيو ويل وري هي ٿيو جو اسان عظيم عظيم اچارڻ جا عادي ٿي ويا آهيون. تاريخ کي اڳتي ڏسڻ بجاءِ پوئتي ڏسون ٿا. اسان چئون ٿا ته اسان جي قوم عظيم- اسان جو علم ادب عظيم، ٻولي ۽ تھذيب عظيم، تاريخ ۽ تمدن عظيم آهي. ٻيو ڀلي ڪي ڪجهه به چوي، پر اسان عظيم ضرور آهيون دنيا ڀلي زهري ۽ مريخ تي پهچي، نيون نيون ايجادون ۽ کوجنائون ڪري، تحقيقون ۽ تجربا ڪري پنھنجي تاريخ جي سفر کي آسان ۽ شاندار بڻائي، پر اسين ڪجهه نه ڪنداسين، ڇو ته اسان عظيم آهيون ! خبر ناهي ته اها پوئتي موٽڻ واري سوچ اسان کي ڪھڙي طرف وٺي هلندي ۽ هلندي هلندي ڪٿي دنگ ڪندي! يا بيٺل پاڻيءَ جي دُٻي جيان سينوارجي بيهي رهندي. تڏهن ته اسان جي سالڪن، دانشورن ۽ سپورنجهن اسان جا پِرڪارَ ڏسي سِھَڙَ ۽ ڪڇونءَ جي گوءِ واري نصيحت ڀري آکاڻي جوڙي، جنھن ۾ سھڙ کي به اسان وانگر پنھنجي عظمت تي غرور ۽ گهمنڊ هو. هُو ان فوقيت ۾ ننڊ ڪرڻ لڳو. هوڏانھن ويچارو ڪمزور ڪڇون جيڪو نهايت ڍلو جانور آهي، سو مسلسل ڪوشش ۽ جدوجھد ڪندو رهيو. جنھن سهڙ کي نيٺ شڪست ڏئي عزم ۽ استقلال جو هڪ اعلى مثال قائم ڪري ڇڏيو.
حقيقت ۾ اسين جڏهن ماضيءَ جي شان شوڪت ۾ پاڻ کي گم ڪري خوشي محسوس ٿا ڪريون، تڏهن حقيقت ۾ اسين پاڻ کي خوشفھمي، غير حقيقي سچ ۽ خود فريبيءَ جي زنجيرن ۾ وڪوڙي ٿا ڇڏيون.
ماضيءَ جي پوڄا اهي قومون ڪنديون آهن، جيڪي تاريخ جي علم ۽ ڄاڻ کان ناواقف هونديون آهن. جيئن جيئن انسان عملي طور تي ڪمزور ۽ ناڪاره ٿي ويندو آهي، تيئن تيئن ان جو ماضيءَ سان ورجاءُ ۽ لڳاءُ وڌندو ويندو آهي. نه فقط ايترو، پر انسان ”حال“ جي مسئلن ۽ مونجهارن کان گهٻرائجي ماضيءَ جي اڻڄاڻيءَ ۾ پناهه وٺڻ چاهيندو آهي. جتي ماضيءَ جون خاميون ۽ مسئلا اسان جي سامھون اچي اسان کي پريشان ڪونه ٿا ڪن. ان سبب ڪري اسين ”حال“ جي دنيا کان ڪناره ڪشي اختيار ڪري ڪٽجي وڃون ٿا. تاريخي لحاظ کان جيڪي معاشرا زوال جي حالت ۾ هوندا آهن ته اهڙن معاشرن جو تعلق ماضيءَ سان جنون جي حد تائين وڌي ويندو آهي. اهي ماضيءَ جي عظمت ۾ پاڻ کي وساري ڇڏڻ چاهيندا آهن. سنڌ مٿان مختلف دورن ۾ عربن، ارغونن، ترخانن، تاتارين، مغلن ۽ انگريزن جون ڪاهون ٿينديون پئي رهيون آهن. انهن ٻاهرين قومن اسان جي اصل تاريخ، تمدن، ٻولي، ادب ۽ سماجي زندگيءَ تي پڻ گھرو اثر ڇڏيو. اڄ جيڪڏهن دنيا جي رفتار جي پيش نظر پنھنجي جيءَ ۾ جهاتي پائي (جنھن کي جديد دور ۾ ”احتساب“ چئجي ٿو) نهايت سنجيدگيءَ ۽ صداقت سان پنھنجي ڪريل رفتار جو منصفانه جائزو وٺون ته اسين اٽڪل صديءَ کان به پوئتي بيٺل نظر اينداسون. ان وٿيءَ کي ڀرڻ لاءِ اسان کي پنھنجا رويا تبديل ڪري، حقيقتن کي تسليم ڪري تيزيءَ سان جدوجھد ڪري وکون وڌائڻيون پونديون. ذاتيات، جذبات ۽ انسانيت کان بلڪل بالاتر رهي سوچ جي سرحدن کي وسيع ڪري آئيندي لاءِ راهه هموار ڪرڻي پوندي. جيئن لاکيڻي لطيف فرمايو آهي ته:

ڪتڻ جي ڪانه ڪيئي، سُتينءَ ساهي هَـڏُ،
جِتِ سرتيون ڪندئي سَڏُ، ات سڪندينءَ سينگار لئه.

تنھنڪري ويهين صديءَ جي ڪيل تجربن، اڀياس، مشاهدن، تحقيق ۽ نتيجن جي روشنيءَ ۾ نتيجا اخذ ڪري ايڪويهين صديءَ لاءِ پاڻ کي ڀرپور نموني تيار ڪري، اوچي ڳاٽ ٿي، سرخرو بڻجي تحقيق ۽ تجربن جي تحفن سان ان جو استقبال ڪرڻ گهرجي. ڇاڪاڻ ته اڄ دنيا ۾ زندگيءَ جا سمورا شعبا نئين سر تحقيق ۽ تجربن لاءِ بيقرار آهن. فطري تقاضائن ۽ تبديلين مطابق نوان نوان لاڙا ۽ مفروضا وجود ۾ پيا اچن. نوان فارم ۽ اسٽائيل پنھنجي جاءِ پيا والارين.
علم ادب ۽ ٻوليءَ ۾ نت نوان ۽ بدلجندڙ حالتن جو پورائو ڪندڙ تجربا ۽ مشاهدا پيا ٿين، جيڪي موجوده اليڪٽرانڪ، ڪمپيوٽر ۽ انٽرنيٽ واري دور جون گهرجون پوريون ڪري سگهن. ڇاڪاڻ ته هر دور جي گهرجن ۽ تقاضائن جي نوعيت الڳ الڳ ٿئي ٿي. پر افسوس جو اسان هڪ صدي يعني سڄو سارو هڪ سؤ سال گذرڻ کانپوءِ به ڪڏهن پنھنجو احتساب نه ڪيو آهي. ڪڏهن به پنھنجي سنڌي ڏاهن، مفڪرن، دانشورن، شاعرن، اديبن، تاريخدانن، محققن، لسانيات جي ماهرن جي گڏيل ڪانفرنس يا سيمينار ڪوٺائي، عم، ادب، ٻولي ۽ تاريخ جي ماپن، معيارن ۽ تقاضائن تي پورو لهڻ بابت غور ويچار ڪري سڀني رخن کان انهن جو جائزو نه ورتو آهي ته اسان جو ادب، اسان جي مٺڙي ٻولي، اسان جي تاريخ، اسان جي تحقيق موجوده دور م ڪهڙي معيار تي بيٺل آهي ۽ ان کي ڪهڙي معيار تي آڻڻ گهرجي. هن وقت عالمي تناظر ۾ انسان جا اهم مسئلا ۽ ضرورتون ڪهڙا آهن. افسوس جو اهڙن اهم مسئلن تي ڪڏهن به اجتماعي غور نه ٿيو آهي. ڇاڪاڻ ته اسين عظيم آهيون.
ايڪويهين صدي ڪڙو کڙڪائي رهي آهي، دنيا جي قومن نئين صديءَ جي آجيان لاءِ پاڻ کي هر لحاظ کان هر شعبي ۾ مڪمل تيار ڪيو آهي، جنهن جا عملي نتيجا اسين پنھنجي اکين سان ڏسي رهيا آهيون. ان وقت اسان جي حيثيت ۽ سڃاڻپ ڪهڙي هوندي؟ انهن حالتن کي نظر ۾ رکندي لاکيڻي لطيف فرمايو ته:

سي تون ويهي وڃائيا، جي ڪتڻ سندا ڏينھن،
ارٽ اوڏي نه ٿئين، ڀوري ڀوري سينءَ،
ڪنڌ کڻندينءَ ڪيئن، اڱڻ عجيبن جي.

ادب قومن جو اهڙو سرمايو آهي جنھن لاءِ جناب ”ميڪلن“ صاحب چيو هو ته ”قدرت انسان ۾ جن سرمدي شين کي امانت رکيو آهي، تن جي اظھار کي ئي ادب چئجي ٿو.“
جناب ”هيگل“ جو خيال آهي ته ”ادب هڪ تاريخ آهي، جنھن مان ڪنھن ملڪ يا قوم جي وقت بوقت بدلجندڙ تمدن جون تصويرون ڏسي سگهجن ٿيون. ادب، قومن جي عروج ۽ زوال جو آئينو ضرور آهي.“
جناب ”ڪوسائن“ ادب جي پيدائش بابت لکي ٿو ته:
رڳو فطرت جي خوبين جي تقليد ۽ خوبصورت منظرن جي ڏسڻ جي خوشي لطيف فن جي پيدائش جو اصل سرچشمو نه آهن، بلڪ پهريائين انسان جو دماغ انهن جو مطالعو ڪري ٿو، پوءِ انهن جي ترجماني ڪرڻ جي خواهش سببان ادب جي ابتدا ٿئي ٿي. يعني ڪنهن شيءِ جي ڏسڻ کانپوءِ ان بابت جيڪي خيال اسان جي دل ۽ دماغ ۾ پيدا ٿين ٿا، انهن کي بلڪل سهڻي ۽ شاندار لفظن ۾ قلمبند ڪرڻ مان ادب پيدا ٿئي ٿو.
سائين منھنجا! دنيا جي ترقي يافته ٻولين ۾ بدلجندڙ حالتن مطابق تجربا ڪري ان کي جديد ترين زاوين تي بيھاريو ويو. انهن ۾ وسعت ۽ تيز رفتاري پيدا ڪئي وئي ته جيئن ٻولي، سائنسي ۽ ٽيڪنالوجيءَ واري ڊوڙ ۾ پنھنجو اهم ڪردار ادا ڪري سگهي. ان سلسلي ۾ سنڌي ٻولي، جيڪا پنھنجي اندر بيشمار خاصيتون رکندڙ قديم ترين ٻولي آهي، ان جي نشونما ڏانھن ڪو خاص ڌيان نه ڏنو ويو. اگر ڪجهه لکيو به ويو ته محض ٻوليءَ جي قدامت ۽ انفراديت تي لکيو ويو ته سنڌي ٻلي ڪيتري قديم آهي. ان ۾ ۡڪهڙيون ڪهڙيون خاصيتون ۽ صلاحيتون آهن. سنڌي ٻولي ڪهڙين ٻولين مان نڪتل آهي. يا سنڌي ٻوليءَ مان ٻيون ڪهڙيون ۽ ڪيتريون قديم زبانون ڦٽيون ۽ نڪتيون آهن. باقي ٻوليءَ کي سائنسي بنيادن تي جديد معيارن تي بيهارڻ لاءِ ڪابه سنجيده ڪوشش، تحقيق ۽ تجديد نه ڪئي وئي. ان سلسلي ۾ اگر ڪنھن مھربان محقق ۽ دانشور ڪو آواز بلند به ڪيو ته ان کي ڀوڳ يا فضول ڳالهه ڄاڻندي ڪَنَ لاٽار ڪري ان اهم مسئلي ڏانھن ڪنھن به توجه نه ڏنو.
ان لاءِ مون ادنى ۽ عاجز جي پنھنجي محترم محققن، دانشورن، شاعرن، اديبن ۽ ٻوليءَ جي ماهرن کي اپيل آهي ته سائين، ايڪويهين صديءَ جي اچڻ کان اڳ ٻوليءَ جي الفابيٽ جي نئين سر تحقيق ۽ تجديد لاءِ لسانيات جي ماهرن، اديبن ۽ دانشورن، مصورن ۽ محققن جي هڪ بااختيار ٻوليءَ جي ڪاميٽي قائم ڪئي وڃي، جيڪا مختلف مسئلن ۽ سوالن کي سامھون رکي ويهين صديءَ جي تجربن جي روشنيءَ ۾ ٻوليءَ بابت سمورن پاسن جو نهايت سنجيدگيءَ سان بغور جائزو وٺي پنھنجي سفارش پيڊ ڪري. جائزي وٺڻ وقت ٻين معاملن کان علاوه هيٺين نقطن کي پڻ پيش نظر رکيو وڃي.
نئين الفابيٽ سان اسان جي موجوده نسل ۽ ايندڙ نسلن جي وچ ۾ جيڪو خال پيدا ٿيندو ۽ جيڪا اوپرائپ محسوس ٿيندي ان کي ڪهڙي طرح توازن ۾ برقرار رکي سگهبو.
موجوده صورتخطيءَ ۾ جيڪو لکيل مواد آهي، ان کي ڪهڙيءَ طرح محفوظ رکي سگهبو، جيڪو صدين جي محنت، جدوجھد ۽ قربانين جي نتيجي ۾ تمدن ۽ تھذيب جو اصل سرمايو آهي.
نئين الفابيٽ جي پيمائش ڪيتري وسيع ۽ جديد هوندي. اها ڪيتريقدر جديد سائنسي، لساني ۽ سماجي ڪارج موجب تيز رفتاريءَ سان هلي سگهندي.
اها ڪيتريقدر عام ماڻهن جي لساني لهجي ۽ مزاج مطابق هوندي. ان ۾ جاذبيت جي خاصيت ڪيتري حد تائين هوندي ۽ ان جو ڦھلاءُ ڪيترو هوندو.
ان نئين الفابيٽ جي فني ۽ سائنسي نوعيت ۽ ان جو طريقه ڪار ڪھڙو هوندو، جيڪو هرهڪ لاءِ قابل قبول هجي.
سائين منھنجا، ادب ۽ زندگي هڪ ٻئي سان لازم ۽ ملزوم آهن. اهي هڪٻئي کان ڪنھن به صورت ۾ الڳ ڪري نٿا سگهجن. ادب ۾ زندگيءَ جا سمورا ڪتاب اچي وڃن ٿا. زندگيءَ جي سمورن شعبن ۾ ادب کي ”سپر پاور“ جي حيثيت حاصل آهي.
ورهاڱي کانپوءِ سنڌي ادب ۾ به تبديلي آئي. ان ۾ جديد لاڙا ۽ اسٽائيل پيد اٿيا. ان کي جديد عالمي معيار مطابق بنائڻ جون ڀرپور ڪوششون ٿيون. تجربا ۽ مشاهدا ڪيا ويا. ”سنڌي ادبي سنگت“ وجود ۾ آئي، جيڪا نهايت منظم مستحڪم ۽ نج ادبي سنگت آهي. هن تمام وڏا وڏا قداور، سگهارا ۽ عظيم شاعر، اديب، دانشور، محقق، نقاد، ليکڪ پيدا ڪيا. دنيا جو جديد ادب ۽ شاعري هن ئي متعارف ڪرايا. نه فقط ايترو پر انهن صنفن کي پنھنجي سنڌي مزاج مطابق سنڌي قالب ۾ سمائڻ جا ڪامياب تجربا به ڪيا. پر چوندا آهن ته چڱيءَ شيءِ کي هميشه چک لڳندي آهي. سو هن عظيم ادبي اداري کي به ڪا نظر لڳي وئي. هڪ طرف سھل پسندي ۽ اَڻ سھائيءَ جو رجحان، ٻيو وري پنھنجي خيالن کي حرف آخر سمجهڻ. اصلاحي ۽ تعميري تنقيد جي کوٽ، تنقيد جو معيار شخصيتن جي ”پسند“ ۽ ”ناپسند“ ۽ ذاتي ڪردار ڪشيءَ تي وڃي بيٺل. جيڪو جنهن کي وڻي ٿو ته ”اُن جي جونءَ به اُٺَ کان وڏي“ پر جيڪو جنھن کي ذاتي طور تي نٿو وڻي ته ان جو هاٿي به نظر نٿو اچي. نثر تي تمام گهٽ ۽ نظم تي تمام گهڻي پيهه. انهن مڙني عنصرن ان جي ادبي اوسر ۽ ترقي کي تمام پوئتي ڌڪي ڇڏيو آهي. ڪوبه خاص تخليقي ۽ تحقيقي ڪم نه ٿيو آهي. رڳو هڪ ٻئي جي پيرن ڪڍڻ لاءِ سندرو ٻڌيون بيٺا آهيون. شل ائين نه ٿئي جو، اتي وڃي بيهون، جتان جديد سنڌي ادب جي باني مرزا قليچ بيگ شروعات ڪئي هئي....!
مٿين ڳالهين کي نظر ۾ رکندي منھنجي هڪ تجويز آهي ته تمام جلد سنڌ جي ممتاز اديبن، دانشورن، محققن، شاعرن، تاريخدانن، مصورن، صحافين ۽ نقادن ۽ ٻوليءَ جي ماهرن جي هڪ ڀرپور ڪانفرنس يا سيمينار ڪوٺايو وڃي، جنھن ۾ ان ڳالهه جو جائزو ورتو وڃي ته موجوده سائنس ۽ ڪمپيوٽر جي دنيا ۾ سرد جنگ جي خاتمي بعد واري صورتحال ۽ تاريخ ساز تبديلين جي پيش نظر ايڪويهين صديءَ لاءِ ادب جو معيار ڪهڙو هئڻ گهرجي ۽ تقاضائون ڪهڙيون آهن. ان سيمينار ۾ ادب جي مختلف صنفن تي الڳ الڳ ڀرپور بحث ڪيو وڃي. ان بعد ٽي مختلف با اختيار ڪاميٽيون جوڙيون وڃن. هڪ تاريخ جي علم بابت تاريخ جي ماهرن ۽ محققن جي جيڪا سنڌ ۾ علم تاريخ جي اوسر بابت پنھنجي رپورٽ ايندڙ اجلاس ۾ پيش ڪري.
ٻي برک دانشورن، اديبن ۽ شآعرن جي ڪاميٽي جوڙي وڃي، جيڪا ادب ۾ نثر ۽ نظم جي سمورين صنفن جو جائزو وٺي. هن کي جديد تقاضائن مطابق بنائڻ لاءِ ايندڙ اجلاس ۾ ان جي جامع رپورٽ پيش ڪري.
ٽين ٻوليءَ جي ماهرن ۽ محققن جي ڪاميٽي جوڙي وڃي جنھن جو ذڪر مٿي ڪري چڪو آهيان. اها ڪاميٽي پڻ طئي ٿيل ايندڙ اجلاس۾ رپورٽ پيش ڪري. اهو تاريخ ساز ڪم سنڌي ادبي سنگت، سنڌي ادبي بورڊ يا ٻيو ڪو اشاعتي ادارو سرنجام ڏئي، اهم ايوارڊ کڻي سگهي ٿو. اگر منھنجي ان ادبي اپيل ۽ تجويزن تي سنجيدگيءَ سان غور ڪري ان تي عمل ڪيو ويو ته اسين ايڪويهين صديءَ جي آجيان وقت ضرور ڪو جديد تاريخ ساز تحفو پيش ڪري سگهنداسين ۽ سرتين جي سٿَ ۾ اسان جو ڳاٽ اوچو هوندو.
**