سماج ۽ ادب جو سفر, ليکڪ : سرور منگي

سماج ۽ ادب جو سفر

پسند ڪيو ويو

ڪِتاب : سماج ۽ ادب جو سفر
ليکڪ : سرور منگي
ڪيٽيگري : مختلف موضوع
ڇپيندڙ : سرسوتي ساهت گهر، ڏوڪري
شايع ٿيڻ جو سال : 2014
شامل ڪيو ويو : 2017-01-16
ڏِٺو ويو : 4501 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو : 812 ڀيرا
ڪتاب ”سماج ۽ ادب جو سفر“شاعر ۽ ليکڪ سرور منگيءَ جي تخليقن جهڙوڪ مضمونن، ڪهاڻين، ڊرامي، شخصيتن تي لکيل پروفائيلن ۽ سندس شاعريءَ جو مجموعو آهي، جنهن جو مرتب عيسى ميمڻ آهي. سڪندر علي هُليو لکي ٿو:
”سرور منگي ڀٽائيءَ جي سُر کاهوڙيءَ جي کاهوڙڪي کير جو جديد ڪردار هيو، ڇو جو اسان هن کي معاشي تنگدستيءَ ۽ سماجي ناهمواريءَ جي ڌٻڻ ۾ هوندي به ڪڏهن دل شڪسته نه ڏٺو. زندگيءَ جي آخري ڏينهن ۾ جسماني ڪمزوريءَ جي جنجال هن کي نٻل ضرور ڪري ڇڏيو هيو پر هن جي جذبي ۾ پوءِ به ڪو جهول نه آيو هيو ۽ اها ئي هن آدرشي ڪردار جي ڪاميابي آهي. ڪاش! اسان وٽ اهڙا ڪردار ۽ همه گير ڪردار پيدا ٿي سگهن. پنهنجي اباڻي قبرستان ۾ مڻ مِٽيءَ جي هيٺان مدفون سائين سرور جو روح اڄ هن ننڍڙي ڪتابي ڀيٽا کانپوءِ يقينن مسرور ٿيو هوندو، کيس قبرستان جي اردگرد دور تائين سرنهن جي کيتن ۾ پيلن گلن جھڙي سرهائي ضرور ٿي هوندي.“

ليکڪ جا ٻيا ڪتاب

لاڳاپيل ڪِتاب

ڪيٽيگري مختلف موضوع مان ڪُجهہ وڌيڪ ڪِتاب

2021 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ