شيخ اياز: سنڌ جو سدا حيات شاعر
گذريل سال 1996ع ۾ پڻ سال جي ساڳي مهيني ۽ ساڳين تاريخن ۾ اسان کان اسان جو عظيم محقق، دانشور، تاريخدان ۽ ٻوليءَ جو ماهر جناب ممتاز مرزا ڇنو ويو. ڪيڏو نه عجيب ۽ الميو چئبو جو ساڳئي ڏينھن تي سنڌ جو مقبول ترين ممتاز ۽ منفرد قومي ڪلاڪار (ڳائڻو) جنھن جي منفرد اسٽائيل ۽ انداز سان ڳالي گيتن وادين، ٿرن، برن، بحرن، صحرائن، پهاڙن، واهڻن وستين، کيتن کرن، اوطاقن ۽ اوتارن ۾ ڌوم مچائي ڇڏي. اهو عظيم ڪلاڪار يا ڳائڻو هو”رحمان مغل عرف سرمد سنڌي“ جنھن جي ”راڙ“ جو پڙاڏو صدين تائين فضائن ۾ گونجندو رهندو. سو اسان کان هميشه هميشه لاءِ وڇڙي ويو. اهڙيءَ طرح سنڌ اهڙي مهان ڳائڻي کان محروم ٿي ويئي. دل جي انهن گهاون تي اڃا ڪڙيون ئي ڪين چڙهيون هيون، اهي زخم اڃان ڀريا ئي ڪونه ته وري سال 1997ع جو ساڳيو ڊسمبر جو آخري مهينو، مهيني جا آخري پساهه يعني آخري تاريخون، ويندي ويندي اسان مٿان ماتم جو ڪارو مينهن وسائينديون هليون ويون. ڪجهه ڏينھن اڳ سنڌ جو مايه ناز ۽ ممتاز محقق، نقاد، دانشور، شاعر ۽ سنڌي ادبي سنگت جو باني اياز قادري اسان کان وڇڙي ويو. ڳوڙهن سان اڃان جهوليون آليون هيون ته وري سائين جي.ايم سيد جي نياڻي سنڌ جي عظيم محقق، تاريخدان، دانشور ۽ شاهه لطيف جي پارکو سانئڻ ڊاڪٽر درشھوار سيد لاڏاڻو ڪري ويئي. سنڌي ماڻهو اڃا ان صدمي ۾ تڏي تي ئي ويٺا ئا ته تاريخ 97-12-28 تي اوچتو ئي هڪ زوردار ماتمي آواز جو ڌماڪو ٿيو. جنھن سموري سنڌ کي لوڏي ڇڏيو. غم جي هڪ لهر ڇانئجي ويئي. هر فرد غم ۽ سناٽي جي گڏيل ڪيفيت ۾ مبتلا ٿي ويو. جڏهن اخبارن، ريڊيو تان اها دردناڪ ۽ دلسوز خبر آئي ته سنڌ جو مهان قومي شاعر ۽ نثر نويس ”شيخ اياز“ هن دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو. اها خبر ڇا هئي، هڪ آتش فشان پھاڙ هو، جنھن جي ڦاٽڻ جا آواز سنڌ کان به تمام پري پري ڏورانهن ملڪن تائين گونجڻ لڳا.
”ڏات وڏي شيءِ ناهي، پر سچ وڏي شيءِ آهي.“ موت هڪ اٽل حقيقت آهي، جنھن کان نه ته انڪار ڪري ٿو سگهجي ۽ نه وري ڪنھن تان ڪڏهن ٽري سگهي ٿو. فقط ڏسڻو هي آهي ته ڪھڙو انسان ڪھڙي قسم جي موت مري ٿو. ان مرڻ کي ڏسڻ آهي. هڪڙا انسان جيئري ئي مُردن مثل هوندا آهن. طوفانن سان گڏ گھلبا ۽ رهڙبا رهندا آهن. انهن ۾ ڪوبه وزن ۽ سماج ۾ ڪابه اهميت نه هوندي آهي. انهن کي نه پنھنجي مرضي هوندي آهي ۽ نه پنھنجو اختيار. اهڙا ماڻهو هو اجي جُهوٽن وهيڻا هوندا آهن. هڪڙا انسان مرڻ کان اڳ پنھنجي نفسياتي حرص ۽ هَوَسَ وارين پٽيندڙ خواهشن کي ضابطي ۾ آڻي. پاڻ ۾ روح جي سجاڳي پيدا ڪري ٿو وٺي. تڏهن هُو موت کان اڳ پاڻ کي ماري حقيقي زندگي جو ادراڪ حاصل ڪري ٿو وٺي. اهو سڀڪجهه تڏهن ٿي سگهندو آهي، جڏهن موت جي فلسفي تي غور ۽ فڪر ڪري ان جي حقيقت ۽ اهميت کي پرکڻ جو ادراڪ حاصل ڪيو وڃي. اهڙا انسان مري به زنده رهن ٿا. اهڙا انسان هر دور ۽ هر حالتن ۾ پنھنجي فڪر، فلسفي ۽ تخليقات جي صورت ۾ زنده رهن ٿا ۽ هر دور ۾ رهبري ۽ رهنمائي ڪندا رهن ٿا. اهڙن انسانن لاءِ لاکيڻي لطيف فرمايو ته:
مرڻا اڳي جي مئا، مري ٿين نه مات،
هوندا سي حيات، جيئڻا اڳي جي جِئا.
برابر شيخ اياز ان حقيقت جي بنياد تي زندگيءَ ۽ موت جي فلسفي کي ڄاڻندي، زندگيءَ ۾ زندگيءَ جي تلاش ڪندي انساني قدرن کي اجاگر ڪيو. هُو برابر موت کي مات ڏئي هليو ويو. شيخ اياز جي مرتئي تي سندس خدمتن ۽ عظمتن کي خراج تحسين پيش ڪرڻ لاءِ اسان جا تمام وڏا وڏا ناميارا ۽ ممتاز مفڪر، دانشور، اديب، شاعر، مصور ۽ محقق لکي رهيا آهن ۽ لکندا پيا. جن کي لکڻ جو ڏانءُ به آهي ته ڏات به. جن وٽ لکڻ جو رنگ به آهي ته ڍنگ به. پر مون ادنى انسان وٽ لکڻ جي نه ته ڏات آهي ۽ نه ڏانءُ. نه مشاهدو آهي نه مطالعو. بس ائين رنڊن روڙڻ وارو حال آهي. پر مان به ان سماج جو ئي هڪ فرد آهيان جن لاءِ اياز لکيو، لوڙيو، سوچيو ۽ لوچيو. تنھن ڪري اسان تي پڻ اهو اخلاقي، انساني ۽ ادبي حق ٿو ٿئي ته ان عظيم انسان جي عظمت کي ٻن اکرن جو خراج تحسين پيش ڪري ان ڪُراڙيءَ مسڪين، پر محبتڻ عورت جيان يوسف جي خريدارن ۾ پنھنجو نالو داخل ڪرائجي.
شيخ اياز هڪ ڀرپور علم ادب، ڏات ۽ ڏاهپ جو ادارو هو. هڪ صديءَ جي تجربن، مشاهدن، تبديلين ۽ نتيجن جي هڪ ليبارٽري هو. جنھن ۾ هن ڪيترائي تجربا ڪري ادبي دنيا ۾ نيون نيون ايجادون منظرِ عام تي آنديون. هن دنيا جي جديد صنفن کي پنھنجي ادبي ۽ فني صلاحيتن ۽ جوهرن سان سنڌي سماج جي مزاج مطابق بڻائي، سنڌ جي ادبي گلشن ۾ انهن صنفن جي اهڙي ته ڪاريگري سان پيوندڪاري ڪئي جو اهي ڄڻ ته اڳـ۾ ئي سنڌي تمدن جو حصو هئا. اهڙيءَ طرح اهي صنفون سنڌي ادب جو اٽوٽ حصو بڻجي ويون ۽ سنڌي تمدن ۾ رنگجي رچي ريٽو بڻجي ويون. انهن ۾ سنڌي سماج، تاريخ ۽ تمدن، ٻولي ۽ منظرنگاريءَ جا اهڙا ته عڪس ڀريا ويا جو انهن مان اوپرائپ جو احساس ۽ تصور ئي ختم ٿي ويو.
شيخ اياز جو مرتيو سنڌي ادب لاءِ تمام وڏو الميو ۽ سانحو آهي. ان خال کي ٿوري وقت ۾ آسانيءَ سان ڀري نٿو سگهجي. شيخ اياز خاڪي جسماني طور تي ته اسان کان هميشه هميشه لاءِ جدا ٿي ويو. هاڻي هو هڪ اهڙِ ننڊ ۾ ستل آهي، جتي ڪوبه خواب لهي نٿو سگهي. پر اياز پنھنجي تاريخ ساز ادبي خدمتن، تخليقن ۽ ڪارنامن جي صورت ۾ هميشه زنده رهندو. اياز جملي 75-ڪتاب نظم ۽ نثر ۾ لکيا جن مان 55 ڇپيل ۽ 20 اڻ ڇپيل اٿس. هنئن ته اياز جي هر تصنيف ۽ تخليق تاريخ ساز ۽ پنھنجو مٽ پاڻ آهي. پر اياز جو جيڪو منھنجي نظر ۾ سڀ کان وڏو ادبي ڪارنامو آهي. سو آهي شاهه لطيف جي رسالي جو اردو زبان ۾ منظوم ترجمو ڪرڻ. هي ترجمو ايڏو ته اثر انگيز، جامع ۽ وزندار ۽ پر ڪيف آهي، جيئن عمر خيام جي رباعين جو ترجمو فٽز جيرانڊ“ انگريزي زبان ۾ ڪيو هو. شيخ اياز اهو ادبي ديانتدار آهي، جنھن کي عوام طرفان، سماج پاران ۽ ڪائنات کان جيڪي به ۽ جھڙيءَ طرح امانتون مليون سي سموريون جيئن جو تيئن ذري پرزي ڪري دکي انسانن ڏانهن آخري پساهن تائين واپس ڪيون. هيءَ اها ادبي صداقت آهي، جيڪا ڪنھن ڪوي، اديب يا دانشور کي ادبي معراج ۽ عظمتن جي بلنديءَ تي پھچائي ٿي. شيخ اياز ان اصول تي آخري دمن تائين قائم ۽ دائم رهيو. اياز دنيا جي انهن چند عظيم اديبن، مفڪرن ۽ شاعرن ۾ شمار ٿئي ٿو جن تي سندن زندگيءَ ۾ ئي تنقيد ڪئي وئي.
جھڙيءَ طرح هڪ عظيم مفڪر، اديب، شاعر، دانشور يا مصور جي سامھون ڪي عظيم آدرش ۽ مقصد هوندا آهن، جن کي بنياد بڻائي ادب ۽ آرٽ جي پليٽ فارم تان ادبي تخليقات جي روپ ۾ پنھنجي فڪري پيغام انسان ذات کي ڏيندو آهي. ان لحاظ کان اياز وٽ به انساني برابري، سماجي ۽ معاشي انصاف، امن ۽ اظھار جي آزاديءَ جي اصول غير انساني ۽ غير فطري مت ڀيدن ۽ هٿ ٺوڪين طبقاتي تصورن جي خاتمي جهڙا عظيم آدرش هئا. جن جي حاصلات لاءِ هن سموري زندگي لکيو ۽ وڙهيو. زندگيءَ جي ڪنھن به محاذ ۽ مورچي تي ڏسبو ته پاري ۾ ڪاڙهي ۾ لُڪن ۽ جهولن ۾، روهن ۽ رڻن ۾، برن ۽ ٿرن ۾، ڌرتتيءَ جو تتل واريءَ مٿان اياز ڊڪندو، ڊوڙندو ۽ لُوهُون پائيندو نظر ايندو. جڏهن به ٿورو ٿڪ ٿو محسوس ڪري ته چوي ٿو:
ڪا ترائي هجي، ڇانوَ ڇانئي هجي،
اُڃَ منھنجي ٻُجهي، مان پوان آهِلي.
اياز، انسان جي هر ڏکايل رڳ ۾ موجود آهي. هن انسان جي جملي احساسن، جذبن، آرزوئن، اميدن ۽ عملن جي نهايت بيباڪيءَ ۽ جرئتمنديءَ سان ترجماني ۽ نمائندگي ڪئي آهي. هن ڪنهن به موڙ تي ڪنهن به ڪيفيت ۾ مصلحتون ڪونه ڪيون. اياز جي عظيم شاعري ظلم ۽ جبر، ڏاڍ ۽ ڏهڪاءَ، وحشت ۽ بربريت ۾ ڏڪڻي ۽ جنبش پيدا ڪري، ظالم ۽ جابر سامراج جي سيني ۾ گهاوَ ڪري مظلوم ۽ ڏيل ڏکويل انسانن کي حوصلو ۽ همت، قوت ۽ توانائي بخشي ٿي. سندس شاعري روشن امڪانن ۽ اميدن جا عڪس پيش ڪري وڌيڪ تيزيءَ سان محنت، جدوجھد، ايڪتا، اتحاد، الفت ۽ ڳولا لاءِ انسانن ۾ اتساهه پيدا ڪري ٿي. اياز جي شاعري امر آهي. ان کي وقت ۽ دور جي تبديل ٿيندڙ حالتن جون ويرون لَٽي، لوڙهي ۽ بي اثر ڪري نٿيون سگهن. ڇو ته اياز شاعر آهي، نظم نويس نه آهي. شآعر جي شاعري ڪڏهن به بي اثر ۽ پراڻي نه ٿيندي آهي. اها هروقت، هر حالتن، هر دور ۾ تازي، اثر انگيز، پرجوش ۽ پرڪيف ۽ دلڪش هوندي آهي. هر دور جي تقاضائن مطابق نئين سج جو نئون پيغام هوندي آهي. شيخ اياز به انهن شاعرن منجهان آهي ۽ سندس شاعريءَ جو معيار به ايترو ئي بلند آهي. شيخ اياز جي شاعري اها شاعري آهي، جنھن جون پاڙون انساني جذبن، احساسن، اميدن ۽ تقاضائن، فطرت ۽ ڪائنات جي گهراين ۾ کتل ۽ پهتل آهن. جن کي دنيا جي ڪابه تبديلي لوڏي نٿي سگهي. اياز جي شاعريءَ ۾ فطرت ۽ ڪائنات جا سڀ رنگ ۽ منظر موجود آهن، جيڪي هر دور جي انسان کي متاثر ڪندا رهندا.
**