مرتب پاران : ”سرور منگي“سماج ۽ ادب جو لازوال ستارو
1). فرد سماج کي ترقيءَ طرف گامزن ڪري سگهي ٿو.
2). فرد سماجي ترقي کي روڪي سگهي ٿو.
3). يا فرد سماج کي تباهيءَ طرف ڌڪي سگهي ٿو.
سماج ۾ ٽنهي رخن ۾ فردن جو ڪردار رهي ٿو. جيڪي فرد سماج کي تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا يا سماجي تبديليءَ ۾ هر اول دستي جو ڪردار ادا ڪن ٿا، تاريخ ۾ روشنيءَ جا دروازا به انهن لاءِ ئي کُلن ٿا. هونئن به سماج م جيئڻ جا ٻه رستا هجن ٿا، هڪ ته سماج جيئن آهي تيئن ئي ان ۾ رهڻ جو حوصلو پيدا ڪجي. ٻيو رستو آهي سماج کي تبديل ڪري ان کي پنهنجي نظريي ۽ خيال مطابق جوڙي، زندگي جو سفر شروع ڪجي. پويون رستون انتهائي ڪٺن آهي، جنهن ڪري سماج جي اڪثريت ان رستي کان فراريت اختيار ڪري ٿي پر سماج ۾ اهڙا فرد تمام ٿورا آهن جيڪي ڪٺن رستن تي هلڻ جو پاڻ کي عادي بڻائن ٿا. جن پيغمبر صفت انسانن اهڙي رستي جي چونڊ ڪري زندگي گذاري آهي انهن ۾ ڏوڪري تعلقي جي ننڍڙي ڳوٺ گـُڏَ ۾ جنم وٺندڙ سرور منگي جو نالو تمام مٿي بيهي ٿو.
21- جنوري 1952ع ۾ هن دنيا ۾ اک کوليندڙ سرور منگي لاءِ ڪنهن نه ٿي ڄاتو ته هو پنھنجي شهر ۾ موسى جھڙو ڪردار بڻجي اڀرندو. جنهن کي زندگيءَ جون خوبصورتيون، زندگي جي بھارن، جي آس ۾ قربان ڪرڻيون پونديون.
ان گادي جي ڪک ۾ ويهي ڪيئن سرور منگي زندگيءَ جو 49 بھارون گذاريون، ان جو ادراڪ سرور منگي کان وڌيڪ ٻيو ڪوبه نه ٿو ڪري سگهي. هن پنهنجي تعليم صرف پنجين درجي تائين پنهنجي ڳوٺ ۾ ئي حاصل ڪئي پر پوءِ مائٽن جي اصرار تي ننڍپڻ ۾ ئي حجامت جي ڪرت سان لڳي ويو. زندگيءَ جو ڳپل حصو راڌڻ ۾ حجامت جي ڪرت سان ئي رهيو هو ۽ راڌڻ ۾ ئي مئٽرڪ تائين مس تعليم حاصل ڪري سگهيو هو پر انهن سمورن خفن باوجود به هن جو لڳاءُ ادبي ۽ سياسي ڪتابن ڏانهن جنون جي حد تائين رهيو. هن پنهنجو مطالعو وسيع ڪيو هو. جيتوڻيڪ ڪتابن جي اڻاٺ ۽ وقت جي فقدان هن جي شعوري سفر ۾ ڏاوڻَ وڌا هئا پر هن هزار مشڪلاتن باوجود به پنهنجو سفر جيئن جو تيئن جاري رکيو هو.
هن جي زندگي جو وڏو حصو جيتوڻيڪ راڌڻ ۾ گذاريو پر هن جي نينهن جو ناتو ساڳيو ئي گـُڏَ سان رهيو هو. جنهن ڪري اسي جي ڏهاڪي ۾ پنهنجا سمورا آسرا لاهي گڏ جي گاديءَ ۾ کپ کوڙي ويهي رهيو. هن ان وقت شدت سان محسوس ڪيو هو ته وڏيراشاهي ڄؤر وانگر سماج جي رت پياڪ آهي ۽ وڏيراشاهي پنهنجي جياپي لاءِ اهو ضرور سمجهي ٿي ته سماج کي تعليم جھڙي روشنيءَ کان پري رکجي ڇاڪاڻ ته سماج جيترو شعوري طور تي پستي جھڙي حالت ۾ هوندو اوترو ئي ان تي پنهنجي بالادستي گهڻي وقت تائين قائم رکي سگهبي. ان ڪري تر جا اسڪول اڪثر بند ۽ استاد صاحبان وڏيرن جي حاضري کي پنهنجي ڊيوٽي پئي سمجهيو، تڏهن هن مرد قلندر تعليم جو ڏيئو روشن ڪرڻ لاءِ سندرو ٻڌو. شروعات وڻن ۽ لوڙهن جي پاڇي ۾ تڏا وڇائي انهن تي ويهي ٻارن کي تعيلم ڏني. جيڪا تعليم به وقت جي فرعونن کي ناگوار پئي گذري جنهن لاءِ به هن کي تمام گهڻين اذيتن مان گذرڻو پيو. هي نه صرف پنهنجي ڳوٺ پر تر جي ٻين علائقن ۾ علم جي ڏياٽي کڻي نڪري پيو. ڏسندي ڏسندي تر جون نياڻيون ۽ ٻيا ٻار علم سان روشناس ٿيڻ لڳا. اسڪول جيڪي وڏيرن جون اوطاقون بڻيل هئا. انهن ۾ پيرين اگهاڙي ٻارڙا تعليم وٺڻ لاءِ نڪري پيا. جتي هن ايجوڪيشنل سوسائٽي ٺاهي ڊبـيٽنگ سرڪل قائم ڪيا. ٻارن کي پڙهائبو به مفت، معاوضو هرگز نه وٺبو. صبح کان وٺي شام تائين ڌنڌو اهو ئي ڪبو، پنهنجي ذات ڇا آهي؟ اهو ته ياد ئي نه رهيو، تڏي تي ويهي سڄو ڏينهن چانهه جي ڪپ تي ٻارن کي تعليم ڏيڻ سو به بنا معاوضي، اهو ڪيڏو ڏکيو ڪم آهي، شايد اسان آسائش پسند ماڻهو اهو سمجهي نه سگهنداسين. ڪيترن ئي ٻارن کي قسم ناما ڏئي تعليم پرائڻ جو وچن وٺندڙ سرور منگي، مون کي ته سچ پچ پروميٿيس ديوتا لڳندو آهي. اهو ئي سبب آهي جو سرور منگي جي ٻاريل ڏياٽيءَ مان روشني حاصل ڪندڙ سڪندر علي هليو ، لالي ماڇي، زاهد هليو، امتياز ٻگهيو، نصير ميراڻي ۽ افروز ٻگهيو سميت اڄ گڏ ۽ ان جي آسپاس سوين نه پر هزارين ماڻهو سرور منگي جي چشمي مان سيراب ٿيل آهن.
هن شادي به صرف ان ڪاز ۾ رنڊڪ سمجهندي نه ڪئي ته ڪٿي منهنجو مشن اڌ ۾ نه رهجي وڃي. هر پڙهندڙ ٻار کي پنهنجي اولاد کان به وڌيڪ عزيز ۽ ويجهو رکندو هو. چوندو هو ته هن منهنجي پوکيل فصل مان سڄي قوم لاڀ حاصل ڪندي. اڄ انهن مان ڪيترائي وڏين وڏين نوڪرين ۾ آهن ته ڪي زندگي جي وڏي ڪارج ۾ مشغول آهن. ڪيتريون نياڻيون نوڪريون ڪري رهيون آهن ته ڪي زندگي جي اعلى ڪاز تي پهتيون آهن. اڄ جڏهن سائين سرور منگي نه آهي ته ان جو ڪيل پورهيو ڪيترن ئي نسلن لاءِ روشني مثل هميشه رهنمائي ڪندو رهندو.
سائين سرور منگيءَ جو علمي ۽ ادبي پورهيو گهٽ ۽ سماجي پورهيو وڌيڪ آهي. هن جو علمي ۽ ادبي ڪم به سماجي ڪمن جي ڪري گهڻو متاثر ٿيو. سائين سرور منگي جو هي ڪتاب جڏهن سهيڙي رهيو هيس تڏهن سائين سرور منگيءَ جا مضمون، ڪهاڻيون، ڊرامو ۽ شاعري پڙهي محسوس ٿيو ته سائين سرور منگي جي اندر هڪ وڏو تخليقڪار ويٺل هو. جيڪو سماج جي اڏڻ جي خفن سبب پنهنجو گهڻو حق ادب سان ادا نه ڪري سگهيو. پر جيترو تخيلقي پورهيو سائين سرور منگيءَ جو هٿ آيو آهي اهو ڪنهن به طرح سنڌي ادب جي شاهڪار ادب کان گهٽ نه آهي. سندس ڪهاڻين ۽ ڊرامي ۾ سماج جي مختلف پهلوئن کي اجاگر ڪرڻ لاءِ جيڪا قلم مان اپٽار ٿي آهي اها سنڌ جي تاريخ جو وڏو عڪس پيش ڪري ٿي. خاص ڪري جاگيرداري سماج ۾ سنڌي ماڻهن سان جيڪا ويڌن آهي ان کي سرور منگي جي نثر مان پسي سگهجي ٿو. سندس شاعري ۾ فراق، وصال کان وڌيڪ سماج ۾ ظلم ۽ بربريت جا اولڙا ۽ ظلم خلاف ويڙهه جا سبق ترقي پسندي ۽ آزاد سنڌ اڏڻ جو درس ملي ٿو. مضمون نگاري ۾ ته ڪمال درجي جي مهارت نظر اچي ٿي. سندس قلمي پنڌ تمام مٿي درجي تي بيٺل نظر اچي ٿو. وڌيڪ ان جو فيصلو پڙهندڙ ڀليءَ ڀت ڪري سگهن ٿا.
جڏهن 6- مارچ 2001ع تي سائين سرور منگي ٽي.بي جھڙي موذي مرض کان زندگيءَ جي جنگ هارائي اسان کان الڳ ٿيو هو، ان کان ڪجهه ڏينهن اڳ سنڌي ادبي سنگت شاخ ڏوڪري سائين سرور منگي سان رهاڻ رچائڻ جو فيصلو ڪيو هو پر سائين سرور منگي جي طبيعت جي ناسازيءَ سبب اهو خواب اسان جو اڌورو رهجي ويو. ان وقت سنگت ڏوڪريءَ جو سيڪريٽري مان هيس. تنهن کان پوءِ اهو جلدي فيصلو ڪيو سين ته سائين سرور منگيءَ جو گهٽ ۾ گهٽ چاليهي جو پروگرام ادبي سنگت کي ڪرڻ کپي. ان ڏس ۾ چاليهي جو پروگرام سائنس ڪاليج ڏوڪري ۾ ڪيوسين جنهن جي صدارت به هن ڪتاب جي مھاڳ لکندڙ ناليواري تجزيانگار سڪندر علي هُليي ڪئي هئي. جنهن ان وقت ئي چيو هو ته ”سائين سرور منگي جو ڪتاب اچڻ کپي.“ پر وقت جي ستم ظريفي چئجي يا حالتن جو جبر جو اهو ڪم ٻارهن سالن کانپوءِ ٻيهر پنهنجي هٿن ۾ کنيو. جيتوڻيڪ سائين سرور منگيءَ جي پهرين ورسي به 2002ع ۾ ادبي سنگت ڏوڪري پاران منهنجي سيڪريٽري شپ جي دؤر ۾ ٿي هئي. جنهن ۾ ناليواري شاعر اياز گل، سرڪش سنڌي، سرمد چانڊيو ۽ ٻين شرڪت ڪئي. پر ان کان پوءِ ادبي سنگت کي جيڪو حصو سرور منگي لاءِ ادا ڪرڻ گهرجي ها اهو ادا نه ڪري سگهي. هاڻي ٻارهن سالن جي ڊگهي عرصي کانپوءِ جن دوستن هن ڪم کي هٿ ۾ کڻڻ جو زور رکيو انهن ۾ ڪامريڊ حيدر جويو، علي بخش پٺاڻ کي وساري نه ٿو سگهجي. جن بار بار اصرار ڪيو ۽ آخرڪار محدود وسيلن هوندي هي ڪم پنهنجي پُڄاڻيءَ تي پهتو آهي. هي ڪم سائين سرور منگي سان پنهنجي محبت جي هڪ ننڍڙي ڀيٽا آهي. اسان کي اميد آهي ته اسان جو موجوده ۽ ايندڙ نسل سائين سرور منگي جي ڪردار کي سونهون بڻائي ضرور سفر ڪندو.
ڪتاب جي ڏس ۾ جن دوستن مالي مدد ڪئي اهي انهن ۾ خاص طرح ساڃاهه وند دانشور سڪندر علي هليو جا ٿورا آهن. جنھن انتهائي پرخلوص ۽ محبت واري جذبي سان اسان جو هٿ ونڊايو ۽ خاص ڪري هن ڪتاب جو مھاڳ لکيو. مواد ڏيڻ جي سلسلي ۾ قربان ٻگهيو ۽ نثار شاهين کي نه ٿو وساري سگهجي، جن ڀرپور سھڪار ڪيو ۽ ان ساٿيءَ جا به ٿورا جنهن نالو ظاهر نه ڪرڻ جي شرط تي سائين سرور منگيءَ جو اهم مواد اسان جي حوالي ڪيو، مون کي خوشي آهي ته سماج ۾ اهڙا گمنام ڪردار به آهن جيڪي بنا نالي جي سماج جي اندر تبديليءَ لاءِ ڪوشان آهن.
ڪتاب جي پروف ريڊنگ لاءِ عزيز منگي ۽ علي بخش پٺاڻ جا به احسان ياد رهندا. سنڌ جي ناليواري ليکڪ خالد چانڊيو جا به وڏا وڙ جيڪو وک وک تي بھتر صلاحون ڏيندو رهيو.
مان اميد ڪريان ٿو اوهان پڙهندڙ ساٿي هن پورهيي کي قدر جي نگاهه سان ضرور ڏسندؤ. پاڻ کي اڃان به سنڌ جي گمنام ڪردارن تي تمام گهڻو ڪم ڪرڻو آهي، زندگي رهي ته اوهان جي هٿن تائين، انهن ڪردارن کي به جلد پھچائبو.
عيسى ميمڻ
ڏوڪري
30- جنوري 2013ع