علي احمد بروهي: شخصيت ۽ علمي ادبي خدمتون
”لوڪ هلي لهوارو، تون اُڀو وَهُه اڀار.“
اهي عظيم ۽ رهنما انسان زندگيءَ جي مامَ پروڙي مٿينءَ ڀر هلندا آهن، جنھن لاءِ جيئن قدرت پيدا ڪيو آهي. جڏهن ته اسين ٽنگن ڀر هلڻ سکيا آهيون. جن انسانن مَنُ ماري، نور نچوئي ”ڪين جي مامَ پروڙي دانشورن، محققن، اديبن، شاعرن ۽ عالمن ڪائنات جي نظام، زندگيءَ جي رمزن ۽ رازن تي غور ۽ فڪر ڪيو آهي. فطرت ۽ انساني مزاج جو ڳوڙهو اڀياس ڪيو آهي، ۽ سچ کي نروار ڪيو آهي، تن مان اسان جي سنڌ جو سپوت، اهل دل، اهل نظر، عظيم دانشور، محقق، ٻوليءَ جو ماهر، شاهه جو پارکو، سچو سڄاڻ، ليکڪ، زندگيءَ جو مصور ۽ نقاش، سچ جو ساٿي، محترم سائين علي احمد بروهي صاحب به هڪ آهي.
مون جھڙي علم ۽ ادب کان اڻ واقف، زندگيءَ جي شعور کان هٽيل ڪوهين دور عاجز انسان کي ڇا مجال آهي جو بروهي صاحب جن جي بلند، ڀرپور ۽ ڪامل شخصيت، سندن علمي، ادبي ۽ فڪري پرواز ۽ صلاحيتن تي لکان، يا سندن روحاني تهذيب، اخلاقي بلندي، انساني، علمي ۽ سماجي خدمتن تي لکي سگهان، پر هڪ فرمانبردار خادم جي حيثيت ۾ مان پنھنجو فرض ٿو سمجهان ته ڪجهه لکي پنھنجو حق ادا ڪري سگهان. بروهي صاحب ڪنهن جي تعريف يا خوشامد جو محتاج ڪونهي. ڇاڪاڻ ته پاڻ بذات خود تاريخ ساز شخصيت جا مالڪ آهن. تاريخ جا ورق سندن آجيان لاءِ منتظر آهن.
بروهي صاحب جن جون علمي ادبي خدمتون تاريخ جي دل وارن ورقن ۾ لکيون وينديون. پاڻ ذاتي زندگيءَ ۾ بيحد شفيق، مھربان ۽ محسن انسان آهن. سندن وٽ ادنى ۽ اعلى جو ڪوبه تصور ڪونهي. پاڻ هر انسان جي آڌيءَ مانجهيءَ مدد ۽ همدردي ڪندا آهن. هرڪنھن جا هڏ ڏوکي ۽ يار آهن، سندن مزاج ۾ تنگ نظري، ڪٽرپڻي، قدامت پسندي، علمي فخر، وڏ پڻائي، پاڻپڻي، ظاهري ڏيک ويک، ٺٺ ٺانگر، ۽ ماڻهن کان پاڻکي مٿڀري سمجهڻ، علمي ۽ ادبي برتري مڃائڻ جي اڻ سڌيءَ طرح ڪوشش ڪرڻ وغيره جھڙن عنصرن جو نالو نشان به ڪونهي. ڇاڪاڻ ته پاڻ، پاڻ وڃائي پاڻ کي حاصل ڪيو اٿن. پاڻ وڃائڻ سان ئي زندگيءَ جي حقيقت ماڻي اٿن. سندن دل ۾ امن، پيار، محبت ۽ سچائيءَ جي هڪ وسيع ڪائنات وسندڙ آهي. پاڻ فطرت جي هر چيز ۾ وحدت جو حسن ۽ جلوو پسن ٿا. سندن ذهن انسان جي ٺاهيل تنگ ۽ محدود گول دائرن ۽ پنجوڙن کان بلڪل مٿانهون آهي. جتي ڪوبه مت ڀيد ڪونهي. جتي ڪابه نفرت ۽ ڇڪتاڻ، اٽڪل ۽ چالبازي ڪونهي. اتي فقط سڳنڌ ۽ سرهاڻ آهي، جنهن جو واس مرجهايل ۽ جهريل جيءَ کي تازگي ۽ توانائي ڏئي ٿو. اهڙن انسانن لاءِ لطيف فرمايو آهي ته:
سرمو سفيديءَ جو، جڏهن پاتو جن،
تڏهن ڏٺي تن، اَڇائي عالم ۾.
بروهي صاحب جن هن وسيع ڪائناب ۾ سچ ۽ سونهن جا متلاشي آهن، علم ادب، ڏات ۽ ڏاهپ ته ڄڻ قدرت طرفان هن خاندان کي ورسي ۾ مليل آهي. ويتر سنڌ جي عظيم مفڪر، دانشور، محقق عالم ۽ سچي صوفيءَ علامه آءِ آءِ قاضي صاحب جن سان گھرن لاڳاپن، صحبت، ان جي تعليم ۽ تربيت سبب سندن علمي فضيلت ۽ ادبي ۽ فڪري بلنديءَ کي چوڏهن چنڊ لڳائي ڇڏيا. سندن علم جي اعتراف طور هڪ ڀيري حضرت علامه صاحب پنھنجي فرمانبردار شاگردن کي مخاطب ٿيندي فرمايو هو ته، ”مونکي افسوس آهي جو منھنجي علم جو ڪوبه وارث ٿي نه سگهيو. اوهان مان هڪ بروهي اي- ڪي بروهي صاحب (علي احمد بروهي صاحب جن جو وڏو ڀاءُ) ئي آهي، جنهن مون مان گهڻو ڪجهه علم پرائي ان کي هضم به ڪيو آهي.“
علي احمد بروهي صاحب جن جي زندگيءَ جو هر پاسو بنيادي شعور سان ڀرپور پلٽيو پيوآهي. ڇاڪاڻ ته سندن بنيادي تربيت ۽ حواسي ترقي شعور صالح سان ٿي. علمي ادبي اداري ۽ تجربيگاهه ۾ اک کوليائون. جنھن ڪري کين پهرين لولي ئي علم ۽ شعور جي ملي. پاڻ بلند پايي جا بيباڪ بھادر صحافي ٿي گذريا آهن. صحافت جي پليٽ فارم تان پاڻ کلم کلا حق ۽ صداقت جي آواز کي بلند ڪندا رهيا. اتان پاڻ وڏيءَ جرئت ۽ بيباڪيءَ سان ۽ سچ جي هٿيار سان مظلوم ۽ دکي انسانن جي نمائندگي ۽ ترجماني ڪري، عوام جي دل جي ڌڙڪن بڻجي ويا. پاڻ ڪڏهن به مصلحتن خاطر ڪنھن به حقيقت تي ڪک ڪونه رکيائون، بلڪ سچ کي انوکي انداز ۽ اسٽائيل ۾ جرڪائي پڌرو ڪيائون. صحافت جي ذريعي ئي علم و ادب ۽ ٻوليءَ جي آبياري ڪندا رهيا. ادب ۾ نت نوان تجربا، فارم ۽ اسٽائيل روشناس ڪرائي، هتان جي عوام، ثقافت، ٻوليءَ جي مزاج ۽ تھذيب جي مواقف بڻائي، سنڌي ادب جي گلشن کي وڌيڪ سگهارو، دلڪشن ۽ سڳنڌ وارو بڻائي ڇڏيائون.
بروهي صاحب جن طنز وَ مزاح ذريعي علمي، ادبي ۽ سماجي تنقيد جي هڪ دلچسپ، اثـر انگيز ۽ انوکي اسٽائيل ايجاد ڪري ادبي کوٽ جو پورائو ڪيو. سندن انداز عام ۽ ٺيٺ لھجي واريءَ ٻوليءَ ۾ هوندو آهي، جنھن ۾ اصليت ۽ سادگيءَ جا عڪس پاريون ڪيو پلٽيا پيا هوندا آهن. جنھن ڪري سندن لکڻين ۾ اهو اثـر آهي ۽ اهو واحد ليکڪ آهي، جو جڏهن به سندن لکڻي ڪنھن اخبار يا رسالي ۾ ڇپبي آهي ته ماڻهو ان کي چاهه ۽ روح سان پڙهندا آهن، جيئن ڪنھن نئين ليکڪ جي پهريون ڀيرو ڪا تخليق ڇپي هجي. جنھن سان هو بيحد خوشي محسوس ڪندو آهي. اهڙيءَ طرح ماڻهو بروهي صاحب جي لکڻين کي پنھنجون لکڻيون ۽ پنھنجي من جون روح رچنديون سمجهي انهن کي پڙهن ٿا. ان کان علاوه منھنجو اهو ذاتي تجربو ۽ اکين ڏٺي ڳالهه آهي ته ڪيترائي نوجوان بروهي صاحب جن جي مضمونن جون وڏي تعداد ۾ فوٽو ڪاپيون ڪرائي، پنھنجي معلومات ۽ ڏانءَ حاصل ڪرڻ لاءِ پاڻ وٽ محفوظ ڪري رکندا آهن.
علم بابت سندن چوڻ آهي ته، اڄڪلهه هڪڙا ماڻهو علم جو مقصد فقط معلومات کي سمجهن ٿا. ۽ هڪڙا ماڻهو علم حاصل ڪن ٿا محض ذاتي مقصدن، غرضن ۽ دولت ڪمائڻ، عهدن ۽ ڊگرين حاصل ڪرڻ لاءِ. اهڙيون سوچون رکڻ بلڪل ڀل آهي. اهي علم جي حقيقت کان بي خبر آهي. اهو علم کين پريشانين ۽ پيڙائن کانسواءِ ڪجهه ڏئي نٿو سگهي. علم اهو آهي، جنھن مان اها خبر پوي ته زندگي ڪيئن گذارجي ۽ ڪنھن جي لاءِ بسر ڪجي؟ علم اهو آهي، جنھن ۾ ڪائنات، فطرت ۽ انساني مزاج جو مطالع ڪيو وڃي. زندگيءَ کي سمجهڻ لاءِ فطرت جي هر پھلوءَ جو غور سان مطالعو ۽ مشاهدو ڪري، نتيجا حاصل ڪري، انهن کي عملي زندگيءَ ۾ داخل ڪيو وڃي. اهو علم، جنھن سان روح کي سجاڳي ملي، اندر جي اک کلي، جيڪو علم دل جي بصيرت جي تابع هجي. اهو ئي علمي معراج آهي، جنھن سان خلق کي وڌ ۾ وڌ فائدو پهچائي سگهجي. سندن چوڻ آهي ته اڄ جڏهن اسان علم جي حقيقت کان هٽي ويا آهيون، تڏهن اسان ۾ ڪا حرڪت ۽ وسعت پيدا ڪونه ٿي ٿئي زندگيءَ جو ڪوبه نصب العين مقرر ڪونهي، زندگي بيٺل پاڻيءَ جيان سينوارجي بدبودار بڻجي چڪي آهي. منزل جي ڪابه خبر ڪونهي. ائين ئي بي مقصد ڀٽڪندا ٿا وتئون. اها ڪمال درجي جي بدنصيبي آهي جو سڌي واٽ ڇڏي، زندگيءَ کان روپوش ٿي وتئون ٿا جهرجهنگ جهاڳيندا. ”پاڻيءَ مٿي جهوپڙا، مورک اڃ مرن.“ وارو حال آهي. نتيجو هيءُ نڪتو آهي جو انسان ذات هاڻوڪي روپ ۾ پنھنجي زندگيءَ جو اصل مقصد وڃائي چڪي آهي. جنھن ڪري اسان جي سماج ۾ خودڪشيءَ جا لاڙا پيدا ٿي چڪا آهن. جيئن ته زندگي ۽ سندس ”مقصد حيات“ ٻئي ساڳي ڳالهه آهن، ان ڪري جتي به زندگي پنھنجو مقصد وڃائي ٿي ويهي اتي سندس زنده رهڻ واري خواهش ئي ختم ٿي وڃي ٿي. پوءِ آدمي پالتو جانور کان ويندي وحشي درندي واري دور ۾ دائري ۾ داخل ٿي پنھنجي قوت فڪر وڃائي ٿو ڇڏي. جيسين وري ڪا تخليقي شخصيت اچي کيس غفلت واريءَ ننڊ مان بيدار ڪري ۽ کيس ڪنهن مقصد ۽ احساس سان لاڳاپي ڇڏي. پاڻ وڌيڪ چون ٿا ته ”اندر ۽ ٻاهر وارا ٻئي چھرا هڪجھڙا اڇا اجرا نه ٿيندا، جيستائين قلب ۽ قالب جي موافقت نه ٿيندي، تيستائين انسان جي اصلاح ٿيڻ ناممڪن آهي.“
ان لاءِ ڪنھن رهبر ۽ سونهين جي صحبت جي ضرورت آهي.
جيئن لطيف سائين فرمايو آهي ته:
لکين لوڙائو، سھسين سُڃَ ۾،
بـَرَ ۾ بورائو، کڻج پيادي پاڻ سين.
سندن خيال آهي ته اسان جي زندگيءَ جي ٻيڙي سواءِ ڪنھن سڙهه، ونجهه ۽ ناکئي جي هلي رهي آهي. هيءَ دنيا جا درياهه مثال آهي، پر اسان کي ان جي سِيرُن، ڪُننَ، دهشت ۽ خطرن ۽ ڪنارن جي ڪابه ڄاڻ ڪونهي ته پوءِ ان ڪشتيءَ جو ڪھڙو حال ٿيندو. جيئن لطيف فرمايو ته:
ڪالهه وڌائين ڪُنَ ۾، جاڏا جُنگَ جھاز،
تنھنجي اڄ تراز، آهي آر اکين ۾.
پر وري لطيف سائين رهنمائي ڪندي، رهبر بڻجي ڏَسُ ڏيندي فرمائي ٿو ته:
ڪاهي وڃ تراز کي، منجهان موج ملاح،
سُونهن جي صلاح، وٺ ته وِيرِ لنگهين وڃين.
سندن خيال آهي ته انسان جي بخشش ۽ بلنديءَ جو هڪ ئي طريقو آهي، نياز نوڙت، عجز ۽ انڪساري. اهو عمل خدا پاڪ وٽ به بيحد مقبول آهي. دل ۾ محبت رکڻ ۽ خوديءَ جو خاتمو، اهي خاص انساني خصلتون آهن. باقي عقل، طاقت، دولت ۽ علم تي غرور ۽ تڪبر ڪرڻ انساني دائري کان بلڪل ٻاهر آهي. قدرت هميشه ڀورن تي ڀال ڪندي آهي. کيس سچ گهڻو پسند آهي.
جيئن لطيف سائين فرمايو آهي ته:
اَلا! ڏاهي مَ ٿيان، ڏاهيون ڏک ڏسن،
مون سان مون پرين، ڀورائيءَ ۾ ڀال ڪيا.
سندن چوڻ آهي ته اڄڪلهه بي معنى ۽ فرسوده روايتن ۽ ريتن رسمن تي ماڻهو ڳنڍ ڏيو بيٺا آهن، جنھن ڪري زندگيءَ جو ٻيو روشن پهلو پَسي نٿا سگهن. بي مقصد ۽ حقيقتن جي ابتڙ ريتون انسان کي وڻ ويڙهيءَ جيان وڪوڙي سندس شعور جي امرت رَسُ پي ڇڏن ٿيون. انسان محدود ۽ تنگ دائرن ۾ بند ٿي وڃي ٿو، جنھن ڪري سندس ذهني سوچ ۽ خيال جون سرحدون وسيع نٿيون ٿين. سندن خيال آهي ته زندگي ڪنھن به نصب العين مقرر ڪرڻ کانسواءِ بيڪار ۽ حيوانن جيان آهي، جڏهن ته مقصد سواءِ عمل ۽ جدوجھد جي فقط خودفريبي ۽ ديوانگيءَ جو خواب آهي.
ادب بابت سندن خيال آهي ته ادب قومن جو ترجمان ۽ عڪاس هوندو آهي. ادب حقيقت ۾ حسن، خير، امن ۽ سچائيءَ جو نانءُ آهي. ادب ۾ زندگيءَ جا اهي سمورا ڪتاب اچي وڃن ٿا جن ۾ وسعت نظري، بلند خيالي، ڪشاده دلي، سنجيدگي، سچائي، فڪر جي عادت ۽ حق جي ڳولا شامل آهن. ادب ۾ ئي انسان جي سمورن احساسن ۽ جذبن تي اثرائتي بيان سان بحث ڪيو وڃي ٿو. ادب مان ئي ڪنھن قوم جي ذهني قلبي ڪيفيات، حواسي ترقي، شعوري سطح، فڪري ۽ نظرياتي ترقي، تھذيبي، ثقافتي، روحاني، اخلاقي، روايتي، سياسي، سماجي، معاشي حالتن ۽ ترقيءَ جو پتو لڳائي سگهجي ٿو. ادب انساني زندگيءَ جو تفسير ۽ آئينو هوندو آهي، جنھن مان ان قوم جا چٽا پٽا عڪس ڏسڻ ۾ ايندا آهن. ادب ۾ انسان جي سمورن احساسن ۽ جذبن جو اظھار وري هڪ شاهوڪار ۽ ترقي يافته ٻوليءَ ذريعي ڪيو وڃي ٿو.
سترهين صديءَ جي اڌ ڌاري دنيا جنھن ڊگر تي هلي رهي هئي سا يڪسر بدلجي وئي. دنيا ۾ زندگيءَ جي هر شعبي ۾ نئين تحقيق ۽ تجديد سان انقلابي تبديليون آيون. مقصديت وارو تخليقي ادب روشناس ٿيو. دنيا ۾ نون خيالن، نظرين ۽ تصورن جنم ورتو. ادبي تخليقن ۽ تحريرن سبب ئي ماڻهن جي بيٺل سوچن کي متحرڪ بڻايو ويو. شعور جي هڪ اهڙي لهر آئي جو قطارن جيان اديب، دانشور، مفڪر ۽ سائنسدان پيدا ٿيا.
اهو ادب ئي آهي، جنھن سان دنيا ۾ سماجي انقلاب آيا. فرسوده ريتن رسمن ۽ ڏند ڪٿائن جي جاءِ تي عقل، علم ۽ شعورجاءِ والاري. ان لحاظ کان سنڌي ادب عالمي سطح جي ان عروج تي پهتل آهي جو دنياجي ترقي يافته مشرقي ۽ مغربي ادب ۽ اديب جي مقابلي ۾ سنڌي ادب ۽ اديب وڏي اعتماد ۽ فخر سان پيش ڪري ٿو سگهجي. ڇاڪاڻ ته سنڌي ادب انهن سمورن جديد مقرر ڪيل ادبي معيارن، اصولن ۽ ماپن تي پورو پورو ٺهڪي اچي ٿو. پر بروهي صاحب جن کي موجوده ادبي صورتحال کان سخت ڳڻتي ۽ مايوسي آهي، ڇاڪاڻ ته اڄڪلهه رڳو صحافتي ادب تي زور آهي. جنھن ۾ فطرت ۽ انساني مزاج جو عڪس ۽ لاڳاپو نظر ڪونه ٿو اچي جيڪو ڪنھن به تخليق کي آفاقي حيثيت بخشي ٿو.
اڄڪلهه سھل پسنديءَ جو رجحان وڌي رهيو آهي. تنقيد ۽ اصلاح لاءِ سـھـپ ۽ بـردبـاري مشڪل ئي ٿي ڏسجي. هر ڪنھن کي جهٽ پٽ علاءُ الدين جي ڏيئي وانگر ڪنهن وڏي اديب بنجڻ جو جنون ۽ شوق آهي. رڳو شاعريءَ تي لٺ پئي ٿي لڳي هزارن جي تعداد ۾ شاعر ٿي پيا آهن، پر افسوس جو نثر ڏانھن ڪنھن جو ڪو خاص ڌيان ڪونهي. ڇو ته اهو ڪجهه اوکو پنڌ آهي، جنھن لاءِ تجربو ۽ مطالعو گهرجي. اڄڪلهه سنڌي ادب ۾ اخبارون ۽ رسالا رڳو ترجمن سان ڀريا پيا آهن، باقي تحقيقي، تنقيدي تخليق جو مڙئي ٿيو خير! هن وقت سنڌي ادب ۾ تخليقي ۽ نثري ادب جي تمام وڏي کوٽ محسوس ٿي رهي آهي. جنھن لاءِ بروهي صاحب جن ڳڻتيءَ جو اظھار ڪندي چون ٿا ته دنيا تيزيءَ سان نون تجربن، تحقيقن، تنقيدن جديد اسٽائيل ۽ لاڙن سان اڳتي وڌي رهي آهي ۽ اسين اوترو ئي تيزيءَ سان پوئتي وڃي رهيا آهيون. اگر اها ئي افسوسناڪ حالت رهي ته اسين تقريباً هڪ صدي پوئتي هليا وينداسين، جيڪا وٿي پُر ڪرڻ نهايت مشڪل ٿي پوندي. تنهنڪري غور ۽ فڪر، مطالعي ۽ مشاهدي کانسواءِ وڏي اديب بنجڻ جا خواب ڏسڻ اجايا آهن. تيستائين ڪوبه اديب ڪوبه ادبي آفاقي شاهڪار تخليق ڪري نٿو سگهي، جيستائين هو فطرت، انساني مزاج، ثقافت ۽ تھذيب، انسان جي معاملاتي ۽ نفسياتي زندگيءَ جو ڀرپور اڀياس نٿو ڪري. پاڻ فرمائن ٿا ته، اڄوڪي نوجوان ليکڪ جو ذهن ۽ شعوري سگهه تمام گهڻي تيز آهي، هنن ۾ ادبي چاهه، ڏانءُ ۽ ڏات به آهي. باقي جيڪڏهن ٿورو به پاڻ ۾ غور ۽ فڪر، سنجيدگي ۽ سھپ جي عادت پيدا ڪن ۽ ڪائنات ۽ فطرت جو سنجيدگيءَ سان مطالعو ڪن ۽ مشاهدو ماڻن ته ٿوري ئي وقت اندر وڏا ادبي شاهڪار جن ۾ انساني مزاج ۽ فطرت جي هم آهنگي ۽ موافقت هجي، تخليق ڪري دنيا جي وڏن اديبن جي صف ۾ شامل ٿي سگهن. اسان جو اديب دنيا جي ڪنھن به اديب کان گهٽ ناهي.
بروهي صاحب جن اهي واحد اديب آهن، جيڪي ادب ۽ ٻوليءَ تي هميشه گھري نظر رکيون ايندا آهن. جڏهن به اديب يا ٻوليءَ کي ڪو نقصان رسڻ جو انديشو ڏسندا آهن ته سڀ کان پهريائين پاڻ انهن علامتن ۽ عنصرن جي سڃاڻپ ڪري آواز بلند ڪندا آهن. جيئن ته پاڻ ٻوليءَ جا پڻ وڏا ماهر ۽ پارکو آهن.
سنڌي ٻوليءَ بابت سندن خيال آهي ته سنڌي زبان دنيا جي انهن چند ترقي يافته، وسيع ۽ زرخيز زبانن مان هڪ آهي جن ۾ هڪ شيءِ لاءِ تمام گهڻا ۽ الڳ الڳ الفاظ ۽ نالا هوندا آهن، جيڪي پنھنجي اندر الڳ الڳ معنى ۽ مفھوم رکندا آهن. مثال: اُٺَ ۽ ٻيڙي وغيره جا تمام گهڻا نالا آهن، جي الڳ الڳ وقت، ڪيفيت ۽ حالت کي ظاهر ڪندا آهن. ٻيو ته سنڌي زبان ۾ جاذبيت جي خاصيت موجود آهي، جيڪا ٻين ٻولين جي لفظن کي پنھنجي اندر جذب ڪري، انهن کي پنھنجي مزاج، ماحول ۽ فارم ۾ تبديل ڪري ٿي. جاذبيت وارو اهو عمل ٻوليءَ جو تمام مٿانهون معيار آهي، پر سنڌي ٻوليءَ جي موجود بگڙجندڙ صورتحال کان کين بيحد مايوسي ۽ ڳڻتي آهي. جڏهن سنڌي اخبارن ۾ غير سنڌي لفظ سنڌي زبان ۾ عام استعمال ٿيڻ لڳا، جن جي معنى ۽ مفهوم عام ماڻهوءَ کي سمجهه ۾ اچڻ جھڙو ئي نه هو، تڏهن پاڻ نهايت جرئت ۽ بيباڪيءَ سان پنھنجو قلم ۽ علم استعمال ڪري، ”اخبارن جي ٻوليءَ تي سرسري نظر“ جي عنوان سان هڪ تحقيقي، تنقيدي ۽ اصلاحي مضمون لکيائون. جنھن ۾ انهن لفظن جي عالمانه انداز ۾ نشاندهي ڪيائون جيڪو ”روزانه هلال پاڪستان“ جي 2-آڪٽوبر 1992ع تي ڇپيو اهو ساڳيو مضمون سنڌ جي عظيم محقق،دانشور، تاريخدان ۽ ٻوليءَ جي ماهر جناب ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ صاحب جن ”سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو“ جنھن جا پاڻ چيئرمين آهن، طرفان ڪتابي صورت ۾ ٻيهر شايع ڪرايو.
بروهي صاحب جن جي ان مضمون جو نموني طور هڪ ٽڪرو پيش ڪجي ٿو، ”هن ۾ ڪو شڪ ناهي ته صحافت (جرنلزم) کان مراد آهي ئي اهڙو ادب جو ٿڏي تي ۽ تڙ تڪڙ ۾ سرانجام ڏنو وڃي. هونئن به اخبار جي ڄمار آهي ئي گهڻي؟ ڪل چار پھر. رات ڀر ڀٽاري سورنهن سينگار ڪري ٺهي جڙي ڪنوار ٿي صبح جو پڙهندڙن جي ور چڙهي، ۽ وري شام جي ٽاڻي رنڙ ٿي دربدر رلندي وتي. پوءِ ڪي مٿس ترس آڻي کيس پڪوڙن ويڙهڻ ۾ سڪارتو ڪن ته ڪي بي رحم وري منجهس پراڻا پادر پارسل ڪن. خود اخبار جي اڏاوت ۽ اوساري پڻ پنجن يا ڇهن ڪلاڪن ۾ مس رچي راس ٿئي ٿي. باقي وقت جي سيڙپ ٿئي ٿي اخبار جي ڇپائيءَ ۾. ايجنٽن وٽ پھچ ۽ گراهڪن ڏانهن ورڇ ۾. اهو ئي ڪارڻ آهي جو اخبار جي رپورٽرن، خطن يا سب ايڊيٽرن کي ڳاٽي ڀڳي رفتار تي خبرن جي ڇنڊ ڇاڻ ۽ گهڙائي ڪرڻي ٿي پوي. ظاهر آهي ته اهڙي وٺ پڪڙ جي صورتحال ۾ سواءِ تجربيڪار صحافيءَ جي، ٻئي ڪنھن سيکڙاٽ کي ڪهڙي مجال جو مواد کي ٺاهي جوڙي ۽ وري ساڳئي وقت کيس وارنش سان پالش ڪري ۽ جرڪائي به! وقت جي ڀيڙ ۽ ڀڄ ڀڄان ۾، اسان جا نوجوان صحافي پوءِ خبرن جو پورائو ڪرڻ لاءِ زور رکن ٿا اردو اخبارن جي انڌاڌنڌ ترجمن ڪرڻ تي! نج ۽ ٺيٺ سنڌي لفظ ته وڃي کڏ پيا، پر عام فهم اکرن جي به ڄاڻ نه هئڻ ڪري هو ڌڙا ڌڙ اردو اکر استعمال ڪندا ٿا رهن. اهو ئي سبب آهي جو اوهان کي سنڌي اخبارن اندر ”مثبت، تشخص، مزاحمت، منتشر، محصورين، مداخلت“ جھڙا ڦوڙاٽ اکر عام جام سنڌيءَ جي سيني تي مڱ ڏريندي نظر ايندا. وڌيڪ ۽ وڏو ويل وري انهن مچايو آهي جي اردو اکر ته استعمال ڪن ٿا الاجي نه، پر هنن همراهن وري پنھنجا هٿرادو ۽ جڙتو اکر گهڙڻ تي سندرو ٻڌو آهي، جي لفظ نه لغت ۾ آهن ۽ نه وري رواج ۾!
نوان لفظ جوڙڻ ڪو خراب ڪم ڪونه آهي، بلڪ جن ملڪن جا ماڻهو ترقي پسند هوندا آهن ۽ منجهن علم ادب جو ذوق شوق جام هوندو آهي. اتي هنرمند ڪاريگر، دانشور، هنرمند، فن ۽ ادب ۾ نيون نيون ڳالهيون ايجاد ڪندا آهن. نوان لفظ ايجاد ڪرڻ يا ڌارين اکرن جي استعمال ڪرڻ تي ڪا بندش نه آهي، پر شرط اهو آهي ته پنھنجي ٻوليءَ ۾ جڏهن ڪا کوٽ هجي يا اڻاٺ! ته پوءِ سڀڪجهه جائز آهي. چوندا ڪين آهن ته ”ضرورت ايجاد جي ماءُ آهي“.
ٻوليءَ جي هاڻوڪي بگاڙ ۾ جنس جو غلط استعمال سر فهرست آهي، خاص طور جڏهن جملي ۾ ڌارين ٻولين جا اکر ڪتب آندا ٿا وڃن. مثال: ”آپريشن“ انگريزي اکر آهي، جنھن جي معنى آهي، ”ڊاڪٽر وڍ ڪٽ، جراحي يا ڪاروائي.“ جنس جي لحاظ کان هي لفظ مونث طور ڪتب ايندو آهي، پر اڄڪلهه هن لفظ ک جنس مذڪر طور عام استعمال ڪيو وڃي ٿو ته، ”آپريشن ٿيندو يا ڪيو ويندو.“ آپريشن هميشه ٿيندي آهي يا ڪئي ويندي آهي. نه فقط آپريشن پر اهڙا هڙئي انگريزي اکر جن جي پٺ ۾ ”شن“ لاڳو ٿيل هجي سي سڀني جنس مونث ۾ استعمال ڪيا ويندا آهن، جيئن ”ٽرانسليشن، ڊڪٽيشن، ڪوآپريشن، سيپريشن“ وغيره. هي اصول سڄاڻ استادن اڳيئي مقرر ۽ طئي ڪري ڇڏيا آهن. هن ڏس ۾ فقط هي چوڻ ڪافي نه آهي ته لاڙ ۾ اسان وٽ آپريشن ٿيندو آهي، نه وري هي ڪو مناسب دليل آهي ته ڊاڪٽري آپريشن ٿيندي آهي، باقي ملٽر آپريشن ٿيندو آهي. سنڌي ٻوليءَ جا اڪثر لفظ عدد واحد توڻي عدد جمع ٻنهي ۾ هوبهو هڪجھڙا استعمال ڪيا ويندا آهن. جيئن ”سوچ سمجهه- خيال“ وغيره. هن ڏس ۾ اسان جا ڪي اديب اردوءَ جي نقش قدم تي هلندي سنڌي اکرن کي هروڀرو پڇ ٻڌي ”جمع“ بنائڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. سنڌيءَ ۾ ”ياد“ واحد توڻي جمع آهي، پر اڄڪلهه هن لفظ جي ٻيڙي سير تي آندي وئي آهي. ڪڏهن ”يادون“ ٿا لکن ته ڪڏهن وري ”ياديون“ جيڪڏهن کين جمع ۾ لکڻ جي لاچاري آهي ته پوءِ ”يادگيريون“ چئي سگهن ٿا ۽ نه ”يادون“. ساڳيءَ طرح سنڌيءَ ۾ ”سوچ“ جو جمع ”سوچون“ نه آهن، پر ”سوچ“ سڀني جي آهي. اوهان جي سوچ، سڀ جي سوچ يا جڳ جھان جي سوچ. اوهان جڏهن به اهڙن لفظن جو جمع ۾ اظھار ڪندا ته سمورو مامرو بي سُرو ٿي پوندو. مثال طور، ”مائيءَ ڀاڳيءَ اڄ کار چاڙهي آهي.“ پر جيڪڏهن جمع ۾ به اوهان ”کارُ“ بجاءِ ”کاريون“ لفظ استعمال ڪندا ته مونجهارو ٿي پوندو.
هي برابر آهي ته اڄڪلهه سنڌي ٻولي وارثن هوندي سوندي ڇوري ڇني آهي ۽ ساڻس ڇيڙ ڇاڙ ڪرڻ تي ڪا جَهلَ پَلَ آهي ئي ڪانه! جيئن چوڻي آهي ته انڌي جي جوءِ جو الله واهي آهي. پر تڏهن به شڪر الحمدالله جو اڃا ڪي آهين جوڳي جُوءِ ۾. جن کي نه فقط ٻھڳڻ ٻوليءَ سان هٿو پائي ڪرڻ تي ڪهڪاءُ ٿو اچي يا کين اندر ۾ چھنڊڙيون ٿيون پون، پر سندن رت به ٿو ٽھڪي. اوهان ڏٺو هوندو ته ويجهڙائيءَ ۾ ٻن ٽن مضمونن جي ڇپجڻ تي ئي ايترو اثرائتو رد عمل ٿيو جو ڪراچيءَ جي سنڌي اخبارن کان اردو اکر ائين اوچتو ئي غائب ٿي ويا، جيئن گڏهه جي مٿي تان سڱ. اسان جي پنھنجي اديبن ۽ صحافين ۾ وڏيون اميدون آهن ته هو سنڌي ٻوليءَ جي ستر، سونهن ۽ صحت جي بيحد حفاظت ڪندا. هونئن به اسان وٽ پنھنجي سڃاڻپ لاءِ ٻيو رکيو ئي ڇا آهي؟ سواءِ امڙ ٻوليءَ جي! کيس ويس وڳا پھرائي، اڇو اجرو رکڻ بجاءِ جي پاڻ بيھي سندس لوئي ليڙون ڪريون ته اها هڪ ٽرئجڊي ٿيندي.“
هي ته هئا اهي خيال جي مون ناچيز خادم، علي احمّد بروهي صاحب جن لاءِ پيش ڪيا. جن مان بروهي صاحب جن جي علمي بصيرت، ادبي ۽ فڪري، ذهني۽ روحاني بلنديءَ جا چٽا عڪس پسي سگهجن ٿا. زندگيءَ جو سڌو گس ڳولي سگهجي ٿو. ان کان علاوه ٻوليءَ سان سندن محبت ۽ ٻوليءَ تي سندن مهارت جو اندازو به لڳائي سگهجي ٿو. اهڙن عظيم انسانن جي صحبت مان ئي اسان کي زندگيءَ جي حقيقت معلوم ٿي سگهي ٿي. اهڙن انسانن لاءِ لطيف سائين فرمايو آهي ته:
تانسين ساڻن اور، جانسين آهينِ اوطاقن ۾،
ڏهه ڏهه ڀيرا، ڏينهن ۾، پاڻ مٿانئن گهور،
ويا جي هنگلور، ڪـَرَمَ ملندءِ ڪاپڙي.
نوٽ: هيءَ معلومات مون بروهي صاحب جن جي مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپيل تحريرن منهنجي رهنمائيءَ خاطر شفقت ۽ ٻاجهه مان، مون خادم ڏانهن وقت بوقت جيڪي خط لکندا رهندا آهن، تن تان حاصل ڪئي آهي. (سرور منگي)
**