مختلف موضوع

سماج ۽ ادب جو سفر

ڪتاب ”سماج ۽ ادب جو سفر“شاعر ۽ ليکڪ سرور منگيءَ جي تخليقن جهڙوڪ مضمونن، ڪهاڻين، ڊرامي، شخصيتن تي لکيل پروفائيلن ۽ سندس شاعريءَ جو مجموعو آهي، جنهن جو مرتب عيسى ميمڻ آهي. سڪندر علي هُليو لکي ٿو:
”سرور منگي ڀٽائيءَ جي سُر کاهوڙيءَ جي کاهوڙڪي کير جو جديد ڪردار هيو، ڇو جو اسان هن کي معاشي تنگدستيءَ ۽ سماجي ناهمواريءَ جي ڌٻڻ ۾ هوندي به ڪڏهن دل شڪسته نه ڏٺو. زندگيءَ جي آخري ڏينهن ۾ جسماني ڪمزوريءَ جي جنجال هن کي نٻل ضرور ڪري ڇڏيو هيو پر هن جي جذبي ۾ پوءِ به ڪو جهول نه آيو هيو ۽ اها ئي هن آدرشي ڪردار جي ڪاميابي آهي. ڪاش! اسان وٽ اهڙا ڪردار ۽ همه گير ڪردار پيدا ٿي سگهن. پنهنجي اباڻي قبرستان ۾ مڻ مِٽيءَ جي هيٺان مدفون سائين سرور جو روح اڄ هن ننڍڙي ڪتابي ڀيٽا کانپوءِ يقينن مسرور ٿيو هوندو، کيس قبرستان جي اردگرد دور تائين سرنهن جي کيتن ۾ پيلن گلن جھڙي سرهائي ضرور ٿي هوندي.“
  • 4.5/5.0
  • 4363
  • 810
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • سرور منگي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book سماج ۽ ادب جو سفر

ڪافي ۽ وائيءَ ۾ فرق

اَلا ڏاهي مَ ٿيان، ڏاهيون ڏک ڏسن،
مون سان مون پرين، ڀورائيءَ ۾ ڀال ڪيا.

صدر محترم، سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ جا وارث اديبو، دانشورو، محققؤ، شاعرو، سگهڙؤ، سالڪو، مدبرو ۽ نقادو، امن ۽ خير، سچ ۽ سونھن جا متلاشيو، پٿريلي پنڌ جا پانڌيئڙو! جيئي سنڌ.
صدر محترم: ڪابه ادبي صنف يا شاهڪار هجي، نثر هجي يا نظم هجي. ڪوبه تحقيقي ميدان يا تخليقي فارم هجي ته ان کي صحيح سمجهڻ لاءِ سڀ کان اول ادب جي معنى ۽ مفھوم، مقصد ۽ منشا، گُهرجن ۽ تقاضائن کي سمجهڻ پهريون شرط آهي. ڇو ته جيستائين اسان کي ادب جي اهميت ۽ افاديت جي ڄاڻ نه هوندي. جيستائين اسان کي ان جي فطري ۽ فڪري تقاضائن جي خبر نه پوندي، جيستائين اسان کي ان جي روح جي پروڙ ڪين پوندي، جيستائين ان جي خصوصيت جي ڄاڻ نه هوندي، تيستائين اسان سماج ۾ ان جو صحيح ڪارج ۽ استعمال ڪري ڪونه سگهنداسين. نتيجو اهو نڪرندو جو بيماريءَ جي غلط تشخيص سبب صحيح دوا جو استعمال ڪونه ٿيندو ته مرض گهٽجڻ بجاءِ وڌندائي رهندا.
دوستو! اڄڪلهه ادب ڏانهن جو رويو ۽ رجحان آهي، سو ته منھنجي نظر ۾ نهايت افسوسناڪ آهي. ڇاڪاڻ ته اڄڪلهه فقط راتورات ٺڪاءُ ڏئي گوگاءَ ڪڍائي، وڏي اديب، شاعر ۽ دانشور بڻجڻ جو شوق، سو به رڳو شوق ئي نه پر جُنون جي حد تائين شوق. مان ان کي ذوق ڪونه ٿو چوان، ڇو ته اهڙي شوق ۾ ذوق هوندو ئي نه آهي.
هڪ آزار اهو ٿيو جو نه مطالعو ڪيوسين، نه مشاهدو، نه وري ادب جي ڪنهن صنف بابت فني ۽ فڪري معلومات رکون ٿا، نه وري اهڙي ڄاڻ حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ٿا ڪريون. جنھن ڪري اسان ۾ سھل پسندي، سھپ ۽ سنجيدگيءَ جي کوٽ، محنت کان عار ڪرڻ جھڙا عنصر ۽ رجحان پيدا ٿيا آهن، جن اسان جي خيال جي اڏام ۽ فڪر جي گھرائيءَ، غور ۽ فڪر جي عادت کي هڪ جاءِ تي بيھاري ڇڏيو آهي. ادب ۾ اهو بيھڻ يا بيھڻ جھڙا رويا نھايت مايوس ڪن عمل آهن. ٻيو ويلُ وري هي ٿيو آهي جو اسان عظيم عظيم اچارڻ جا عادي ٿي ويا آهيون. تاريخ کي اڳتي ڏسڻ بجاءِ پوئتي ڏسون ٿا. اسين چئون ٿا اسان جي قوم عظيم، اسان جو علم ادب عظيم، تاريخ ۽ تمدن عظيم، ٻولي ۽ تھذيب عظيم. ٻيو ڀل ڪو ڪجهه به چوي پر اسان ضرور عظيم آهيون.
ٻيا ڀلي مريخ تي زهري تي پھچن، نيون نيون ايجادون ۽کوجنائون ڪن. تحقيقون ۽ تجربا ڪري پنهنجي تاريخي سفر کي آسان ۽ شاندار بنائن. پر اسان ڪجهه نه ڪنداسين. ڇو ته اسان عظيم خان آهيون. اسان جو ماضي عظيم آهي. خبر ناهي ته اها پوئتي موٽڻ واري سوچ اسان کي ڪھڙي طرف وٺي هلندي ۽ هلي هلي ڪٿي دنگ ڪندي. يا بيٺل دُٻي جي پاڻيءَ جيان سينوارجي بيهي رهندي. تڏهن ته لاکيڻي لطيف فرمايو ته:

ڌوڌا تون نه ڏئين، آڳ اوڏو نه وڃين،
اُلا جي عشق جا، سي تان تون نه سهين،
اُڀو ائين چئين، ته آءٌ آڳڙيوآهيان.

صدر محترم: حقيقت ۾ اسين جڏهن ماضيءَ جي شان و شوڪت ۾ پاڻ کي گم ڪري خوشي فھميءَ، غير حقيقي ۽ غير فطري سوچ ۽ خودفريـبي ۽ زنجيرن ۾ وڪوڙي غفلت، ڪاهلي ۽ سستيءَ جو ثبوت ڏيون ٿا. حقيقت ۾ اسين پنھنجي، ڪوتاهين کي پردي وجهڻ جي ڪوشش ڪريون ٿا. ماضيءَ جي عظمت جا گيت هميشه اهي قومون ڳائينديون آهن، ماضيءَ جي پوڄا اهي قومون ڪنديون آهن، جيڪي محنت، جيڪا فطرت ، جھڙي حسين آهي، ان کان عملي طور تي ڪوتاهي ۽ روڳائپ ڪندا آهن. اهو ئي سبب آهي جو انسان بار بار ماضيءَ جي يادن سان دل کي تسڪين ڏيندو آهي. نه فقط ايترو پر انسان حال جي مسئلن ۽ معاملن کان گهٻرائجي ماضيءَ جي اڻڄاڻائيءَ ۾ پناهه وٺڻ گهرندو آهي. جتي ناواقفيت ۽ اوندهه هر شيءِ کي لڪائي رکيو آهي. جتي ماضيءَ جون برايون ۽ مسئلا اسان جي سامھون نظر ڪونه ٿا اچن. اها ئي ناواقفيت اسان کي بار بار ماضيءَ جي طرف گھلي وڃي ٿي ۽ اسين ”حال“ جي دنيا کان ڪناره ڪشي ڪري ڪٽجي وڃون ٿا.
صدر محترم! تاريخي اعتبار کان خاص طور تي جيڪي سماج زوال جي حالت ۾ هوندا آهن، انهن جو تعلق پنھنجي ماضيءَ سان جُنون جي حد تائين وڌي ويندو آهي. اهي معاشرا پنھنجا زوال ۽ ناڪامين جي سبب ڳولڻ بجاءِ پنھنجي زوال، غربت، محرومي ۽ افلاس کي، ماضيءَ جي عظمت ۾ وسارڻ چاهيندا آهن.
صدر محترم: هاڻي مان ادب بابت چند لفظ اوهان جي خدمت ۾ پيش ڪندس.
دوستو! جھڙيءَ طرح انساني جسم جي سمورن عضون ۽ سموري بناوت ۾ دماغ کي ”سپر پاور“ جي حيثيت حاصل آهي. جتان خيال پيدا ٿين ٿا. جتان فرمان جاري ٿين ٿا. انهن فرمانن کي انساني سيلس (Cells) عمل ۾ آڻڻ لاءِ مختلف عضون تائين پھچائين ٿا. اهڙيءَ طرح انساني زندگيءَ جي سمورن شعبن، رويـن ۽ ارتقائي عملن ۾ ”ادب“ کي ئي ”سپر پاور“ جي حيثيت حاصل آهي. ادب جي ذريعي انسان ۽ ڪائنات جي منجهيل مسئلن ۽ پيچيده سوالن جا صحيح جواب ۽ حل معلوم ڪري سگهجن ٿا. زندگيءَ جا سمورا ڪتاب ”ادب“ جي دائري ۾ اچي وڃن ٿا. ادب مان اگر زندگي ڪڍي ڇڏجي ته ادب پنھنجو مقصد ۽ مفھوم وڃائي ويهي رهندو.
دوستو! اڄ دنيا ۾ زندگيءَ جا سمورا شعبا نئين سِر تحقيق ۽ تجريد لاءِ بيقرار آهن. دنيا ۾ هر روز نت نوان تجربا پيا ٿين. تحقيقون پيون ٿين. فطري تقاضائن ۽ تبديلين مطابق نوان نوان لاڙا، نظريا ۽ مفروضا وجود ۾ پيا اچن. نوان فارم ۽ اسٽائيل پنھنجي جاءِ پيا والارين. علم ادب ۽ ٻوليءَ ۾ نت نوان ۽ پورائو ڪندڙ تجربا ۽ مشاهدا پيا ٿين. جيڪي موجوده اليڪٽرانڪ ۽ ڪمپيوٽر واري دور جون گُهرجون پوريون ڪري سگهن. هر دور جي گهرجن ۽ تقاضائن جي نوعيت الڳ الڳ ٿئي ٿي. ليڪن افسوس جو اسان هڪ صدي يعني سڄو سارو سؤ سال گذرڻ کانپوءِ به ڪڏهن پنھنجو احتساب نه ڪيو آهي. ڪڏهن به پنھنجي سنڌي ڏانھن، دانشورن، شاعرن اديبن، محققن ۽ تاريخدانن جي گڏيل ڪانفرنس ڪوٺائي، علم ادب ۽ ٻوليءَ جي ماپن، معيارن، وقتي ۽ فطري تقاضائن تي پورو لھڻ بابت غورويچار ڪري، ان جي سمورن رخن/ پاسن کي جاچي ان جو تفصيل سان جائزو نه ورتو آهي ته اسان جو ادب ۽ اسان جي ٻولي موجوده ڪمپيوٽر ۽ انٽرنيٽ جي دؤر ۾ ڪھڙي معيار تي بيٺل آهي ۽ ان کي ڪھڙي معيار تي آڻڻ گهرجي. هن وقت عالمي تناظر ۾ انسان جا ڪھڙا ڪھڙا مسئلا ۽ ضرورتون آهن. افسوس جو اهڙن مسئلن تي ڪڏهن به غور نه ٿيو آهي، ڇو ته اسين عظيم آهيون، جيڪا هڪ افسوسناڪ ڳالهه آهي. هينئر ايڪيهين صدي ڪڙو کڙڪائي رهي آهي. دنيا جي قومن نئين صدي جي آجيان ڪرڻ لاءِ ۽ ان وٽ سرخرو ٿي اڳواڻي ڪرڻ لاءِ ڀرپور نموني سان پاڻ کي سائنسي ۽ فني بنيادن تي تيار ڪيو آهي. جنھن جا عملي نتيجا اسين اکين سان ڏسي رهيا آهيون. پر اسان ڪڏهن به ان ڳالهه تي ڌيان نه ڏنو آهي ته ان وقت اسان جي حيثيت دنيا جي سامھون ڪھڙي هوندي؟ اسان جو معيار ۽ سڃاڻپ ڪھڙي هوندي؟ اسان اتي ڪھڙيءَ صف ۽ ڪھڙيءَ ڪيفيت ۾ بيٺل هونداسين؟ اهڙين حالتن کي سامھون رکندي شاهه سائينءَ فرمايو آهي ته:

سي تو ويهي وڃائيا، جي ڪتڻ سندا ڏينھن،
ارٽ اوڏي نه ٿئين، ڀوري ڀوري سِينءَ،
ڪنڌ کڻندينءَ ڪيئن، اڱڻ عجيبن جي.

صدر محترم، ادب جي تاريخ بابت مختلف مفڪرن ۽ دانشورن جي نقطه نظر جو اختلاف آهي. هڪڙا ان کي ماهيت جي نظر سان ڏسن ٿا. ٻي موضوع کي اهميت ڏين ٿا. ٽيان وري ادب جي صورت کي جاچن ٿا. چوٿان ادب کي مضمون جي نقطه نظر کان سمجهڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. انهن سڀني نظرين جو حاصل مقصد اهو وڃي بيهندو ته ”ادب“ هڪ اهڙي مواد کي چئجي ٿو، جنهن جو لاڳاپو انسان جي عام زندگيءَ سان هجي. جنھن جا سمورا پاسا نمايان نظر اچن. ليڪن ان ۾ هڪ خاص قسم جو فارم موجود هجي-، جنهن ۾ دلڪشي، اثر انگيزي ۽ فرحت موجود هجي.
افلاطون جو چوڻ آهي ته، ”ادب اهو آهي، جنهن مان اخلاق ۽ صداقت جي نشونما ٿئي.“
ارسطوءَ جو وارو آيو ته هن ادب جي گھري اڀياس کانپوءِ فتوى ڏني ته،”تخليقي ادب نقالي ۽ محاڪات آهي. قدرتي طرح انسان محاڪات مان لطف پرائي ٿو ۽ سِکي ٿو. محاڪات اها شيءِ آهي، جا ٻارن کي پنھنجي والدين جي ڳالهائڻ، اٿڻ ويهڻ، عادتن ۽ اطوارن جي نقل ڪرڻ تي آماده ڪري ٿي.“
ابن خلدون جو خيال آهي ته، ”ادب جو علم ايترو ته وسيع آهي، جو ان جي موضوع کي مقرر ڪرڻ نهايت مشڪل آهي.“
دوستو! يورپ جي اديبن جا ادب بابت نقطه نظر حيرت انگيز انقلابن ۽ ايجادن مان اثر پذير ٿيل ٿا ڏسجن. جيڪي عقل ۽ تجربي جي بنياد تي قائم ڪيا ويا. جن خيالن ۾ وڏا وڏا انقلاب برپا ڪري انسان جي حقيقي زندگيءَ تائين پهچڻ ۽ شين کي اصلي صورت ۾ ڏسڻ ۽ پرکڻ لاءِ رستا کولي ڇڏيا.
دوستو! ميٿو آرنولڊ جو خيال آهي ته ”ادب انساني زندگيءَ جو تفسير آهي.“ ميڪلن صاحب جو نظريو آهي ته، ”قدرت انسان ۾ جن سرمدي شين کي امانت رکيو آهي، تن جي اظھار کي ئي ادب چئجي ٿو.“ مشهور جرمن مفڪر جناب هيگل جو خيال آهي ته، ”ادب هڪ تاريخ آهي، جنهن مان ڪنهن ملڪ يا قوم جي وقت بوقت بدلجندڙ تمدن جون تصويرون ڏسي سگهجن ٿيون. ادب قومن جي عروج ۽ زوال جو آئينو ضرور آهي.“
جناب امرسن جو خيال آهي ته، ”حسن، خير ۽ حقيقت ٽنھي جو گڏيل نالو ادب آهي.“
نيومن جو چوڻ آهي ته، ”ادب جو مطلب آهي ٻوليءَ جي ذريعي خيالن کي ظاهر ڪرڻ. خيال مان منھنجو مطلب آهي احساس، تخيل، راءِ، دليل ۽ دماغ جي ٻين شاخن سان.“
جان مارلي صاحب پنھنجي مشهور ڪتاب، ”آن دي اسٽڊي آف لٽريچر“ ۾ لکي ٿو ته، ”ادب ۾ اهي سڀ ڪتاب داخل آهن جن ۾ ڪشاده دلي، سنجيدگي ۽ دلچسپ طرز بيان سان سچائيءَ جي عادتن ۽ انساني جذبن ۽ احساسن تي بحث ڪيو ويو هجي.“
جناب ”ڪوسائن“ ادب جي پيدائش بابت پنهنجي نظرئي ۾ چوي ٿو ته، ”رڳو فطرت جي خوبين جي تقليد ۽ خوبصورت منظرن جي ڏسڻ جي خوشي، لطيف فن جي پيدائش جو اصل سرچشمو نه آهن، بلڪ پهريائين اسان جو دماغ انهن جو مطالعو ڪري ٿو، پوءِ انهن جي ترجماني ڪرڻ جي خواهش سببان ادب جي ابتدا ٿئي ٿي. يعني ڪنهن شيءِ جي ڏسڻ کانپوءِ ان بابت جيڪي خيال اسان جي دل ۽ دماغ ۾ پيدا ٿين ٿا، انهن کي بلڪل سهڻن ۽ شاندار لفظن ۾ قلمبند ڪرڻ مان ادب پيدا ٿئي ٿو.“
صدر محترم! مٿين ڳالهين کي نظر ۾ رکندي چئي سگهجي ٿو ته ادب زندگيءَ جو آئينو ۽ تفسير آهي. ادب جي مطالعي سان ئي انسان زندگيءَ جي مخفي رازن ۽ پيچيده سوالن کي نه فقط سمجهي سگهي ٿو، بلڪ انهن تان پردو به هٽائي سگهي ٿو.
صدر محترم! هاڻي مان پنهنجي اصل موضوع جي طرف اچان ٿو. اڄوڪو مليل موضوع آهي، ”ڪافيءَ ۽ وائيءَ ۾ فرق“ اهي ٻئي شاعريءَ جون نهايت آڳاٽيون ۽ مقبول صنفون آهن. انهن ٻنهي جي فرق ۽ ارتقا ۽ اوسر تي اسان جا محقق، شاعر، دانشور ۽ اديب پنھنجي عالمانه ۽ ماهرانه انداز ۾ تحقيق جي روشنيءَ ۾ روشني وجهي ان فرق کي واضع ڪندا باقي مون ادنى ۽ سيکڙاٽ کي ڇا مجال آهي جو ايڏي وڏي تحقيق طلب موضوع کي واضع ڪري سگهان. پر حڪم ٿيو آهي، ان جي تعميل ڪندي پنھنجي حقير ڄاڻ مطابق مختصر خاڪو اوهان جي خدمت ۾ پيش ڪريان ٿو.
دوستو! ڪافيءَ ۽ وائيءَ جي فرق کي، سمجهڻ لاءِ پهريائين ٻنهي جي ارتقا ۽ ڌاتوئن کي سمجهڻ نهايت ضروري آهي. جڏهن اسين انهن جي بنيادي گهاڙيٽي، پيدائش ۽ خيال کي سمجهنداسين تڏهن اسين انهن جي فرق کي به سمجهي معلوم ڪري سگهنداسين نه ته ٻيءَ صورت ۾ رڳو گُهتون هڻڻيون پونديون، نتيجو ڪوبه ڪونه نڪرندو.
صدر محترم! بنيادي ۽ آڳاٽي لحاظ کان ”ڪافي“ نظم ۾ مکيه موضوع هئا. هڪ ثنا ۽ ساراهه ۽ ٻيو اندر جو حال اورڻ. پر فطري طور تي وقت گذرڻ سان گڏوگڏ ڪافيون مختلف قسم جي موضوعن، معنائن ۽ مضمونن جي اظھار جو ذريعو بڻبيون رهيون. حمد و ثنا، توحيد ۽ تصوف - عشق جي آتش، سڄڻ جي سڪ، محبوب جو جلوو ۽ جمال، حسن ۽ سينگار، نينهن جي نياپن پھچائڻ وارا قاصد، سڪ سوز، درد ۽ فراق جي آلاپ، مينگهه ۽ ملهار، سانوڻ ۽ سارنگ وغيره ڪافين جا موضوع بڻبا رهيا.
دوستو! وقت گذرڻ سان گڏ شين جي خاصيت، اهميت ۽ نوعيت ۾ به تبديلي ايندي آهي. اهڙيءَ طرح ڪافيءَ ۾ به هنرمنديءَ سان ڳائڻ واري ذوق سبب ان جي فني سٽاءَ ۾ پڻ تبديليون آيون. جيئن جيئن ڳائڻ واري هنر ۾ واڌارو آيو ته ڪافيون به وائيءَ واريءَ لسي چوڻيءَ کان نرالي نوع ۾ جدا جدا راڳڻين ۾ ڳايون ويون. 18 صدي عيسويءَ ۾ شاهه صاحب جي راڳ وارين ”واين“ جو ڪافين جي ڳائڻ تي وڏو اثر پيو ۽ انهيءَ اثر هيٺ هڪ ته ڪافين جي ڳائڻ ۾ سوز ۽ گداز وارو عنصر قائم رهيو، ٻيو ته موضوع جي لحاظ سان مختلف قصن ۽ داستانن جي عنوانن تي مشتمل سهرائتيون ڪافيون سامهون آيون. ٽيون ته شاهه جي راڳ جي ادا وارا ڪي سـُرَ هڪ خاص نئين انداز ۾ يعني ڪوهياري، سورٺ، راڻي وغيره راڳڻين جي صورت ۾ ڪافين ڳائڻ لاءِ تمام گهڻو مشهور ۽ مقبول ٿيا. ڪافيءَ جي موسيقيءَ ۾ جيئن ئي وسعت ۽ جدت پيدا ٿي ته ڪافي پنهنجي اصلي عروضي قالب بدران سُرن جي قالب ۾ سمائجي وئي.
سنڌ جو ممتاز محقق، تاريخدان ۽ لسانيات جو ماهر ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ صاحب لکي ٿو ته شروع ۾ سنڌي ڪافي عربي ”ڪافيه“ يا ”ڪِلمة“ يا قصيده واري سِٽاءَ ۾ صورت پذير ٿي. يعني منڍ واري سِٽَ، ٿلهه توڙي ان بعد مصراعن جا قافيا آخر ۾ آندل هئا. ڳائڻ واري لحاظ کان منڍ واري سِٽَ يعني ٿلهه مکيه هئي. ڇو ته اهو ئي ان مضمون جو بنياد هو، جنهن کي اول آلاپڻو هو.
ان کانپوءِ ٻين سٽن مان هرهڪ مصرع کي آلاپڻو هو. ڳائڻ جي لحاظ کان اها لسي ڪافي يا وائي واري صورت هئي. ان هڪ قافيي واري صورت ۾ ترنم ۽ لئه جو مدار سِٽَ يعني مصرع جي ڊيگهه ۽ پڇاڙيءَ واري قافيي جي سهڻائيءَ تي رکيل هو. اڳتي هلي جيئن جيئن موسيقيءَ ۽ هنرمندي ڪافيءَ ۾ داخل ٿي ته ان جو اثر ڪافيءَ جي پهرين سِٽَ يعني ٿلهه تي پيو. جنهن سبب ان ۾ قافيو سِٽَ جي پڇاڙيءَ بدران وچ تي آندو ويو. ان ۾ اڃا وڌيڪ تبديلي تڏهن آئي جڏهن ٿلهه ۾ توڙي مصراعن ۾ هڪ کان وڌيڪ قافيا بلڪل نئين انداز سان داخل ڪيا ويا. جنهنڪري ڳائڻ ۾ اندروني ترنم ۽ لئه جي صورت ۾ به نمايان تبديلي آئي. هاڻي ڪافي، وائيءَ کان نرالي نوعيت اختيار ڪري چڪي هئي. ڇو ته هن ۾ هاڻي ڪاريگري، تار ۽ لئه جا عنصر وڌيڪ داخل ٿي چڪا هئا.
صدر محترم، ڪافي، سنڌ جي تمام آڳاٽي شاعراڻه صنف آهي. تاريخي طور تي ڪافيءَ جو وجود شاعرن جي سرتاج لاکيڻي لطيف کان ٻه صديون اڳ جو معلوم ٿئي ٿو. هن سلسلي ۾ پهريون بزرگ شخص، صوفي انسان شيخ لاڏ جيو سنڌي نظر اچي ٿو. جيڪو لاڏ جيو برهانپوري جي نالي سان مشھور آهي. هي بزرگ پاٽ جو ويٺل هو. لاڏ جيو جي وفات 1007هه ۾ ٿي آهي. هي بزرگ شاهه صاحب جي زماني کان ڏيڍ صدي اڳ سنڌ ۾ پهتو. پاڻ اهڙي آلاپ ۽ سوز سان ڪافيون ڳائيندو ۽ آلاپيندو هو جو ٻڌڻ وارا به مست ٿي جهومڻ لڳندا هئا. ٻيو شخص آهي مير محمد فاضل بکري، جيڪو تاريخ معصوميءَ جي مصنف مير معصوم بکريءَ جو ڀاءُ هو. ان مان ثابت ٿيو ته ڪافيءَ جو رواج سنڌ ۾ شاهه سائينءَ کان ٻه صديون اڳ جو آهي. ڪافيءَ بابت مختلف دانشورن ۽ محققن جا الڳ الڳ رايا آهن. جناب برهانپوريءَ ڪافيءَ کي سنڌ جو مقبول راڳ چوي ٿو. سيد منظور نقوي ڪافيءَ کي سنگيت جي هڪ ٺاٺ مان نڪتل راڳ سڏي ٿو. مخدوم طالب المولى، ڪافي امير خسرو جي نئين ايجاد ڪيل راڳ کي چوي ٿو. آخوند رب ڏني ڪفى مان ڪافي بيان ڪئي آهي. سندس خيال آهي ته ساهمي يعني ترازيءَ جي ٻن پڙن جي برابر هجڻ مان امڪان آهي شعر جي ٻن مصراعن جي هموزن ۽ توري تڪي ٺاهڻ کي ”ڪفى“ ان مان ڪافي ورتو ويو هجي. حالانڪ ٻن مصراعن مان واضع مطلب نٿو نڪري. البت غزل ۾ ٻه سٽون چئبيون آهن، پر ڪافيءَ جي مثالن ۾ اهڙي پابندي نه آهي. جنهن ڪافيءَ جون مصراعون ٽن ٽن ۽ چئن چئن سِٽن واريون به هم قافيه ٿين ٿيون. تنهنڪري ساهميءَ جو ٻن پڙن جو برابر هئڻ ۽ شعر جي قافين ۾ اختلاف جو هجڻ قرين قياس نظر اچي ٿو. مولانا فضل احمد غزنويءَ جو رايو آهي ته، ڪافي عربيءَ جو لفظ آهي. ان جو مادو ”ڪفى“ ۽ مصدر ”ڪفاية“ آهي. ۽ ان جو اسم فاعل ”ڪافي“ آهي. ڪافيءَ جي اصل معنى آهي ”خالي ٿيل جاءِ ڀرڻ“ ۽ ان جو عام استعمال ”مراد حاصل ڪرڻ“ ۾ ٿئي ٿو. سنڌيءَ ۾ چئبو ”بس“ ڪافي آهي. يعني ان کان وڌيڪ ضرورت نه آهي. ان جو مصدر ٿيندو ”ڪافي هجڻ“ يا ”پورو هجڻ“ وغيره.
دوستو! مٿين حقيقتن مان اها ڳالهه ثابت ٿي ته ڪافيون آڳاٽي زماني کان نظم ٿيون ۽ ڳايون ويون. پر لکت ۾ پهريون ڀيرو واين جي عنوان سان ميون شاهه عنايت جي ڪلام ۾ منظر عام تي آيون. اهي ڪل (42) وايون هيون، جن مان (9) اهڙيون آهن جن جي ٿلهه وارين سٽن جا قافيا آخر ۾ آهن. باقي (33) اهڙيون آهن جي ٿلهه وارين سٽن ۾ قافيا وچ تي آندل آهن.
مثال: ”ساريان ملڪ ملير، پيرون کيرون جيڏيون.“
هن ۾ لفظ ”ملير“ قافيو آهي، جيڪو سٽ جي وچ تي ڏنل آهي.
شاهه عنايت نه فقط ٿلهه جا قافيا تبديل ڪيا، پر سِٽن ۾ هم آواز الفاظ ۽ ٻٽا قافيا به ڪم آندائين.
مثال طور: هم آواز لفظ.
”سمن صالحن، توڙان طالبن، اصل آهي آمري.“
ٻٽا قافيا: اڄ گهر، اڄ گهر اينداسين، ويٺي ڪانگ اڏايان،
ائين ڀانيان.
يا وري: ”گهڙي گهڙي ٿيان گهور، ناتي لائڻ سان، نينهن نڀائڻ سان.“
صدر محترم! جيئن مٿي ذڪر ڪيو اٿم ته ڪافيءَ پنهنجي انفرادي حيثيت تڏهن اختيار ڪئي. هن پنهنجي الڳ اسٽائيل تڏهن سامهون آندي جڏهن ان ۾ قافين جو تعداد وڌيڪ داخل ڪيو ويو.
مثال طور: عثمان فقير جي ٻن قافين واري ڪافي:
ڪَهُه تون ڪانگ ڪامان، آهين تون جيءُ جو جياپو،
مٺڙيون مٺڙيون تنھنجون مامان، آهين تون جيءُ جو جياپو.
ڪانگ اچڻ جي هَن ڪاتياري، آءٌ تنين جي محبت ماري،
سورن منجهه سڙان مان، باهه برهه جي ٿي ڀڙڪي،
کوري ۾ عشق جي کامان.
ٽن قافين واري ڪافي:
تنھن جي جوت جمال، جيءَ کي جوڙي جادو ڪيڙو،
لکين هزارين حوريون پريون، چشمن چوري ڪيون سڀ چريون،
ڪُٺيون حسن ڪمال، ناز نهوڙي تن کي نيڙو .
مٿئين ڪافيءَ جي ٿلهه ۾ جمال، ، جوڙي ۽ ڪيڙو، ٽي قافيا آهن. جڏهن ته مصرع جي هيٺين سِٽَ ۾ ڪمال، نهوڙي ۽ نيڙو قافيا آهن.
دوستو! ڪافيءَ جي صنف جي اڄ جي ڪمپيوٽر جي دؤر تائين جي بقا ۽ پائداريءَ جو واحد سبب هي آهي ته ڪافي شاعر جي اندر جي سڪ ۽ سوز جي اظھار جو ذريعو آهي. ڪافي ڄڻ ته شاعر جي اندر جي جهونگار ۽ آلاپ آهي. سوز ۽ سنگيت کي ڪڏهن به مات اچڻي نه آهي. هيءَ به حقيقت آهي ته ڪافي گو شاعر راڳ ۽ سُر ڌار جو به ڄاڻو هوندو آهي. هو جڏهن ڪافي لکندو آهي ته ان کي ڪونه ڪو سُرُ به ڏيندو آهي.
ميان ثناءُ الله ”ثنائي“ کوهاري جي ڪافي پيش ڪجي ٿي:
عشق گهر پنھنجو ڇڏائي ٿو رُلائي دربدر،
بادشاهن کي ڀُلائي، ٿو پِنائي دربدر.
هيرَ لئه حيران ٿي، ڪيم تخت کي رانجهن ترڪ،
شاهزادو شوق مئون مُرلي وڄائي دربدر.
اي ”ثنائي“ عشق وارا، ڪين خواريءَ ڀئه ڊڄن،
ٿو نچائي عشق هي ڀولو بڻائي دربدر.
ڪافيءَ جي مضمون ۾ اهي احوال، اهي ذڪر ۽ بيان اچڻ گهرجن جيڪي اسان جي رسمن ۽ رواجن ۾ آهن. پوءِ سُرُ کڻي ڪھڙو به هجي.
دوستو! ڪافيءَ جي هيءَ به خاص خصوصيت آهي ته ڪافي آهي ئي ڳائڻ لاءِ ۽ نه رڳو شاعريءَ جي ڪتابن ۾ لکي رکڻ لاءِ. ڪافي ۽ موسيقي ٻئي هڪٻئي لاءِ لازم ۽ ملزوم آهن. هونئن به جيترو سنڌي شاعريءَ جو موسيقيءَ سان تعلق آهي، اوترو ڪنھن ٻئي ملڪ جي شاعريءَ جو موسيقيءَ سان ايترو واسطو آهي. ٻين ملڪن ۾ صرف شعر لکيا ويندا آهن ۽ پوءِ موسيقار انهن کي ڳائڻ جي طرزن ۽ ڌنن جي قالب ۾ سمائيندا آهن.
صدر محترم! هي ته هئو ڪافيءَ جي پسمنظر ۽ فني سِٽاءَ بابت مختصر جائزو. هاڻي مان وائيءَ بابت چند لفظ پيش ڪندس ته جيئن ٻنهي جي فرق کي ظاهر ڪرڻ ۾ آساني ٿي سگهي.
صدر محترم! وائيءَ جي صنف جي پيدائش ۽ فني جوڙجڪ بابت پڻ ڪافيءَ وانگر مختلف محققن، عالمن، ماهرن ۽ دانشورن جا خيال مختلف آهن. وائي سنڌي شاعريءَ جي تمام آڳاٽي صنف آهي. وائي ٺيٺ سنڌي لفظ آهي. جنهن جي لغوي معنى آهي ”ڳالهه ٻولهه“. اصطلاحي لحاظ کان عام محاوري ۾ چئبو ته، ”بابا چڱي وائي ڪڍ“ يعني زبان مان سٺا اکر ڪڍ. وائيءَ کي سُرَ سان ڳايو به ويندو آهي.
فني سٽاءَ جي لحاظ کان وائيءَ جي ابتدا ٿلهه سان ٿئي ٿي. باقي هرهڪ مصرع الڳ الڳ هوندي آهي. جن جو قافيوسِٽَ جي آخر ۾ ايندو آهي. بناوت ۽ بيهڪ ۾ وائي هيڪوڻي، ڏيڍوڻي، ٻيڻي، ٽيڻي، پنجوڻي، ڇهوڻي يا نائوڻي پڻ ٿيندي آهي. مضمون جي لحاظ کان تصوف، عشق ۽ محبت، سوز ۽ گداز، وڇوڙي ۽ وصال، اميد ۽ اڪير، وائيءَ جا خاص محور آهن. پر موجوده دؤر ۾ انسان جي سماجي ۽ معاشي زندگيءَ جا عڪس ۽ طبعي منظر وائيءَ ۾ چٽا ڏسڻ ۾ اچن ٿا. يعني وائيءَ جي مفھوم ۽ مضمون ۾ تبديلي ۽ وسعت آئي آهي.
صدر محترم! وائيءَ جي پيدائش بابت ڪن ماهرن جو چوڻ آهي ته وائي لفظ سنسڪرت ٻوليءَ مان ورتو ويو آهي. ڪِن جو خيال آهي ته هندي ٻوليءَ جي ”واڻي“ يا ”ٻاڻي“ مان وائي نڪتل آهي. ڪافي به اصل ۾ وائيءَ جي ترقي ڪيل صورت آهي. فني لحاظ کان وائيءَ جي هرهڪ سِٽ الڳ هوندي آهي. جنهن جو وزن ڪجهه ڊيگهارو ۽ لچڪدار ٿئي ٿو- ۽ قافيو سِٽ جي آخر ۾ ايندو آهي.
عام طور تي وائيءَ جي هر بند ۾ هڪ سِٽَ ٿئي ٿي، پر ڪن شاعرن هرهڪ بند ۾ ٻه سِٽون به ڪم آنديون آهن. جي ٻئي پاڻ ۾ هم قافيه ٿينديون آهن. سائين طالب المولى جو چوڻ آهي ته ”وايا“ ۽ ”وارتا“ جي معنى آهي، رهت، حالت ۽ معجزا. ان طرح ”وايو“ ۽ ”وائي“ هوا ۽ ”پران“ يا پساهه. وائي ”اهو ئي“ ۽ ”وهي“ هڪ چيز آهن. پر انهن جو وائيءَ سان تعلق نه آهي. تنھنڪري امڪان آهي ته لفظ ”واڻي“ مان ”وائي“ ٺهيو آهي. جنهن واڻي کي سنڌيءَ ۾ ”ٻاڻي“ به چوندا آهن. جڏهن ته لفظ واڻيءَ جي معنى آهي ”ٻول ۽ سخن“.
دوستو! سنڌ جي نامياري ۽ ممتاز محقق، دانشور، عالم، شاعر ۽ نقاد مولانا غلام محمد گرامي صاحب جن جو خيال آهي ته، وائيءَ جو تعلق ”واءُ“ ۽ ”واڻيءَ“ سان نه آهي، بلڪ ”واءِ واءِ“ يعني ”هاءِ هاءِ“ سان آهي. ”واءِ واءِ“ ڪرڻ محاورو آهي. يعني دانهون ڪرڻ. ”پِٽڻ ۽ روئڻ“. شاهه لطيف جي درگاهه تي ٿيندڙ راڳ به واءِ واءِ جي آوازن سان آهي. ان ۾ لفظ ۽ طرف ڄڻ آهن ئي ڪين.
سنڌ جو عظيم دانشور، محقق ۽ تاريخدان پير حسام الدين راشدي صاحب جن به پنھنجي تحقيق ۾ صحيح فيصلو ڏيندي فرمائن ٿا ته، لغت ۾ لفظ وايو ۽ وائي به ملن ٿا. جن جون معنائون آهن وايو معنى ”هوا ۽ پران.“ جنهن کي ساهه ٿو سڏجي. وائيءَ جي معنى آهي ”اهو ئي“. ڪِن جو وري به خيال آهي ته لفظ ”واءِ“ منجهان وائي ٺهيو آهي. ”واءِ“ عربي ٻوليءَ ۾ افسوس جو اظھار آهي. تنھنڪري جيئن وائيءَ ۾ فراق، هجر ۽ غم جو بيان ٿئي ٿو، تنھنڪري جيئن سنڌي شاعريءَ جي انهيءَ مقبول صنف تي وائي نالو رکيو ويو.
دوستو! ڪافي ۽ وائي موضوع ۽ مواد جي حيثيت سان ته ڪنھن حد تائين هڪ آهن. ليڪن فني هيئت، فارم ۽ اسٽائيل ۾ ٻنهي ۾ فرق آهي. وائيءَ جو ٿلهه به اڌ ٿئي ٿو. پهرئين اڌ ۾ قافيو ۽ ٻيو اڌ بنا قافيي جي آهي. ليڪن ڪافيءَ ۾ ائين نه آهي. ڪافيءَ جي ٿلهه جي ٻنهي سٽن جي آخر ۾ قافيا ٿين ٿا. ان کان علاوه وائي، ڪافيءَ جي ابتدائي صورت آهي. وائي هڪ سِٽَ ۽ وراڻي تائين محدود آهي. پر ڪافيءَ جي سٽاءَ ۾ وسعت آهي. وائيءَ ۾ مٿان فقط هڪ سِٽَ ٿئي ٿي، جيڪا ٻن ميمبرن تي مشتمل آهي ۽ ٻي سِٽَ هڪ رُڪن تي مشتمل ٿئي ٿي. يعني وائيءَ جي ٻنهي سٽن کي اگر ڏيڍي چئجي ته بيجا نه ٿيندو. وائيءَ جو پويون اڌ ته ڄڻ وراڻو آهي، پر اهو وراڻو يا ورجاءُ هيٺينءَ هڪ سِٽَ جو هر حيثيت سان حصو ۽ جوڙ آهي. اگر ان پوئين رُڪن کي وائيءَ جو روح چئجي ته بجا آهي. وائيءَ جو پويون رڪن روان۽ شائسته ٿئي ٿو، جيڪو هر سٽ سان لڳندو آهي. ان کي واضع ڪندو ۽ کوليندو هلندو آهي. هي حصو نهايت رَسَ ڀريو ۽ رتل ٿئي ٿو. وائيءَ جو وراڻو هر حال ۾ ساڳيو رهندو آهي. پر ڪافيءَ جو بدلبو رهندو آهي. وائيءَ لاءِ اول ڪنهن هڪ رُڪن کي جهونگارجي ٿو پوءِ ان کي ٻيڻو ڪجي ٿو. وايون ۽ ڪافيون عروضي پابندين سان نه پر، راڳ، سُرَ، ترنم ۽ نغمي جي مناسبت سان چئجن ۽ لکجن ٿيون.
دوستو! هونئن ته وائيءَ جي صنف نهايت قديم ۽ آڳاٽي آهي ليڪن لکت ۾ پهريون وايون اسانکي ميون شاهه عنايت جون ملن ٿيون، جن جو ڪل تعداد (42) آهي. هنن واين جي ٿلهن ۾ ڪِن جي وچ تي ۽ ڪِن جي پڇاڙيءَ ۾ قافيا ڪم آندل هئا. شاهه عنايت راڳ ۽ موسيقيءَ جو تمام وڏو ڄاڻو هو. هُنَ وائيءَ جي سِٽن ۾ قافين ۽ لفظن، جي انوکي فني سِٽاءَ سان وائيءَ جي موسيقيت ۾ اضافو ڪيو. وائيءَ جي لفظن کي وائيءَ جي لئه سان هم آهنگ ڪرڻ جو موجد به غالباً شاهه عنايت ئي آهي. کانئس پوءِ اهي سڀ خوبيون ۽ سهڻايون لاکيڻي لطيف جي واين ۾ وڌيڪ چمڪيون ۽ اثر انگيز ٿيون. ڇاڪاڻ جو شاهه جو راڳ باقاعده هڪ ادارو بڻجي چڪو هو. شاهه سائينءَ جي راڳ ۾ لسي وائيءَ کي دنبوري جي ڇيڙ تي ڳايو ويو. جڏهن ته اهي وايون جن جا قافيا وچ تي آندل هئا تن کي ڏيڍي ۽ دوتالي تار ۽ لَئِه تي ڳايو ويو.
*
بَتي نه ٻار اڱڻ جي،
چوڏهينءَ جو چنڊ چمڪي ٿو.
*
اڃا رات جا ٻارهن ٿيا هِن،
توکي لڳي آ يار وڃڻ جي،
چوڏهينءَ جو چنڊ چمڪي ٿو.
(تنوير عباسي)

*
پينگهي ۾ ستل هئينءَ تون،
پر مون ٿي ائين سمجهيو،
هڪ خواب ستل آهي.
*
نم ڇانوَ جي ڀاڪر ۾،
گمنام مسافر جو،
هڪ خواب ستل آهي.
(ادل سومرو)

مٿين واين ۾ توڙي جو نهايت فني پختگي، نزاڪت، باريڪ بيني، جدت، جوش ۽ سادگي موجود آهي. پر پوءِ به ان جي پوئين رڪن کي اها ئي ساڳي اهميت حاصل آهي، جيڪا مٿينءَ سِٽَ جي مفهوم کي واضع ڪندي ۽ کوليندي هلي ٿي. توڙ يجو ان جي اسٽائيل وقتي تقاضائن مطابق تبديل ٿي آهي، پر پوءِ به ان جو ڏانءُ ۽ فارم تبديل نه ٿيو آهي.
صدر محترم! اهو اسان جي سنڌي اديبن، دانشورن ۽ شاعرن جو ڪمال آهي جو انهن شاعريءَ ۾ جديد سڌارن آڻڻ جي باوجود به انهن جي شڪل ۽ مواد کي ساڳيءَ صورت ۾ برقرار رکيو آهي.
دوستو! مٿئين تفصيلي جائزي کانپوءِ آءٌ ان نتيجي تي پهتو آهيان ته تاريخي سفر جي لحاظ کان فرق صاف ظاهر آهي ته وائي، وائي آهي. ڪافي ڪافي آهي. وائيءَ مان ڪافي ڪونه ٿيندي ۽ ڪافيءَ مان وائي ڪونه ٺهندي. اهي پنهنجي پنهنجي فارم، اسٽائيل ۽ فني سِٽاءَ جي لحاظ کان ٻه الڳ الڳ صنفون آهن. فرق فقط اهو آهي ته وائيءَ جي صنف عام ۽ خاص ۾ نهايت مقبول آهي. هن صنف ۾ ننڍو توڙي وڏو شاعر پنھنجا خيال، پنهنجا احساس ۽ جذبا آسانيءَ سان اوتي سگهي ٿو.
وائيءَ جو فني گهاڙيٽو نهايت آسان ۽ اثـر انگيز آهي جو هر شاعر ان ۾ طبع آزمائي ڪري ٿو. نه فقط ايترو پر وائي پنهنجي اندر انتهائي ڪشش ۽ وسعت رکڻ واري صنف آهي، جيڪا شاعر کي ۽ ٻڌندڙ کي پاڻ ڏانهن مـتـاثـر ڪري ٿي. ليڪن افسوس جو ڪافي، جيڪا پُراثر، پُرسوز ۽ پُر ڪيف آهي، جنهن ۾ اڪير ۽ فراق جون پڪارون آهن. ان جي جدت، ترقي ۽ سڌاري ڏانهن ڪوبه ڌيان ڪونه ڏنو ويو آهي. ڪافيءَ جو فني سِٽاءُ شايد ايڏو مشڪل آهي، جيڪو مهارت ۽ ڪاريگريءَ کانسواءِ سَرجي نٿو سگهي. اهو ئي سبب آهي جو اڄڪلهه ڪوبه شاعر ڪافيءَ جي صنف لکڻ ۽ ان تي طبع آزمائي ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي ۽ نه ئي وري اهڙي ڪوشش ڪئي ٿي وڃي.
دوستو! انهيءَ سهل پسنديءَ ۽ سستيءَ مان ائين نه ٿئي جو اسان جي شاعري ادب مان اها صنف ئي ناپيد ٿي رڳو آڳاٽن ڪتابن ۾ ئي رهجي وڃي. تنھنڪري هن وقت ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ڪافيءَ جي صنف کي آسان ۽ دلڪش بنائڻ لاءِ ان ۾ جديد تقاضائن مطابق سڌرا آڻي، ان ۾ وسعت پيدا ڪئي وڃي ته جيئن هر شاعر آسانيءَ سان پنهنجا خيال، احساس ۽ جذبا ان صنف ۾ اظهار ڪري سگهي. اهو ڪم سنڌي ادبي سنگت ئي سرانجام ڏئي سگهي ٿي، جيڪو سنڌي ادب جو سڀ کان سگهارو ۽ منظم ادبي پليٽ فارم آهي.
جناب صدر! مون عاجز جي هڪ تجويز آهي ته سال 1997ع کي ڪافيءَ جو سال قرار ڏنو وڃي ۽ سنڌي ادبي سنگت جي هر شاخ هر مهيني جي دستوري گڏجاڻين مان هڪ گڏجاڻي خاص ڪافيءَ لاءِ مقرر ڪئي وڃي، جنھن ۾ فقط ڪافيءَ جي صنف تي پڙهيو ۽ ڳالهايو وڃي.
محبت پائي من ۾، رنڊا روڙيا جن،
تن جو صرافن، اڻ توريو ئي اگهائيو.

مھرباني.

”حوالا“

قافيون جلد-3 (ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ)
مھراڻ ٽه ماهي.
روزانه هلال پاڪستان.
سنڌي ادب جي تاريخ
ادب ۽ تنقيد.

(نوٽ: هي مقالو سنڌي ادبي سنگت شاخ ڏوڪريءَ جي پروگرام ”وائي ۽ ڪافي فني ڇنڊ ڇاڻ“ جي موضوع تي ڪرايل مذاڪري ۾ پڙهيو ويو هو.)