مختلف موضوع

سماج ۽ ادب جو سفر

ڪتاب ”سماج ۽ ادب جو سفر“شاعر ۽ ليکڪ سرور منگيءَ جي تخليقن جهڙوڪ مضمونن، ڪهاڻين، ڊرامي، شخصيتن تي لکيل پروفائيلن ۽ سندس شاعريءَ جو مجموعو آهي، جنهن جو مرتب عيسى ميمڻ آهي. سڪندر علي هُليو لکي ٿو:
”سرور منگي ڀٽائيءَ جي سُر کاهوڙيءَ جي کاهوڙڪي کير جو جديد ڪردار هيو، ڇو جو اسان هن کي معاشي تنگدستيءَ ۽ سماجي ناهمواريءَ جي ڌٻڻ ۾ هوندي به ڪڏهن دل شڪسته نه ڏٺو. زندگيءَ جي آخري ڏينهن ۾ جسماني ڪمزوريءَ جي جنجال هن کي نٻل ضرور ڪري ڇڏيو هيو پر هن جي جذبي ۾ پوءِ به ڪو جهول نه آيو هيو ۽ اها ئي هن آدرشي ڪردار جي ڪاميابي آهي. ڪاش! اسان وٽ اهڙا ڪردار ۽ همه گير ڪردار پيدا ٿي سگهن. پنهنجي اباڻي قبرستان ۾ مڻ مِٽيءَ جي هيٺان مدفون سائين سرور جو روح اڄ هن ننڍڙي ڪتابي ڀيٽا کانپوءِ يقينن مسرور ٿيو هوندو، کيس قبرستان جي اردگرد دور تائين سرنهن جي کيتن ۾ پيلن گلن جھڙي سرهائي ضرور ٿي هوندي.“
  • 4.5/5.0
  • 4363
  • 810
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • سرور منگي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book سماج ۽ ادب جو سفر

”وانـگـار“ جو سماجي ڪارج

انساني فطرت ۾ ڪي اهڙيون جبلتون آهن، جيڪي انسان جو اٽوٽ حصو بڻجي چڪيون آهن. اهي جبلتون انساني زندگيءَ کان الڳ ٿي نـٿيون سگهن. ان ڪري ئي انسان ڪي نه چاهيندڙ ۽ اڻ وڻندڙ ڪم به ڪري وجهندو آهي. انسان جون ڪي عادتون به اهڙيون هونديون آهن، جي بار بار ورجائڻ ۽ ورائي ورائي ڪرڻ سان انسان جي عملي زندگيءَ جو حصو بڻجي وينديون آهن. جن جون علامتون انسان جي چهري ۽ ڳالهه ٻولهه ۽ روين مان نمايان نظر اينديون آهن. انهن عادتن جي ڳالهه اسان جي چهري تي علامتي نشان بڻجي پوندي آهي ۽ پوءِ لَکي وڃبو آهي ته هي انسان ڪهڙن احساسن ۽ روين جو مالڪ آهي. انهن جبلتن جو تعلق انسان سان ان وقت کان وٺي رهندو پئي آيو آهي، جڏهن انسان انساني ۽ سماجي شعور کان تمام گهڻو دور اڻ سڌريل ۽ جهنگلي ماحول ۾ گذاريندو هو. انهن عادتن جا اهڃاڻ ۽ باقيات اڄ جي انتهائي سڌريل ۽ ترقي يافته انسان ۾ پڻ صاف ۽ چٽا نظر اچن ٿا. ڇاڪاڻ ته انهن غير مھذب ۽ جهنگلي حالتن ۾ انسان هزارين سالن تائين رهيو آهي. ان سبب ڪري انهن حالتن جو اثر اڄ جي مھذب انسان تي پڻ موجود آهي.
ان کان علاوه ٻيون رسمون ۽ رواج آهن، جي انسان ان وقت جوڙيا هئا جڏهن انسان سماجي حالت واري صورت اختيار ڪري پاڻ کي سماجي ڍانچي ۾ داخل ڪيو هو. هي انسان جي اسرڻ وارو دور هو. جڏهن سماج اڏجڻ شروع ٿيو ته انسان جي سوچ جنم ورتو. جڏهن سوچ پيدا ٿي ته ان ۾ تحرڪ پيد اٿيو. اتان پوءِ ضرورتون ڦٽڻ لڳيون. جن ايجادن ۽ وهنوارن کي پيدا ڪيو، جتان انسان جي سماجي ۽ معاملاتي زندگيءَ جو آغاز ٿئي ٿو. جڏهن سماج جڙيا ته پوءِ مان، تون، منھنجو، تنھنجو، ڇو ۽ ڇالاءِ، ڪٿي ۽ڪيڏانھن جا تصور انسان ۾ پيدا ٿيا. جڏهن انسان ۾ ”منھنجو“ ۽ ”تنھنجو“ جي ورهاست وارو تصور ۽ تضاد اڀري ٿو، تڏهن اتان پوءِ ذاتيات ۽ مفادن جو ٽڪراءُ شروع ٿئي ٿو. ان ٽڪراءَ جي نتيجي ۾ مختلف رواج، رسمون، ريتون ۽ فلسفاوجود ۾ اچن ٿا. هڪ فرد ٻئي مٿان، هڪ قبيلي ٻئي قبيلي کي ختم ڪرڻ ۽ هڪ قوم ٻئي قوم کي تباهه ڪرڻ يا ان مٿان پنھنجي بالادستي قائم ڪرڻ لاءِ مختلف حربا ۽ طريقا اختيار ڪيا.
اهي رسمون يا رواج ڪنھن به قوم يا سماج ۾ ٻن قسمن جا هوندا آهن ۽ ٻن طريقن سان ان سماج ۾ مروج ٿيندا آهن. ”هڪڙا داخلي ۽ ٻيا خارجي“. داخلي رسمون اهي هونديون آهن، جيڪي ان سماج ۾ انهن شين، انهن عادتن ۽ ڪردارن کي وري وري ورجائڻ ۽ استعمال ۾ آڻڻ سان وجود ۾ اچي ان سماج جو حصو بڻجي وينديون آهن. اهي رواج ان سماج جي ميل جول سان ئي جڙندا آهن. اهي ريتون يا رسمون جي داخلي طور تي ٺهنديون آهن، اهي اڪثر ڪري فائديمند هونديون آهن. سماج ۾ رسمن جي داخل ٿيڻ جو ٻيو قسم يا ٻيو طريقو خارجي آهي. جيڪي ڌاريا حاڪم، فاتح يا غاصب فتح ڪيل قوم جي مٿان هٿ ٺوڪيون مڙهي ڇڏيندا آهن ۽ انهن رسمن جي تعليم لاءِ ان قوم کي لازمي پابند بڻائي ڇڏيندا آهن. اهو ان ڪري ته جيئن اهي ماڻهو غير فطري طور ريتن رسمن جي پنجوڙن ۾ ڦاٿل رهن. انهن رسمن جي بنياد تي هڪٻئي جا قتلِ عام ڪندا رهن. پنھنجو پاڻ ۾ هڪٻئي کي گهٽيندا ۽ ماريندا رهن ته جيئن ان قوم ۾ اخلاقي ۽ انساني قدر، تعليمي، سماجي، سياسي ۽ معاشي شعور پيدا ٿي نه سگهي. ته جيئن هُو آسانيءَ سان ان قوم تي پنهنجي غاصبانه ۽ جارحانه حڪومت ڪندا رهن. اهي رسمون جيڪي ٻاهران نافذ ٿي وڃن ٿيون اهي عقيدن جي حد تائين سماج ۾ مروج ٿي وڃن ٿيون. اهڙيون ڪوڙهيون ۽ بدبودار رسمون، قومن جي وجود، قومن جي تھذيب، ثقافت، علم ادب، تعليم ۽ شعور کي ڪينسر جي مرض وانگر وچڙي ۽ وڪوڙي برباد ڪري ڇڏينديون آهن. اسان جي سنڌي سماج ۾ پڻ ڪي اهڙيون داخلي رسمون هن سائنس جي ڪثرت واري دور ۾ اڃا به مروج آهن، جيڪي نهايت ڪارائتيون، فطرت جي ويجهو ۽ انساني ۽ اخلاقي قدرن جي عڪاسي ڪندڙ آهن. جيئن اسان جي سماج ۾ مهمانوازيءَ جو گڻ اعلى درجي جو آهي ۽ جڳ مشهور روايت آهي. ٻيو معاف ۽ درگذر ڪرڻ وارو سونهري اصول آهي. اگر ڪنھن جي تڏي تي ميڙ وٺي لڙي وڃبو ته خون به معاف ڪري ڇڏبا. اهي روايتون ڄڻ اسان جي قومي ڪردار جو جزو آهن. اهڙيءَ طرح هڪ ٻي بهترين رسم به اسان جي سماج ۾ مروج آهي ۽ اها آهي ”وانگار“. وانگار جي رسم هڪ بهترين رسم آهي. ”وانگار“، گڏجي سڏجي ڪنهن هڪ ڪم کي هڪ ئي وقت گڏجي ڪرڻ کي چيو ويندو آهي. ظاهر ۾ وانگار جو انفرادي فائدو ڏسڻ ۾ اچي ٿو، جيڪو ڪنھن هڪ فرد يا ڪٽنب کي پهچي ٿو. پر جڏهن اسين ان کي سماجي رواج جي اجتماعي تناظر ۾ مشاهدو ڪريون ٿا ۽ گھرائيءَ سان ان رسم جو مطالعو ڪريون ٿا ته اسان کي معلوم ٿيندو ته وانگار انيڪ اجتماعي مفادن جو سرچشمو ۽ بنياد فراهم ڪرڻ وارو عمل پئي رهي آهي. وانگار، پنھنجي پٺيان هڪ ڊگهو تاريخي تسلسل ۽ سفر رکندڙ رواج آهي، جيڪو آڳاٽي زماني کان سنڌي سماج ۾ رائج آهي. وانگار جي رسم هڪ قسم جو لاشعوري ۽ اڻ لکيل (Social Contract) يعني (سماجي معاهدو) نظر اچي ٿو. يعني ان اصول جو پابند بڻجڻو پوي ٿو ته ”توهان اسان جي مدد ڪريو، اسين توهان جي مدد ڪريون.“ مختلف ڪمن ۾ وانگار ڪئي ويندي آهي. مثلا: جهنگ وڍڻ، هَرُ ڪاهڻ، رونبو ڪرڻ، لابارو لاهڻ، وَلِ ڍوئڻ، کاٽيون کڻڻ، کوهه ۽ کهيون کوٽڻ، گهرن لاءِ ڇنون ۽ چؤنرا ٻڌڻ وغيره.
زمين ۾ هَرُ ڪاهڻو هوندو آهي ته هاري رات جي وقت پنھنجي ڪٽنب جي ميمبرن سان صلاح ڪندو آهي ته هَرَ لاءِ وانگار ڪرڻي آهي. پوءِ ويهي ويچار ڪندا آهن ته ڪنهن ڪنهن جا ڏاندن جا جوڙا ڀلوڙ آهن. انهن جي ٽَلَ ڪري پوءِ وڃي رات جي وقت وانگار جو سڏ ڏئي ايندا آهن. ته ادا فلاڻي يا فلاڻي ڏينهن اسان جي هَرَ جي وانگار اٿوَ. هاري ٻنيءَ جي آڌار تي اندازو لڳائي اوترا جوڙا ٻڌائيندو آهي اهو ڏينھن ٿيندو ته باک ڦٽيءَ کان به اڳ ۾ مانجهي مرد ۽ ڀلوڙ جوڙا زمين تي پهچي ويندا. هرڪو وڙو ميدان ملهائڻ جي وڌ ۾ وڌ ڪوشش ڪندو آهي ته جيئن هُو مڙني کان گوءِ کڻي وڃي. ان کان علاوه ڪڻڪ جي ناڙين ۾ به وانگار ٿيندي آهي. ان ۾ ڏاندن جون هاٺون لڳنديون آهن. ٻه ڏاند هڪ پاڃاريءَ ۾ گڏ جوٽبا آهن. جيڪو ڏاند اوڙ (چارو) جنهن سان سڌي ناڙي ڪاهبي وڃبي آهي ڀڃي لڙي ويندو آهي ته ان ڄڻ ميدان هارايو. جيڪو ڏاند سڌو ويو ان ڄڻ گوءِ کٽي ورتي. پوءِ ته مالڪ مٿان مبارڪن جو وسڪارو ٿي ويندو. هو هوا جا نعره لڳي ويندا. مڃتا طور ان ڏاند کي پڳ به ٻڌائي ويندي آهي.
ان کانپوءِ وري جڏهن رونبي جو مرحلو ايندو آهي ته ان ۾ به اهڙي ئي نموني رات جو گهر جا ڀاتي مِڙي سِڙي وانگار لاءِ ڪو ڏينهن مقرر ڪندا آهن. پوءِ وڃي ڳوٺ ۾ يا آسپاس جي ڳوٺن ۾ ڪم جي انداز مطابق گهربل وانگار ٻڌائيندا آهن. هن عمل م ياري دوستاري ۽ مٽي مائٽيءَ جو عنصر گهٽ ۽ قومي ٻڌي ۽ گڏيل همدردي ۽ مدد ڪرڻ جو اصول وڌيڪ ڪارفرما هوندو آهي. هن ۾ جنھن کي به وانگار جو ٻڌائبو ته سواءِ ڪنھن عذر ۽ بهانو پيش ڪرڻ جي هليو ايندو. رڳو اهو پڇندو ته زمين ڪيتري ۽ همراهه ڪيترا آهن. ڇوته هن کي خبر آهي ته اهو ساڳيو ڪم هن کي به ڪرائڻو آهي. اڄ هيءُ هنن جي ڪم آيو ته سڀاڻي هُو به سندس سڏَ ۾ سڏ ڏئي ڊڪندا ڪڏندا هليا ايندا. تنھنڪري وانگار کي هرڪو پنھنجو اجتماعي مفاد سمجهندو آهي. ان جو عمل سماج ۾ اجتماعي مفادن طور استعمال ۾ اچي ٿو.
سڀاڻي رونبي جي وانگار آهي ته اڄ تي ٻج وغيره پٽي ڇڏبو. گهر ۾ ڄڻ عيد جھڙو تھوار هوندو آهي. صبح ٿيندو ته همراهه هاٺون هڻي بسم الله ڪري ميدان ۾ لهي پوندا. ننڍا توڙي وڏا، خوشيءَ ۾ باغ باغ پيا ٿيندا. رونبي ۾ مردن جو مقابلو شروع. هوڏانھن ٻَني تي ميراثي يا مڱڻهار دهل پيو وڄائيندو. جيئن جيئن دهل جو واڄو تيز ٿيندو ويندو، تيئن تيئن مرد مشين وانگر رونبي کي لائي ٻاري ڏيندا. جوان مستيءَ ۾ مگن ٿي جهومڻ پيا لڳندا. ان سمي قدرت جو عجيب منظر پيو نظر ايندو. فطرت جو حسن جهلڪا پيو ڏيندو. فطرت پنھنجا پَرَ پکيڙي ان وقت انهن مانجهين مٿان ڇانوَ ڪيو بيٺي هوندي آهي. ”شل منھنجي ڏوٿين کي ڏينھن نه لڳي پوي.“ پھتو ھتو، هيڏهون هوڏهون، هي ٿو وڃئي. هيڏهون ٿو وڃانءِ. جا هوڪرا هوندا. جيڪو همراهه سڀ کان اول منھن کڻي وڃي ڇيڙي تي پھچندو، ان ڄڻ گوءِ کٽي ورتي. نعرا لڳي ويندا. وهوا ٿي ويندي. جوان کي ڪلهن تي کڻي گهمائيندا، رقص ڪندا وتندا. جشن جھڙي صورتحال هوندي آهي. سڄو ڏينھن ويندي رات جي ڪچھريءَ تائين رونبي ۾ همراهن جي هٿ جي ڳالهه پئي هلندي.ڪو ڪنھن جي تعريف ڪندو، ڪو ڪنھن جي.
کوهن ۽ کُھين کوٽڻ ۽ واهن جي کاٽيءَ ۾ به وانگار ڪوٺائبي آهي. ان ۾ وري ڪوڏر جو مقابلو ٿيندو آهي. مقرر وقت ۾ مقرر ٿيل حد جيڪومڙس اڳـ۾ پوري ڪندو، ان مقابلو کٽي ورتو. وهوا جو وسڪارو ٿيندو. مقابلي ۾ هارايل ڌر وارا کٽندڙ کي ڪلهن تي کڻي گهمائيندا آهن. کٽندڙ جوان کي وانگار ڪوٺائڻ واري ڌر پهلوانيءَ جي مڃتا طور انعام ۾ پڳ ٻڌرائيندي آهي. يا پڳ جيتري روڪ رقم ڏيندي آهي. وانگار جي هر عمل ۾ ۽ هر قسم ۾ جوان جي دلي طور تي مڃتا ڪندي ان کي ڀاڪر پائي ان جي پٺي ٺپي سندس جوانيءَ جو اعتراف ڪندو آهي. ان کانپوءِ وري فصل پچي جڏهن راس ٿيندو آهي ته لاباري جي وانگار ٻڌائبي آهي. لابارو هميشه ماڪ ڦڙن جي سڪڻ کانپوءِ ٿيندو آهي. آلا سنگ لڻبا ته اهي سنيوارجي خراب ٿي ويندا. جيئن جيئن سج جا ڪِرڻا فصل جي سونن سونن سنگن تي پوندا ۽ ماڪ سڪڻ لڳندي ، تيئن ئي مانجهي مرد ڏاٽا اُڀا ڪري فصل ۾ لهي پوندا. ڏاٽن جي ڇٻ ڇٻ شروع ٿي ويندي. هرڪو جوان پنھنجو پنھنجو مهاڳ وٺي وڃي توڙ تي پڄندو. لابارو لهي دنگ ٿيندوته وري وَلِ ڍوئڻ لاءِ ڪجهه همراهه ٻڌائبا، جيڪي وَلِ کي کڻي مقرر ڪيل هنڌ (ديري) تي ٻارِ جي صورت ۾ هڪ جاءِ تي گڏ ڪري رکندا آهن. جتي ان جو ڳاهه ڪري اَنُ جدا ۽ گاهه جدا ڪيو ويندو آهي. اهڙيءَ طرح هر ڪاهڻ، ٻج پوکڻ کان وٺي راهِ (صاف اَنُ) ٿيڻ تائين اهو گڏيل عمل اجتماعي طور تي سرانجام ٿيندو رهي ٿو.
وانگار جو عمل رڳو پوکي راهيءَ جي ڪمن تائين محدود نه آهي، بلڪ زندگيءَ جي ٻين شعبن ۾ به ان جو عمل دخل موجود آهي. مارو ماڻهو جڏهن پنھنجي رهائش لاءِ ڪو اَجهو اڏيندا آهن، جڏهن ڪا ڇَنَ، ڇپر يا چؤنرو ٺاهيندا آهن ته تڏهن به وانگار ڪندا آهن. ڇَنَ جي وانگار ٻڌائڻ کان اڳ گهرڌڻي ڇَنَ لاءِ گهربل سمورو سامان تيار ڪري رکندو آهي. صبح ٿيڻ شرط همراهه پهچي ويندا. ڇن جي اڏاوت ۾ هر ڪم جو الڳ الڳ ڄاڻو همراهه هوندو آهي. هڪڙا پڃرن کي مضبوط رکڻ لاءِ سَرن جا وريئڙا (ڊڀن جا رَسا) ۽ ارڙين هڻڻ جا قابل هوندا آهن. (ٻن پڃرن جي منڍن کي سوراخ ڪڍي انهن کي ڳنڍڻ لاءِ جيڪا ڪاٺ جي ڪِلي هنئي ويندي آهي، ان کي اِرڙي چئبو آهي) پر اڄڪلهه ارڙيون ڪونه ٿيون لڳن. پَڃرن کي منڍن ۾ ڪوڪا هڻي شھتير يا وَري سان بند ڪيو ويندو آهي. ٻيا وري هارين ٻڌڻ جا ماهر ته هڪ همراهه وري سُوئي ڏيڻ جنھن سان نوڙيءَ جي وسيلي ڪکن کي سبيو ويندو آهي. هڪڙا ڪکن تي پاڻي وجهندا انهن کي آلو ڪندا ويندا ته جيئن ڪکن جي ڪُتِ به نه کائي ۽ ڪک ڀڄن ۽ ڀُرن به نه. ڪي وري گڏا ٻڌندا مٿي هارين ٻڌڻ واري همراهه ڏانھن اڇلائيندا ويندا آهن. اهڙيءَ طرح اهو سمورو ڪم صبح کان وٺي منجهند تائين پورو ٿي ويندو آهي ۽ ڇَنَ مڪمل طرح تيار ٿي ويندي آهي.
مطلب ته وانگار جو سماج ۾ تمام وڏو ڪارَج، اهميت ۽ افاديت آهي. وانگارواريءَ رسم سان اجتماعي ٻَڌي ۽ گڏيل مفادن جو احساس اڀري ٿو. هڪٻئي سان ميل جول سبب الفت ۽ همدرديءَ جا جوهر پيدا ٿين ٿا. ڪمن ڪارين جو وقت اندر ۽ ترت اُڪلاءُ ٿي پوي ٿو. وقت ۽ پيسي جو تمام وڏو بچاءُ ٿئي ٿو. جنھن سبب وقت ۽ پيسي کي ڪنھن ٻئي ڪم ۾ استعمال ڪري پنھنجي معاشي صورتحال بهتر ڪري سگهجي ٿي. وانگار جي رسم سبب ماڻهو هڪٻئي جي ويجهو اچن ٿا. نفرتون ختم ٿين ٿيون. پيار ۽ پنھنجائپ جا سنگ نسرڻ لڳن ٿا. وانگار معاشي ۽ سماجي ترقيءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي. جنھن ڪري انسان ذهني، معاشي ۽ سماجي مسئلن جي پريشانين کان بچيل رهي ٿو. ان سبب ڪري انسان پنھنجي سوچ کي پنھنجي واڌاري ۽ سڌاري لاءِ مثبت انداز ۾ استعمال ڪري سگهندو آهي. اها هڪ مڃيل حقيقت آهي ته فطرت تبديل ٿيندڙ آهي ۽ فطري تقاضائن مطابق حالتون تبديل ٿينديون رهنديون آهن. انهن تبديلين سبب شين جي اهميت، ڪارج ۽ افاديت گهٽجندي ۽ وڌندي رهندي آهي. ڪالهه جيڪا شيءِ اسان لاءِ فائديمند هئي اها اڄ جي حالتن سان نه ٺهڪندڙ آهي ته بيڪار آهي. ڪالهه جيڪا شيءِ اسان لاءِ نقصانڪار هئي اڄ اها اسان لاءِ ڪارآمد ۽ مفيد آهي، ڇو ته هوءَ وقتي تقاضائن جو پورائو ڪري ٿي ۽ حالتن مطابق آهي. اڄ جيڪا شيءِ اسان لاءِ نقصانڪار آهي، اها اڳتي هلي ڪارآمد ٿي سگهي ٿي. اهڙيءَ طرح هرهڪ شيءِ جو پنھنجي پنھنجي وقت اندر گهربل فطري تقاضائن ۽ سماجي گهرجن مطابق ڪارج ۽ اهميت ٿيندي آهي.
ان لحاظ کان موجوده زندگيءَ جي هر شعبي ۾ سائنسي ايجادن جي مشينن ۽ اوزارن انسانن لاءِ تمام گهڻيون سھولتون ۽ آسانيون پيدا ڪري ڇڏيون آهن. سالن جا مفاصلا ڪلاڪن ۾ ۽ ڏينھن جا ڪم منٽن ۾ مڪمل ٿين ٿا. اڄ ڪمپيوٽر ۽ انٽرنيٽ جو دور آهي. سڄي دنيا هڪ ننڍڙي ڳوٺ جيان بڻجي چڪي آهي. مواصلاتي ذريعن هڪٻئي کي تمام ويجهو آڻي ڇڏيو آهي. اهڙيءَ طرح افرادي قوت، وقت ۽ پيسي جي وڏي بچت ٿئي ٿي ۽ شين جي پيداوار ۾ پڻ زبردست اضافو ٿئي ٿو. ان لحاظ کان ائگريڪلچر ۽ ٻين واهپي جي شعبن مان سائنسي ايجادن جي ڪثرت سبب وانگار جي سماجي ڪارج جي اهميت ۽ افاديت به گهٽجي وئي آهي. ڇو ته ان جي هاڻي سماجي ضرورت نه رهي. پر پوءِ به ٻهراڙين ۾ جتي سائنس اڃا گهٽ پهتي آهي اتي اڄ به وانگار جو رواج عام ڏسڻ ۾ اچي ٿو.
**