چـلـڊريـن ڊي
شهر جي تاريخي هال ۾ ٻارڙن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي هڪ شاندار پروگرام ترتيب ڏنو ويندو آهي. وڏن وڏن اديبن، دانشورن، سياستدانن، صحافين، سماج سڌارڪن، تاريخدانن ۽ محققن کي ان شاندار پروگرام ۾ شاندار طريقي سان شاندار ڪوٺ ڏني وئي هئي.
سمورو تاريخي هال تاريخي موقعي تي تاريخ ساز ماڻهن سان ان تاريخ تي سٿيو پيو هو. تِرَ ڇٽڻ جي جاءِ به ڪونه هئي. آجيان ڪندڙ هال جي مين گيٽ تي بيٺا هئا. جيڪي آيل مھمانن جي آجيان ڪندا پئي ويا. هال ۾ انائونسمينٽ ڪئي ٿي وئي ته فلاڻو يا فلاڻو ڏاهو، دانشور، اديب، سياستدان، صحافي، فلسفي يا تاريخدان هال ۾ تشريف فرما ٿيو آهي.
ايتري ۾ سڄي هال ۾ هلچل مچي وئي، وڏيءَ گاڏيءَ ۾ اڇن ڪارن وارن وارو ڀورو قداور ڪلين شيو وارو جمال صاحب گيٽ تي پھتو ته استقباليه وارن کيس گيٽ تي گلن جا هار پارائي هال ۾ وٺي آيا. هال ۾ انائونسمينٽ ٿي ته معزز خواتين و حضرات اوهان جي انتظار جون گهڙيون ختم ٿي چڪيون، جناب جمال صاحب جن هال ۾ پھچي چڪا آهن. سڄي حال ۾ تاڙين جي گونج ٿي وئي.
اسٽيج جي پٺئين پاسي کان ۽ اسٽيج جي سامھون هال جي ديوار تي ٻارڙن جون تمام وڏيون وڏيون تصويرون لڳل هيون. جن ۾ سماج ۾ ٻارن سان ٿيندڙ ظلمن، ناانصافين، تشدد وارين ڪارواين، معاشي حالتن ۽ ڪيفيت جا وار ڪانڊاريندڙ عڪس ڀريل هئا.
هرهڪ مقرر پنھنجي پنھنجي مخصوص انداز ۽ اسٽائيل سان ٻارن جي نفسيات، ٻارن جي روين، رجحانن، ذهانت، ٻارن جي عادتن، جبلتن، ٻارن ڏانھن سماجي تصورن ۽ روايتي تشدد بابت پنھنجي ڏاهپ ۽ ڄاڻ جا جوهر ڏيکاريندو لھندو ٿي ويو.
آخر ۾ جمال صاحب کي اسٽيج تي ڪوٺايو ويو. تاڙين جي گونج ۾ جمال صاحب مائيڪ تي آيو. مھمانِ خاص هٿ ٻڌي مخصوص انداز ۽ اسٽائيل سان تاڙين جو جواب ڏنو. هال جي هڪ ڇيڙي کان ٻئي ڇيڙي تائين نظر ڦيرائي هال ۾ ويٺل حاضرين جو جائزو ورتائين.
معزز خواتين و حضرات اسلام عليڪم.
دوستو، بزرگو، ساٿيو ۽ نوجوانو!! توهان کي خبر آهي ته اڄ ٻارن جو عالمي ڏهاڙو آهي، انهن متعلق ويچار ونڊڻ لاءِ اڄ هتي گڏ ٿيا آهيون. انهيءَ نسبت سان اسان جي اديبن، دانشورن، ڏاهن، صحافين، شاعرن، سماج سڌارڪن، ماهرن، تاريخدانن، فلسفين، نهايت عالمانه انداز ۾ پنھنجا وزندار رايا، جاندار دليل ۽ تجويزون پيش ڪيون آهن. جنھن لاءِ مان کين ڀرپور خراج تحسين پيش ڪريان ٿو.
دوستوؐ! اڄ جا ٻار سڀاڻي جا حاڪم آهن، اڄ جا ٻار سڀاڻي جا وارث آهن. اڄ جا ٻار سڀاڻي جا سياستدان آهن، سائنسدان آهن، دانشور آهن، مدبر ۽ مفڪر آهن، اڄ جا ٻار سڀاڻي جا اديب، عالم ۽ استاد آهن. اڄ جا ٻار سڀاڻي جا فنڪار ۽ ڪلاڪار آهن. اڄ جا ٻار سڀاڻي جا مصور، صحافي ۽ سماج سڌارڪ آهن. اڄ جا ٻار سڀاڻي جا منصف ۽ منتظم آهن.
ليڪن افسوس جو ٻارن جي ذهني نشونما کي تباهه ۽ برباد ڪيو پيو وڃي. انهن کي ڄاڻي واڻي ذهني ۽ جسماني طور تي مفلوج ۽ ناڪاره بڻائي پنھنجي اشارن تي هلايو ۽ نچايو ٿو وڃي. غريب کان امير تائين. سرمائيدار کان جاگيردار تائين، ٻارن تي تشدد ڪيو ٿو وڃي. وڏن جي مقابلي ۾ ٻارن کان چئوڻو ڪم ورتو پيو وڃي. انهن کي ڪم جي مقابلي ۾ ايترو ڏنو پيو وڃي جو فقط هڪ ڏينھن جي ماني کائي سگهن. فقط جِي سگهن ۽ انهن لاءِ ڪمائيندا رهن.
دوستو! زندگيءَ جي هر شعبي ۾ ٻارن کي استعمال ڪيو ٿو وڃي. انهن کان جبري پورهيو ڪرايو پيو وڃي. انهن جي معصوم ذهنن کي اولڙ گاهه جيان لتاڙيو ٿو وڃي. اهي ٻار اسپتالن ۾ ڊاڪٽرن جي لاپرواهي ۽ غربت سبب علاج نه ٿيڻ ڪري موت جو شڪار بڻجي ٿا وڃن. انهن جي ڪوبه مدد ڪرڻ وارو ڪونهي. اهي ٻار اسڪولن ۾ وڃڻ بجاءِ امير ماڻهن جون نوڪريون ڪندي، انهن جي تابعداري ڪندي محرومي ۽ مفلسي واري زندگي گذارڻ تي پاڻ کي هيرائي پنھنجي سوچ جو انداز ئي بدلائي ڇڏيندا آهن.
اهي ٻار جڏهن رد عمل واري حالت ۾ اچن ٿا تڏهن ڌاڙيل ۽ ڦورو بڻجي پنهنجي زندگي زهر بڻائي ٿا ڇڏين، يا وري فراريت اختيار ڪري خودڪشي ڪرڻ تي مجبور ٿين ٿا. جيڪڏهن ڪنهن ٻار کي مسلسل عتاب جو نشانو بڻايو وڃي ٿو ته ٻار فقط مذمت ڪري سکي ٿو ۽ هميشه منفي رويو رکي ٿو. جيڪڏهن ڪنھن ٻار کي اتساهيو وڃي ٿو ته ان ۾ اعتماد، همت ۽ جرئت جا جذبا پيدا ٿين ٿا.
دوستو!اڄڪلهه پوري دنيا۾ ٻارن تي جبر ٿي رهيو آهي. اسان کي ان عالمي جبر ۽ ظلم خلاف گڏيل تحريڪ هلائڻ گهرجي. جتي جتي به ظلم ٿيندو هجي ته ان جي نشاندهي ڪري ان جو خاتمو ڪرايو وڃي. ان لاءِ اسان کي مختلف ڪاميٽيون ٺاهي شهر شهر ۽ ڳوٺ ڳوٺ ۾ وڃي ان آواز کي عام ماڻهن تائين پهچائي، انهن کي انهن اثرن ۽ نتيجن کان آگاهه ڪيو وڃي. عوام کي اهو ٻڌايو وڃي ته معاشري ۽ تهذيب ۾ قومن جي وقار ۽ ڪمال ۾ ٻارن جي اهميت ڪيتري ۽ ڪهڙي آهي. انهن کان ڇا ڪرائڻ گهرجي ۽ ڪرايو ڇا پيو وڃي.
سرڪار تي پڻ اهو دٻاءُ وڌو وڃي ته ٻارن جي تعليم، تربيت ۽ صحت لاءِ ڳوٺ ڳوٺ ۾ خاص ادارا قائم ڪيا وڃن. اسين سرڪار کان پرزور مطالبو ٿا ڪريون ته جتي جتي ۽ جيڪي جيڪي فرد، ادارا ۽ تنظيمون ٻارن کان ناجائز طريقن سان غير اخلاقي، غير قانوني ۽ غير انساني مقصدن لاءِ استعمال ڪري ڪارو ناڻو ڪمائن ٿا انهن خلاف سخت قانوني قدم کنيو وڃي. ۽ انهن ادارن تي پابندي لڳائي وڃي.
اچو ته اڄ گڏجي اهو عھد ڪريون ته اسين انفرادي توڙي اجتماعي طور تي ٻارن سان ٿيندڙ ذهني، جسماني ۽ اخلاقي تشدد ۽ جبر خلاف جدوجھد ڪري - ظلم جا زنجير ٽوڙي انهن کي مستقبل جا عظيم انسان بنائڻ جي ڪوشش ڪنداسين ته جيئن ٻار آزاديءَ ۽ بي خوفيءَ سان پنھنجي خداداد ذهني صلاحيتن کي ملڪ ۽ قوم جي ترقي، خوشحالي ۽ بلند وقار لاءِ ڪتب آڻي سگهن.
دوستو! هي هڪ عالمي مسئلو آهي، هڪ دانشور ۽ فلسفيءَ جو ڪم آهي هڪ نظام کي تبديل ڪرڻ ۽ هڪ نئين ۽ بهتر نظام کي نافذ ڪرڻ لاءِ اجتماعي سوچ کي تبديل ڪري نئين سوچ کي تخليق ۽ تعمير ڪرڻ.
اچو ته گڏجي هڪ نئين سوچ کي جنم ڏيون. اها سوچ جيڪا ذميوارين کي محسوس ڪري، جيڪا حقيقت ۽ اصليت کي اجاگر ڪري. اها سوچ جيڪا هٿ ٺوڪين ريتن رستمن ۽ رواجن کان مٿانهين هجي.
اچو ته اڄ واعدو ڪريون ته ڪنھن به صورت ۾ ٻارن تي ظلم برداشت ڪونه ڪنداسين. پوءِ اهو ظلم ڪنھن جي طرفان به ٿيندو هجي. ٻارن کي پنھنجون صلاحيتون اڀارڻ لاءِ انهن کي ماحول مهيا ڪري ڏيڻ لاءِ ڀرپور عملي ڪوششون ڪنداسين. ٻارن کي بچايو. ٻار هن ڌرتيءَ جي سونهن آهن. انهيءَ سونهن کي مختلف طريقن سان اجاڙيو پيو وڃي. ٻارن کي شروع کان وٺي اشارن تي هلائڻ سيکاريو ٿو وڃي. اچو ته سڀ گڏجي انهن غير فطري ۽ غير انساني عملن خلاف جدوجھد ڪريون.
جمال صاحب جي جوشيلي، اثرانگيز ۽ پرڪيف تقرير سان سمورو هال نعرن ۽ تاڙين سان گونجي رهيو هو.
جمال صاحب پنھنجي تقرير پوري ڪري پنھنجي ڪرسيءَ تي اچي ويٺو. ايتري ۾ هڪ ٻڍڙي عورت هال ۾ داخل ٿئي ٿي. اسٽيج سيڪريٽري سختيءَ واري انداز ۾ پڇي ٿو: ”ڪُراڙي تون ڇو اندر آئي آهين؟“
”ابا، مون کي انهن صاحبن سان ته ملاءِ، ڪجهه عرضڙو ڪرڻوا ٿم.“ ڪراڙيءَ چيو.
”ڪھڙو ڪم اٿئي؟“ سيڪريٽري چيو.
”ابا ضررو ڪا مجبوري هوندي، ٻيو وري اسان غريبن جو ڪھڙو ڪم هوندو.“ ٻڍڙيءَ چيو.
اسٽيج تي ويٺلن مان ڪنهن چيو ته اها پوڙهي ڇو آئي آهي؟
سيڪريٽري چيو، ”سائين اها توهان سان ملڻ ٿي چاهي.“
”هيڏانهن موڪلينس.“ اسٽيج تان آواز آيو.
ڪراڙيءَ کي اسٽيج تي پھچايو ويو.
”ڪراڙي ڇا ڳالهه آهي بابا؟“ هڪ ويٺل ڏاهي چيو.
ڪراڙيءَ پنھنجو مسئلو ٻڌائيندي چيو، ”ابا، خدا جو پردو ٿئيوَ-منھنجو ننڍڙو ٻچڙو مهيني کن کان اسپتال ۾ پيو آهي، مسڪين ماڻهو آهيون. گهر جا ٽپڙ به کپائي ٻچي جي سِرَ تي لاتا آهن. هاڻي ته ابا ڪابه ڪاڪت (وسعت) ڪونهي جو هيڏو ارو مهانگو علاج ڪرائي سگهون. (ٻڍڙيءَ جي اکين ۾ پاڻي تري رهيو هو، ڳالهائڻ ۾ نڙي خشڪ ۽ آواز گگهو ٿي رهيو هوس ابا ڊاڪٽر چون ٿا ته اڃا توهان کي مهينو کن رهڻو پوندو. رت جي به ضرورت آهي. دوائن لاءِ به ڏوڪڙ کپن. توهان صاحبن ڏانهن الله جو نالو وٺي آئي آهيان. ٻچڙي جي سِرَ لاءِ جيڪا مدد پڄي سگهيوَ خدا ڪارڻ مون مسڪين سان ڪيو.“
اسٽيج تي ويٺل هڪ چيو، ”بابا ڪنھن ڪنھن جا انفرادي ڪم ڪندا وتنداسين. تون هڪڙي ته ناهين، اسان مٿان اها ذميواري ڪونهي ته ٻارن جا علاج به اسين ڪرايون. مانيون به اسين کارايون، ڪپڙا به اسين وٺي ڏيون، رت به اسين ڏيون. ماڻهن جو ته مٿو خراب ٿيو آ.“
جمال صاحب خار مان سيڪريٽريءَ کي چيو ته، ”اڙي بابا هن مائيءَ کي ته هيٺ لاهي وڃ، گيٽ کان ٻاهر ڪڍي ڇڏي اچينس، اسان جي سموري فلاحي پروگرام کي خراب ڪرڻ آئي آهي.“
”هل بابا هل، اسان پنھنجا گهر کپائي، نوڪريون نيلام ڪري وتون ٿا ماڻهن جا علاج ڪرائيندا. پوءِ اسين پنھنجا ٻار وري ڪنهن يتيم خاني يا ايڌي سينٽرن۾ ڇڏي اچئون ڇا!؟“ سيڪريٽري مائيءَ کي ڌڪا ڏئي ٻاهر ڪڍي ٿو اچي.
ايتري ۾ هڪ ٻيو بزرگ ماڻهو اندر داخل ٿئي ٿو. اسٽيج جي سامھون اچي هٿ ٻڌي چوي ٿو، ”صاحب بابا، منھنجو هڪڙو پٽ آهي. بس هڪ ئي الله رکيو پٽ اٿم. اسان به اچي پيرسن ٿيا آهيون. خدا کانسواءِ ٻيو ڪو آٿت به ڪونهي. گهڻو اڳ سيٺ يعقوب خان وٽ قرض ۾ پيو لوڙيندو هو. نه قرض لهي نه جان ڇٽي. نيٺ لاچار ٿي ڀوتار جانڻ خان کان ٻه هزار روپيه وٺي سيٺ يعقوب خان مان جان ڇڏائيسين. هاڻي ته ابا ڄڻ کڏ مان نڪري، کوهه ۾ اچي ڪِريا آهيون. ٻن سالن کان وٺي ڇورو رڳو پيٽ تي ٿو جانڻ خان جي باغ تي لوڙي. ڪڏهن ڪجهه ٿو پوکائي ته ڪڏهن ڪجهه ، نه پگهار نه پيسو. ڪڏهن ڪڏهن ڪي پنج ڏئيس ته واه نه ته بس. ڇورو به مفت ۾ پيو ٿو رت ساڙي ته قرض به مٿان ساڳيو بيٺو آهي. صاحب، اسان جي ته زندگي ئي زهر بڻجي وئي آهي. غريب ماڻهو آهيون نه ٻه هزار ٿا ٿين نه وري ڇوڪر جي جان ٿي ڇٽي جو ٻي ڪا محنت مزوري ڪري سکي زندگي گذاري. صاحب، خدا ڪارڻ اسان پيسن جي ڪجهه مدد ڪيو ته ڇوڪر جي جان ڇڏايون.“
جمال صاحب چيو، ”بابا اسين پاڻ مزور ماڻهو آهيون. اسان به جڏهن محنت ٿا ڪريون تڏهن وڃي ٿا ڪي ٻه چار رپيا ملن. جن سان پاڻ کي ۽ پنھنجي ٻچن کي پالي ٿا سگهون. اسان ڪي حاتم سخي ته ڪونه آهيون، جو وتئون سخاوتون ڪندا. اسين ڪهڙن ڪيترن ماڻهن جون گهرجون پوريون ڪري سگهنداسين بابا. گهرجون سڀڪو پنھنجي وس ۽ ضرورت آهرپاڻ پوريون ڪندو آهي.
هي نفسانفسيءَ جو دؤر آهي بابا هرڪو پنهنجيءَ ۾ پورو لڳو پيو آهي. توهانکي ڪنهن چيو ته پنهنجا ٻچا گروي رکي قرض کڻي ڪُتا ۽ ڪڪڙ ويڙهائيندا وتو. ڦڏن ۽ فسادن جا ڪم ڪندا وتو. نشان ڪندا وتو. پتا کيڏندا وتو. پوءِ وري چئو ٿا ته بابا اسين غريب آهيون اسين مظلوم آهيون. اسان سان ناحق ٿي ويو آهي، اسان سان ظلم ٿي ويو آهي. هل بابا، محنت مزوري ڪري وڃي پنهنجو قرض لاهيو.هٿ ٽنگڻ به ڪا سٺي ڳالهه ڪونهي. وڃ بابا وڃ.“
جمال صاحب ويٺلن ڏانھن منهن ڪندي چيو، ”لڳي ٿو ته هن عظيم فلاحي پروگرام کي ناڪام ڪرڻ ۽ ان جي اثر کي ضايع ڪرڻ ۽ ان جي اهميت کي ڌڪ رسائڻ لاءِ ڄاڻي ٻُجهي سازش ڪئي وئي آهي. انشاءَ الله اسين هر سازش جو مڙس ماڻهو ٿي مقابلو ڪنداسين. اسان کي حق جي راه تان ڪابه طاقت هٽائي نٿي سگهي.“
هڪ ويٺل چيو،”ها سائين، بلڪل اوهان صحيح سڃاتو آهي ته اها هڪ سوچيل سمجهيل سازش آهي.“
”واهه! ڇا ته فلسفيانه نظر آهي جمال صاحب جي.“ انهيءَ کي چئبو آهي ادراڪ ۽ آگھي. دانشوري ۽ مدبري برابر دانشور ۽ مفڪر قومن جا ريڊار ٿيندا آهن.“ هڪ ويٺل ڏاهي چيو.
پروگرام پنھنجي پڄاڻيءَ تي پھتو. جمال صاحب جي ڊرائيور ڪار چالو ڪئي. جمال صاحب ڪار ۾ ويهڻ کان اڳ مين گيٽ وٽ پاڻ سان گڏ آيل دوستن ۽ مداحن کي هٿ لوڏي لوڏي الوداع ڪري اچي ڪار ۾ ويٺو. ڪار روڊ تي تيزرفتاريءَ سان ڊوڙندي رهي. شھر تمام گهڻو پوئتي ڇڏي چڪي هئي. هاڻي فقط اڪيلو روڊ هو. روڊ جي پاسن کان ٿوريءَ ٿوريءَ وٿيءَ سان نِمن، بيدن ۽ سِرنهه جا وڻ بيٺل هئا. جيڪي پري کان ائين ٿي لڳا ڄڻ هڪ ٻئي سان گڏ زنجير ٺاهيو بيٺا هئا.
روڊ تي سامھون هڪ پيرسن مرد ڪار کي هٿ ڏئي روڪڻ لاءِ چيو. ڊرائيور مالڪ جي اجازت کانسواءِ ۽ ڪنھن به امڪاني صورتحال تي سوچڻ کانسواءِ ته متان ڪو جوکم جو ڪم هجي يا مالڪ ناراض ٿي پوي. بريڪ ڏئي ڪار کي روڪي ڇڏيو. ڪار رڪجڻ سان بزرگ هٿ ٻڌي چيو ته: ”صاحب اسين پنھنجو دڳ وٺيون پئي آياسين، اوچتو ئي ڪو ظالم ڪار وارو آيو جيڪو منھنجي ننڍڙي کي ڌڪ هنيون ڀڳو هليو ويو. هتي هاڻي اسان جو ڪوبه اوهي واهي ڪونهي. ڇوڪرو سخت ڌڪي ٿي پيو آهي سامهون روڊ جي ڀر ۾ زخمي ڇوڪر ليٽيو پيو هو. جنھن رکي رکي سور جي شدت کان دانهون پئي ڪيون. خدا واسطي اسان کي کڻي هلي ڪنھن اسپتال ۾ وجهو. انسان جو ٻچڙو آهي، صاحب توهان کي ڏاڍيون دعائون ڪنداسين.“
ڊرائيور جمال صاحب ڏانهن نهاريو، جمال صاحب چيو، ”هل هل، بابا وتئون ٿا پراوا مسئلا پنھنجي ڳچيءَ ۾ وجهندا.“
ڊرائيور چيو، ”سائين، ويچارا مسڪين ماڻهون آهن، انهن جي وقت تي خدا ڪارڻ مدد ڪئي سين ته صاحب اسان کي ڪهڙو هرج پوندو. الله راضي ٿي پوندو. آخر هي به ته خدا جا بندا آهن. حڪم ڪيو ته هنن کي ڪنھن اسپتال پهچايون.“
”اڙي بابا، مالڪ مان آهيان يا تون.“ جمال صاحب چيو.
”سائين، مالڪ ته برابر توهان آهيو ..... پر .....“ ڊرائيور چيو.
”پر جا سَڪا ته پوءِ هل .... هليو آهي اسان کي عقل سيکارڻ.“ جمال صاحب ڪاوڙ م چيو.
ڊرائيور کيسي مان ويهه روپـيه ڪڍي بزرگ کي ڏنا ۽ چيو ته بابا اسان کي تمام جلدي آهي. اوهان ڪو ٻيو بندوبست ڪريو.
ڪار اسٽارٽ ٿي، ڊرائيور جي ذهن تي هٿوڙا لڳندا رهيا. کيس انساني احساس ڏنگيندو رهيو. هُو سوچن ئي سوچن ۾ گم هو. اوچتو ئي اوچتو هڪ ٺڪاءُ ٿيو. گاڏيءَ هڪ ڇوڪر کي ٽڪر هڻي ڪيرائي وڌو جيڪو سائي ڀاڄيءَ جو ٻاچڪو مٿي تي کنيو شھر ڏانھن ٿي ويو. ڪر بيهي وئي. جمال صاحب غصي مان چيو، ”اڙي انڌو آهين ڇا. سنئين سڌي ۽ صاف رستي تي به ايڪسيڊنٽ ڪندو ٿو وتين. اڄ مڙئي تنھنجو دماغ ڦريل آهي.“
ڊرائيور چيو، ”سائين، مان ته انڌو ناهيان پر .......“
”پر جا پُٽَ، تون انڌو ناهين، باقي مان انڌو آهيان.“ جمال صاحب چيو.
ڊرائيور ڏکويل ۽ جذباتي انداز ۾ چيو، ”نه سرڪار، ائين ته نه چئو. اڄ الائي ڇو منھنجون سوچون انڌيون ٿي پيون آهن. جيڪي ڪجهه به ڏسي نٿيون سگهن.“ جمال صاحب ڇوڪري وٽ لهي آيو. ڏٺائين ته ڇوڪر کي هلڪا ڦلڪا ڌڪ لڳا هئا. البت روڊ تي رهڙجڻ سبب ٻانهن ۽ ڄنگهن مان رت وهي رهيو هوس.
جمال صاحب چيو، ”بابا خير ته آهي نه! ڊرائيور آهي صفا انڌو. مون به بابا گهٽ ڪونه ڪئي ٿمانس. ضمير وارو هوندو ته يا عمر وري اهڙي غلطي ۽ غفلت نه ڪندو. گهٻراءِ نه پُٽ، اسين توسان گڏ آهيون.“
ڇوڪر چيو، ”ها سائين خير آهي، روڊ جون ڪجهه رهڙون آيون اٿم. پر منھنجي ڀاڄي الائي ڪيڏانهن وئي. وڏيري جانڻ خان جي ڀاڄي هئي، مارڪيٽ کنيو پئي ويس. ڀوتار نه ڪاوڙجي پوي. ڀاڄيءَ جي رقم به ڀرائيندو ۽ بيعزتو به ڪندو.
”بابا تون ڳڻتي نه ڪر توکي ڀاڄي به هٿ ڪري ٿا ڏيون. پر توکي جان کان وڌيڪ ڀاڄيءَ جي ڳڻتي ڇو لڳي آهي.“ جمال صاحب چيو.
”سائين، جان ته پنھنجي آهي، پر ڀاڄي ته ڀوتار جانڻ خان جي آهي نه. اهو ته مونکي ڪونه ڇڏيندو.“ ڇوڪر چيو.
”اڙي خدن جلدي ڪر، اها ڀاڄي ته ميڙي ٻاچڪي ۾ وجهه.“ جمال چيو
ڊرائيور خدن ڀاڄيءَ کي ميڙي چونڊي ڇنڊي ڦوڪي صاف ڪري ٻاچڪي ۾ وجهي آڻي ڇوڪر جي اڳيان ٻاچڪو رکيو. جمال صاحب پنجاه جو نوٽ کيسي مان ڪڍي ڇوڪر کي ڏئي چوڻ لڳو، ”اچي پٽ هي وٺ اسان کي تمام جلدي آهي نه ته توي شهر ڏي کڻي هلو نه . چڱو هاڻي الله توکي خوش ڪندو، اسين هاڻي هلون ٿا.“
جمال صاحب ڪار ۾ ويٺو، ڪار جو دروازو زور سان بند ٿيو. ڪار تيزيءَ سان روڊ تي پنھنجي منزل ڏانهن ڊوڙندي رهي. جمال صاحب جيئن ئي گهر پھتو ته بيگم صاحب کيس ٻڌايو ته، ڇورو ڪَمون، جيڪو سندن ٻار به کيڏائندو هو ۽ گهر جوڪم ڪار به ڪندو هو، سو ڀڄي ويو آهي، هاڻي ڪنھن ٻئي ڇوڪر جو بِلو ڪري.
”ڄٽن جو پيٽ ڀربو آهي ته پوءِ وتندا آهن دڙيون ٽپندا. سياڻن سچ چيو آهي ته ڄَٽُ ۽ ڦٽ ٻڌو چڱو آهي. جائي چيو اٿن، ڄٽ کي ڏي پيار ته جُتيءَ سوڌو غلم تي. انهن جي ڪَنَ مَهٽ ٿيندي رهي ته پوءِ اهي سڌا رهندا. چڱو سڀاڻي ڪونه ڪو بِلو ڪري وٺنداسين.“ جمال صاحب چيو.
صبح ٿيندي ئي جمال صاحب پنھنجي بنگلي جي نوڪر کي چيو. ته ”اڙي پنھون، وڃ، هدايت الله کي ته وٺي اچ.“
”حاضر سائين“ پنھونءَ چيو.
پنھون، هدايت الله کي سڏ ڪري بنگلي تي وٺي آيو، جتي جمال صاحب چانهه جو ڪوپ پي رهيو هو. هدايت الله نوڙي اچي جمال صاحب کي هٿ ڏئي ٿو. جمال صاحب به ٿورو هٿ ڊگهيري، هدايت الله کي ڏئي ٿو.
جمال صاحب چيو،”هدايت الله خوش آهين نه بابا.“
”ها سائين، اوهان جون دعائون آهن.“ هدايت الله چيو
”وقت ڪيئن پيو گذري.“ جمال صاحب چيو
”سائين خير جو وقت پيو گذري. مالڪ جا لک قرب آهن. ڏينھن جو پورهيو پال ڪري رات جو آرام جي ننڊ ٿا ڪريون. بس الله جا لک احسان آهن.“ هدايت الله چيو
”ها بابا سچ ٿو چوين، ماڻهو آرام جي ننڊ ڪري زهن کي سڪون هجي. روح کي قرار هجي ته اهڙي ٻي ڪا نعمت آهي ئي ڪونه.“ جمال صاحب چيو.
”هدايت الله، مون توکي ان ڪري گهرايو ته اسان وٽ هڪڙو ڇوڪرو هوندو هو سو ڀڄي ويو آهي، توهان وٽ ڪو ڇوڪرو آهي، اهو اسان کي ڏيو، توکي مهيني سر مهيني پگهار به ملندي. ڇوڪر کي به ٻچن وانگر سکيو رکنداسين. لٽو ڪپڙو کاڌو پيتو به اسان تي. ڪم به ڪو گهڻو ڪونهيس. رڳو منھنجي ننڍڙي ڇوڪر کي کيڏائيندو ۽ ٿورو گهڻو گهر جو ڪم ڪار ڪندو يا بازار مان وڃي سودو وغيره وٺي ايندو.“ جمال صاحب چيو.
”توهان سچ ٿا چئو. توهان کان وڌيڪ ڇوڪرو مِٺو ڪونه ڪيون ها. پر ڇوڪرو اسڪول ۾ پڙهندو آهي. هوشيار به چڱو آهي. اسان ته ڪونه پڙهياسين هاڻي ويٺا ٿا ڪنڊا ڪڍون. خدا ڪري شل ڇوڪرو پڙهي پوي. الله ڏکن پٺيان سک نصيب ڪري.“ هدايت الله چيو.
”تنھنجي معنى ته ڇوڪري کي آفيسر ڪندين.“ جمال صاحب چيو.
”اها ته قسمت جي ڳالهه آهي سائين، پر پوءِ به علم علم آهي، چار اکر هوندس ته ڪنھن جو موٿاڄ (محتاج) ڪونه ٿيندو.“ هدايت الله چيو.
”اڙي بابا اسان به علم ۾ اڇو مٿو ڪيو آهي سڀڪجهه سمجهانٿو. اهو ته پاڻ لاءِ به آزار ٿو ڪرين ۽ ڇوڪري کي به ڪم ڪار کان ٿو وڃائين. هدايت الله، اسين تعليم جا دشمن ڪونه آهيون، اسين چاهيون ٿا ته قوم جو هر فرد تعليم يافته ٿئي. پر اڄڪلهه توکي خبر آهي ته ڇوڪرا وڏيون وڏيون ڊگريون پاس ڪري ڳچيءَ ۾ وجهيون گهمائيندا ٿا وتن ته ڪٿي به نوڪري ڪونه ٿي ملي. ايتريقدر جو بي.اي ۽ ايم.اي پاس وارا پٽيوالي ڪرڻ لاءِ به تيار آهن. پر اها به ملي ڪونه ٿي. هڪ طرف نوڪري ڪونه ٿي ملي ته ٻئي طرف هو پورهئي ڪرڻ کان به عاري، ڪاهل ۽ روڳي بڻجي. هاڻي هُو نه هيڏانهن جا رهيا ۽ نه هوڏانهن جا. نه فقط ايترو پرهدايت الله اڄڪلهه جا پڙهيا ته ادب ۽ اخلاق جون به مذاقون ٿا اڏائن. وڏن کي جاهل ۽ بيوقوف ٿا سمجهن. وڏن جي ڪابه فرمانبرداري ڪونه ٿا ڪن. هدايت الله، پوءِ اهڙي علم کان ته بھتر آهي ته انهن کي ڪنهن ٻئي ڪم ڪار ۾ لڳائي ڇڏجي جو پاڻ به خوش ته مائٽ به خوش. گهٽ ۾ گهٽ ادب اخلاق کان ته ڪونه نڪرندا. پورهئي تي هَڏَ هريل هوندن ته ڪنهن جا محتاج ڪونه ٿيندا. ڪيئن سچ آهي نه هدايت الله.“ جمال صاحب چيو.
ها سائين، توهان بلڪل سچ ٿا چئو. پر مان هٿ ٻڌي اوهان کي عرض ٿو ڪيان ته مون کي معاف ڪيو. منھنجو شوق آهي ته مان ڇوڪرو پڙهايان، الله ڪندو ته ويل ڪونه وڃائيندو. ڪم ڪارجو به برجستو ۽ ڦڙت آهي، باقي ڪريم بخش جا ٻه ڇوڪرا آهن، پڙهندا به ڪونهن ۽ آهن به صفا واندا ان کي گهرائي چئو، توهان جي رڳو چوڻ جي دير آهي.“ هدايت الله چيو.
”چڱو ادا تون ڀلي وڃي ڇوڪري کي آفيسر ڪر، مان ڪريم بخش کي چوان يا نه چوان. اهو منھنجو ڪم آهي. چڱو هاڻي تون ڀلي وڃ.“ جمال صاحب چيو.
هدايت الله بنگلي مان واپس موٽي اچي گهر وارن کي جمال صاحب سان ڪيل ڳالهه جو احوال ٻڌائي ٿو.
جمال صاحب وري ٻئي ڏينهن ٻارن جي حقن لاءِ ٿيندڙ پروگرام ۾ تقرير ڪرڻ لاءِ تياري ڪرڻ لڳو.