”ايڪويهين صدي، سنڌي ادب ۽ سنڌي ٻولي“
هيڏانهن سنڌ ۾ تنھن وقت قدامت پسندي، ڪٽرپڻي جو دور هو. پر پوءِ به ان تبديليءَ جو اثر سنڌ تي پڻ نمايان نظر اچي ٿو. ان دور ۾ سنڌو درياءُ پنھنجو رخ بدلائي رهيو هو. ”ڪلاچيءَ“ جي ڪُنَ ”ڪراچيءَ“ جي صورت اختيار ڪئي هئي. عين ان وقت سرزمين سنڌ جي ڪک مان سنڌ ۾ دنيا جو وڏي ۾ وڏي ۽ آفاقي شاعر شاهه لطيف، معاشي مساوات جو علمبردار، شاهه عنايت شھيد، امن ۽ محبت، اخوت ۽ مساوات جو علمبردار، خواجه محمد زمان، سلطان الاولياء لواريءَ وارو پيدا ٿيا.
سنڌ تي مختلف دؤرن ۾ عربن، ارغونن، ترخانن، تاتارين، مغلن ۽ انگريزن جون ڪاهون ٿينديون پئي رهيون. انهن ٻاهرين قومن اسان جي اصل تاريخ، تمدن، ٻولي، علم ادب ۽ سماجي زندگيءَ تي گھرو اثر ڇڏيو. جنھن جا باقيات هر شعبي ۾ اڃان تائين ڏسڻ ۽ محسوس ڪرڻ ۾ اچن ٿا. اڄ جيڪڏهن دنيا جي رفتار جي پيش نظر پنھنجي جيءَ ۾ جهاتي پائي نهايت سنجيدگي ۽ صداقت سان پنھنجي ڪيل رفتار جو جائزو ورتو وڃي ته اسين اٽڪل صدي کن پوئتي بيٺل نظر اينداسين. ان وِٿيءَ کي ڀرڻ لاءِ اسان کي پنھنجا رويا تبديل ڪري، حقيقتن کي تسليم ڪري تيزيءَ سان محنت ۽ جدوجھد ڪرڻي پوندي. ذاتيات، جذبات ۽ انانيت کان بلڪل مٿانهون ٿي، سوچ جي سرحدن کي وسيع ڪري آئندي لاءِ سوچڻو پوندو. ان لاءِ ويهين صديءَ جي ڪيل ڪارنامن، تجربن، مشاهدن ۽ تحقيق جي روشنيءَ ۾ نتيجا اخز ڪري ايڪويهين صديءَ لاءِ پاڻ کي اوچي ڳاٽ ٿي، سرخرو بڻجي سامهون اچي ان جو استقبال ڪرڻ گهرجي. جيئن لطيف فرمايو ته:
ڇِڄُ مَ قطاران، ساٿ چڙهندو لَڪِئين،
مڇڻ ٿئين پُئان، وڳ واٽ ئي نه لهين.
اهڙي طرح خواجه محمد زمان سلطان الاولياء جن فرمايو ته:
اُسُر اُڀن ڏانهن، مڇڻ رهين رُڃَ ۾،
جُزي جائز ناهه، ڪُلَ ريءَ ڪٽڻ ڏينهڙا.
سنڌ جي مشهور اديب، شاعر، محقق، مترجم ۽ ماهر لسانيات مرزا قليچ بيگ نه فقط سنڌي ادب کي جديد معيارن تي بيهاريو، بلڪ 457 عالمي شهرت يافته ڪتابن جو دنيا جي مشهوري مختلف زبانن تان پنهنجي سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجمو ۽ تصنيف ڪري سنڌي ادب کي مالا مال ڪري ڇڏيو. ادب ۽ زندگيءَ جو ڪوبه اهڙو پھلو نه رهيو. جنھن تي مرزا قليچ بيگ نه لکيو هجي. اهو ئي سبب آهي جو کيس جديد سنڌي ادب جو باني ڪوٺيو وڃي ٿو.
دنيا جي ترقي يافته ٻولين ۾ بدلجندڙ حالتن ۽ تقاضائن موجب نت نوان تجربا ڪري انهن کي وسيع ۽ جديد ترين زاوين تي بيهاريو ويو. انهن ۾ وسعت ۽ تيز رفتاري پيدا ڪئي وئي ته جيئن ٻولي، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي ڊوڙ ۾ پنھنجو اهم ڪردار ادا ڪري سگهي. ليڪن سنڌي ٻوليءَ ڏانھن ڪو خاص ڌيان نه ڏنو ويو. اگر ڪجهه لکيو ويو ته سنڌي ٻوليءَ جي فقط قدامت ۽ انفراديت تي لکيو ويو ته سنڌي ٻولي ڪيتري قديم آهي. ان ۾ ڪهڙيون صلاحيتون آهن. سنڌي ٻولي ڪهڙين زبانن مان ڦاٿل آهي، يا سنڌي زبان مان ڪهڙيون ۽ ڪيتريون قديم زبانون ڦٽل ۽ نڪتل آهن. باقي ٻوليءَ کي وقت تقاضائن مطابق وسعت ڏيڻ ۽ جديد معيارن تي بيهارڻ ۽ صورتخطيءَ جي لاءِ ڪا خاص تحقيق ۽ تجديد نه ڪئي وئي.
اسان وٽ ڪيستائين محترم سائين غلام علي الانه صاحب، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ صاحب، آگرو صاحب، علي احمد بروهي صاحب، پروفيسر جتوئي صاحب، ڊاڪٽر الهداد ٻوهيو صاحب، سراج صاحب، حليم بروهي صاحب، مير محمد پيرزادو صاحب وغيره جن موجود هوندا، جنجو پنھنجو جيجل ٻوليءَ لاءِ هنياءُ ڏکي ٿو.
تازو ئي محترم حليم بروهي صاحب اخبار ذريعي ٻوليءَ بابت پنھنجي هڪ مضمون ۾ سنڌي ٻوليءَ جي الفابيٽ يا خط مٽائڻ وري تجويز پيش ڪري هڪ نئين سوچ واري ڳالهه ڪئي آهي. ان تي تمام گهڻو ۽ گرماگرم اخباري بحث شروع ٿيو. ڪِن دوستن ۽ ماهرن حليم صاحب جي سوچ جي تائيد ۾ لکيو ته ڪِن دوستن ان جي مخالفت ۾ لکيو. حليم صاحب جي تائيد يا مخالفت ۾ آءٌ لکڻ نٿو چاهيان، ڇو ته ان تي الڳ لکڻ جي ضرورت آهي. البت ايترو چوندس ته حليم بروهيءَ جي ٻوليءَ بابت لکيل مضمون ٻيو نه ئي سهي، پر ٻوليءَ جي ماهرن ۽ ادبي حلقن ۾ جيڪو جمود طاري هو ان کي متحرڪ ۽ سرگرم ضرور ڪيو آهي. ان لاءِ محض اخباري بحث مسئلي جو ڪو پائدار ۽ جامع حل نه آهي. ان لاءِ مون ادنى جي هڪ ننڍڙي تجويز آهي ته اڪيويهين صديءَ کان اڳ ٻوليءَ جي الفابيٽ جي نئين سر تحقيق ۽ تجديد لاءِ لسانيات جي ماهرن ۽ محققن جي هڪ بااختيار ڪاميٽي قائم ڪئي وڃي، جيڪا مختلف مسئلن ۽ سوالن ۽ وقتي تقاضائن کي سامهون رکي ويهين صديءَ جي تجربن، مشاهدن، نتيجن ۽ اثرن جي بنياد تي ٻوليءَ بابت سمورن رخن ۽ پهلوئن جو نهايت سنجيدگي ۽ غيرجانبداريءَ سان بغور جائزو ورتو وڃي. جائزي وٺڻ وقت ٻين معاملن کان علاوه هيٺين مسئلن کي پڻ پيش نظر رکيو وڃي.
نئين الفابيٽ سان اسان جي موجوده نسل ۽ ايندڙ نسلن جي وچ ۾ جيڪو خال پيدا ٿيندو ۽ جيڪا اوپرائپ محسوس ٿيندي ان کي ڪهڙي طرح توازن ۾ برقرار رکي سگهبو.
موجوده صورتخطيءَ ۾ جيڪو لکيل مواد آهي، ان کي ڪهڙيءَ طرح محفوظ رکي سگهبو، جيڪو صدين جي محنت، جدوجھد ۽ قربانين جي نتيجي ۾ تمدن ۽ تھذيب جو اصل سرمايو آهي.
نئين الفابيٽ جي پيمائش ڪيتري وسيع ۽ جديد هوندي. اها ڪيتريقدر جديد سائنسي، لساني ۽ سماجي ڪارج موجب تيز رفتاريءَ سان هلي سگهندي.
اها ڪيتريقدر عام ماڻهن جي لساني لهجي ۽ مزاج مطابق هوندي.
ان جو ڦھلاءُ ڪيترو هوندو ۽ ان ۾ جاذبيت جي خاصيت ڪيتري حد تائين هوندي.
ان نئين الفابيٽ جي فني ۽ سائنسي نوعيت ۽ ان جو طريقه ڪار ڪھڙو هوندو، جيڪو هرهڪ لاءِ قابل قبول هجي.
مٿين اهم نڪتن کي نظر ۾ رکندي ان جي هر مسئلي تي بحث مباحثو ڪري تنھن کانپوءِ هڪ مڪمل ۽ جامع رپورٽ اتفاق راءِ سان پيش ڪئي وڃي.
ٻيو اهم بحث جيڪو اخبارن جو موضوع بڻيل آهي، اهو آهي ته سنڌي ادب متعلق، هڪڙن جو چوڻ آهي ته ادب جي هاڻي ڪابه اهميت ۽ افاديت نه رهي آهي. ادب ناڪاره بڻجي چڪو آهي. هاڻي صحافت ئي سڀڪجهه آهي، جتان ماڻهو هر ڳالهه کليءَ طرح سان سڌي سنئين ڪري سگهي ٿو. ٻين جو خيال آهي ته ادب زنده آهي. ادب هر دور ۾ مزاحمت پئي ڪئي آهي. ادب ۽ زندگي لازم ملزوم آهن. ادب زندگيءَ جو تفسير ۽ ترجمان آهي. ادب ۾ زندگيءَ جا سمورا ڪتاب اچي وڃن ٿا. ادب ۽ زندگي هڪٻئي کان الڳ ڪري نٿا سگهجن. ان موضوع تي پڻ الڳ جامع طور تي منطقي دليلن سان لکي سگهجي ٿو. هتي آءٌ ان موضوع تي نٿو لکان.
ورهاڱي کانپوءِ سنڌي ادب ۾ به تبديلي آئي. ان ۾ جديد لاڙا ۽ اسٽائيل پيدا ٿيا. ان کي جديد عالمي معيار مطابق بنائڻ جون ڀرپور ڪوششون، تجربا ۽ مشاهدا ڪيا ويا. سنڌي ادبي سنگت وجود ۾ آئي. جيڪا نهايت منظم ۽ مستحڪم نج ادبي سنگت هئي. سنڌي ادبي سنگت تمام وڏا وڏا قداور، سگهارا ۽ عظيم شاعر، اديب، دانشور ۽ محقق پيدا ڪيا. هي هڪ بااختيار ادبي ادارو هو. جنھن ۾ تنقيدي ڪلاس هلايا ويندا هئا. دنيا جي جديد ادب ۽ شاعريءَ کي هن ئي متعارف ڪرايو. نه فقط ايترو بلڪ انهن صنفن کي پنھنجي سنڌي مزاج مطابق پنھنجي سنڌي قالب ۾ پڻ سمائڻ جا ڪامياب تجربا ڪيا. سنڌي ادبي سنگت کي ايشيا کنڊ جي سڀ کان وڏي ۾ وڏي ادبي تنظيم هجڻ جو اعزاز پڻ حاصل آهي. پر چوندا آهن ته ”چڱي شيءِ کي هميشه چَکُ لڳندي آهي.“ سو هن عظيم ادبي اداري کي به ڪنھن ناظروءَ جي نظر کائي وڌو.
هڪ طرف سهل پسنديءَ جو رجحان، ٻيو اَڻ سَھائي ۽ سھپ جو فقدان، مطالعي ۽ مشاهدي کانپوءِ راتورات وڏي اديب ۽ شاعر بنجڻ جي خام خيالي ۽ خود فريبي، محنت کان عار پنھنجي خيالن کي حرف آخر سمجهڻ، اصلاحي ۽ تعميري تنقيد جي کوٽ، تنقيد جو معيار شخصيتن جي ”پسند ۽ ناپسند“ ۽ ذاتي ڪردار ڪشتي تي وڃي بيٺل جيڪو جنھن کي وڻي ٿو، ان جي جونءَ به اُٺَ کان وڏي، پر جيڪو ذاتي طور تي جنھن کي نٿو وڻي ان جو هاٿي به نظر نٿو اچي. نثر تي تمام گهٽ ۽ نظم تي تمام گهڻي پيهه. انهن مڙني عنصرن جي ڪري ادبي اوسر ۽ ترقيءَ کي تمام پوئتي ڌڪي ڇڏيو. ڪوبه تخليقي ۽ تحقيقي ڪم نه ٿي سگهيو. ادب ۾ اديبن جي گروهي ڇڪتاڻ وڌڻ لڳي. هاڻي رڳو ائين ويٺا چئون ته سنڌي ٻولي عظيم آهي. شاهوڪار آهي. ترقي يافته زبانن مان هڪ آهي. مڃئون ٿا برابر آهي، سنڌي ادب عظيم آهي، جديد آهي، عالمي معيار مطابق آهي. مڃئون ٿا ته ائين به آهي. دنيا جي ڪنھن به وڏي اديب، دانشورن ليکڪ جي مقابلي ۾ سنڌ جو ڪوبه اديب، ليکڪ يا دانشور فخر سان پيش ڪري سگهجي ٿو. مڃيوسين ته ائين به برابر آهي. سنڌ جا ليکڪ ۽ دانشور دنيا جي ڪنھن به اديب يا ليکڪ کان گهٽ ڪينهن.
هاڻي اسان جڏهن عملي ميدان ۾ ڪابه کيپ نه کٽئون، ڪوبه ادبي ڪارنامو سرانجام نه ڏيون، رڳو هڪٻئي جي پيرن ڪڍڻ لاءِ سندرو ٻڌيون بيٺا هجون. رڳو الفاظن ۾ ويٺا چئون ته ”اسان عظيم آهيون، عظيم آهيون.“ عظيم آهيون ته اها محض خوشفھمي، خودفريبي ۽ کوکلائپ کانسواءِ ڪجهه به نه آهي. اهڙيءَ روش سان ڪٿي سِھَڙَ ۽ ڪَڇونءَ واري ڪار نه ٿئي، شل ائين نه ٿئي جو، اتي وڃي بيهون، جتان مرزا قليچ بيگ شروعات ڪئي هئي.
اسان وٽ ڪيستائين محترم محمد ابراهيم جويو، شيخ اياز، شمشيرالحيدري، ولي رام ولڀ، تنوير عباسي، الطاف شيخ، غلام نبي مغل، مير محمد پيرزادو، حميد سنڌي، آغا سليم، امر جليل، تاجل بيوس وغيره جن هوندا جيڪي هميشه آئيندي تي نظر اکي پاڻ پتوڙيندا رهيا آهن. اهي ماڻهو پنھجي اندر مطالعي، تجربن ۽ مشاهدن جا سمونڊ سمايو ويٺا آهن. انهن پنهنجيون سموريون عمريون ادب جي خدمت ۽ اوسر لاءِ وقف ڪري روشن راهون تلاش ڪيون. انهن لاءِ لطيف سائين فرمايو ته:
تانسين ساڻن اور، جانسين آهن اوطاقن ۾،
ڏهه ڏهه ڀيرا ڏينهن ۾ پاڻ مٿانئن گهور،
ويا جي هنگلور، ڪـَرَمَ ملندئي ڪاپڙي.
پر جي اسان انهن جي تجربن، مشاهدن ۽ نتيجن مان فائدو نه وٺي سگهياسين ته پوءِ وري لطيف جي چواڻي ته:
پاڙي ويڄ هئامِ، تان مون مور نه پڇيا،
تيلاهون پيامِ، موريسر اکين ۾.
مٿين ڳالهين کي نظر ۾ رکندي منهنجي هڪ تجويز آهي ته سنڌ جي برک اديبن، دانشورن، ليکڪن ۽ شاعرن جي هڪ بااختيار ڪاميٽي جوڙي وڃي، جيڪا ويهين صديءَ جي ڪيل تجربن ۽ نتيجن جي روشنيءَ ۾ ان ڳالهه جو جائزو وٺي ته موجوده سائنس ۽ ڪمپيوٽر جي تيز رفتار دنيا ۾ سرد جنگ جي خاتمي ۽ تاريخي تبديلين جي پيش نظر ايڪويهين صديءَ لاءِ ادب جو معيار ڪهڙو ۽ ڪيترو وسيع هئڻ گهرجي جيڪو انسان جي وقت حالتن ۽ تقاضائن جو ڀرپور پورائو ڪري سگهجي. ان بااختيار ڪاميٽيءَ ۾ ادب ۽ زندگيءَ متعلق نثر ۽ نظم جي سمورين صنفن تي ڀرپور تحقيقي بحث ڪري هڪ جديد، جامع ۽ مڪمل تحقيقي رپورٽ تيار ڪئي وڃي.
جيڪڏهن مون ادنى انسان جي مٿين تجويزن تي سنجيدگيءَ سان غور ڪري انهن تي عمل ڪيو ويو ته اسين ايڪويهين صديءَ جي آجيان وقت ڪونه ڪو جديد تحفو پيش ڪري دنيا ۾ پاڻ کي باوقار ۽ سرخرو ثابت ڪري سگهنداسين ۽ فخر سان چئي سگهنداسين ته اسين ڪنھن کان به پوئتي ڪين آهيون.