سڃاڻو ته مان ڪير آهيان؟
دوستو! وڏن کان ٻڌندو پيو اچان ته منھنجو اصل جنم اڄ کان هزارين سال اڳ، جڏهن انسان ۾ پوک ڪرڻ جو شعور پيدا ٿيو هو. تڏهن نيل نديءَ جي ڪناري تي مصر، آمريڪا ۽ لاطيني آمريڪا جي ريتيلي ۽ زرخيز زمين تي ٿيو هو. پوءِ ته ويس وڌندو ۽ ويجهندو. هاڻي ته دنيا جي هر ملڪ، هر قوم، هر شهر ۽ هر ڳوٺ ۾ منھنجو نسل موجود آهي.
دوستو! دنيا جا ٻيا سڀ ميوا ۽ ڀاڄيون پنھنجي پنھنجي مُند تي اچي منھن ڪڍن. ڪجهه ڏينهن رهي، وري جو وڃن ته پوئواري ئي ڪونه ڪن. سنگتي ساٿي جن سندن گرمجوشيءَ سان آڌر ڀاءُ ڪيو، تن کي اڌ ۾ ڇڏي اڪيلو ڪيو ڇڏيون هليا وڃن. ڄڻ واقف ئي ڪونهن. وري جو مند موٽي ته پاڻ به اچي ڪر کڻي سامهون بيهن ۽ وري به سندن هرڪوئي آجيان پيو ڪندو.
دوستو! منھنجي ڪهاڻي ڪجهه اور آهي. منھنجي نه مند آهي ۽ نه مهينا. مان هر موسم ۽ هر حال ۾ اوهان جي زندگيءَ ۾ اوهان سان گڏ آهيان. ٻارهن ئي مهينا اوهان وٽ موجود آهيان. ڏک سک ۾ هر ڪنهن جو ساٿي آهيان. غريبن جو ته صفا همدرد ۽ يار آهيان. ويچارا مسڪين ۽ مارو ماڻهو، جهانگي ۽ سانگي ماڻهو، جيڪي ”آڻين ۽ چاڙهين“ واري حالت ۾ گذران ڪن. سي گوشت مڇيءَ جي ڳاٽي ڀڳيءَ بها کي پڄي ڪونه سگهن. اهي بس سياري، سانوڻ، رات ۽ ڏينهن مونکي ئي استعمال ڪن. مونکي وري ٺاهڻ جو اهڙو ته ڏانءُ اٿن جو گوشت مڇيءَ کي به شهه ڏيو ڇڏين. هي مارو ماڻهو دل جا سخي، مهمانواز ۽ اوطاقي ماڻهو ٿين. آڌيءَ مانجهيءَ سندن اوطاقن ۽ اوتارن تي ڪو مھمان ايندو ته ڪشاده دليءَ سان انهن جو استقبال ۽ آڌر ڀاءُ به مان ئي ڪندو آهيان. مان انهن وٽ ڏاڍو هِري مِري ويو آهيان. هوبه اهڙا قرب جا ڪوڏيا جو ٻارهو ئي مون مان سڪ ئي نه لهين! ڇو ته مون به انهن سان ڪو پويون پير نه ڏنو آهي. تتيءَ ٿڌيءَ، سڏ ۾ سڏ ڏيون بيٺو آهيان.
دوستو! منھنجا ته وڏن ماڻهن سان به وڙ آهن. پوءِ اهي ڪروڙ پتي امير هجن يا آفيسر صاحب لوڪ، سياستدان هجن يا سائنسدان، سرمائيدار هجن يا جاگيردار. انهن جي هر طعام ۾ جيستائين مان نه هجان، تيسين سمجهو ته هر طعام جو سواد، بي ذائقو ۽ اڌورو پيو لڳندو. جيئن ڪنهن گاني ۾ فنڪار جو آواز هجي. ليڪن سنگيت جا ساز نه هجن. اهڙيءَ طرح مون انهن جي به خدمت ڪئي آهي. سندن طعامن کي عمده ۽ لذيذ بڻائيندو آهيان. شھرن جا ماڻهو مون منجهان حلوو ٺاهين. ذائقيدار ۽ ڪڙڪ چپس ٺاهين. پڪوڙن ۽ ڪچورين ۾ پڻ منھنجو ججهو استعمال ڪندا آهن. مان تمام گهڻن ماڻهن جي آمدني جو ذريعو پڻ آهيان. مان انهن جي معاشي صورتحال بهتر بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيان ٿو. ڇاڪاڻ ته منھنجو هر جاءِ تي ٻين سڀني شين کان گهڻو استعمال ٿئي ٿو.
دوستو! منھنجي هيءَ به خوبي آهي ته مان هر جاءِ ۽ هر وقت موجود رهان ٿو. دنيا جا ٻيا ڪهڙا به ميوا ۽ ڀاڄيون هجن انهن کي ٻه ڏينهن اسٽور ڪري رکبو ته بلڪل خراب ٿي ويندا. سڙي ۽ سڪي ويندا ۽ کائڻ جي لائق ئي نه رهندا. پر مون تي قدرت جي اها خاص مهرباني آهي ته مان مهينن جا مهينا پيو هجان ته نه سڙان، نه سُڪان ۽ نه وَسَ ڪئي خراب ئي ٿيان.
دوستو! مون ۾ خوراڪي جزن کانسواءِ وٽامنس به ججهي انداز ۾ هوندا اٿو. ڪوبه معدي جو ڪمزور ماڻهو مونکي کائيندو ته منھنجي طاقت کي هضم نه ڪري سگهندو ۽ پوءِ الزام وري منھنجي مٿان ته مان بادي آهيان. حالانڪ اها منهنجي وٽامن جي قوت آهي جنهن کي همراهه برداشت ڪري نه سگهيو.
دوستو! هاڻي پڪ سان اوهان سمجهي ويا هوندا ته مان ڪير آهيان؟ خط لکي ضرور ٻڌائجو.