بـرسـات
اسان جي پاڙي ۾ سامھون اوڀر طرف دلاور جو گهر هو. ڪکائون گهر هوس. ڇَنَ ٺهيل سابه ڪِن ايامن جي. جنھن جون هاريون به گم ٿي ويون هيون. مينهن جو لٿو ته دلاور جي گهر ۾ ڪيهاٽ پئجي ويو. ڇَنَ جُهري پئي. چئني پاسن کان وهڻ لڳي. مال جو مَنَهُن به پٽ تي ڪِري پيو. سو مال کي به آڻي ماڻهن واريءَ ڇن م بيھاريائون. آخرڪار هنن جو رزق هو، گذر معاش جو ذريعو هو. هونئن به ڀاڳين کي پنھنجو رزق (چوپايو مال) اولاد جيترو پيارو لڳندو آهي. هاڻي ماڻهو ۽ مال گڏجي ويا. برسات ۽ هوا جي زور تي ٻاهريون پناهه وارو لوڙهو به اُڏي چڪو هو.
دلاور چيو، ”اهو ويچارو برڪت سچ چوندو آهي ته اتر جي هوا لڳي ۽ آسمان ۾ چھنبن سان پاسرين وانگر خوفناڪ ڪڪر ٿين ته پڪ سمجهو ته خير ناهي.“ سو ويچاري جي ڳالهه بروبر صحيح آهي. ڪالهه کان وٺي اهي ساز پئي وڳا. پر اسان جو اوڏهون اير ڀير ئي ڪونه هو، پڙهيو لکيو ڇوڪرو آ، ڪتابن جا ڍير پڙهيا ٿئين. تجربو به ڏاڍو اٿس. جيئن چوندو آهي تيئن سچ نڪرندو آهي. پهرين ته اسين به ان تان کِلون ۽ چٿرون ڪندا هئاسين ته چار ڪتابڙا پڙهي مٿو ڦري ويو اٿس. پر پوءِ خبر پئي ته نه ٻيلي ڇوڪرو عقل وارو آهي. ننڍڙيءَ وهيءَ ۾ واهه جو علم هٿ ڪيو اٿس.
اڻ مندائتو مينهن پيو. هٿن تي ڦِرڪو ڦِري ويو. اوچتو ئي اوچتو موسم تمام ٿڌي ٿي وئي. دلاور جي ننڍڙي پٽ جنھن جي عمر ڪا ٽن يا چئن سالن کان مٿي ڪونه هئي، کي بخار ٿي پيو. گهر ۾ گوڏي جيڏو مينهن جو پاڻي، مٿان ڪارا ڪڪرا اڃا به ڪارونڀار ڪيو وسڻ جا ويس ڍڪيا بيٺا هئا. جيڪي جهانگيئڙن جا جيءَ جهوري رهيا هئا. جهوپا جُهري پيا هئا.
دلاور جي زال دلاور کي چيو، ”اڙي ٻڌين ٿو، ڇوڪر کي ڏاڍو بخار ٿي پيو آهي. صفا مَچَ پيا ٻرنس. شھر ڏي وڃي ڪنھن ڏاڪدر کي ته ڏس، مالڪ سائين تون ٻاجهه ڪر! هيٺان مٿان اسان مسڪينن لاءِ قيامت لڳي پئي آهي. ڏاڪدر نه هجي ته دڪانن تي به دوائون رکندا آهن. اتان ئي وڃي ڪي ٽڪيون وٺي اچ.“
دلاور ڳڻتين ۽ فڪر جي مينهن ۾ ٻڏو پيو هو. ڪا ڳالهه ئي سمجهه ۾ نٿي آيس ته هُو هينئر آخرڪار ڇا ڪري.
دلاور جي زال وري چيو ته، ”اڙي ٻڌين ڪونه ٿو! ڇوڪري جي حالت وڃي ٿي خراب ٿيندي ۽ تون اڃا به اتي ئي بي فڪرو لڳو بيٺو آهين. ٻچڙي تي ڪو قياس ئي ڪونه ٿو اچئي.“
”تنھنجو ٿيو آهي مٿو خراب. هن مهل ڪهڙو ڊاڪٽر هوندو جو ههڙي برسات ۾ اسان غريبن سان ايندو. آهيان به ڳوٺ جو چڱو مڙس يا آفيسر صاحب، جو بس منهنجو وڃڻ ۽ هن جو ٿيلهو کڻڻ. غريب نه ڄمي نه مري. بس ڪري خدا کي ياد ڪر. جُهڙي ڦُڙي لهي ته وڃي ٿو ڪٿان پَٽَ سَٽَ ڪري ڪجهه ٽڪيون وٺي اچان. اسان کي لڳي پئي آهي پنهنجي، سڄا ويا آهيون ڀڄي، هن کي وري هن مهل ٽڪيون آڻي ڏي. هُون ....! خدا کي ياد ڪر. الله ڪندو رحم ٿي ويندو.“
”ٻاهر وڃڻ ۾ ٻَرو ٿو وٺئي ته هوا تي لوڙهو سڄو ڪِري پيو آهي، انکي ته ڀلا ٻيانو کڻي هڻي ته ڇڏ.“
”مان ٿو چوانءِ ته ڪري ويهه بس، ته لٺ کڻي مٿو نه ڦاڙهي وجهانءِ. وڃين ٿي چيڙائيندي. اسان هڪ پنھنجي پاڻيءَ ۾ ناهيون، ٻيو وري رَن وڃي ٿي حڪم هلائيندي.“ دلاور خان ڪاوڙ مان چيو.
”وڃي کڏ ۾ پئه مُئا، منھنجو ڇا وڃئي.“ زال چيو.
ايتري ۾ در تي سڏ ٿيو. ”وري ڪنهن کي هن مهل، بلا کاڌو“ دلاور چيو. دلاور پاڻي جهاڳيندو جهاڳيندو آهستي آهستي ۽ ڀڻڪندو در تي ويو.
وڏيري خان محمد جو نوڪر هو، منھن ۾ گهنڊ وجهندي رعبدار لهجي ۾ نوڪر چيو، ”ڀوتار موڪليو آ. مينھن تي ڪوٽ جو ٽڪرو ڪِري پيو آهي، ان کي لوڙهو هڻائڻو اٿس. هاڻي جو هاڻي ڪهاڙي ۽ ٻيانو کڻي هل. مان ٻين کي به ٻڌائي ٿو اچان. پر جلدي ڪر دير نه ڪر.“ دلاور نرم لهجي ۾ نوڪر کي چيو، ”ادا ٿورو آهستي ته ڳالهاءِ.“
”ڇا جو ڙي آهستي ڳالهايان، توکان ڊڄان ٿو ڇا؟“ نوڪر چيو.
”بابا مان سمجهان ٿو تون ڀوتار جو نوڪر آهين. پر ڪنهن جي گهر جي در تي بيٺو آهين، ڪجهه ته چار ديواريءَ جو خيال ڪر ادا. هاڻي هيءَ به ڪا مهل آهي لوڙهن هڻڻ جي. منھنجو ڇوڪرو بيمار پيو آهي، ان لاءِ به ڪنهن ڊاڪٽر ڏي ڪونه ٿو وڃان.“ دلاور چيو.
نوڪر چيو، ”هُون .......! تنھنجي معنى اها ٿي ته تون ڀوتار کي جواب ڏيڻ ٿو چاهين. ٺيڪ آهي، مان وڃي ٿو وڏيري کي ٻڌايان، پاڻ ئي توکي ان جواب جي سيکت ملي ويندي. ڄٽن جو مٿو ته خراب ٿيو آ، اميرن کي ٿا جواب ڏين. ٺيڪ آ ٺيڪ! تون ڀلي نه هل. ڀوتار پاڻهي توکي سڌو ڪري وٺندو.“
”نه بابا نه، مان ڪاٿي ٿو ائين چوان. اجايو ناراض نه ٿيءُ بابا. مان ته مڙئي ائين ڳالهه ڪئي. او ابا اتي بيهه ته سهي نه. منهنجي ڳالهه ته ٻڌ نه! مان هلان ٿو نه. بس مان گهران وڃي ڪهاڙي ۽ ٻيانو کڻي اچان.“ دلاور ليلائيندي نوڪر کي چيو.
”ڪوڙا ڪنهن نه جاءِ جا. وڃ جلدي کڻي اچ.“ نوڪر چيو.
”حاضر ادا، مان هاڻي ئي ٿو وڃان، پر ڇوڪري ........“
”ڇا مطلب؟“ نوڪر چيو.
”مطلب ته جي ٿوري ويسند ڏيوم ته ڇوڪري کي دوا وٺي ڏيون هلان. دلاور چيو، نه نه، ناهي ضرور هُتي ڪوٽ ڪِريو پيو آ، توکي وري لڳي آهي ڇوڪري جي. پوءِ کڻي اچي لقمان حڪيم کان علاج ڪرائجانس. اڳـ۾ هيڏي هل.“ نوڪر چيو.
دلاور حسرتن، ارمان، محرومين،نفرتن ۽ انتقامي جذبن جا هٿوڙا ذهن تي وسائيندو گهر آيو.
”در تي ڪير هو سَڏَ وارو؟“ زال پڇيو.
”ڪير سان تنھنجو ڪم؟ ڪير به هو، تنھن ۾ تنھنجو ڇا؟، ڪري ويهه بس ته ڪيانءِ نه هڪ ڌڪ ۾ پورو.“ دلاور جذبات مان چيو.
”هُون! ڏاڍن سان پڄي سگهو ڪونه، هيڻن تي ائين ٿا اچو جيئن هيٺاهينءَ تي پاڻي، اهڙو جوش ٿو اچيوَ ته ڏاڍن جي ڏاڍ ۽ ظلم سان پاند اٽڪايو ته دنيا واهوا ڪريوَ. باقي ڪمزورن جي مارڻ مان مڙس ماڻهو ڪونه ٿيندؤ.“ دلاور جي زال چيو.
دلاور اهو سڀ ڪجهه ٻڌندو رهيو، زال کي ڪابه ورندي ڪونه ڏنائين.
دلاور ڪهاڙ ي ۽ ٻيانو کڻي ٻاهر نڪري ٿو وڃي. لوڙهي لاءِ ڍنگهر ڪپڻ جهنگ ۾ وڃن ٿا. دلاور خيالن جي ٽڪراءَ ۾ گم هو. ڍنگهر ڪپڻ بجاءِ ڪهاڙي سندس ڄنگهه ۾ لڳي وئي. سڄو رتوواه ٿي ويو. منڊڪائيندو منڊڪائيندو اوطاق تي آيو.
دلاور کي ان حالت ۾ ڏسندي وڏيري چيو، ”اڙي دلاور توکي وري ڇا ٿيو؟ ڪِن ڪيو اٿئي لوڙهي هڻڻ کان مـَڪـَرُ.“
”نه سائين، ڍنگهر وڍيندي ڄنگهه ۾ وڃي ڪهاڙي لڳي آهي.“
نوڪر جو اتي اکيون خراب ڪيو منهن ۾ گهنڊ وجهيو بيٺو هو تنھن چيو، ”ڪاٿي سائين، هن جو اٿندي ئي نڀاڳ ۾ منهن هو. گهران ئي ڪروڌ ڪري آيو هو. نيت آڏو آئي اٿس.“
وڏيري چيو، ”پوءِ ته جھڙي نيت تھڙي مراد.“
دلاور چيو، ”برابر سچ ٿا چئو. هاڻي برابر ائين ئي ٿيندو، ’نيت ۽ مراد جو جهيڙو‘.“
ائين چئي دلاور سموري منظر کي گهوري ڏٺو ۽ پوءِ اوطاق مان ٻاهر نڪري آيو. ڄڻ ته ڪهاڙي هن کي ڄنگهه ۾ نه پر دل ۾ لڳي هئي.
**