نارائڻ شيام
ڪھڙي دنيا مُٺيءَ جي ڳالهه ڪريون،
اگهه اکيون، کِلَ خوشيءَ جي ڳالهه ڪريون.
موت تي روئبو به پر هاڻي،
مرڪندڙ زندگيءَ جي ڳالهه ڪريون.
بس خوشي اڄ جي، ٽھڪ پڻ اڄ جا،
هِنَ گهرِءَ هُنَ گهڙيءَ جي ڳالهه ڪريون.
شاعر هميشه سونھن جا متلاشي ٿيندا آهن. ليڪن هڪڙا نفس پرست ۽ خواهشن جا تابعدار، هلڪڙي سطح جا شاعر سونھن لاءِ جسم جي ڳولا ڪندا آهن. اهڙا شاعر انساني قدرن ۽ انساني تھذيب کي پائمال ڪري ڇڏيندا آهن. ليڪن هڪڙا شاعر سونھن، سچ، امن۽ خير جا متلاشي ٿين ٿا. اهي جسمن ۾ سونھن پسڻ نه چاهيندا آهن، بلڪ هُو فطرت جي هر رنگ ۾ سونھن جون ريکائون ۽ محبوب جو مشاهدو ماڻي سگهندا آهن. اها ئي اصل سونھن آهي، جيڪا پائدار ۽ هرجاءِ تي موجود آهي. شيام اهڙي سونھن جو عاشق آهي. حب الوطني سندس رڳ رڳ ۾ سمايل هئي. سندس حياتياتي (Cells) سنڌوءَ جي مٽيءَ، پاڻي ۽ هوا مان جڙيل هئا. هن سنڌوءَ جي ڪک مان جنم ورتو هو. سنڌ ڌرتيءَ سان پھريون ڀيرو سندس اک آشنا ٿي هئي. پھرين لولي کيس سندس جيجل ماءُ سنڌي ٻوليءَ ۾ ڏني هئي. ان لوليءَ واريءَ ٻوليءَ سان شيام آخري پساهن تائين نڀائيندو رهيو. هُو چوي ٿو:
”گنگا جمنا امرت امرت،
ليڪن ٿڃ ته سنڌو آهي.“
شيام جي شاعريءَ ۾ اصليت، سادگي، جوش، جذبات، جدت، منظرنگاري، بيان جي اثر انگيزي، حب الوطني، نزاڪت، نفاست، خيال جي بلندي ۽ فڪر جي گھرائيءَ وارا سمورا عنصر پاريون ڪيون پلٽيا پيا آهن. شيام، شعور جي بلنديءَ تي بيھي عقابي نظرن سان فطرت، ڪائنات، ڌرتي ۽ ڌرتيءَ تي وسندڙ ۽ واپرجندڙن جي ڳالهه ڪري ٿو. اها ئي هڪ وڏي شاعر جي شاعرانه عظمت آهي.
هڪ هنڌ شيام چوي ٿو:
عشق کي بڻجي وري، مٽجي وڃڻ جو آه شوق،
حسن کي مٽجي وري، موتي بنجڻ جو آه شوق.
ڪيئن نظر يڪجا ٽڪي ان حسن تي سگهندي ڀلا،
جنھن کي ڪڏهن گل ۽ ڪڏهن رخ ٿيڻ جو آه شوق.
مٿئين شعر ۾ شيام سائنسي بنيادن تي شين کي شاعرانه طريقي سان بيان ڪرڻ ۽ سمجهائڻ جي بي مثال ڪوشش ڪئي آهي.
زندگيءَ ۾ ذاتي خودغرضي ۽ انانيت جي نفي ڪندي ”ڪين“ ٿيڻ جو درس ڏيندي شيام چوي ٿو:
پنھنجي آپي کان اچ ٻاهر،
ناهين جڳ ۾ تون ئي هڪڙو.
هو چوي ٿو ته ”اي نارائڻ تون پنھنجي ڏات ۽ ڏاهپ تي غرور ۽ گهمنڊ نه ڪر. اها ته نھايت خسيس ۽ سطحي سوچ آهي.“ اَنا ۽ تڪبر وارا ڪڏهن به محبوب جو مشاهدو ماڻي نه سگهندا آهن. ڌڻي ته ڀورن تي ڀال ڪندڙ آهي. جڏهن تون پاڻ کي ”ڪين“ بڻائيندين تڏهن ئي تون عظيم ۽ امر بڻجي ويندين. تنھنجي مِٽي به مانائتي بڻجي پوندي.
هو چوي ٿو ته ”هن سنسار ۾ توکان سواءِ ٻيا به ڪيترائي قطارن جيان، تو کان وڌيڪ ڏاها، عالم، اديب، شاعر، مفڪر ۽ دانشور دنيا ۾ پيا آهن. جن جي علم ۽ دانش ڏات ۽ ڏاهپ اڳيان تون بيھي به ڪونه سگهندين.“
شيام، مکڻ ماڻهو هو، مکڻ جيان اڇو اجرو، نرم ۽ نفيس انسان. مھمان نوازي ته وٽانئس ڪو سِکي. شيام جيترو ڳنڀير ۽ سنجيدو انسان هو، اوترو ئي کلڻو ملڻو ماڻهو هو. محفلن ۾ اهڙا ته چرچا ڀوڳ ڪندو هو، جو عقل دنگ رهجي ويندو هو ته ايڏو مھان ڪوي ۽ حساس دل انسان ۽ عام زندگيءَ ۾ وري ايترو ئي زنده دل ۽ کل مک وارو انسان. کلائي کلائي محفل وارن کي کيرو ڪري ڇڏيندو هو. عام ڪچھرين ۾ هو ٻارن ۾ ٻار، جوانن ۾ جوان ۽ ٻڍن ۾ ٻڍو هوندو هو.
دوستو! عام انسان جي زندگي ۽ شاعر جي زندگيءَ جي مفھوم ۾ زمين آسمان جو فرق ٿئي ٿو. عام انسان جي اڳيان زندگيءَ جو مقصد کائڻ، پيئڻ، دولت هٿ ڪرڻ، عياشيون ڪرڻ، شان شوڪت ۽ دٻدٻو قائم ڪرڻ ۽ مري وڃڻ. جڏهن ته شاعر جي اڳيان زندگيءَ جو مقصد ڪي آدرش، ڪي اصول، کوجنا، تجديد، تحقيق، وقتي ۽ فطري تقاضائن جو شعور. زندگيءَ ۾ زندگيءَ جي تلاش، جدوجھد ۽ انساني شعور جي بيداري، ڪائنات ۽ فطرت ۾ اصولن جي ڳولا هوندو آهي. شاعر جي زندگيءَ جو مقصد انسان جي جملي احساسن، امنگن، جذبن، اميدن، ڪيفيتن ۽ حالتن کي محسوس ڪري انھنجو اظھار ڪرڻ به هوندو آهي. شاعر انسان ذات جا امين، نمائندا ۽ ترجمان هوندا آهن. اهي ڪائنات ۾ ۽ سماج م انسان جو صحيح مقام ۽ مرتبو حاصل ڪرڻ جي جدوجھد ڪندا آهن، جنھن جي عيوض کين سوريءَ سزاوار ٿيڻو پوندو آهي. اذيتون ۽ عذاب سَھڻا پوندا آهن. پر پوءِ به اهي حالتن سان مصلحتون ڪونه ڪندا آهن ۽ وڏي واڪي حق جو آواز بلند ڪندا آهن.
شاعر پنھنجي فڪر ۽ حسين خيالن کي لفظن جون تصويرون چٽيندڙ اهڙا مصور آهن، جن مان زندگيءَ جامختلف روپ جهلڪا ڏيو پيا نظر ايندا آهن. شيام به اهڙن شاعرن منجهان هو جنھن جي اڳيان لفظ قطارون ڪيون انتظار ۾ بيٺا هوندا هئا. جيڪو سندس شاعريءَ ۾ آيو ته امر بڻجي ويو.
شيام جون هيٺيون 9-تصنيفون تمام گهڻيون مشھور آهن.
”ماڪ ڦڙا“- شاعريءَ جو مجموعو جنھن م غزل، نظمون ۽ گيت آهن. 1953ع ۾ شايع ٿيو.
”پنکڙيون“ هن ۾ رباعيون ۽ روپ مايا چوڏسيون آهن. 1955ع ۾ شايع ٿيو.
”رنگ رتي لھر“ هري دلگير هن جو مھاڳ لکيو. 1957ع ۾ ڇپيو.
”روشن ڇانورو“ 1962ع ۾ ڇپيو.
”ماڪ ڀنا رابيل“ شاعريءَ جو مجموعو، 1964ع ۾ ڇپيو.
”آڇيندي لڄ مران“ 1972ع ۾ ڇپيو.
”وادئ ڀريو پلاند“، 1968ع ۾ ڇپيو.
”مھڪي ويل صبح“، 1983ع ۾ ڇپيو.
”نه سورنگ نه سا سرهاڻ“، 1987ع ۾ ڇپيو.
ان کان علاوه شيام جي اڳ ڇپيل اخبارن ۽ رسالن ۾ شاعريءَ کي گڏ ڪري هڪ مجموعو ”ڏات ۽ حيات“ جي عنوان سان شايع ڪيو ويو آهي. شيام کي سنڌي ڪلاسيڪي شاعري، فارسي ڪلاسيڪي شاعري، جپاني هائيڪو ۽ جديد مغربي شاعريءَ جو اونھو اڀياس ٿيل هو. سندس شاعريءَ ۾ انھن سڀني جو ميلاپ سھڻو نظر اچي ٿو. دوهو، سورٺو، بيت، وائي، سانيٽ، نظم، گيت، غزل، هائيڪو، رباعي، ترائيل ۽ آزاد نظم وغيره سڀني صنفن کي هڪ ئي وقت وڏي آساني، روانيءَ ۽ مھارت سان لکي سگهي ٿو.
شيام 22 جولاءِ 1922ع ۾ ڳوٺ کاهي قاسم ۾ پيدا ٿيو. سندس پيءُ ديوان گوڪلداس به هڪ سٺو شاعر هو. شيام بمبئي يونيورسٽيءَ مان بي.اي پاس ڪئي (فارسيءَ ۾ بي.اي ڪئي اٿس). شيام ڏهين جنوري 1989ع تي دهليءَ ۾ وفات ڪري ويو.
ڪير ڄاڻي ”شيام“ جھڙو ٻيو وري ٿيندو ڪڏهن،
ڪن صدين جي بعد شايد، پر به هو ايندو ڪڏهن،
شاعريءَ کي هھڙا دُهرا دانَ ٻيو ڏيندو ڪڏهن.
(هري دلگير).
**