منهنجو سائين ”سرور منگي“ : احمد علي ”لالو“ سولنگي
سائين تمام گهڻن رخن جي شخصيت هيو، سائين پنھنجي زندگيءَ ۾ گهڻو مطالعو ڪيو ۽ پوري دنيا جي علمن کان واقفيت رکندو هيو. ڇا ته سائين جو انداز هيو، جڏهن شاگردن جا اسٽيج پروگرام ڪرائيندو هيو. اسڪول ۾ 100 شاگرد هڪ موضوع، لفظن ۽ دليلن جي ادائگي الڳ الڳ. سائين ڏات نه پر ڏانوَ ڌڻي هيو. هڪ دفعي سائين مونکي تقرير لکي ڏني ”سيرت النبيصه“ تي، تقرير ته هن وقت مونکي ياد نه آهي پر ان تقرير جو هڪ شعر ياد آهي:
خدا آهي محمد جو محمد جي خدائي آ،
زمين آسمان تي، محمد جي رسائي آ.
انھيءَ هڪ موضوع تي 100 شاگردن کي تقريرون لکي ڏنائين، موضوع ساڳيو پر لفظ ۽ دليل مختلف، خيال مختلف. اها سائين جي ڏاهپ هئي ۽ سائين ايڏي وڏي قابليت جو مالڪ هيو. ايڏو ته بھترين انداز ۾ بيان ڪندو هيو جو اسين مست مگن ٿي ويندا هياسين. سياستدانن کان ڪا شڪايت هوندي هئي سائينءَ کي ته رڳو ان معاملي کان اسانکي آگاهه ڪندو هيو پر سائين شاعري سان به اندازِ بيان ڪندو هيو جيئن هڪ دفعي هن شعر سان اسانکي آگاهه ڪيو هئائين:
گردش ۾ سڀني ستارن لٽيو آ.
طلسم جي ڍارن ۽ ڦارن لٽيو آ.
رکي آس دل ۾ بھارن جي آيس،
مگر بيوفا ٿي بھارن لٽيو آ.
مون هڪ دفعي سائينءَ کان ٻه سوال ڪيا؛ 1. ”توهان نوڪري ڇونه ڪئي؟ جڏهن ته توهان کي تعليم به گهڻي هئي ۽ توهان جي زماني ۾ نوڪريون به گهڻيون هيون؟“ ته سائين وراڻيو ته، ”مان ٻه نوڪريون ڪيون پر ڇڏي ڏنيون.“ مان ورجائي پڇيو ته ”ڇو؟“ چيائين ته، ”مان پنھنجي سنڌي قوم لاءِ ڪجهه ڪرڻ ٿو چاهيان ۽ ان جو بهتر حل اهو آهي ته مان پڙهايان ۽ پوءِ سائين پنھنجي غريبي آڌار تي هڪ پراڻي تڏي تي وڻ جي ڇانوَ، کجيءَ جي چوڌاري ڍنگرن جو لوڙهو، ٻٻرن هيٺان 100 کان مٿي ٻار ٻن شفٽن ۾ پڙهائڻ شروع ڪيا. سائين انهن ٻارن کي پڙهائيندو به هيو ۽ کين کجيءَ جي پنن مان ٺهيل ونجڻو به هڻندو هيو. انھن ٻارن کي سائينءَ وٽ شاگردن جي پڙهڻ جي عمر 10 سالن کان وٺي 30 سالن تائين هوندي هئي. انهن مان هڪ شاگرد مان به هيس. وري مون سائين کان ٻيو سوال ڪيو ته ”سائين توهان ڀلا شادي ڇونه ڪئي؟“ توهان شادي ڪيو ها توهانجو نسل پيدا ٿئي ها، اسان وڏي فخر سان چئون ها ته هي سائين سرور جي اولاد آهي.“ ته سائين جواب ڏيندي چيو ته، ”تنھنجي پيءُ جو نالو ڇا آهي؟ جڏهن مون پنھنجي پيءُ جو نالو کيس ٻڌايو ته وري ٻيو سوال ڪيائين ته ”تنھنجي ڏاڏي جو نالو ڇا آهي؟“ ۽ جڏهن مون کيس پنھنجي ڏاڏي جو نالو ٻڌايو ته وري سائين چيو ته ”تنھنجي ڏاڏي جي پيءُ جو نالو ڇا آهي؟“ ته آئون ٻڌائي ڪونه سگهيس ته سائين مرڪندي چيو ته ”شادي ۽ خاندان بس ڏاڏي تي ختم، ان ڪري مون شادي نه ڪئي ته مان پنھنجي شاديءَ کان وڌيڪ ترجيح پنھنجي شاگردن کي ڏني ۽ جڏهن منھنجا شاگرد قابل ٿي پنھنجن شاگردن کي پڙهائيندا ته منھنجو نالو کڻندا، ائين پيڙهي در پيڙهي منھنجو نالو هميشه روشن رهندو ۽ مان ان فيصلي تي مطمئن آهيان.“
هڪ دفعي آئون ڪنھن جي عشق ۾ ڏاڍو مجبور ٿي ويس، ڏاڍي پريشانيءَ وچان سائينءَ سان سور اورڻ ويس ۽ چيومانس ته، ”سائين مان پنھنجي محبوب لاءِ ڇا ڇا نه ڪيو آهي؟“ ۽ جڏهن ڏنل تحفا ۽ ڪيل انتظار، سائين کي ٻڌايم ته سائين کلندي هڪ لطيفو شعر جي انداز ۾ مون لئه بيان ڪيو:
اکيون ڏرا ٿي ويون اسان جون،
مجبور محروم دليون اسان جون.
بچيا جي ڳوڙها کسڻ ٿا چاهيو،
چئو اڃا ڇا چوڻ ٿا چاهيو؟
اهو عشق آ، اها عشق جي اونھائي آ جيڪا هميشه دل جهوريندي آهي. پر حوصلو ڪر ته هڪ توکي ڳالهه سمجهايان. عشق تنھنجي دل ۽ دماغ تي هڪ ڄار جوڙي ويو آهي، ايئن جيئن ڪنھن تانيئڙي جو ڄار هوندو آهي پر همٿ ڪر حوصلو ڪر، ان ڄار کي ٽوڙڻ لاءِ ڏاند جا سڱ پاءِ ۽ ان ڄار کي ٽوڙي، مروڙي، ڦاڙي، چيري ڇڏ. ڇو ته توکي زندگيءَ ۾ گهڻو ڪجهه ڪرڻو آ.“
جن جذبن سان سائينءَ مونکي سمجهايو ته مون تان وڏو بار هٽي ويو ۽ مون سوچيو ته مان زماني جو هڪ انسان آهيان ۽ مونکي اجايو لوڙڻ ۽ لوچڻ نه کپي. پوءِ آءٌ هلڪو ٿيس ۽ پاڻ کي تازو به محسوس ڪيم، ڄڻ ته مون هڪ زندگيءَ جي آزادي ماڻي هجي! ۽ اڄ جڏهن سائين اسان جي وچ ۾ موجود نه آهي ته هي زندگي ڪيڏي اڪيلي ۽ اٻاڻڪي ڀاسجي ٿي، ڪاش ڪوئي ڄاڻي سگهي!!!؟
**