چانهه - Tea
”چانهه“ پھريائين ته شاهي محلن، وزيرن ۽وڏن وڏن ڪامورن وٽ استعمال ٿيندي رهي. ان درجي جا ماڻهو ذهني ۽ جسماني ٿڪاوٽ دور ڪرڻ ۽ دماغ جي وقتي ٿڪاوٽ هٽائڻ لاءِ ان کي وري تازگي ڏيڻ لاءِ چانهه جي ڪوپ کي استعمال ڪندا هئا. يعني چانهه کي ڪاڙهي پيئندا هئا ان سان انھن کي Taste به ايندي هئي ته Rest پڻ. ان کانپوءِ ذهني پورهيو ڪندڙ ليکڪن به چانهه جي ڪوپ کي پنھنجي علمي، ادبي ۽ فڪري ٽيبل تي ويھاريو. اهڙيءَ طرح فيشن طور يا انساني فطرت مطابق ”سواءِ سوچڻ سمجهڻ جي پٺيان ڊوڙ ڪرڻ.“ جيان چانهه جو واهپو ڏينھون ڏينھن ويو وڌندو، ايتريقدر جو چانهه پيئڻ ڄڻ ته سُريلائپ، معتبرائپ ۽ وڏ ماڻهائپ جي علامت سمجهي پئي وڃي.
هاڻي ته واهڻن ۽ وستين ۾، ٿرن ۽ برن ۾، جبلن ۽ ٻيلن ۾، ديرن ۽ دنين ۾، روڊن ۽ سڙڪن تي، گهرن ۽ اوطاقن ۾، ڇنن ۽ ڇپرن ۾، رڳو چانهه ئي چانهه آهي. ٻھراڙين ۾ ته اڄڪلهه اوطاقن بجاءِ هوٽلون کلن ٿيون. جتي ٻه گهر آهن ته ٽيون هوٽل آهي. مکڻ، ماکين، کير ۽ ڏڌ جي جاءِ چنڊيءَ چانهه والاري آهي.
مٿين ڳالهين کي نظر ۾ رکندي اهو ضروري آهي ته ته ان ڀاڳڀريءَ چانهه جي ڪجهه معلومات به رکون ته اها اصل ۾ ڪٿان آئي، ڪيئن آئي، ان ڪھڙا ڪھڙا مرحلا طئي ڪيا.
ٻڌمت يعني گوتم ٻڌ جي پوئلڳن جي به چانهه بابت اها ڏند ڪٿا آهي ته سندن هڪ ”ڀڪشو“ (ٻڌمت وارا پنھنجي مذهبي وڏي عالم يا بزرگ کي ”ڀڪشو“ چوندا آهن.) تبت ۾ مراقبي ۾ ويٺو هو (تبت، چين ۽ هندستان جو سرحدي علائقو آهي. تبت ٻڌمت وارن جو مقدس علائقو ۽ مذهبي مرڪز آهي. جتي ٻڌمت جو سڀ کان وڏو مذهبي پيشوا ”دلائي لاما“ رهندو آهي.) هن جڏهن پھريون دم کنيوته هن کي ڪابه حيران ڪندڙ تبديلي ڏسڻ ۾ ڪونه آئي. وري ٻيو ڀيرو مراقبي ۾ ويٺو پر ڪوبه نتيجو ڪونه نڪتو. وري هن ٽيون ڀيرو ساهه روڪيو وري به جڏهن واپس موٽيو ته هن کي وري به ڪا تبديلي نظر نه آئي. اتي هن جذبات ۾ اچي پنھنجي اکين جا پنبڻ ڪٽي اڇلي ڇڏيا.. ڀڪشو هڪ سال کانپوءِ جڏهن حواسن جي دنيا ۾ مٽي آيو، تڏهن هن ڏٺو ته جتي هن اکين جا پنبڻ ڪٽي اڇليا هئا، اتي خوشبودار ٻوٽا ڦٽل هئا. جن مان دل کي متاثر ڪندڙ هڳاءُ اچي رهيو هو. اهو ٻوٽو اصل ۾ سندن چوڻ مطابق چانهه جو ٻوٽو هو.
ٻڌمت وارن جي ان قصي ۾ ڪيتري صداقت آهي سان هڪ الڳ ڳالهه آهي، پر اها حقيقت آهي ته چانهه جي شروعات ساڍا چار هزار سال اڳ چين کان شھنشاهه ”شاه نگ“ جي دور کان ٿي هئي. جنھن کي جپان ۾ متعارف ڪرئڻ جو سھرو ٻوڌي ڀڪشوئن جي سِرَ تي سونھي ٿو. جيڪي مراقبي دوران ننڊ کي ڦٽائڻ لاءِ چانهه جو استعمال ڪندا هئا. چانهه کي دوا يا شربت طور مقبوليت ڏيارڻ ۾ به انھن ٻوڌي ڀڪشوئن جو ئي وڏو هٿيار ڪار فرما هو. ڇو ته چانهه جي خصوصيت کي پهريائين انھن ئي سمجهيو هو. چانهه جي باقاعده پوک ڇهين صدي عيسوي ڌاري چين ۾ شروع ڪئي وئي.
”چانهه“ اصل ۾ “Camellia sinesis” نالي هڪ ٻوٽي جي پنن مان ٺهي ٿي. ”چانهه“ لفظ چيني زبان جي لفظ چاءِ (Cha) مان نڪتل آهي، جنھن لاءِ انگريزي ٻوليءَ جو متبادل لفظ “Tea” آهي، جيڪو چين جي علاقائي ٻوليءَ جي لفظ “Tay” مان ورتل آهي. چين مان اهو لفظ جپان پهتو. جتان سفر ڪندو، پنھنجي خوشبوءِ پکڙيندو اثر ڇڏيندو هندستان ۽ ايران آيو ۽ اتان وري روس ڏانھن رخ رکيائين. سترهين صدي عيسويءَ ۾ پورچوگيز جھاز دانن ان چانهه کي اوڀر کان وٺي يورپ تائين متعارف ڪرايو. تاريخ نويسن جو چوڻ آهي ته يورپ چانهه لاءِ لفظ “Tea” 1660ع ۾ رائج ٿيو. حالانڪه 18 صديءَ جي اڌ تائين پڻ لفظ “Tay” هلندو رهندو هو.
17- صديءَ ۾ يورپ اندر چانهه عوامي مقبوليت حاصل ڪري چڪي هئي. هندستان ۾ انگريزن جي اچڻ وقت چانهه کي فقط دوا طور استعمال ڪيو ويندو هو. ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ وارن سرڪاري ۽ دوستانه گڏجاڻين ۽ محفلن ۾ چانهه کي مشروبات طور پڻ استعمال ڪيو. چانهه کي عوامي سطح تي مقبوليت ڏيارڻ ۾ هڪ انگريز واپاري ”ٿامس لپٽن“ جو وڏو هٿ آهي. لپٽن 1880ع تائين عام دڪاندار هو پر، پوءِ هن چانهه جو واپار شروع ڪري عالمي شھرت حاصل ڪئي. اڄ به لپٽن نالي واري چانهه ڪمپين جو شمار دنيا جي تمام وڏين ڪمپنين ۾ ٿئي ٿو.
اڄڪلهه چانهه جو واهپو ۽ استعمال ايترو ته وڌي ويو آهي جو چانهه هڪ قسم جي ذهني، جسماني ۽ نفسياتي ضرورت بڻجي چڪي آهي. سڄيءَ دنيا ۾ پٽاٽن ۽ ڪڻڪ کانپوءِ ٽئين نمبر تي چانهه هڪ غذائي عنصر جي حيثيت حاصل ڪري ورتي آهي. چانهه جي وڌندڙ استعمال جي ڪري چانهه جي سالانه پيداوار ٻه ارب سٺ ڪروڙ ڪلوگرام کان ٽپي چڪي آهي.
برطانيه دنيا ۾ وڌ ۾ وڌ چانهه درآمد (Import) ڪندڙ ملڪ آهي. سال 1990ع ۾ برطانيه جي انگريزن 141894 ميٽرڪ ٽن چانهه واپرائي. جڏهن ته ٻئي طرف آمريڪا 76946 ميٽرڪ ٽن چانهه هضم ڪئي. 1990ع ۾ پاڪستان هڪ لک چار هزار 104000 هزار ميٽرڪ ٽن چانهه درآمد ڪئي.
هندستان دنيا ۾ وڌ ۾ وڌ چانهه پيدا ڪندڙ ملڪ آهي. هندستان ۾ 1997ع ۾ 800 ملين ڪلوگرام چانهه اپائي وتي. جنھن مان 162.86 ملين ڪلوگرام چانهه برآمد ڪئي وئي. دنيا ۾ گهڻي کان گهڻي چانهه درآمد ڪندڙ ملڪ ”سِري لنڪا“ آهي. معيار جي لحاظ کان ڪينيا جي چانهه دنيا ۾ پھرين نمبر تي آهي. مارڪيٽ ۾ چانهه جي پتيءَ جا عام طور تي ٻه قسم وڪامجن ٿا. هڪ ”ڊسٽ“ ۽ ٻي ”داڻي دار“. داڻيدار چانهه قيمت ۽ ڪوالٽيءَ ۾ ڪجهه قدر وڌيڪ هوندي آهي.
چانهه هڪ خاص قسم جي ٻوٽي جي پنکڙين ۽ پنن کي ٽوڙي انھن کي هڪ پراسيس مان گذاري تيار ڪئي ويندي آهي. چانهه جي پنن کي پتيءَ ۾ تبديل ڪرڻ جا ٻه طريقا آهن. جن مان هڪ قديم طريقو آهي، جنھن تحت چانهه جي ٻوٽي جي پنن کي سڪائي سادو قھوو تيار ڪيو ويندو آهي. هن دور ۾ اهو طريقو نه هئڻ جي برابر آهي. يا وري تمام گهٽ پيماني تي. اڄڪلهه چانهه جي تياري جديد سائنسي طريقن سان ڪئي وڃي ٿي. ان طريقي کي سي.ٽي.سي طريقو سڏيو ويندو آهي.
چانهه جي پوکائي ۽ ان جو چونڊو ڪرڻ نھايت نازڪ ڪم آهي. جنھن کي انتھائي احتياط ۽ خبرداريءَ سان ڪيو ويندو آهي. ڇاڪاڻ ته ٻوٽي جون تازيون تازيون ڪونپليون ۽ نرم نرم پن چانهه جي پتي ٺاهڻ جي ڪم ايندا آهن. پراڻن پنن مان چانهه ٺهي نه سگهندي اهي. ٻوٽي مان ڪونپليون ۽ پن ڏهن ڏينھن ۾ هڪ ڀيرو پٽيا ويندا آهن. انھن پنن کي مشينن ۾ رول ڪيو ويندو آهي. ان عمل دوران نڪرندڙ رس پن پنھنجي اندر جذب ڪري وٺندا آهن. ان بعد ٻن کان اٺن ڪلاڪن تائين انھن پنن کي 40 درجا سينٽي گريڊ واري گرمي پد تي رکيو ويندو آهي. ان عمل کي فرمينٽيشن چئبو آهي. ان عمل سان چاهه ۾ خوشبوءِ پيدا ٿيندي آهي.
سي.ٽي.سي طريقي سان تيار ٿيندڙ چانهه داڻيدار هوندي آهي. هئي چانهه خوشبوءِ ۽ ذائقي جي لحاظ کان اعلى ڪوالٽيءَ جي چانهه آهي. پاڪستان ۾ 80 سيڪڙو چانهه داڻيدار درآمد ڪئي ويندي آهي. اها چانهه خاص ڪري ڪينيا، انڊونيشيا، بنگلاديش، تنزانيه، ملاوي، روانڊا ۽ برونڊيءَ مان خريد ڪئي ويندي آهي. ان کان علاوه اورينج پيڪو، پيڪو، بروڪن اورينج پيڪو، فين انگ، ڊسٽ اورينج پيڪو چانهه ۾ پيڪو نالي وڻ جا پن شامل ڪيا ويندا آهن. جنھن سان چانهه جي خوشبوءِ ۾ اضافو ٿيندو آهي.
تيز رفتار زندگيءَ سان گڏ هلڻ لاءِ چانهه جي ڪمپنين سھولت خاطر ”ٽي بيگز“ ۽ ”بوائل او بيگز“ متعارف ڪرايون آهن. چانهه جي وڌندڙ طلب ۽ وڌندڙ قيمت سبب ڪي مفاد پرست ۽ سماج دشمن مارڪيٽ ۾ نقلي چانهه جو وڪرو ڪندا آهن، جنھن سان عوام جي صحت بُريءَ طرح سان متاثر ٿيندي آهي. نقلي چانهه عام طور تي سُڪل پتي، ڪارن چڻن جي ڇلڪن، ٻٻر جي ڇوڏن، کؤنر ۽ مصنوعي رنگ مان تيار ڪئي ويندي آهي.
پاڪستان دنيا جو ٻيو نمبر وڏو چانهه جو امپورٽر (خريدار) آهي. هڪ اندازي موجب پاڪستاني هڪ سال ۾ اٽڪل هڪ لک پنجاهه هزار ٽن چانهه واپرائن ٿا. اهڙيءَ طرح پاڪستان جو هر شھري سراسري طور تي ساليانو ڏيڍ ڪلو گرام چانهه واپرائي ٿو. اهو مقدار هندستان جي ڀيٽ ۾ ٻيڻو ۽ بنگلاديش جي ڀيٽ ۾ پنجوڻو آهي.
پاڪستان 96 سيڪڙو ڪاري پتيءَ واري چانهه ۽ 4 سيڪڙو سائي چانهه گهرائيندو آهي. ماهرن جو خيال آهي ته پاڪستان ۾ سن 2000ع تائين چانهه جي کپ هڪ لک 65 هزار ٽن آهي. پاڪستان ٽِي ايسوسيئيشن وارن مطابق پاڪستان 1994ع ۾ هڪ لک چار سئو پنجونجاهه ٽن چانهه درآمد ڪئي، جنھن مان 70 سيڪڙو چانهه ڪينيا مان خريد ڪئي وئي. سال 1997ع ۾ پاڪستان 240 ملين ڊالرن جي چانهه خريد ڪئي، انگن اکرن موجب فقط 97ع واري ماچر مھيني ۾ 12 ملين ڊالرن جي 7222 ٽن چانهه درآمد ڪئي وئي. سال 1998ع ۾ اها چانهه وڌي 11709 ٽن ٿي ويئي. جنھن جي ماليت 29 ملين ڊالر آهي. پاڪستان ۾ هر سال چانهه جي درآمدات ۾ 9 سيڪڙو اضافو ٿي رهيو آهي. پاڪستاني ساليانو اٺن کان ڏهن اربن رپين جي چانهه واپرائيندا آهن، جنھن ۾ ڏينھون ڏينھن زبردست اضافو ٿي رهيو آهي. انگن اکرن موجب پاڪستان ۾ سال 1970ع کان مارچ 1997ع تائين 74 ارب 89 ڪروڙ چاليهه لک رپين جي چانهه درآمد ڪئي وئي.
دنيا جي 37 ننڍن وڏن ملڪن ۾ هر سال 2.6 بلين ڪلوگرام چانهه جي پيداوار ٿئي ٿي، انھن ملڪن ۾ هندستان، سري لنڪا، انڊونيشيا، ويٽنام، هانگ ڪانگ، ايران، ڪينيا، روانڊا، تنزانيه، يوگنڊا، برازيل، ارجنٽائن، برونائي، برما، دبئي، جرمني، گهانا، آمريڪا، روس، سينگاپور، ملائيشيا، سوئيزر لينڊ، برطانيه، ٿائيلينڊ، تائيوان، گوئٽي مالا، هيٽي، ڏکڻ آفريڪا، جپان، ملاوي، ماريشس، نيدر لينڊ، رومانيه، ترڪي ۽ موزمبيق، نيپال ۽ چين شامل آهن. انھن ملڪن مان حاصل ٿيندڙ پيداواري واپار ۾ ڪيترائي ملڪ حصيدار آهن. ليڪن انھن ۾ هندستان، سريلنڪا، ڪينيا، بنگلاديش ۽ چين جي منڊين جو مقام ٻين سڀني کان مٿانهون آهي.
هندستان پنھنجي چانهه جي ڪل پيداوار جو 70-سيڪڙو پنھنجي ملڪ اندر استعمال ڪري ٿو. سِري لنڪا ۽ بنگلاديش ۾ پنھنجي چانهه جي پيداوار جو فقط 15 سيڪڙو ملڪ اندر استعمال ڪيو وڃي ٿو. جڏهن ته باقي 85 سيڪڙو چانهه برآمد ڪئي وڃي ٿي.
**