ليکڪ پاران ٻه چار ڳالهيون : سيد مرتضيٰ ڏاڏاهي
گذريل اپريل جي مهيني ۾ منهنجي همشيره جي وفات تي ڊي سي صاحب مهرباني فرمائي عذرخواهي لاءِ منهنجي غريبخاني تي آيو. ڳالهين ئي ڳالهين ۾ پڇيائين ته ڀلا ڪتاب ڇپائڻ لاءِ مواد آهي ته ڇپائجي، مون چيو ها سائين مواد مِلي ويندو. پاڻ منهنجي پٽ کي چيائين ته جاويد شاه مواد ڪمپوز ڪري وٺو ته ڇپايون. مون ٻي ڏينهن اديب، شاعر، صحافي ۽ پبلشر فقير محمد ڍول سان مشورو ڪيو ته شاعري ڇپائجي يا نثر، بهرحال فقير محمد ۽ جاويد چيو ته اوهان جا 20-25 سال اڳ جا لکيل ڪالم ٿا ڇپايون، شاعري اڳي به گهڻي ڇپي آهي، وري ٻي ڀيري ڇپائينداسون، سائين منهنجا آئون ڪو وڏو ليکڪ (نثر نويس) ڪونه آهيان نه ئي مون اهڙي ڪڏهن هام هئي آهي، باقي ها! شاعري ته مون ’جڏهانڪر ٿيام ساڃهه سُپيرين جي‘ کان ڪئي آهي، جيڪا منهنجي نس نس ۾ سمايل آهي، سا تيستائين ڪندو رهندس جيستائين سرير ۾ ساهه آهي.
مون کي چاهيندڙ ۽ ڀائيندڙ ٽنڊي الهيار توڻي سڄي سنڌ جا مهربان مونکان روبرو، يا فون تي پڇندا رهندا آهن ته اوهان جا ڪلام ڪهڙن فنڪارن ڳايا آهن. جن کي فردن فردن فون تي ٻڌائيندو رهندو آهيان پر اڄ چاهيان ٿو ته انهن فنڪارن جا نالا جيڪي مون کي ياد اچن ٿا سي لکي ڇڏيان. ته سائين منهنجا اڌ صديءَ کان به وڌيڪ عرصي کان جن فنڪارن منهنجا ڪلام ڳايا آهن ۽ رڪارڊ ڪرايا آهن، تن سڀني لاءِ مون وٽ عزت ۽ پيار آهي، سندن اسماءِ گرامي آهن. عابده پروين، روبينا قريشي، ماسٽر محمد ابراهيم، ڍول فقير، استاد غلام علي، مائي ڀاڳي، ٻُڍو فقير، ڦوٽو زرداري، مراد فقير، غلام جعفر زرداري، چاڪر چانڊيو، امام بخش زرداري، امين زرداري، ڪارو مڱڻهار، فيروزگل، قاسم اوٺو، غلام شبير شاهاڻي، غلام قادر لنجواڻي، مصري ڏيپلائي، حسين بخش خادم، جلال چانڊيو، وحيد علي، قمر سومرو، شفيع فقير، صادق فقير، نوربانو، امينا، زيب النساء، انور حُسين وسطڙو، ممتاز لاشاري، نگهت جعفري، ثمينا ڪنول، حميرا چنا، صنم ماروي، انجم آرا، تاج مستاني، مظهر حسين، غلام رسول لوهار، گل بانو، سليمان شاه، عبدالله پنهور، عبدالله ڪڇي، اياز علي، ماريا بلوچ، فرزانا بهار، الهڏنو جوڻيجو، فقير الهڏنو، ذوالفقار علي خاصخيلي، غفور گل، احمد مغل، محمد رحيم سومرو، عاشق نظاماڻي، رامچند، پانڌي فقير، ابراهيم اِبوُ، ناهيد علي، صالوُ ڀيل، ثريا سومرو، طاهر مٺو، صفدر عباس، زيب ميمڻ، ريشمان پروين ۽ ٻين سئو کان وڌيڪ راڳين منهنجا ڪلام ڳايا آهن، ان جي باوجود سنڌي لينگيج اٿارٽي طرفان ڇپايل انسائيڪلوپيڊيا: سنڌيانا، واليُوم 5 جي صفحي 309 تي لکيو ويو آهي ته، ’مرتضيٰ ڏاڏاهي جا ڪلام جلال چانڊيو، سرمد سنڌي ۽ ٻين فنڪارن ڳايا آهن‘ ۽ وري ٻي ڳالهه ته ’منهنجو جنم ڏاڏاهه تعلقي ٽنڊي باگي (ان وقت جي ضلعي حيدرآباد) هاڻي بدين بدران ٽنڊوالهيار لکيو ويو آهي‘ جڏهن ته مون 1967 ۾ ٽنڊي الهيار شهر ۾ اچي رهائش اختيار ڪئي جتي هينئر به فقيراڻي جهوپڙيءَ ۾ گهرڀاتين سوڌو موجود آهيان، افسوس اهو آهي ته محترم تاج جويي جهڙي وڏي اديب ۽ جاکوڙي شخصيت جي دور ۾ ائين ڇو ٿيو! تاج صاحب منهنجو پراڻو دوست آهي، ان باري ۾ الائجي ته ڪيترا ڀيرا روبرو ۽ فون تي کيس عرض ڪيم ته مهرباني ڪري ايندڙ واليُوم ۾ درستي ڪريو، پر اڄ تائين درستي نه ٿي، تنهن ڪري مجبور ٿي هي چند سٽون لکيون اٿم، اڃان به اميد اٿم ته انسائيڪلوپيڊيا: سنڌيانا، جي ايندڙ واليُوم ۾ درستي ڪئي ويندي، مون پنهنجو مختصر پروفائل لينگيج اٿارٽي جي هڪ ملازم هٿان تاج صاحب کي آڳاٽو موڪلي ڇڏيو آهي ۽ هن ڪتاب جي بئڪ ٽائيٽل تي به ڇپيل آهي.
هونءَ ته سنڌ سڄي ئي سونُ آهي ۽ آئون سنڌ جي مڙني مانَ وارن مٺڙن ماڻهن جو ٿورائتو آهيان. پر ٽنڊي الهيار جي مِٺن انبن کان به مِٺن محبوب ماڻهن جو ته بي حد گهڻو شڪر گذار آهيان جن مون جهڙي ننڍڙي شاعر ۽ اڀرڙي انسان کي جيءَ ۾ جايون ڏنيون آهن ۽ دل سان چاهيو به آهي ته ڀانيو به آهي. آخر ۾ وري به محترم رشيد احمد زرداري صاحب ڊپٽي ڪمشنر ٽنڊوالهيار جو احسانمند آهيان جنهن مونکي ٻه ڪتاب ڇپائي ڏنا، الله سائين کيس سدائين شاد آباد رکي ۽ ترقي ڪري (آمين)
سائين منهنجا، مذڪوره ڪالم اُن وقت مون وِندر ۽ وِرونهه خاطر لکي ڇڏيا هئا، جن ۾ اوهان کي ڪا عقل ۽ دانش جي ڳالهه مشڪل ملي سگهي، ڇو جو مون اٻوجهه کي نڪو علم نڪو عقل، ميار به ته عقل تي ٿيندي آهي نه ؟
ٻي ڳالهه ته مذڪوره ڪالمن ۾ مون ڄاڻي ٻجهي نه ڪنهن جي واکاڻ ڪئي آهي ۽ نه گِلا پر پوءِ به ڪا غلطي ٿي ويئي هجي ته مهرباني ڪري معاف ڪئي وڃي.
ٿياسين عشق ۾ ابتر، نه هِنَ پاسي نه هُنَ پاسي،
سَڏي مجنون ٿو سارو تَر، نه هِنَ پاسي نه هُنَ پاسي.
سيد مرتضيٰ ڏاڏاهي
7 جولاءِ 2016ع
ٽنڊوالهيار سنڌ
0300-3075181