وتائي فقير جو ٻيو خط
منهنجي خط جي جواب ۾ لکيل تنهنجو خط ٽيون ڏينهن سوير ڀنڀرڪي مهل هڪ مُئل ڪبوتر جي ڳچيءَ ۾ ٻڌل مليو. ڪبوتر غريب کي ڪنهن شوقين شڪاري دل وندرائڻ خاطر بي گناهه بندوق هڻي ماري ڇڏيو هو ! انهيءَ ۾ تعجب جي ڪابه ڳالهه ناهي، اوهان وٽ ته ماڻهو، ماڻهو کي پيو ماري ۽ سندس ڦٿڪڻ ۽ لُڇڻ جو تماشو ڏسي!! سو ڪبوتر ويچارو ڪهڙي باغ جي موري آهي ، پر يار، ايترو ضرور چئبو ته اسان واري دور ۾ ائين ڪونه هو، ماڻهو ته ٺهيو پر پکين مان به مور، ڪبوتر، طوطو، بلبل ۽ جانورن مان هرڻ ڦاڙهو شڪاري به نه ماريندا هئا! خير، هي خط مون واري لائبريري (جيڪا هاڻي جلد ئي پنهنجن هٿان پڄاڻي تي پهچڻ واري آهي) جي لائبريرين واري ميز جي خاني ۾ وجهي ڇڏيو پيو وڃان، پڪ سان تو تائين پهچي ويندو، لائبريري ۾ ڪرسين کان سواءِ ڪاريءَ وارا ڪک وڃي بچيا آهن، ڪتاب ڪٻٽن ۾ ڪُرفيا پيا آهن، جن مان نڪا کڙ نڪو تيل، رڳو بورڊ تي وڏن اکرن ۾ (وتايو فقير لائبريري) لکيو پيو آهي مطلب ته ’نالو وڏو، شهر سُڃو‘ ٻيلي اوهان (سليم بچاڻي ۽ تنهنجي) جي مرضي!
مون اڳي به لکيو هو ته هتي اسان وٽ اديب، شاعر، دانشور، سگهڙ ۽ فنڪار، توڙي باذوق حاضرين، سامعين ۽ ناظرين وڏي تعداد ۾ موجود آهن. سو همراهن گذريل مهيني جي آخري آچر جي رات جو مشاعري جو اهتمام ۽ انتظام ڪري وڌو، صدارت مون کان ڪرائي ويئي ۽ خاص مهمان هو پيراڻو ڀنڀرو، مشاعرو رات جو سومهڻي مهل شروع ٿيو، جيڪو فجر واري ٻانگ تائين بنان ساهيءَ جي جاري رهيو، (وچ ۾ رڳو اڌ ڪلاڪ اوٻاسيون ڏيڻ جو وقفو ٿيو) اٽڪل سٺ ستر شاعرن ڪافيون، وايون، غزل ۽ بيت پڙهيا. آزاد نظم، نثري نظم، ٽيڙو، ٻه سٽا ۽ ڏيڍ سٽا، هي شاعر ٺاهي ڄاڻن ئي ڪونه ! مشاعري ۾ حاضرين جو انگ هزارن ۾ هو، پر تنهن هوندي به مڪمل خاموشي ۽ سڪون سان شاعرن کي ٻُڌو ويو، ڪنهن به شاعر تي هوٽنگ، ٽوڪ ۽ چٿر ڪانه ٿي، جيئن اوهان وٽ اڪثر ٿيندو رهندو آهي، جو نالي وارا شاعر به ڪنفيوز ٿي ويندا آهن، مزي واري ڳالهه ته پيراڻو ته اڳيئي مڙس آهي سگهڙ، سو ته شروع ٿي ويو شاعري ۾، پهريائين پنهنجو مشهور بيت ٻڌايائين ته :
جي وڃان واٽ وٺيو، ته ٿيو کٻڙ ۾ کڙڪو،
نڙ ڳوهه جي وات ۾ چلم ڪيو ڊُڙڪو،
پوءِ گدڙ ۽ ڄرڪو، کِلي کِلي کيرا ٿي پيا.
اهڙا ٻيا ڪيترائي بيت ٻڌائي داد حاصل ڪيائين. توکي خبر آهي ته مون شاعري ڪڏهن به ڪانه ڪئي، سو منجهي پيس ته ڇا ڪريان، هوڏانهن اسٽيج سيڪريٽري عليم درس جي ۽ سامعين جي فرمائش ته وتايا فقير ٻه ٽي شعر ٿي وڃن ! بهرحال تڙ تڪڙ ۾ هڪ ٻن نڌڻڪن شاعرن جا آڏا اُبتا شعر ٻڌائي ڪم ٽپائي ويس.
مشاعري جي پڄاڻي تي اسٽيج سيڪريٽري عليم درس اعلان ڪيو ته اسان جي هن ادبي ۽ ثقافتي تنظيم ’انجمن ارواح‘ طرفان ايندڙ عظيم الشان مشاعري جي صدارت ڪرڻ لاءِ مرتضيٰ ڏاڏاهي کي آڻڻ جي هرممڪن ڪوشش ڪئي ويندي، مک مهمان سليم بچاڻي ۽ عثمان منگي هوندا، جڏهن ته چار اعزازي مهمان گڏ وٺي اچڻ جو بار به توتي رکيو اٿن، انهي کان سواءِ دوستن جو اصرار آهي ته مذڪوره مشاعري جي اسٽيج سيڪريٽري/ڪمپيئرنگ جا فرضَ ڪامران ڀٽي ادا ڪري، جو سندس آواز ٻڌئي ڪي ورهيه لنگهي ويا آهن، تنهن کان سواءِ پاڻ موسيقيءَ جي به ڄاڻ رکي ٿو ۽ جيئن ته مشاعري کان پوءِ موسيقيءَ جو به امڪان آهي تنهن ڪري سندس سريلي آواز سان پوري پڪ آهي ته محفل کي چار چنڊ لڳي ويندا.
گذريل مهيني واري مشاعري جي خبر جيڪڏهن اخبار ۾ ڏيڻ چاهين ته ڀلي ڏيئي ڇڏجان جن سٺ ستر شاعرن پنهنجو ڪلام ٻڌايو تن مان هي شاعر قابل ذڪر آهن:
ڏکايل، بکايل، سڪايل، ستايل، زخمي، ڦٽيل، مهجور، پرديسي، بيروزگار، بيڪار، بيقرار، نڌڻڪو، وڇڙيل، رول، چيلاٽو، ککر، ڏتڙيل، اڀرو، ڪِڇرو، زوراور، ڪمزور، ماٺيڻو، وات ڦاٽو، لاٽون، پتاشو، ڪانگ، ٽالهو، ڳيرو، ٽپالي، موالي، گمنام، بدنام، گهگير ۽ گنجو گيهلپوري، انهن مان گنجي گيهلپوري سندس ڪلام
اٽي ڏڪر تي، ڪاري ٻڪر تي، گنجي ٽڪر تي
ڪڏهن ايندين کائڻ ماني، شل مري تنهنجي ناني،
ترنم سان ٻُڌائي مشاعرو لٽي ورتو. سامعين پاران واه واه ٿي ويئي ۽ چئي رهيا هئا ته گنجو گوءِ کڻي ويو. تاڙيون ڪونه وڳيون جو هتي تاڙين وڄائڻ جو رواج ئي ڪونهي ايڏانهن به اسان واري زماني ۾ تاڙيون رڳو ٽين جنس وڄائيندي هئي، هاڻي جي خبر اوهان کي هوندي !!
سچي ڳالهه ٿي وسريم، ڪالهه بيزار نظاماڻي مليو تنهن ٻُڌايو ته ’امرتا‘ وارا ٻئي فقير (فقير محمد ڍول ۽ فقير محمد انڙ) اڃان ڪنوارا آهن! مون کي اعتبار ڪونه پئي آيو پر تو واري يار، يار محمد لغاري به شاهدي ڏني ته واقعي ٻئي ڪنوارا آهن ۽ ويجهڙائيءَ ۾ شادي ڪرڻ وارا پار به نظر ڪونه ٿا اچن، سو ورندي خط ۾ اهو احوال لکجان! ڀلا ٻي خبر ڏي پاڻ واري اختر شادي ڪئي يا اڃان وتي ٻين کي نصيحتون ڪندو ؟ يار هتي ٻيا ته سڀ سک لڳا پيا آهن، پر بيماري سيماري ۾ دوا درمل جي ضرورت پوي ٿي ۽ اسان واري آرامگاهه جي آس پاس ٻن ٽن ڪوهن ۾ ڪوبه ڊاڪٽر ڪونهي، ڪالهه رات گامون سچار کي اوچتو ڪنن ۾ سخت سُور پئجي ويو ڏاڍي ڊُڪ ڊوڙ ڪئيسين، پر ڊاڪٽر هٿ ڪو نه آيو. پوءِ جهنگ مان سَهَن جون پولڙيون چونڊي ڪَنَ کي واس ڏنوسين، مڙيئي سور ته لهي ويو، پر ڊاڪٽر جو هجڻ ضروري آهي، سو جيڪڏهن اتي اوهين ڪنهن ڊاڪٽر مان بيزار هجو ته هيڏانهن ڏياري موڪليو وڏا وڙ ٿيندا. چڱو موڪلاڻي ڪانهي الله واهي، وڌيڪ احوال ايندڙ خط ۾ ڪبا.
[ڇپيل: ’امرتا‘ جون 2003ع]