ڪالم / مضمون

نه هِنَ پاسي - نه هُنَ پاسي

محمود مغل لکي ٿو:
”هن ڪتاب ۾، ڏاڏاهي صاحب تقريبن اڌ صديءَ جو سفر طئه ڪيو آهي. سندن نثر کي ڏسجي ٿو ته محسوس ٿئي ٿو ته هٿن جي جاءِ تي، دل جون آڱريون لکي رهيون آهن. لهجي ۾ ڪا بناوٽ ڪانهي ۽ قلم جي ڪاٽَ ۾ پنهنجي جاءِ تي اُها تِکائي آهي، جيڪا ڪنهن ڪالم جو مزاج بڻجي سگهي ٿي. سندن تحريرن ۾ ٻي خاص ڳالهه سندن موضوع آهن. عام رواجي ڳالهين کي بي انتها گهرائپ ۽ ڳُوڙهائپ سان کِلندي کِلندي ڏاڏاهي صاحب بيان ڪري ويا آهن.
ڏاڏاهي صاحب، ڪمال مهربان وجود آهن. وٽن جيڪِي ڪجهه آهي، انهيءَ جي کين ڄاڻ آهي ۽ جيڪِي ڪجهه نه اٿن، انهيءَ جي به سُڌ رکن ٿا ۽ اهو مٿن، سهڻي جو ڪيڏو نه ڪرم آهي. “
Title Cover of book نه هِنَ پاسي - نه هُنَ پاسي

بنان عنوان

1991ع ڌاري مون روزانه هلال پاڪستان ڪراچيءَ ۾ سال سوا، ڪالم لکيا هئا، جن مان پهرئين ڪالم جو ڪو عنوان ڪونه هو ۽ ’بنا عنوان‘ جي هو. اڄ وري ڏهن سالن کان پوءِ هيءُ مضمون عرف ڪالم به ’بنا عنوان‘ لکي رهيو آهيان، انهيءَ ڪري ته پورو هفتو ڪوشش ڪرڻ جي باوجود مون کي ڪالم لاءِ عنوان هٿ نه آيو. هونئن به مون کي ڳولڻ سان ڪڏهن به ڪا شيءِ هٿ نه ايندي آهي، تنهن ڪري ’بنا عنوان‘ لکي رهيو آهيان. اڄ کان ذري گهٽ ست اٺ مهينا اڳ ’اَمَرتا‘ جي اعزازي ايڊيٽر فقير محمد ڍول پنهنجي هميشه واري هوڏ تي قائم رهندي، حُجت هلائي ته اَمَرتا لاءِ ماهوار ڪالم لکو. مون چيو، بابا آئون مستقل طور ڪجهه به ڪري نه سگهندو آهيان، سُست به ايترو آهيان جو ٽنڊي الهيار کان حيدرآباد وڃڻ لاءِ سڄو هفتو سنبت\تياري ڪندو آهيان ۽ پوءِ مس مس دل جهلي قميص جي پاسي واري کيسي ۾ عينڪ، رومال، ننڍڙي ڦڻي ۽ سامهون (دل مٿان) واري کيسي ۾ ڏهاڪو کن نمونن جون گوريون هڪ پين/ قلم، ٻه وزيٽنگ ڪارڊ، ٽيليفون انڊيڪس، ٻه عدد پاسپورٽ سائيز فوٽو، پني جي ٻنهي پاسي لکيل هڪ ڪافي، هڪ غزل، ڪجهه قطعه\ چوسٽا، هڪ اڇو پنو، ٽيليفون بوٿ وارو ڪارڊ ۽ اوٽ موٽ جي ڀاڙي (رڪشا سميت) جيترا پئسا کڻي بهادر هوٽل وٽان ڪوچ، ڪوسٽر يا لاريءَ ۾ چڙهي پوندو آهيان، پوءِ ڪڏهن ڪڏهن ته ٽنڊي الهيار شهر جي ئي نصرپور ناڪي واري بس اسٽينڊ تي حيدرآباد وڃڻ جو ارادو ترڪ ڪري لهي پوندو آهيان ته دير ٿي ويئي آهي، سڀاڻي سوير ڀرو ويندس، پوءِ اتان کان شهر ۾ دوست علي نظاماڻي جي ڪپڙي جي دوڪان تي پاڻي پي، سليم بچاڻي جي اوطاق تان سندس پڇا ڪري (جيڪو اڪثر ڪونه هوندو آهي) آخر ۾ زاهد ميمڻ وٽان ٿيندو، مانيءَ مهل ٺڪاءُ اچي گهر ڪندو آهيان، گهر وارا پڇندا آهن، جلدي حيدرآباد مان واپس اچي ويا ؟ آئون ڪوبه جواب ڪونه ڏيندو آهيان، بس سمجهي ويندا آهن ته ويو ئي ڪونهي! وري سوين ڪيل غلطين وانگر، وڃڻ وقت هڪ وڌيڪ غلطي ڪري چئي ويندو آهيان ته ماني نه رکجو، آئون حيدرآباد مان کائي ايندس. پوءِ گهر وارن کي چوندو ناهيان پر هو وري به مون تي ڪهل ڪري تڙ تڪڙ ۾ ماني ٺاهي وٺندا آهن، بلڪ گھڻو ڪري ته منهنجين عادتن کان آگاهي سبب ماني اڳيئي ٺاهي رکي ڇڏيندا آهن، ڇو جو ماني ٽڪي جي معاملي ۾ مڙيئي گهر جو سکيو آهيان، سو آئون به ماني کائي ماٺڙي ڪري پنهنجي ڪمري جا در، دريون بند ڪري سمهي پوندو آهيان. هڪڙي ڳالهه ٻڌائيندو هلان ته منهنجا ٻئي پٽ جاويد ۽ سجاد ٽنڊي الهيار شهر ۾ مون سان پيادل گڏ نه هلندا آهن! چوندا آهن ته اوهين رستي ۾ هلندي هر ڄاڻ سڃاڻ واري سان خوش خير عافيت ۽ لهوارين اوڀارين ڳالهين ۾ بيهي ٿا رهو ۽ اسين انهيءَ ڊيگهه مان بور ٿا ٿيون، تنهن ڪري رڪشا يا موٽر سائيڪل تي هلو، آئون به نه بحث ڪندو آهيان ۽ نه ئي سندن ڳالهه کي رد ڪندو آهيان، ڇو جو هو واقعي سچ ٿا چون.
خير، تازو دل جهلي مٿي ذڪر ڪيل سامان ساڻ ڪري بهادر هوٽل وٽان ڪوسٽر ۾ چڙهي پيس! ۽ هميشه وانگر نصرپور ناڪي واري بس اسٽينڊ تي سوچيم ته لهي پوان! پر ڪونه لٿس ۽ گاڏي هلڻ لڳي ائين ئي ڪلاڪ کن ۾ وڃي حيدرآباد ڀيڙو ٿيس، شهر ۾ ڪم ڪار ڪو ورلي هوندو اٿم! بس سڌو ريڊيو پاڪستان تي هليو ويندو آهيان، جتي 1963ع کان يعني 38 سالن کان لاڳيتو پيو وڃان، ڏاڍو سڪون ملندو اٿم، ريڊيو اسٽيشن تي، گهڻو وقت اڳي امرجليل، آغا سليم، سيد الهه بخش شاھ بخاري، پير اسحاق جان سرهندي، خواجه امداد علي، قادر بخش ملاح، سرور بلوچ، عبدالڪريم بلوچ، سيد صالح محمد شاھ، سيد منظور نقوي، محمد خان غني، مظفر حسين جوش، زيب عاقلي، عبدالحق ابڙو، مراد علي مرزا، غلام حسين شيخ، محمد نواز ڀٽيءَ جهڙن علمي، ادبي ۽ ثقافتي ماڻهن سان ميل ملاقات ٿيندي هئي، سچ پچ ته انهن شخصيتن جي صلاحيتن ۽ تجربي مان مون پارن ڪيترن گهڻو ڪجهه سکيو ۽ پِرايو.تڏهن ريڊيو تان رات جو نائين وڳي ماهوار لائيو مشاعرو ٿيندو هو، جڏهن مشاعري ۾ وڃبو هو ته رات حيدرآباد ۾ رهڻي پوندي هئي. ريڊيو وارن دوستن سان ميل ملاقات ۽ قرب وارين ڪچهرين جو سلسلو اڄ به قائم آهي، هاڻي به نصير مرزا جو کِلي کِيڪارڻ، مٺڙا ۽ نرم ٻول، ڪامران ڀٽيءَ جو قرب ۽ علي نواز خاصخيليءَ جو خلوص ڇڪ ڪندو آهي ته وٽن وڃي چار گهڙيون دل وندرائي ايندو آهيان، هونئن عنايت بلوچ ۽ سڪندر بلوچ جيڪي ٻئي رٽائرڊ ٿي ويا آهن، مون کي ڀائيندا هئا. انهن کان سواءِ محمد انور هڪڙو، گل حسن قريشي، الاهي بخش ٻانڀڻ، (ڪوثر ٻرڙو ۽ جهانگير قريشي بدلي ٿي ويا آهن) ظهير مرزا، عبدالخالق مستوئي، اشرف ٿيبو، عبدالمجيد مغيري، امام الدين جمالي، محمد جمن، اشرف بلوچ، علي عمران سمون، مشتاق چنگيزي، محمد حسين قادري، مطلب ته سڀئي آڌر ڀاءُ ڪندا آهن، مون تي الله سائينءَ جا وڏا ڪرم آهن ۽ خوش قسمت آهيان جو مون کي موسيقي جي ڀلوڙ فنڪارن ڳايو به ۽ ڀانئيو به، جن ۾ ماسٽر ابراهيم، ڍول فقير، محمد جمن، عابده پروين، مائي ڀاڳي، روبينا، زيب النساء، امينا، زرينه بلوچ، ثمينه ڪنول، حميرا چنا، نور بانو، گل بانو، انجم آرار، ڦوٽو زرداري، غلام قادر، تاج مستاني، ٻڍو فقير، اياز علي، چاڪر چانڊيو، قاسم اوٺو، عبدالله پنهور، عبدالله ڪڇي، استاد غلام علي، سليمان شاھه، غلام جعفر زرداري، غلام شبير شاهاڻي، استاد فيروز گل، استاد وحيد علي، قمر سومرو، مراد فقير، غلام رسول لوهار، ممتاز لاشاري، نگهت جعفري، انور حسين وسطڙو، غفور گل، اسحاق ڪارو مڱڻهار ۽ ٻيا ڪيترائي شامل آهن.
هاڻي وري ٿوري ماضيءَ تي نظر وجهجي، گهڻا سال اڳي جڏهن ايئر ڪنڊيشن ڪوچ، ڪوسٽر ۽ ويگنون ڪونه هلنديون هيون ۽ پڪا رستا به ڪي چند هئا، تڏهن گهڻو تڻو سفر ريل رستي ڪبو هو، موٽر ڪارون به ڪن ڪن وڏن زميندارن ۽ سيٺن وٽ هونديون هيون، منهنجي ڄمڻ کان اڳ بابا سائين سيد امام الله شاھ مرحوم وٽ به فورڊ ڪمپنيءَ جي موٽر ڪار هئي، جيڪا هئنڊل تي اسٽارٽ ٿيندي هئي ۽ پيٽرول به بند ٿيل لوهي ڏٻن ۾ ايندو هو، آئون سمجهه لائق ٿيس ته اها موٽر ڪار ته ڪانه رهي باقي هئنڊل ۽ خالي ڏٻا مون به ڏٺا، جن سان آئون راند کيڏندو هوس.سو ان زماني ۾ حيدرآباد ريلوي اسٽيشن تي رات جو ريل گاڏيءَ مان لهبو هو ته اسٽيشن ٻاهران سينگاريل ٽانگا ۽ بگيون بيٺل هونديون هيون، پوءِ سُکيا ستابا ماڻهو انهن تي سوار ٿي پنهنجن گهرن، هوٽلن، يا عزيزن، دوستن وٽ وڃي ٽِڪندا هئا ۽ غريب غربا رکندا هئا، پيرن تي زور، پر سنڌ زميندار هوٽل وٽان لنگهبو هو ته هوٽل وارن طرفان گراهڪ هٿ ڪرڻ لاءِ بيٺل ملازمن جي رڙ پئي پوندي هئي ته ’هنڌ کٽولو ماڙيءَ تي‘ پوءِ مسافرن کي روڪي، مختلف هوٽلن جي ڪمرن جن جي 24 ڪلاڪن لاءِ مسواڙ پنجن کان ڏهن رپين جي وچ ۾ هوندي هئي ۽ هنڌ کٽولو هڪ رات لاءِ هڪ رپئي ۾ ملندو هو، وٺي وڃڻ لاءِ پنهنجين هوٽلن جي ڪمرن، بسترن ۽ مانيءَ جون ساراهون ڪندا هئا، ماني به عام هوٽلن ۾ هڪ رپئي ۾ گوشت جو ٻوڙ جنهن کي ’سنگل سالن‘ چوندا هئا ۽ چئن آنن ۾ ٻه نان، ٽوٽل سوا رپئي ۾ همراھه کائي پي ڍئو ڪري ڏڪارون ڏيندو وڃي هوٽل جي مسافر خاني ۾ هڪ رپئي ۾ هنڌ کٽولو وٺي لت کوڙي سمهي پوندو هو. هنن سٽن لکندي ڪالم لاءِ ڪجهه عنوان ذهن تي اچڻ لڳا آهن، اوهين به ٻڌي ڇڏيو، انهن مان جيڪو اوهان کي پسند اچي ته مطلع ڪندا، جيئن ايندڙ پرچي واري ڪالم لاءِ اهو عنوان يا ’نالو‘ رکجي.
زيرِ غور عنوان هي آهن: هنڌ کٽولو ماڙيءَ تي، ڪانگ کي لُڙ ۾ مزو، ڪُڪڙ ڪوريُن جو نالو وڏيري جو، لوڪ لڏڻ ۾ چري اڏڻ ۾، هڪڙي اڻ هوند ٻيا افعال بڇڙا، بار گڏھه تي سهڪي کودو، ٻوڙو کلي ٻه دفعا، نڙ ڳوھه جي وات ۾، گدڙ ۽ ڄرڪو، ڪنڊولڳو گوڏي نڙگهٽَ ڪيو ٺڪاء، دُهَل وڄي دوسُو نچي، پرائي مال تي ٽوپي نراڙ تي، ککر ۾ کڙهو، سَهي ٽنگون ٽي چوٿين لڀي ئي ڪانه، ٽِنڊ به ٽڪا ٿي گهري، رڍن اڳيان رباب، ڍڳو پير پيران، وغيره. هاڻي گهڻي ڊيگهه کان بهتر آهي تَه موڪلائجي، جو مون کي ڊاڪٽر پرڌان کان بلڊپريشر چيڪ ڪرائڻو آهي، ڊاڪٽر ٽائيم جو پابند آهي، شام جا ڇهه ٿيڻ وارا آهن ڊاڪٽر پرڌان ساڍين ڇهين وڳي هليو ويندو ميرپورخاص، پر ها ! موڪلائڻ کان اڳ اهو ٻڌائي ڇڏيان ته مٿي لکيل عنوانن مان اوهين ڀلي پنهنجي پسند جو عنوان چونڊيو، ليڪن اهو ضروري ناهي ته آئون اوهان جي پسند ڪيل نالن مان ئي نالو رکان، منهنجي مرضي آهي ته انهن مان رکان يا اڃا ئي ڪو ٻيو عنوان منتخب ڪريان، اهي حق ۽ واسطا مون وٽ محفوظ آهن، تنهن کان سواءِ اهو به ڄاڻائڻ ضروري ٿو سمجهان ته عنوان چونڊي موڪليندڙ کي ڪوبه معاوضو نه ملندو، سکڻي زباني شاباس ڏني ويندي، ٻي ڳالهه ته ايندڙ مهيني کان جيڪو ڪالم يا مضمون لکبو، سو به هن ڪالم وانگر ئي بي ترتيب ۽ بنا تسلسل جي هوندو، جيڪا ڳالهه جتان ياد آئي اُتان لکبي، باقي هوندو پنجهتر سيڪڙو سچ، سئو سيڪڙو انهيءَ ڪري ڪونه هوندو، جو جيڪڏهن سئو سيڪڙو سچ لکيم ته مون وارا سنگتي، سنگت ڇڏي ويندا ۽ مِٽ مائٽ شادي مراديءَ ۾ اچڻ وڃڻ ئي بند ڪري ڇڏيندا.

[ڇپيل: ’امرتا‘ مئي 2002ع]