ڪالم / مضمون

نه هِنَ پاسي - نه هُنَ پاسي

محمود مغل لکي ٿو:
”هن ڪتاب ۾، ڏاڏاهي صاحب تقريبن اڌ صديءَ جو سفر طئه ڪيو آهي. سندن نثر کي ڏسجي ٿو ته محسوس ٿئي ٿو ته هٿن جي جاءِ تي، دل جون آڱريون لکي رهيون آهن. لهجي ۾ ڪا بناوٽ ڪانهي ۽ قلم جي ڪاٽَ ۾ پنهنجي جاءِ تي اُها تِکائي آهي، جيڪا ڪنهن ڪالم جو مزاج بڻجي سگهي ٿي. سندن تحريرن ۾ ٻي خاص ڳالهه سندن موضوع آهن. عام رواجي ڳالهين کي بي انتها گهرائپ ۽ ڳُوڙهائپ سان کِلندي کِلندي ڏاڏاهي صاحب بيان ڪري ويا آهن.
ڏاڏاهي صاحب، ڪمال مهربان وجود آهن. وٽن جيڪِي ڪجهه آهي، انهيءَ جي کين ڄاڻ آهي ۽ جيڪِي ڪجهه نه اٿن، انهيءَ جي به سُڌ رکن ٿا ۽ اهو مٿن، سهڻي جو ڪيڏو نه ڪرم آهي. “
Title Cover of book نه هِنَ پاسي - نه هُنَ پاسي

اربعا خطا 2

وتايو فقير - گامون سچار، پيراڻو ڀنڀرو ۽ عليم درس، جيڪي اسان وٽ عام ماڻهن ۾ چريا ۽ چرچائيءَ طور سڃاتا وڃن ٿا ۽ مشهور آهن، حقيقت ۾ اهي چريا نه هئا، بلڪ سندن گفتار، ڪردار ۽ ڏاهپ وارن نُڪتن مان ظاهر ٿو ٿئي ته، هو پنهنجي وقت جا وڏا عقلمند انسان هئا، اهو ئي سبب آهي جو اڄ سوين سال گذري وڃڻ جي باوجود به انهن جا قيمتي قول ۽ ٽهڪڙن ڀريا ٽوٽڪا ٻُڌي، سندن دانائيءَ ڏانهن ڌيان ٿو ڌرجي ته عقل دنگ رهجيو وڃي، جن جي ڀوڳن ۽ چرچن وارين ڳالهين ۾ به وڏي معنيٰ، مقصد ۽ نصيحت سمايل آهي، پر ڪو سمجهڻ وارو سمجهي ! اسان جهڙن اڻ ڄاڻ ۽ عقل جي انڌن کي ڪهڙي ڪَلَ ته هو ڇاڇا چئي ويا آهن.
خير، اڄ اسين انهن مان ذڪر ڪنداسين وتائي فقير جو، جنهن جي اڄ چار سئو چوئيتاليهين سالگرھه آهي، هاڻي يقينن اوهين مون کان اهو ئي سوال ڪندا ته مون کي ڪيئن خبر پئي ته اڄ وتائي فقير جي سالگرھه آهي؟ ته ٻڌو سائين منهنجا سربستو احوال-گذريل ڇنڇر واري ڏينهن منهنجو ڪنهن ڪم سانگي حيدرآباد وڃڻ ٿيو، ۽ جيئن ئي صدر مان بمبئي بيڪري وٽان لنگهي رهيو هوس ته اوچتو منهنجي نظر وڃي وتائي فقير تي پئي، جيڪو بيڪري جي مين گيٽ مان ٻاهر نڪري رهيو هو، وتائي کي شڪل کان آئون انهي ڪري سڃاڻا، جو هو منهنجو ڳوٺائي آهي، يعني سندس جنم به تعلقي ٽنڊي الهيار ۾ ٿيو ۽ هينئر سندس ابدي آرامگاهه به ٽنڊي الهيار کان ٽن ميلن تي حيدرآباد روڊ ويجهو آهي.انهي کان سواءِ به سڃاڻڻ ۾ گهڻي تڪليف نه ٿيڻ جو ٻيو واضح سبب آهي سندس تصوير (فوٽو) جيڪا 1985ع ۾ ٽنڊي الهيار جي ان وقت اسسٽنٽ ڪمشنر عبدالقادر منگي، وتايو فقير سيمينار جي موقعي تي ڇپايل ڪتاب ’وتايو فقير‘ ۽ ’سووينئر‘ جي ٽائيٽل تي ڇپرائي هئي، جيڪا هن وقت به وتايو فقير لائبريريءَ ۾ لڳل آهي، جنهن ۾ پوليس وارو گهوڙيءَ تي سوار آهي ۽ وتايو فقير ويچارو گهوڙيءَ جو ڦر (وڇيرو ) ڪُلهي تي کنيو ٿاڻي طرف وڃي رهيو آهي.
مون چيو، ”وتايا فقير السلام عليڪم!“
وتايو وائڙو ٿي ويو ۽ ڀڄڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳو، پر مون به کيس ٻانهن کان جهلي کڻي سوگهو ڪيو.
فقير مڙس اڀرو سو ٻانهن ڇڏائي نه سگهيو ۽ بيهي رهيو ۽ هڪدم مون کان پڇڻ لڳو ته تو مون کي ڪيئن سُڃاتو ؟
مون کيس مٿي لکيل سڃاڻپ وارو داستان ٻڌايو.
وتايو فقير اڄ خلاف معمول ڪپڙين، گندئين ٺهيل هو، بف وارو سئنڊل، سنڌي ٽوپي ۽ ڦلي واري ٻه پڙي اجرڪ پاتل هوس، چيومانس، ”فقير ڏي خبر اڄ هتي ڪيئن پيو ڏسجين؟“
چيائين، ”ادا سُڀاڻي منهنجي 444 هين سالگرھ آهي، انهي لاءِ لڪ ڇُپ ۾ بامبي بيڪري تان سالگرھ جو ڪيڪ وٺڻ آيو هوس، ته تو سڃاڻي ورتو.“
مون چيو، ”فقير فڪر جي ڪابه ڳالهه ڪانهي، آئون ڪنهن کي به ڪونه ٻڌائيندس، پر هاڻي هل ته ڪنهن هوٽل تي ويهي چانهه به پيون ۽ حال احوال به ڪريون، اڄ توکي ڪپڙا به سٺا پاتل آهن ۽ سنوارت به ٺهيل اٿئي تنهن ڪري هوٽل وارا لوڌي ڪونه ڪڍندا.“
فقير گهڻوئي لنوايو پر منهنجي زور ڀرڻ تي هلڻ لڳو ۽ وڃي ايئرڪنڊيشنڊ هوٽل ۾ نويڪلا ٿي ويٺاسين !
وتائي فقير سالگرھه لاءِ ورتل ڪيڪ اجرڪ جي پلاند ۾ ڳنڍ ڏيئي ڏاڍو ٻڌو، انهي ڊپ کان ته متان آئون کڻي نه وڃان.
فقير چانهه جي ساسر مان سرڪي ڀري چوڻ لڳو ته، ”آئون هونءِ به ڪڏهن ڪڏهن گهمڻ ڦرڻ ايندو رهندو آهيان، هن کان اڳ 1985ع ۾ منهنجي نالي ٽنڊي الهيار ۾ ڪوٺايل سيمينار ۾ به آيوهوس، پر ڦاٽل ڪپڙن ۽ وڌيل ڏاڙهي جي ڪري پنڊال ۾ داخل ٿيڻ نه ڏنائون، جنهن ڪري لاچار شاميانن پويان انسپيڪشن بنگلي واري ڀت کي ٽيڪ ڏيئي پٽ تي ويهي وڏن وڏن اديبن، شاعرن، دانشورن ۽ آفيسرن واتان پنهنجي واکاڻ ٻڌي خوش ٿيڻ بدران ڳوڙها ڳاڙي رهيو هوس، ته پهرو ڏيندڙ پوليس وارا اچي پهتا ۽ رعب مان چوڻ لڳا، اڙي ڪير آهين، رات جو هتي ڇا ويٺو ڪرين، بنگلي کي کاٽ هڻندين ڇا ؟ آئون پوليس وارن جو اڳيئي ڊيڄاريل سو هٿ ٻڌي چيم نه سرڪار چور ناهيان غريب ماڻهو آهيان ٻُڌو اٿم تقريرن کان پوءِ ڳائڻ ٿيندو تنهن لاءِ ويٺو آهيان، ٻيو ڀلا ڇا ٻڌايان ها ته آئون ئي اهو وتايو فقير آهيان جنهن تي لکين رپين جي خرچ سان هي مانڊاڻ متل آهي. چيائون ڪوڙو آهين، هل ٿاڻي تي.
ايتري ۾ الله ڀلو ڪري تر واري تپيدار جو جيڪو ڪوٽارن سوڌو پنڊال کي پي ڦريو سو اچي نڪتو ۽ پوليس وارن کي چيائين بابا ڇڏيو ويچاري کي ڪو پاڳل ٿو لڳي اجايو پٽيندو، تڏهن جان ڇٽي ۽ وٺي ڀڳس.“
مون چيو، ”فقير، تو واکاڻ ٻڌي روئڻ لڳين، ٻيلي اها ڳالهه منهنجي سمجهه ۾ نه آئي، جڏهن ته ساراهه تي ته وڏا وڏا صاحب ۽ سردار به سرها ٿيندا آهن؟“
چيائين، ”مون کي روئڻ ان لاءِ آيو جو جڏهن آئون جيئرو هوس جهان ۾ تڏهن ته مونکي ماڻهن کنگهيو به ڪونه، مورڳو چريو، چريو چئي چٿرون ڪندا ۽ چيڙائيندا هئا! مون کي ياد آهي ته اسان جي اڪيلي ڍڳي جڏهن مري ويئي هئي تڏهن اسان کي ڪنهن ڍڳي ته ڇا ! پر ٻڪري به وٺي ڪانه ڏني. جنهن ڪري آئون ۽ امان سڄي حياتي کير لپ لاءِ سڪندا رهياسين ۽ سدائين سليماني چانهه پيتيسين ۽ هاڻي سائين! منهنجي نالي تي مئي پڄاڻان سيمينار پيا ڪوٺائجن ادبي ڪانفرنسون پيون ٿين ۽ ڪتاب پيا ڇپجن !
اڃان تازو ڀائو گامونءَ ’گامون سچار‘ مون کي ٻڌايو ته وتايا خبر اٿئي فلمن ٺاهڻ وارا پئسن ڪمائڻ لاءِ توتي فلم ٺاهڻ ٿا گهرن، دير رڳو ان ڪري ٿي رهي آهي جو تنهنجي مُهانڊي وارو ماڻهو، اداڪار ڪونه ٿو ملي. هاڻي يار تون ئي کڻي انصاف ڪر ته آئون پنهنجي مئي کان پوءِ هيڏي قدر دانيءَ تي کلان يا روئان؟“
اهو چئي فقير اٿڻ لڳو، مون چيو، ”فقير ڪو پنهنجن همراهن، سنگت ساٿ لاءِ پيغام وغيره؟“
وتائي فقير ورندي ڏيندي چيو، ”سڀني کي وڃي چئو ته پنهنجن ڏاهن ۽ ڏات ڌڻين جو جيئري قدر ڪريو! باقي مئي کان پوءِ ورسين ملهائڻ مان نڪِي ورَي نڪِي سرَي.“
ائين چئي فقير تڪڙو تڪڙو هوٽل مان نڪري ريلوي اسٽيشن طرف روانو ٿي ويو ۽ منهنجي ننڍي پٽ سجاد جي سڏ تي منهنجي اک کلي ويئي جيڪو ڪتابن جو ٿيلهو پُٺن تي کنيو مون کان اسڪول جي خرچي گهري رهيو هو.

[ڇپيل: روزانه هلال پاڪستان 18 نومبر 1991ع]