ڪالم / مضمون

نه هِنَ پاسي - نه هُنَ پاسي

محمود مغل لکي ٿو:
”هن ڪتاب ۾، ڏاڏاهي صاحب تقريبن اڌ صديءَ جو سفر طئه ڪيو آهي. سندن نثر کي ڏسجي ٿو ته محسوس ٿئي ٿو ته هٿن جي جاءِ تي، دل جون آڱريون لکي رهيون آهن. لهجي ۾ ڪا بناوٽ ڪانهي ۽ قلم جي ڪاٽَ ۾ پنهنجي جاءِ تي اُها تِکائي آهي، جيڪا ڪنهن ڪالم جو مزاج بڻجي سگهي ٿي. سندن تحريرن ۾ ٻي خاص ڳالهه سندن موضوع آهن. عام رواجي ڳالهين کي بي انتها گهرائپ ۽ ڳُوڙهائپ سان کِلندي کِلندي ڏاڏاهي صاحب بيان ڪري ويا آهن.
ڏاڏاهي صاحب، ڪمال مهربان وجود آهن. وٽن جيڪِي ڪجهه آهي، انهيءَ جي کين ڄاڻ آهي ۽ جيڪِي ڪجهه نه اٿن، انهيءَ جي به سُڌ رکن ٿا ۽ اهو مٿن، سهڻي جو ڪيڏو نه ڪرم آهي. “
Title Cover of book نه هِنَ پاسي - نه هُنَ پاسي

اُبتيون، سُبتيون ڳالهيون

تازو اخبار ۾ هڪ خبر پڙهيم، جنهن جو مُک سِرو هو، ’ڪونجون به سنڌ کان رسُي ويون‘ ۽ خبر هئي ته هر سال سياري جي مند ۾ روس ۽ ٻين ملڪن مان ڪونجون سنڌ ۾ اينديون هيون، پر جڏهن کان سنڌ ۾ ڌاڙيلن ۽ دهشتگردن جون ڪاروايون زور وٺي ويون آهن ۽ ڏهڪاءَ واري صورتحال پيدا ٿي آهي، مائوزر، ڪلاشنڪوف، بم ۽ راڪيٽ لانچرن جا دل ڏاريندڙ ڌڌڪا ۽ ڌماڪا ٿيڻ لڳا آهن، تڏهن کان ڪونجن سنڌ جي سرزمين تي اچڻ بند ڪري ڇڏيو آهي.
ها ! ڀلا ويچاريون اچن به ڪيئن؟
ڪونج هڪ مٺڙي، پياري ۽ سريلي آواز وارو سهڻو ۽ نازڪ پکي آهي، ڪونج اُتي ايندي يا ويندي آهي، جتي محبت هجي، پيار هجي، امن هجي ۽ سڪون هجي.
ڪونجن کي قرب هو، محبت هئي، امن ۽ سڪون هو ته پرڏيهي ماڻهو، پکي ۽ جانور به سنڌ ۾ ايندا هئا ۽ اچي ڀٽائي، قلندر، سچل ۽ سمن سرڪار جي سرسبز ۽ ساڳي سرزمين تي سک جو ساھه کڻندا هئا ۽ گهمي ڦري، سير سفر ڪري، واپس ويندي سنڌڙيءَ جون نه وسرندڙ يادون پاڻ سان کڻي، سنڌين جي آڌرڀاءُ، اخلاق مهمان نوازي ۽ سخاوت جا گيت ڳائيندا ويندا هئا ۽ اڄ! اڄ اها ئي ساڳي سنڌ آهي، جنهن کان پرڏيهي پکي به پاسو ڪرڻ لڳا آهن.
ڪيڏي نه افسوس جي ڳالهه آهي ته ڪڏهن ’جاپاني‘ پيا اغوا ٿين، ڪڏهن ’چيني‘ ته ڪڏهن ٻيا ٿا اغوا ٿين.
اسان جي ته ولايتن ۾ واکاڻ هوندي هئي.
پر ڇا! هاڻي به اهي جاپاني ۽ چيني پنهنجي ملڪ وڃي اسان جي تعريف ڪندا؟ ۽ پنهنجي هم وطنن کي چوندا ته سنڌ ۾ وڃي موهن جو دڙو، رني ڪوٽ، ڪينجهر ڍنڍ، معصوم شاھه جو منارو، ڪوٽڙيءَ واري پل، مڪليءَ جو مقام، شاھه جهان جي مسجد ، المنظر، ڪارونجهر ڏسو، گهمو ۽ دل وندرايو؟ گذريل زمانو ياد ڪري اکين مان بي اختيار لڙڪ لڙي ٿا پون.
ڇا امن هو ؟ ڇا! سڪون هو ؟ ڇا! ميٺ محبت هئي ؟ قرب هو قرار هو، پريت هئي ۽ پيار هو، وفا هئي، سخا هئي، دعا هئي، باغن ۾ بهارون هيون، ڪونجن سنديون قطارون هيون، ٿڌڙيون مٺڙيون راتيون هيون، بلبل سنديون باتيون هيون، ميلا ملاکڙا ٿيندا هئا، ڪوڏي ڪوڏي، ونجهه وٽي، ٻيلهاڙو ۽ وڏڪٻل ڪڏبي هئي، راتين جون راتيون قرب واريون ڪچهريون ۽ ڳائڻ وڄائڻ جون محفلون پيون هلنديون هيون، ڪي ڳجهارتون پيا ڏيندا ۽ پڇندا هئا ته ڪي نڙ تي ساوڻ فقير جا بيت پيا چوندا هئا، گڏو گڏ کِل ڀوڳ ۽ چرچا گُهٻا به ٿيندا رهندا هئا، گهڻو ڪري سفر به راتين جو ڪيو ويندو هو ۽ سفر ۾ ڪنهن جيت جڙي ۽ جانور کان احتياط ڪندي ڪو جهڙو تهڙو هٿيار گڏ کڻبو هو ۽ هاڻي جانور کان نه پر ماڻهو کي ماڻهوءَ کان ڊپ ٿو لڳي.
اڳي ڍڳي ڍور جي چوري ٿيندي هئي يا ڪنهن جي گهر کي کاٽ لڳندو هو ته مهينن جا مهينا پيون ڳالهيون هلنديون هيون ته فلاڻي جي چوري ٿي آهي !
هاڻي ته انسان پيو انسان کي اغوا ڪري، ڪُهي ۽ قتل ڪري. اڳي ڪنهن جي ٻچڙن ۽ نياڻين تي هٿ ڪونه کنيو ويندو هو، هاڻي ته انهن کي به نٿا بخشين. رات جون رهاڻيون ۽ قربائتيون ڪچهريون ته ٺهيو پر ويچارن ماڻهن رات جو شادين مرادين جا ڪاڄ ڪرڻ به بند ڪري ڇڏيا آهن.
اچو ته سڀئي گڏجي دعائون گهرون ته الله تعاليٰ ڌاڙيلن ۽ دهشت گردن کي ڪا ساڃهه ڏي، هدايت ڏي ته هو پنهنجون قهري ڪاروايون بند ڪن، جيئن اسان وٽ امن امان، سک ۽ سڪون موٽي اچي، اسين وري بنان ڊپ ڊاءُ جي اڳي وانگر رات توڙي ڏينهن گهمون ڦرون، ميلا ملاکڙا ٿين، رهاڻيون رچن، پرديسي پکي ۽ ماڻهو اچن، سير سفر ڪري خير خوبيءَ سان واپس پنهنجي وطن وڃن ۽ وڃي واکاڻ ڪن.

[ڇپيل: روزانه هلال پاڪستان 27 آڪٽوبر 1991ع]