اُبتيون، سُبتيون ڳالهيون 2
پري کان پنڌ ڪري آيل مانواري مهمان جا هڪ وقت ۾ ٽي چار مطالبا ٻڌي چُپ ٿي ويس ۽ سوچڻ لڳس ته ڪهڙو جواب ڏيان.
نيٺ دل جهلي ادب مان عرض ڪيم، ”محترم غازي خان ’گگدام‘ صاحب، شاعريءَ مان آئون پاڻ پورو سورو ڄاڻان، چئن نوٽ بڪن ۾ ڀريل شاعريءَ جي اصلاح ڪيئن ڪري سگهندس؟ پر جيئن ته پري کان پنڌ ڪري، اميد رکي آيا آهيو، تنهن ڪري هڪ نوٽ بڪ ڇڏي وڃو اصلاح جي وس آهر ڪوشش ڪندس، مهيني کن کان پوءِ کڻي وڃجو. بحر، وزن ۽ قافيه رديف بابت ٻي ملاقات ۾ ڳالهائينداسون، تيستائين آئون پاڻ سکي وٺان. هُونءَ به جڏهن آزاد نظم به ڳائجي پيو ته پوءِ قافيي رديف جي ڪهڙي ضرورت. باقي رهيو سوال ريڊيو تان ڪلام نشر ڪرائڻ جو، سو اڳي ڏکيو هوندو هو ۽ هينئر بنهه سولو آهي. ڇو ته نئين شاعر لاءِ مختلف صنفن تي پنهنجا لکيل هڪ سئو ’گهٽ ۾ گهٽ پنجاهه‘ ڪلام کڻي اچڻ يا موڪلڻ لازمي شرط هوندو هو جيڪي ريڊيو جي ڪهنه مشق شاعرن کي ڏيکاريا ويندا هئا ۽ جڏهن هو پاس ڪندا هئا تڏهن ڪلام نشر ٿيندو هو. هاڻي رڳو هڪ ٻن پروڊيوسرن سان دوستي رکڻ جي دير آهي. بس پوءِ پيا فنڪشن ڪريو، ڳائڻين سان شامون ملهايو. دوست پروڊيوسرن کان صدارتون ڪرايو ۽ کين مهمانِ خصوصي بڻايو. ٻيڙا پار ٿي ويندا، پاڻهي پيا ڪلام نشر ڪندا ۽ ڪمپيئر وري اوهان جو ڪلام نشر ڪرڻ مهل ايتري واکاڻ ڪندو جو في الحال ته اوهان جو به دماغ توائي ٿي ويندو. گستاخي معاف ڪجان مستقبل جا مشهور ۽ مقبول شاعر غازي خان ’گگدام‘ صاحب مون کي اوهان جي تخلص تي اعتراض ته نه پر تعجب ضرور آهي. ڇو ته اسان وٽ گگدام عام طور بي زبان جانور کي چيو ويندو آهي، جڏهن ته اوهين عقلمند انسان آهيو، پنهنجو ٻيو ڪوبه تخلص مثال طور سڪايل، بکايل، ڏکايل، ڌڪاريل، ڏڪاريل، وغيره به رکي سگهيا ٿي؟“
چيائين، ”اهو ته صحيح آهي پر ’گگدام‘ تخلص مون تي منهنجي پياري دوست ۽ همعصر شاعر ’ميان کٻڙ کاهوڙي‘ کيساني موريءَ واري رکيو آهي، تنهن ڪري اهو بدلائڻ مون لاءِ نامناسب ۽ ناممڪن آهي. تنهن کان سواءِ منهنجي ڪلام جي بغور مطالعي بعد اوهان کي پتو پوندو ۽ اوهين تسليم ڪندا ته واقعي تخلص منهنجي مزاج مطابق رکيو ويو آهي. ٻي ڳالهه ته آئون ڳائيندو به آهيان جنهن ڪري پنهنجي تر ۾ مون کي سريلو ’سُرَ تارَ وارو‘ شاعر ڪوٺيندا آهن. کٻڙ کاهوڙي کيسانوي هونءَ ته مون کان پراڻو ۽ پختو شاعر آهي، پر آئون ڳائڻ واري معاملي ۾ کيس هميشه ماريو وڃان، ڇو جو مشاعرن ۾ هو پنهنجو شعر تحت الفظ پڙهندو آهي. جڏهن ته آئون پنهنجو ڪلام ترنم سان، ڊسڪو ڌُن ۾ ڳائي ٻڌائيندو آهيان ۽ ٻڌڻ وارا مون کي وڌيڪ داد ڏيندا آهن، اجازت ڏيو ته ٻه ٽي ڪلام ڳائي ٻڌايان.“
مون چيو، ”نه ڀائو هينئر نه، ڪنهن ٻئي موقعي تي ٻڌائجو.“
غازي خان ’گگدام‘ ڪجهه ساعتون خاموش رهڻ ۽ ٿڌا شوڪارا ڀرڻ بعد فرمائڻ لڳو ته، ”هاڻي آخر ۾ اوهان سان نهايت ئي اهم مشورو ڪرڻو آهي، جنهن لاءِ اهو به شرط هوندو ته اهو راز، راز ۾ رهندو ۽ هرگز فاش نه ڪيو ويندو.“
مون پاران پوري پڪ ڏيڻ کان پوءِ چوڻ لڳو ته، ”منهنجي شاعريءَ جو بنياد ئي عشق تي ٻڌل آهي. تنهن ڪري سڄي شاعريءَ ۾ عشق جون آهون ۽ درد جون دانهون سمايل آهن، پر جيئن ته آئون سرڪاري نوڪريءَ ۾ آهيان، انهي ڪري مون لاءِ محبوب سان ملڻ ۽ مشاعرن ۾ شرڪت ڪرڻ ڏاڍو مشڪل ٿي پيو آهي، بار بار موڪل نٿي ملي، عشق ۽ شوق ۾ ملازمت رڪاوٽ بڻجي رهي آهي، تنهن ڪري منهنجو خيال آهي ته نوڪريءَ تان استعيفا ڏيان ۽ پوءِ وتان دلبر جو ديدار ڪندو ۽ مشاعرن ۾ شرڪت ڪندو. جيئن عشق ۽ شوق ۾ ڪابه روڪ ٽوڪ نه رهي. هاڻ ڪا سهڻي صلاح ڏيو.“
مون سندس ڳالهه ٻڌي چيو، ”غازي خان ’گگدام‘ صاحب تون واقعي ’گگدام‘ آهين. ميان ڪڏهن ڀلجي به اهڙي ڀل نه ڪجان، نوڪري ملڻ ڏاڍي مشڪل آهي، شڪر ڪر جو توکي ملي ويئي آهي. نوڪري ڇڏي بيروزگار ٿئين ته محبوب به منهن مٽي ويندئي ۽ مشاعرن ۾ مزو به اصل نه ايندئي، ڇو ته نه تون شهنشاھه عاشقان حضرت قيس عرف مجنون آهين ۽ نه وري تنهنجي محبوبه محترمه ليليٰ آف مصر ٿي سگهندي، تنهن ڪري انهي ڳالهه تان لهي وڃ درويش.“
غازي خان ’گگدام‘ کي الائجي ته منهنجي صلاح وڻِي يا نه وڻِي، بهرحال ٻه ٽي ٿڌا شوڪارا ڀري، موڪلائي روانو ٿي ويو.
[ ڇپيل: روزانه هلال پاڪستان 01 سيپٽمبر 1991ع]