بنان عنوان
خير، نيٺ رات ساڍين ٻارهين وڳي پڪو پهه ڪيم ته ڇا به ٿي پوي اڄ ڪالم ضرور لکڻو آهي. سو بال پين ۽ ڪاغذ کڻي منجهي پيس ته ڪالم جو عنوان ڪهڙو رکان، سوچي سوچي ٿڪجي پيس پر ڪو پسند جو عنوان هٿ نه لڳو، تنهن ڪري في الحال بنان عنوان جي ٿو لکان، چوندا آهن ته شوق جو ڪو به ملهه ئي ڪونهي، سو اڄ پنهنجي شوق کي پورو ٿيندو ڏسي ڏاڍو خوش پيو ٿيان، منهنجو ستل شوق، اخبارن ۾ روزانو محترم علي احمد بروهي، امر جليل، ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ، قمر شهباز، غلام نبي مغل، حسين شاھ راشدي، انعام شيخ ۽ ٻين ڪيترن ڪالم نويسن جا ڪالم پڙهندي پڙهندي جاڳيو آهي، لکڻ به لڳو آهيان ۽ ڊپ به ڏاڍو پيو لڳيم، ڊپ انهي ڪري ٿو لڳيم ته مون سدائين ڪئي آڏي ابتي شاعري، نثر نويسيءَ جي قاعدن قانونن مان ڄاڻان ڪو نه، وري ٻي خاص ڳالهه ته نه ڪو علم نه ڪو عقل، حياتي جو وڏو حصو ٻهراڙيءَ ۾ گذريو، ڪجهه ورهين کان ٽنڊي الهيار شهر ۾ اچي رهڻ ڪري شهري ٿيو آهيان، پر طرزِ تحرير اڃا به اها ئي ٻهراڙي واري (لاڙي) تنهن ڪري ڊڄان پيو ته متان پراڻا ۽ ناميارا ڪالم نويس ڪاوڙجي نه پون ته هي ڪهڙو ڪالم نويس پيدا ٿي پيو آهي، جنهن کي عنوان به هٿ ڪونه ٿو اچي ۽ ٿي سگهي ٿو ته ٻين کوڙ يونينن وانگر ڪالم نويسن جي به ڪا يونين هجي ۽ عهديدار به هجن، ميمبر ٿيڻ لاءِ ڪا معقول في ۽ ضروري شرطَ به هوندا، الاجي مون کي پنهنجي سٿ ۾ شامل ڪندا يا نه ! بهرحال ڪالم ضرور لکبو پوءِ کٽي قسمت، پسند نه ڪيائون يا لکڻ نه ڏنائون ته پوءِ به ڀلا شاعري ته نه ويئي آهي.
سائين منهنجا منهنجو هڪڙو پراڻو ۽ پڳ مٽ يار آهي پيراڻو، پاڻ وڏو تجربيڪار، زماني شناس ۽ پارکو مڙس آهي. سندس گهر به آهي پريم نگر ۾ تنهنڪري آئون ڪڏهن ڪڏهن پيار مان کيس ’پيراڻو پريم نگري‘ به چوندو آهيان. سو ٻه ٽي مهينا اڳ مون ساڻس پنهنجي ڪالم نويسي (نثر نويسي) واري ڳالهه ڪئي جيڪا کيس اصل ڪانه وڻي هئي ۽ چيائين ته تون شاعري ڪندو رھه نثر نه لک، مون چيو مون کي شوق آهي ته ڪالم لکان، افسانا لکان، تاثر لکان، ٻين جي لکڻين تي تنقيدون ۽ تبصرا لکان، چيائين ته شوق ته ٻيا به گهڻائي آهن، هرو ڀرو ويهي ڪاڳر ڪارا ڪرڻ ضروري آهي ڇا ! پر نيٺ منهنجي ازحد گهڻي اشتياق کي ڏسندي اجازت ڏنائين ته ڀلي لک، پر وري هڪدم چوڻ لڳو ته تنهنجا ڪالم ڪير ڇپيندو ۽ ڪهڙي اخبار ۾ لکندين، مون ڪجهه پراڻين ۽ نين اخبارن جا نالا ورتا، چيائين ته پراڻيون اخبارون توکي نئون ڪالم نويس سمجهي ڪونه ڇاپينديون ۽ نيون اخبارون وري توکي پراڻو (پُراڻن خيالن وارو) ليکڪ سمجهي ڪونه ڇاپينديون، پيراڻي ڳالهه عقل جي ڪري وڌي، تنهن ڪري ڪجهه وقت لاءِ آئون به ٻڏتر ۾ پئجي ويس، پر ٿوري دير کان پوءِ وري ساڳيو شوق دماغ تي سوار ٿي ويو ۽ چيم پيراڻا يار اخبارون ڀلي ڇاپين نه ڇاپين آئون ڪالم ضرور لکندس، ليڪن مون کي پڪو يقين آهي ته منهنجا ڪالم ڇپبا ۽ ضرور ڇپبا، ڇو جو آئون پنهنجن ڪالمن ۾ اهڙيون ڳالهيون لکندس جيڪي اڳي نه ڪنهن لکيون هونديون نه پڙهيون هونديون، چيائين ته اهو ئي ته مون کي کٽڪو آهي ته تون پنهنجي هڪ ٻن ڪالمن ڇپجڻ کان پوءِ پاڻ کي شاعر سان گڏ ممتاز اديب ۽ صحافي به سڏائڻ لڳندين، مون چيو ڇو نه ! جڏهن منهنجا ڪالم ماڻهو پڙهي هزارين تعريفي خط لکندا، مون کي ادبي ۽ سماجي انجمنون ايوارڊ ڏينديون ۽ منهنجي ڪالمن جي هر هنڌ هاڪ هوندي، مون کي سرڪاري ۽ غير سرڪاري تقريبن جون دعوتون ملنديون، سرڪاري وفدن ۾ ٻاهرين ملڪن جي دورن تي به موڪليو ويندو ته پوءِ برک ليکڪ ۽ صحافي سڏائڻ جو مون کي حق حاصل هوندو، جڏهن منهنجا کوڙ سارا ڪالم فوٽو سميت ڇپبا، پوءِ اخبارن وارا منهنجون خوشامدون ڪندا ته جيئن آئون سندن اخبارن ۾ لکان، ڇو جو سندن اخبارن جي سرڪيوليشن جو دارومدار به ته منهنجن ڪالمن تي هوندو، پيراڻي چيو ٻي خبر اٿئي ڪجهه اخبارون ڪالم نويسن کي معاوضو به ڏينديون آهن مون کي خبر آهي، مون چيو پر منهنجي معلومات مطابق اهو معاوضو عريضي نويس جي هڪ ڏينهن جي ڪمائي کان به گهٽ آهي، عريضي نويس هڪ درخواست جا پنجن کان ڏهن رپين تائين وٺن ٿا ۽ هڪڙي درخواست تي سندن خرچ فقط ڏھ پئسا ڪاغذ جا ٿين ٿا، باقي نو رپيا نوي پئسا في درخواست تي کين بچن ٿا. جڏهن ته منهنجي شوق جو ملهه پئسا نه آهن، منهنجو ته ستل شوق جاڳيو آهي، شوق ڇا جاڳيو آهي ڄڻ ستل سُور جاڳي پيا آهن، مان ڪالم ضرور لکندس. هر ڪالم سان منهنجو رنگين فوٽو به ڇپبو، پوءِ ماڻهو مون کي پري کان سڃاڻندا، ايندي ويندي سلام ڪندا، تنهن ڪري آئون ڪالم نويس ٿيندس، عريضي نويس نه ٿيندس.
[ ڇپيل: روزانه هلال پاڪستان 06 آگسٽ 1991ع]