ڪالم / مضمون

نه هِنَ پاسي - نه هُنَ پاسي

محمود مغل لکي ٿو:
”هن ڪتاب ۾، ڏاڏاهي صاحب تقريبن اڌ صديءَ جو سفر طئه ڪيو آهي. سندن نثر کي ڏسجي ٿو ته محسوس ٿئي ٿو ته هٿن جي جاءِ تي، دل جون آڱريون لکي رهيون آهن. لهجي ۾ ڪا بناوٽ ڪانهي ۽ قلم جي ڪاٽَ ۾ پنهنجي جاءِ تي اُها تِکائي آهي، جيڪا ڪنهن ڪالم جو مزاج بڻجي سگهي ٿي. سندن تحريرن ۾ ٻي خاص ڳالهه سندن موضوع آهن. عام رواجي ڳالهين کي بي انتها گهرائپ ۽ ڳُوڙهائپ سان کِلندي کِلندي ڏاڏاهي صاحب بيان ڪري ويا آهن.
ڏاڏاهي صاحب، ڪمال مهربان وجود آهن. وٽن جيڪِي ڪجهه آهي، انهيءَ جي کين ڄاڻ آهي ۽ جيڪِي ڪجهه نه اٿن، انهيءَ جي به سُڌ رکن ٿا ۽ اهو مٿن، سهڻي جو ڪيڏو نه ڪرم آهي. “
Title Cover of book نه هِنَ پاسي - نه هُنَ پاسي

اربعا خطا 5

منهنجو ڪالم ’اربعا خطا‘ اربع جي ڏينهن ڇپجي رهيو آهي ۽ صحيح به آهي ته جيڪو عنوان اهو ئي ڏينهن ! خدا ڪري شل مون کان اربعا خطا نه ٿئي.
گذريل ڪجهه ڪالمن ۾ مون پراڻيون يادگيريون لکيون آهن ۽ اهڙين شخصيتن جو ذڪر اذڪار ڪيو آهي، جيڪي اسان کان ورهيه ٿيا وڇڙي ويا آهن ۽ اهڙي پار وڃي ابدي آرامي ٿيا آهن، جتان ڪڏهن به ڪوئي واپس ناهي آيو !
انهن ڪالمن تي منهنجن ڪجهه دوستن مون کي ڊپ ڏيڻ شروع ڪيا آهن ته تون پراڻيون سراڻيون ڳالهيون ۽ مماتي وارن مرهياتن جو ذڪر ڪرڻ لڳو آهين، جنهن مان اسان کي شڪ، بلڪ پڪ آهي ته هاڻ تون به هن دارالفنا مان ڪُوچ ڪري سگهوئي دارالبقا ڏي وڃڻ وارو آهين !! ڇو ته هن کان اڳ جا اهڙا ڪيترائي مثال ملن ٿا ته جنهن به اهڙيون ڳالهيون ڪيون، تنهن ڄڻ وڃڻ جون وايون ڪيون! تنهن ڪري تون انهي ضد تان لهي وڃ ۽ جيئرن جاڳندن تي لک، هرو ڀرو ڇو اچي حياتي مان ڪڪ ٿيو آهين ۽ جيڪڏهن توکي اها غلط فهمي يا خوش فهمي آهي ته ڪو تنهنجي لاڏاڻي کان پوءِ تو تي ميلا لڳندا ۽ تنهنجون ورسيون ملهائبيون، يا تنهنجي نالي تي اسڪول، ڪاليج ۽ اسپتالون قائم ٿينديون ۽ روڊ رستا ٺهندا ته اها تنهنجي سئو سيڪڙو ڀُل آهي !
بهرحال اها ته هئي منهنجن همدردن، يارن ۽ خيرخواهن جي سهڻي صلاح، هاڻي سندن مشوري تي عمل ڪريان يا نه ڪريان، سا منهنجي مرضي !
پر آئون به ڊڄڻ وارو ٿوروئي آهيان، موت هڪ نه هڪ ڏينهن اوس اچڻو آهي ۽ وري اها به پڪ اٿم ته جيڪڏهن سچ پچ الله کي پيارو ٿي ويس ته منهنجا دوست ۽ مداح مون کي ڪڏهن ڪونه وساريندا.
مون کي ياد آهي ته 1984ع ۾ آئون بيمار ٿي پيو هوس ۽ پوءِ حيدرآباد توڙي ڪراچيءَ جي مختلف اسپتالن ۾ زيرِ علاج رهيس، منهنجا دوست ۽ همدرد اخبارن ۾ سرڪاري خرچ تي علاج ڪرائڻ جا مطالبا پورو سال ڪندا رهيا، اخبارن جي ايڊيٽر صاحبن وڏا وڙ ڪري ايڊيٽوريل لکيا، پر سرڪاري خرچ تي علاج ڪو نه ٿيو !!
چون ٿا ته ڪراچي جي هڪ وڏي ۽ مهانگي پرائيويٽ هاسپيٽل جي ايمرجنسي وارڊ ۾ الائجي ڪيترا ڏينهن بيهوش پيو رهيس !
منهنجي هڪ دوست ڊاڪٽر جو چوڻ آهي ته هُن جهان مان ٿي موٽيو آهين. سو جڏهن اهڙي حالت ۾ به مرڻ کان بچي ويس ته هاڻي مرهياتن جي ڳالهين ڪرڻ سان ڪيئن مرندس؟
سائين منهنجا! منهنجو والد صاحب مرحوم سيد امام الله شاھه ڏاڏاهي فارسي زبان جو وڏو ڄاڻو هو، وٽس سنڌي، فارسي ۽ اردو ٻولي جي ڪتابن جو چڱو خاصو ذخيرو موجود هو، پاڻ مون کي ننڍپڻ ۾ فارسي ۽ اردو ڪتابن مان قصا ۽ ڪهاڻيون ترجمي سان ٻڌائيندو هو، کيس تعلقي ٽنڊي باگي ۽ ڊگهڙيءَ ۾ پنهنجي ڪافي زمين هئي ۽ آئون سندس اڪيلو پٽ هوس، ٿيڻ ته ائين کپندو هو ته آئون به ٻين اڪثر روايتي وڏيرن جي اولاد وانگر شوق شغل ڪريان ها ! ميلا ملاکڙا ڏسان ها! ڪڪڙ ۽ ڪتا ويڙهايان ها ! پر والد صاحب جي بهترين تعليم ۽ تربيت سان گڏ ننڍپڻ ۾ ڪتابن جي مطالعي مون جهڙي اڌ چرئي کي شاعر بنائي ڇڏيو! (ڪڪڙن ۽ ڪتن ويڙهائڻ کان بچي ويس)
اڄ الائجي ڇو؟ سنڌي فلمن جي مشهور ۽ پنهنجي وقت جي مقبول اداڪار مشتاق چنگيزي جي خوبصورت ۽ پر وقار شخصيت منهنجي اکين اڳيان پئي ڦري! جنهن سان ڪافي وقت کان پوءِ تازو ڪلاڪارن جي قدردان محمد عثمان منگي (اسسٽنٽ ڪمشنر ٽنڊو الهيار) وٽ ملاقات ٿي، چنگيزي، منگيءَ جو پراڻو ۽ پيارو دوست آهي. هونئن به عثمان منگي يارن جو يار، قربدار ۽ مور مڙس آهي، جنهن جي اندر ۾ هڪ حساس طبع فنڪار لڪل آهي جيڪو کيس، هر فنڪار، ڪلاڪار، شاعر ۽ اديب جي عزت ۽ قدر ڪرڻ لاءِ مجبور ٿو ڪري !
مشتاق چنگيزي ! جنهن کي ڏسڻ لاءِ ماڻهو سِڪندا هئا ! سندس هزارين پرستار ساڻس چار گهڙيون گڏ گذارڻ پنهنجي خوش قسمتي سمجهندا هئا ! اخبارن ۽ رسالن وارا سندس انٽرويو ڇاپيندا هئا! نوجوان ۽ شاگرد کانئس آٽوگراف وٺڻ لاءِ آتا هوندا هئا! اهو چاليهن سنڌي فلمن ۾ اداڪاريءَ جا جوهر ڏيکاري پاڻ مڃرائڻ وارو مشتاق چنگيزي! اڄ اسان سنڌي ماڻهن طرفان سندس قدر نه ڪرڻ ۽ چند سالن ۾ وساري ڇڏڻ تي ڪا ميار، ڪو ڏک، يا ڪابه شڪايت ڪو نه ٿو ڪري . الله تعاليٰ جي رضا تي راضي رهي نهايت صبر ۽ شڪر سان عزت جي زندگي بسر ڪري رهيو آهي. پر سندس اها معنيٰ خيز ماٺ، اسان کان سوال ٿي ڪري ته ڇا !؟ ههڙن املهه انسانن ۽ باصلاحيت فنڪارن جو اسان وٽ بس، اهوئي قدر آهي ؟

[ڇپيل: روزانه هلال پاڪستان 11 ڊسمبر 1991ع]