هاڻ ڇا ڪجي؟
وري هڪ ٻي محترمه به ساڳئي ريت ڪنهن نامعلوم ماڳ تان موڪليل نوازشنامي ۾ سهڻي صلاح ڏيندي لکي ٿي ته ايڪونجاهه عشقن جو احوال متان ڇپائين! ڇو ته تون سچ لکڻ کان ڪونه مُڙندين ۽ سچ ۾ هوندو آهي مچ! تنهن ڪري نفعي بجاءِ نقصان جو وڌيڪ انديشو ۽ امڪان آهي !!
وري سائين هڪ رات جو 12 لڳي 30 منٽن تي ٽيليفون جي گهنٽي وڳي، جيئن ته فون منهنجي سيرانديءَ کان رکيل آهي، تنهن ڪري هڪدم رسيور کنيم (ستل ڪونه هوس، جاڳيس پئي)ڇو ته عاشقن کي ننڊون نصيب ئي ڪٿي هونديون آهن! ٻيو ته ان ڏينهن محبوب سان ملڻ مزي وارو نه ٿي سگهيو هو، تنهن ڪري مزيد بي چيني ۽ بي آرامي هئي!! هيلو، ڪيم ته پريان ڪمند جي رس جهڙو مٺڙو آواز آيو ڪير؟ مون پاڻ سنڀاليندي نهايت نرم لهجي ۾ ادب سان عرض ڪيو، اوهين ڪنهن سان ڳالهائڻ ٿا چاهيو؟ چيائين: ڏاڏاهي صاحب سان! خوش ٿيندي وراڻيم ناچيز حاضرآهي، چيائين اوهان جو ڪالم ’ڊيگهه‘ پڙهيم ڏاڍو وڻيو، ڀلا ڪڏهن ٿا عشقن جو احوال لکڻ شروع ڪيو. عرض ڪيم ته جيڪڏهن اوهان جهڙين قدر ڪرڻ وارين جون اهڙيون قربائتيون فونون آڌيءَ رات جو اينديون رهيون ته ڪيئن نه ڇپائيندس!! پر مهرباني ڪري هڪڙي ڳالهه ٻڌايو ته اوهان کي منهنجو فون نمبر ڪٿان مليو ؟ چيائين بس هتان حيدرآباد مان ئي اوهان جي هڪ دوست کان ملي ويو.
آئون سمجهي ويس ته اهو نمبر پڪ سان نصير مرزا کان ئي مليو هوندو، ڇو جو منهنجي ناقص ڄاڻ مطابق اديبن، شاعرن ۽ فنڪارن جا وٽس بي شمار فون نمبر موجود ۽ محفوظ آهن ! نالو پڇيومانس چيائين ’زيبا ناز‘ چيم سچو نالو آهي يا... چيائين سئو سيڪڙو سچو آهي. ٽيليفون نمبر ان ڪري نه پڇيم جو اهو فون C.L.I. (سي.ايل.آءِ) هئڻ ڪري فيڊ ٿي ويو هو. ٻي رات ساڳئي ئي ٽائيم تي ساڍين ٻارهين وڳي مون به سندس نمبر تي فون ڪيو، مرداڻو آواز آيو، ”هَلو!“
مون چيو، ”سائين آئون ٽنڊي الهيار مان فلاڻو ٿو ڳالهايان، مون کي زيبا ناز صاحبا سان ڳالهائڻو آهي.“
چيائين، ”آئون سندس پيءُ آهيان ۽ اوهان کي سڃاڻان ٿو، پر زيبا ته آرام ۾ آهي (دل ۾ چيم ٻين جون ننڊون ڦٽايو، پاڻ آرام پئي ڪري)چئو ته جاڳايانس،“
چيم، ”نه، بس صبح جو ٻڌائي ڇڏجوس.“
اڄ منجهند مهل منهنجي ايڪٽيهين عشق جي مرڪزي ڪردار محبوبا جو فون آيو، چيائين، ”امرتا ۾ پڙهيو اٿم ته تون پنهنجا عشقيه احوال ٿو ڇپائين، انهن ۾ منهنجو ذڪر نه ڪجان! نه ته گڙٻڙ ٿي پوندي، آئون هينئر اها پندرهن سال پهرين واري الهڙ ۽ اربيلي انجم ناهيان، پر هڪ عدد معزز گهرواري ۽ پنجن ٻارن جي ماءُ آهيان، تنهن ڪري ٻيلي ڀلائي ڪري اهڙو ڪچو ڪم نه ڪجان!“
سائين منهنجا، پيار ڪرڻ ڪو پاپ ته ناهي، عشق ڪري ٿو هر انسان. تڏهن ته سنڌ جو وڏو شاعر حضرت مخدوم طالب الموليٰ به فرمائي ٿو ته :
عشق بنان انسان،
جهڙو آهي، تهڙو ناهي
واقعي! محبت ڌاران ماڻهو ڪهڙو ؟ محبت کان سواءِ دنيا ۾ رکيو ئي ڇاهي ؟
حيات آهي محبت سان، محبت خود حيات آهي،
اها ئي روشني آهي، جهان ۾ ورنه رات آهي.
(منظور نقوي)
تنهن هوندي به هاڻ اهو فيصلو ڇڏيان ٿو ٻنهي فقيرن (فقير محمد ڍول ۽ فقير محمد انڙ) ۽ امرتا جي مانوارن پڙهندڙ تي، ته عشقيه احوال ڇپائجن يا نه ؟
[ڇپيل: ’امرتا‘ مئي 2003ع]