ڪالم / مضمون

نه هِنَ پاسي - نه هُنَ پاسي

محمود مغل لکي ٿو:
”هن ڪتاب ۾، ڏاڏاهي صاحب تقريبن اڌ صديءَ جو سفر طئه ڪيو آهي. سندن نثر کي ڏسجي ٿو ته محسوس ٿئي ٿو ته هٿن جي جاءِ تي، دل جون آڱريون لکي رهيون آهن. لهجي ۾ ڪا بناوٽ ڪانهي ۽ قلم جي ڪاٽَ ۾ پنهنجي جاءِ تي اُها تِکائي آهي، جيڪا ڪنهن ڪالم جو مزاج بڻجي سگهي ٿي. سندن تحريرن ۾ ٻي خاص ڳالهه سندن موضوع آهن. عام رواجي ڳالهين کي بي انتها گهرائپ ۽ ڳُوڙهائپ سان کِلندي کِلندي ڏاڏاهي صاحب بيان ڪري ويا آهن.
ڏاڏاهي صاحب، ڪمال مهربان وجود آهن. وٽن جيڪِي ڪجهه آهي، انهيءَ جي کين ڄاڻ آهي ۽ جيڪِي ڪجهه نه اٿن، انهيءَ جي به سُڌ رکن ٿا ۽ اهو مٿن، سهڻي جو ڪيڏو نه ڪرم آهي. “
Title Cover of book نه هِنَ پاسي - نه هُنَ پاسي

وتائي فقير جو خط

مانوارا ڏاڏاهي صاحب !
احوال عرض ته: هت سڀ خير آهي، اميد ته تون به سنگت ساٿ سميت خوش هوندين.
خط ته گهڻو اڳ لکڻ پئي گهريم پر واندڪائي نه هئڻ سبب دير ٿي آهي. واندڪائي ڇو نه آهي ؟ تنهن لاءِ ٻُڌائڻ ضروري ٿو سمجهان ته هتي به گامون سچار، پيراڻو ڀنڀرو، عليم درس ۽ ٻيا کوڙ سارا يار آهن اهي هفتي ٻي ڪانه ڪا محفل مچائي وجهندا آهن. جنهن ۾ انيڪ، اديب، شاعر، سگهڙ صحافي فنڪار توڙي باذوق ٻڌڻ سُڻڻ وارا اچي شريڪ ٿيندا آهن ۽ مون کي به سڏائيندا آهن. ڪڏهن ڪڏهن ته مون کان مذڪوره ميڙاڪن جي صدارت به ڪرائيندا آهن ته ڪڏهن خاص مهمان بڻجي ويندو آهيان. مون وارن ٽوٽڪن تي اتان وانگر هتي به همراھه ڏاڍو کِلندا ۽ خوش ٿيندا آهن. ٻي ڳالهه ته اتي جيئن هتي هروڀرو سٺن ڪپڙن لٽن جي به ضرورت ناهي، جو آيو سو اگهيو. شاعرن ۽ فنڪارن ۾ گروپ بندي به ڪانهي، حسد ۽ ريس جو نالو ئي ڪونهي.
اتان کان ڪو سنگتي ساٿي ايندو آهي ته يارن پيارن جا حال احوال وٺندو آهيان ٻه ٽي سال اڳ يار محمد لغاري اچي تنهنجا سلام ڏنا ۽ وري ڪجهه ئي ڏينهن پوءِ بيزار نظاماڻي به اچي تنهنجي پيار جو اظهار ڪيو. ياد ڪرڻ جي لاءِ ٿورائتو آهيان. پر وساريو اوهان سڀني کي مون به ناهي.1985ع ۾ انهي وقت ٽنڊي الهيار جي وڏي آفيسر عبدالقادر منگي منهنجي نالي تي ’وتايو فقير سيمينار‘ ڪرايو هو. ان ۾ آئون به آيو هوس ۽ پنڊال جي آس پاس پئي ڦريس پر مون کي ڪنهن کنگهيو ئي ڪونه ... پوءِ به محفل جي مزي وٺڻ جي لاءِ اچي پنڊال جو پاسو ورتم ۽ هرين هرين اندر داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪيم ته دروازي تي بيٺل ڪرڙ ڪوٽار مون ڏانهن ڪرڙين اکين سان ڏسندي هڪل ڪئي ته فقير ڪيڏانهن ٿو وڃين، هٽي پري ٿي ڏسين ڪونه ٿو وڏا ماڻهو ۽ ڪامورا پيا اچن. مون چيو ته ابا آئون به مڙئي انهن عقل جي اڪابرن جا ٻه ٻول ٻڌڻ ٿو چاهيان اسان جي انهيءَ هُل تي تر جو تپيدار اچي ويو تنهن تڙيون ڏيندي مون کي تريون هڻي تڙي ڪڍيو. مون گهڻو ئي چيو ته مون کي منهنجن يارن مرتضيٰ ڏاڏاهي ۽ سليم بچاڻيءَ سان ملايو، اهي مون کي اندر وٺي ويندا پر هنن منهنجي هڪ به نه ٻڌي ۽ چيائون ته اهي ٻئي اندر وڏن ماڻهن ۽ ڪامورن جي خوشامد (آجيان) ۾ لڳا پيا آهن. سي تو فقير سان ڪيئن اچي ملندا، خيال آيم ته واقفيت ڪرايان ته آئون وتايو آهيان ۽ هي سڄو مانڊاڻ مون تي متل آهي. پر سوچيم ته هي همراھه ويساھه ئي ڪونه ڪندا، تنهن ڪري ماٺڙي ڪري وڃي پنڊال جي پُٺ ورتم، تقريرون ٿيون مون کي واکاڻي واکاڻي الائجي ڪٿان کان ڪٿي وڃي پهچايائون. اتي اچي ماني جي مهل ٿي پريان بنگلي جي ڀر ۾ چَرَ تان رڌل پڪل ۽ تريل طعامن جي خوشبوءِ پئي آئي بک به اچي ورايو، تقريرن کان پوءِ جڏهن اندر ويٺل عقل جا اڪابر وڏا ماڻهو، ڪامورا ۽ ڪي کيسن خالي کُٽل پر ڪپڙين لٽين ٺهيل ماني واري طرف روانا ٿيا ته مون به وڃي پاسو ورتو، ٿورو ئي اڳيان وڌيس ته ماني واري جاءِ اڳيان در تي بيٺل پوليس وارن تي نظر پيم، جن اڇن ڪپڙن وارن کي اندر پي اماڻيو ۽ مون پارن کي ڌڪا ۽ دڙڪا ڏيئي پئي ڀڄايو، مون کي هڪدم اهو ڏينهن ياد اچي ويو. جنهن ڏينهن نصرپور کان شاهه پور درپور ويندي رستي ۾ مون کي هڪڙي پوليس جمعدار سندس گهوڙيءَ جو تازو ڄاول ڦر کڻايو هو ۽ منهنجي آهستي آهستي هلڻ تي ٻه ٽي ڏنڊيون به وهائي ڪڍيون هيون، سو ٻيلي مون رکيو پيرن تي زور ۽ مُٺيون ڀيڙي وٺي ڀڳس، پر پوءِ به جَسُ هجي عبدالقادر منگيءَ کي جنهن مون کي ياد ڪيو، نه ته:
دک درد ڀري هن دنيا ۾، ير ڪير ٿو ڪنهن کي ياد ڪري،
ڪو، ڪونه ٿو ڪنهن جي لاءِ جيئي، ڪو ڪونه ٿو ڪنهن جي ڪاڻ مري.
ٽنڊي الهيار ۾ منهنجي نالي تي قائم ڪيل ’وتايو فقير لائبريري‘ ۾ ڪڏهن ڪڏهن چمڙاپوش ڪري ايندو آهيان، ڏاڍو عجب لڳندو اٿم ۽ خوشي به ٿيندي اٿم ته لائبريري 18 سالن کان لاڳيتو هلي پئي، هڪڙي راز جي ڳالهه ٿو ٻڌايان ته عام ماڻهو ته ٺهيو پر عقل جا اڪابر به مون کي صدين کان وٺي اڻ پڙهيل چوندا اچن، جڏهن ته آئون لکيل پڙهيل ماڻهو آهيان، پرائمري تعليم نصرپور مان حاصل ڪرڻ کان پوءِ ميٽرڪ مٽيارين مان ڪيم ۽ ڪڏهن ڪڏهن ’سائين موٽر‘ کان پيادل پنڌ ڪري اچي سبق وٺندو هوس، تنهن ڪري مون کي خوامخواهه اڻ پڙهيل نه ڪوٺيو وڃي، ٻيو ته مون کي ماڻهو پوڙهو جُهور ٿا سمجهن، پر ائين نه آهي آئون هينئر به اڌڙوٽ آهيان.
تون پنهنجا شاعري وارا ڪتاب جيڪي ايڏانهن ته هونئن ئي ڪير ڪونه ٿو وٺي نه ڪو پڙهي، سو جيڪڏهن اتان ڪو همراهه هيڏانهن ترت اچڻ جي تيارين ۾ هجي ته ان هٿ ڏياري موڪل، پاڻ هاسيڪار کڻي اچڻ جي ڪوشش نه ڪجان، ڇو جو هتي اچي پوءِ واپس ورڻ ڪنهن جي وس ۾ ئي ڪونهي.
ماڻڪ موتي واري ’منگيءَ‘ تي ميار آهي، جو ڀتين تان ڀَتُ اُڇليندو وتي پر مون کي ڪڏهن ڀُلجي به ياد نه ڪيائين، مون واري لائبريريءَ ۾ تازو ئي چمڙاپوش ڪري آيس، 18 سالن کان پوءِ نيون ڪرسيون ڏسي ڏاڍي خوشي ٿي، دير سان ئي سهي پر ٻيلي سار سنڀار لهڻ وارا اڃان آهن ضرور.
’امرتا‘ وارن ٻنهي فقيرن کي چئجئين هر مهيني تي هڪڙو پرچو ته لائبريري کي ڏيو آئون به فقير آهيان، فقيرن جي رسالي تي فقير جو ايترو به حق ناهي ڇا؟ وڌيڪ سندن مرضي، آئون به اڳ جهليو ويٺو آهيان، اوير يا سوير پر سڀني کي اچڻو اوس هن پاسي آهي.
چڱو هاڻي پيراڻو پيو اچي، تنهن ڪري في الحال موڪلايون ٿا، وڌيڪ خبرون چارون، اوهان جي جوابي خط کان پوءِ، ٻي خط ۾ ڪنداسين.

[ڇپيل: ’امرتا‘ فيبروري 2003ع]