ڪالم / مضمون

نه هِنَ پاسي - نه هُنَ پاسي

محمود مغل لکي ٿو:
”هن ڪتاب ۾، ڏاڏاهي صاحب تقريبن اڌ صديءَ جو سفر طئه ڪيو آهي. سندن نثر کي ڏسجي ٿو ته محسوس ٿئي ٿو ته هٿن جي جاءِ تي، دل جون آڱريون لکي رهيون آهن. لهجي ۾ ڪا بناوٽ ڪانهي ۽ قلم جي ڪاٽَ ۾ پنهنجي جاءِ تي اُها تِکائي آهي، جيڪا ڪنهن ڪالم جو مزاج بڻجي سگهي ٿي. سندن تحريرن ۾ ٻي خاص ڳالهه سندن موضوع آهن. عام رواجي ڳالهين کي بي انتها گهرائپ ۽ ڳُوڙهائپ سان کِلندي کِلندي ڏاڏاهي صاحب بيان ڪري ويا آهن.
ڏاڏاهي صاحب، ڪمال مهربان وجود آهن. وٽن جيڪِي ڪجهه آهي، انهيءَ جي کين ڄاڻ آهي ۽ جيڪِي ڪجهه نه اٿن، انهيءَ جي به سُڌ رکن ٿا ۽ اهو مٿن، سهڻي جو ڪيڏو نه ڪرم آهي. “
Title Cover of book نه هِنَ پاسي - نه هُنَ پاسي

نصير مرزا، نصير واهه ۽ آئون

نصير مرزا جهڙي گهڻ پاسائين ۽ علمي، ادبي توڙي فني حوالي سان نهايت ئي قداور شخصيت تي لکڻ لاءِ علم ۽ عقل جي ضرورت آهي، جن ٻنهي کان آئون وانجهيل آهيان، انهي ڪري جو پڙهڻ کان آئون پاڻ پڙ ڪڍي بيهي رهيس ۽ عقل وري حضرت عشق جي ور چڙهي ويو، ڇو جو عشق ۽ عقل پاڻ ۾ ٺپ ڪونه ٺهن، سو مون پنهنجي سڄي زندگي پرين جا پير چمندي عشق کي ارپي ڇڏي، تنهن ڪري عقل ويچاري موڪلائي وڃڻ ۾ ئي پنهنجي عزت ۽ عافيت سمجهي !
عشق ۾ ويسر به وڏي آهي، بس رڳو محبوب ئي ياد هوندو آهي، ٻيو سڀ ڪجهه وسريو وڃي.
اوهين الائجي اعتبار ڪريو يا نه ڪريو پر سچي ڳالهه ٿو ٻڌايان ته ڪجهه ڏينهن اڳ حيدرآباد وڃڻ لاءِ گهران سنبري نڪتس ۽ سڌو وڃي بس اسٽينڊ تان ڪوسٽر ۾ چڙهيس ڪنڊيڪٽر اچي ڀاڙو گهريو مون پندرنهن روپيا ڏنامانس، ڀاڙي جا پئسا آئون هميشه کليا کڻندو آهيان، جو بقايا به ويسر سبب وسري ويندي اٿم. خير سائين ڪوسٽر هلي اڌ مني ڪلاڪ بعد اچي هُو وڏي شاندار بس اسٽينڊ تي بيٺي. آئون ڪوسٽر مان لٿس ۽ وڃي هڪ رڪشا واري کي چيم ته ريڊيو اسٽيشن هلڻو اٿم گهڻو ڀاڙو وٺندين؟ رڪشا وارو منهنجي منهن ۾ ڏسڻ لڳو ! مون چيو بابا ريڊيو اسٽيشن جو ڪيترو ڀاڙو وٺندين؟ نيٺ رڪشا واري ڳالهايو ۽ چيو ڀائي صاحب يهان ڪوئي ريڊيو اسٽيشن نهين هي، آپ ڪهان سي آئي هين. چيم آئون ٽنڊي الهيار کان آيو آهيان مون کي ريڊيو اسٽيشن تي وڃڻو آهي، آئون ڪو اڄ پهريون ڀيرو حيدرآباد ڪونه آيو آهيان، هميشه پيو اچان، ريڊيو اسٽيشن ڇو ڪانهي؟
چيائين ڀائي صاحب يه حيدرآباد نهين ميرپورخاص هي.!
منهنجا تاڪ لڳي ويا وري واپس ٻئي ڪوسٽر ۾ چڙهي 30 روپيا ڀاڙو ڏيئي ڏيڍ ڪلاڪ کان پوءِ وڃي حيدرآباد پهتس.
سو ڳالهه پئي ڪيم نصير مرزا جي ته نصير سان سرسري ملاقاتون ته ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي ٿينديون رهنديون آهن. ليڪن پهرين طويل ملاقات ٻارنهن جولائي 1985 تي ٽنڊي الهيار ۾ منهنجي پهرين شعري مجموعي ’زهرو زم زم‘ جي مهورت واري موقعي تي ٿي، جنهن جي صدارت ان وقت جي ادب دوست ۽ اديب اسسٽنٽ ڪمشنر ٽنڊوالهيار محترم عبدالقادر منگي ڪئي هئي ۽ مهمان خاص خوبصورت شاعر ۽ ان وقت جو اسٽيشن ڊائريڪٽر ريڊيو پاڪستان حيدرآباد عنايت بلوچ صاحب هو. جڏهن ته موجوده ايم پي اي سيد علي نواز شاهه رضوي اعزاي مهمان هو. مذڪوره تقريب جي رڪارڊنگ جي سلسلي ۾ بحيثيت پروڊيوسر نصير مرزا به عنايت بلوچ سان گڏ آيل هو، محفل ۾ اديبن شاعرن، آفيسرن ۽ ٻين معزز ماڻهن جو وڏو تعداد موجود هو، جن مان ان زماني ۾ نصير صاحب جي مٺڙي آواز سان ته سڀئي مانوس هئا، پر شڪل کان شايد چند ماڻهو ئي سڃاڻيندا هئا، تنهن ڪري مون هلندي محفل ۾ اديب ۽ اسٽيج سيڪريٽري محمد حسين ڪاشف کان مائيڪ وٺي نصير مرزا جو حاضرين ۽ سامعين سان تعارف ڪرايو. ان کان پوءِ اڄ تائين نصير مرزا صاحب سان ريڊيو تي توڙي ٻين ادبي ثقافتي پروگرامن ۽ تقريبن ۾ ميل ملاقات ۽ قرب وارين ڪچهرين جو سلسلو جاري آهي.
ريڊيو تي منهنجو اچڻ وڃڻ تڏهن کان شروع ٿيو جڏهن ريڊيو اسٽيشن حيدرآباد قائم ٿي، ابتدا ۾ برادرم سيد صالح محمد شاھ (فتح خان) عبدالڪريم بلوچ، ڪامران ڀٽي، الهه بچائي لغاري ۽ محمد نواز ڀٽي سان نيازمندي ٿي پوءِ آهستي آهستي ريڊيو تي دوستن جو حلقو وڌندو ويو تان جو 1965ع ۾ مون ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي ڪانٽريڪٽ صحيح ڪيو ۽ منهنجو ڪلام نشر ٿيڻ لڳو، جيڪو سلسلو اڄ 38 سال گذرڻ تائين هلندو اچي انهي وچ ۾ ڪيئي اديب، شاعر، فنڪار، اسٽيشن ڊائريڪٽر پروڊيوسر انائونسر ۽ ڪمپيئر آيا ۽ ويا، ته ڪي اڄ به موجود آهن.
نصير مرزا جهڙو 20 سال اڳ اڇو اجرو نازڪ نفيس سهڻو ۽ سٻاجهڙو هو تهڙو ئي هينئر به آهي، ملي ته محبت مان ملي، کِلي ته اڻ لکو کلي پر مرڪ سدائين منهن تي، ڳالهائي ته نرم ڳالهائي، ٻڌائي ته مختصر ۽ جامع ٻڌائي، ٻڌي ته تفصيل سان ٻڌي، ياري دوستي ته الائجي ڪيترن سان آهيس پوءِ انهن مان خبر ناهي ته ڪنهن سان گهٽ ڪنهن سان گهاٽي اٿس. ليڪن الله سائين جون مٿس مهربانيون ته ڏسو پاڻ رنگ جو ڳورو / اڇو، قد پورو پنون، نڪ ڊگهو، اکيون خوب خماريل ۽ پرڪشش هٿ نرم، سڄو سهڻو، سچ پچ سٺو نثر نويس، خوبصورت شاعر، ڪامياب ڪمپيئر، بهترين براڊڪاسٽر ۽ ميوزڪ جو ماهر آهي. مون کي ساڻس محبت آهي ۽ ڏاڍو وڻندو اٿم، پر آئون وٽس گهٽ ويندو ۽ گهٽ ويهندو آهيان انهي ڊپ کان ته متان محبت مان وڌي مون کي ساڻس عشق نه ٿي پوي. ڇو جو مون کي منهنجون عادتون ۽ افعال ساريا پيا آهن ته شل نه ڪنهن تي عاشق ٿي پوان پوءِ ان جي جند ئي نه ڇڏيان ! ڀلي کيڪاري يا ڌڪاري، واکاڻي يا طعنا مهڻا ڏي، مون ڏي نهاري، پڇي ، مون وٽ اچي يا نه اچي پر آئون وٽس هر وقت حاضر ۽ مٿانس فدا.
تنهن ڪري هفتن جا هفتا بلڪ مهينن جا مهينا حيدرآباد ڪونه وڃان ڇو جو حيدرآباد وڃڻ کان پوءِ ريڊيو تي وڃڻ کان رهي ڪونه سگهندس ۽ ريڊيو تي وڃڻ بعد نصير مرزا سان ملڻ کان سواءِ اصل ڪو نه رهندس.
جيئن ته ريڊيو پاڪستان حيدرآباد علم، ادب، ثقافت ۽ فن جو مرڪز آهي جتان ڪئين اديب شاعر ۽ فنڪار پيدا ٿيا آهن جن پنهنجي ڏات ۽ ڏانءُ وسيلي پنهنجو ۽ پنهنجي ملڪ جو نالو روشن ڪيو آهي بلاشبه اهو نصير مرزا جهڙن ڄاڻو پروڊيوسرن ۽ بهترين براڊ ڪاسٽرن جي پُرخلوص محنتن جو نتيجو آهي.
نصير مرزا ۾ علمي، ادبي، ثقافتي ۽ فني خوبيون ته آهن، پر وٽس ٽيليفون نمبر به سڄي سنڌ جي ليکڪن، شاعرن، علمي شخصيتن، فنڪارن، اخباري ۽ ادبي ادارن جا محفوظ آهن، مون کي جڏهن به ضرورت پوندي آهي ته ٽنڊي الهيار مان فون ڪري نمبر پڇي وٺندو آهيان نه رڳو آئون پر مون پارا ڪيترائي دوست مطلوبه ماڻهن جا نمبر وٺي ڳالهائي پنهنجا مسئلا حل ڪندا آهن.
منهنجا ڪلام ريڊيو تان اٺٽيهه سالن کان نشر ٿي رهيا آهن ليڪن نصير مرزا صاحب جيڪي منهنجا ڪلام رڪارڊ ڪيا آهن تن ڏاڍي مڃتا ماڻي آهي وڏي ڳالهه بلڪ منهنجي لاءِ اعزاز ته کيس منهنجا ڪيترائي ڪلام پسند آهن جن جو پاڻ وقت به وقت اظهار ڪندو رهندو آهي، هڪڙي ڳالهه ٻڌائڻ ضروري ٿو سمجهان ته نصير صاحب مون کي ’ڪافي گو‘ شاعر سڏيندو آهي جڏهن ته مون ڪافين سان گڏوگڏ غزل، گيت، بيت، نظم، حمد، نعت، منقبت، قطعه وغيره به گهڻائي ٺاهيا/ لکيا آهن، پر نصير صاحب واري ڳالهه به غلط ناهي، واقعي منهنجي ڪلام ۾ وڏو تعداد ’ڪافي‘ جو آهي.
هڪڙي راز جي ڳالهه ٻڌائي ڇڏيان ته آئون جيڪو ڪيتري عرصي کان اسان جي شهر ٽنڊي الهيار لڳ اوڀر طرف وهندڙ نصير واهه تي بظاهر واڪ ڪرڻ ويندو آهيان سو درحقيقت واڪ ٻاڪ ڪونهي، پر نصير مرزا جي نالي سان نصير واهه جي مناسبت جي ڪري ويندو آهيان، تصور ئي تصور ۾ نصير واهه جي پاڻي ۾ نصير مرزا جو اولڙو / عڪس نظر ايندو اٿم. مون کي هڪ ئي وقت ۾ بنا خرچ جي ٻه فائدا ٿيندا آهن تفريح جي تفريح ۽ نصير مرزا جو ديدار، عاشقن لئه دلبر جي ديدار کان وڌ ٻي ڀلا ڪهڙي شي ٿي سگهي ٿي ؟ دعاڳو آهيان ته الله سائين شال نصير مرزا جي من موهيندڙ مرڪ ۽ مهڪ سدائين قائم رکي. آمين

[ڇپيل: ’امرتا‘ جولاءِ 2003ع]